ايم ار ڊي 1983 جي تحريڪ جلوس ۽ گرفتاري
انھي دوران ھڪ ڏينھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ موجود شاگرد تنظيمن تي مشتمل ايڪشن ڪاميٽي فيصلو ڪيو تہ جمھوري حقن جي جدوجھد ۾ پاڻ کي بہ احتجاج ڪرڻ گهرجي. ھڪ صبح ايم آر ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ ڪاليج جون ٽي بسون زوري ڪاھي احتجاج ڪرڻ لاءِ ڪاليج کان ڪڍيون ويون. جڏھن بسون ڪاليج مان ٻاھر پئي نڪتيون ۽ شاگردن نعرا پئي ھنيا تہ ڪاليج جي بلڊنگ جي اوڀر پاسي قائم نيشنل بئنڪ وٽ پروفيسر نيڪ محمد شيخ مليو جنھن جلوس ڪڍڻ کان روڪيو ليڪن اسان چيو تہ اسانجو احتجاج پر امن آھي. ان موقع تي ھن اسان کي بجو ڏئي چيو تہ ڇورا ڏکيا ٿنيدئو اھا حرڪت نہ ڪيو ۽ موٽي اچو. اسان نيڪ محمد شيخ جو چيو نہ مڃيو ۽ ٽيئي بسون ڪاھي جڏھن المرتضي سامھون گذري بس اسٽاپ تي پھچڻ لا ڪاليج آڏو لنگهياسين تہ اسان کي پوليس گهيرو ڪري وئي. اڳين بس اڳتي ھلي ويئي پوئين بس پوئتي نڪري ويئي جڏھن تہ وچين بس تي ايس پي واجد دراني پنھنجي اٽالي سميت چڙھي آيو. شاگردن بس مان لھڻ جي ڪوشش ڪئي گٿم گٿا ۾ واجد دراني جو بيج پٽجي پيو. پوءِ تہ پوليس شاگردن تي ڪڙڪي پئي ڪجهہ ڪٽڪو ڏئي بس کي تعلقي ٿاڻي تي ڪاھي آيا. اسان ڪل اٺاويھ شاگرد ھياسين جيڪي گرفتار ٿيا جن ۾ سپاف جو ديدار جمالي، ڊي ايس ايف جو آئون ۽ سڪندر کوسو، ميھڙ جو مجيد ٻليدائي، لاڙڪاڻِي شھر جا ٻہ اجيت نالي نوجوان پڻ شامل ھيا. سڀني کي واري واري سان اگهاڙو ڪري سچو جو ڪٽڪو ڪڍيائون. ديدار جمالي ڪجهہ دليري ڏيکاري جيئي ڀٽو جا نعرا ھنيا تنھن کي برگيڊيئر پاڻ بيھي ڪٽرايو. باقي سڀني کي پوليس چيو پئي تہ ڇورا رڙيون ڪيو نتہ مري ويندئو. ائين مان بہ رڙيون ڪرڻ وارن ۾ شامل ھيس. سچو لڳڻ وقت سور بہ اھڙو پئي ٿيو جو وڃي ٿيا خير. جڏھن مار ڏئي بس ڪيائون تڏھن مون ڏٺو اسان سڀ الف اگهاڙا ويٺا ھياسين. ھڪ اڌ ڏينھن کانپوءِ ڇوڪرن جي آزادي جو مرحلو شروع ٿيو. ھڪ خبر اھا بہ پئي تہ جنھن جا والدين پھچن ٿا تن کي ٿوري دٻڙاھٽ ڏئي شخصي ضمانت تي ڇڏي ڏين ٿا. ٻئي ھفتي ۾ اسان ڪي ٽي چار ڄڻا بچياسين. ھڪ ڏينھن مونکي بہ گهرايو ويو ۽ پوليس وين ۾ ويھاريو ويو. مونکي 1978ع جو تجربو ھيو تہ پوليس وين وٺي وڃي معني ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ ھلندو. ائين مونکي اھڙي جاءِ تي وٺي آيا جتي چوطرف فوج نظر پئي آئي منھنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو. مونکي ھڪ فوجي سڏ ڪري اندر ھلڻ لاءِ چيو جتي منھنجو وڏو ڀاءَ مولوي واليڏنو پڻ ويٺل ھيو. جنھن برگيڊيئر اسان کي تعلقي ٿاڻي تي بيھي سچو ھڻايا ھيا اھوسامھون ڪرسي تي ويٺو ھيو. ھن ھڪ پنو ھٿ ۾ کڻي منھنجو مئٽرڪ کانپوءِ وارو پروفائيل مونکي پڙھي ٻڌايو جنھن ۾ 1978ع واري ھڪ سال سزا جو ذڪر بہ ھيو. ھن اڳتي پنو پڙھيو تہ آءُ ڪميونسٽ پارٽي لاءِ ڪم پيو ڪيان جيڪا پاڪستان ۽ اسلام خلاف ڪم پئي ڪري ۽ ھاڻي ڊي ايس ايف چانڊڪا يونٽ جو صدر آھيان. ھن مونکان پڇيو ڇا ھي سچ آھي. مان خاموش بيٺل رھيس. ھن منھنجي ڀاءُ ڏانھن اشارو ڪري چيو تہ مولوي صاحب عزتدار ماڻھو آھي جنھن جي ڪري توکي ڇڏيو پيو وڃي آئيندہ خيال ڪجائين. ائين مون کي منھنجو ڀاءُ سڌو گهر وٺي آيو. منھنجي ڀاءُ سمجهيو پئي تہ مونتي نصيحت جو ڪو اثر ٿيڻو ناھي انڪري ڪجهہ ڪونہ چيائين.