ڪتاب ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ تي تبصرو: شريف ٿھيم
بخش علي رند ڳوٺ جا رهواسي اسان وٽ ارڏا تيز وتند مزاج ڪري مشھور آھن جتي ڊاڪٽر حميد پنھنجا ٻاروتڻ جا ڏينھن گهاريا.
جڏهن مون هي يادگيرين جو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو تہ پھريان کوڙ صفحا رڳو ڳوٺ جي سرڪرده ماڻھن جا نالا وري سومرن جي سڄي ڪٽنب، مردن، ماين سميت پوري لسٽ وري انھن جون هڪٻئي سان مٽيون، مائٽيون، ڪير ڪنھن جو ڇا ٿئي، مان تہ ڪتاب مان هٿ ڪڍي ويھي رهيس. هي رشتيدارن جي هيڏي ساري ڊگهي لسٽ پڙهي مونکي ڊاڪٽر جا اهي مائٽ بہ وسري ويا جن سان منھنجي ڄاڻ سڄاڻ هئي.
نيٺ ساهي پٽي وري پڙهڻ شروع ڪيم ۽ پوء لفظ لفظ،جملو جملو، مونکي ماضي ڏانھن ڇڪيندو ويو مان ڄڻ انھن ڪردارن سان روح رهاڻ ڪرڻ لڳس، پسيء جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ واري ڪيفيت ۾ هليو ويس.
ھن روح رهاڻ ۾ مان انھن سڀني ڪردارن کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو، انھن جا چھرا، انھن جا عزم، انھن جا ٽھڪ، مسڪراهٽون، بحث بحثن ۾ رسڻ پرچن سڀ ھڪ ھڪ ٿي منھنجي ذهن ۾ جڙڻ ۽ اڀرڻ شروع ٿيا.
جمن باهوٽو، اسماعيل کوسو، عزيز ڪنگراڻي، سائين بخش رند، سليمان رند، سائين ڪمال الدين کوسو، سائين احمد خان لاشاري، سائين محمد قاسم لغاري، ادي زليخان گنب، جمعو درزي، پپو، جوهي جي شاهي بازار، ان جا پٺاڻ، پنجابي، مھاجر، دڪاندار ۽ چاليھ سال اڳ جي کليل صاف سٿري جوهي مکڻ موهي.
انھن سڀني سان مون ھن ڪتاب ۾ ڄڻ ويھي رهاڻ ڪئي.
انھن ڪردارن جي کوڙ سارن گڻن جي مونکي تہ خبر ئي ڪانہ هئي پر حميد جي ساروڻين ۾ روح رهاڻ ڪندي خبر پئي.
ڊاڪٽر حميد جي ساروڻين جو ڳانڍاپو اسان جي ھن ڪٿا سان بہ نظر اچي ٿو، جڏهن اسان (75 -1974) سائين جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا، اهي ڪتاب ھٿ ۾ کڻي هلڻ ۽ ڄاڻي واڻي ماڻھن کي ڏيکارڻ اسان جو فخر هيو ۽ انھيء سرور ۾ اسان خيالن ئي خيالن ۾ جوهي ۾ سنڌو ديش ٺاھي چڪا هياسين. جوهي ڄڻ اسان جو مورچو ھيو. اڪبر جسڪاڻي، ڊاڪٽر حميد ۽ مان ڄڻ ڀيچي هوندا هياسين ۽ انھيء سياسي سفر ۾ اسين ٻي سنگت کي بہ پنھنجو ساٿي بنائڻ جي جستجو ۾ لڳا پيا ھوندا هياسين ائين کوڙ سنگت ڪٺي ٿيندي وئي ھن سڄي منڊل کي مچائڻ وارو اڪبر جسڪاڻي هيو.
ڊاڪٽر حميد ڳوٺ جي يادن کي صفا دل سان چٽيو آهي هي صاحب جڏهن ڳوٺ بخش علي رند کان نڪري جوهي پھتو تہ ھن سان اسان جي ڄاڻ سڄاڻ ٿي. ان وقت اڪبر جسڪاڻي ۽ مان قومپرست سياست سان لاڳاپيل هياسين ملاقاتن ڪچھرين ۾ اسان حميد کي قومپرست لٽريچر جئين پيغام، اڳتي قدم جا رسالا ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪتاب بہ پڙهڻ لاء ڏنا.
مرحوم غلام قادر ٿھيم جوهي جو ھڪ بھادر سياسي ڪردار ھيو جيڪو پيپلزپارٽي سان تہ وابستہ ھيو پر ان سان گڏوگڏ قومپرست بہ ھيو پر هي اسان کان الڳ ھيو سو حميد کي جڏهن اسان جي قربت ۾ ايندي ڏٺائين سو حميد کي اسان جي باري ۾ غلط فھمين جو شڪار ڪري ڇڏيائين. حميد تازو تازو مولودن جي محفل مان نڪتل نوجوان، سو اچي اسان تي سوالن جي بوڇاڙ ڪيائين پر اسان حميد کي لاها چاڙها ڏئي راضي ڪري ورتو ۽ اهڙو راضي ٿي ويو جو ترقي پسند سياست کي اهڙو ٻک وڌو جو وڃي ٿيا خير.
ان کان پوء اسين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي ڇڏي ارباب کهاوڙ جي ترقي پسند لڏي سان وڃي گڏياسين جنھن جو ھن ساروڻين ۾ بہ ذڪر ٿيل آهي.
ڊاڪٽر حميد اسڪولي شاگرد جي حيثيت ۾ جوهي هائي اسڪول ۾ هوشيار شاگرد طور سڃاتو ويندو ھيو ۽ جيڪو رندن جي ڳوٺ بخش علي رند مان سھي سنڀري جوهي پھتو ھن جو اھو سفر رڳو ڪلوميٽر مفاصلي وارو سفر ڪونہ ھيو پر هي غربت ۽ محروميت جا تجربا 1942 واري ڪاري ٻوڏ جي تباه ڪارين جي وارتا، 1976ع ۾ آيل ٻوڏ جون تباه ڪاريون جنھن ۾ ڪٽنب جا سڀ گهر ڊهي وڃڻ ۽ وري ماين مردن جو گڏجي ڪچي گاري جي مٽي سان گهرن کي ٺاهڻ جا جتن، ڳوٺاڻي ماحول جا منظر، ڳوٺاڻي سماجيات، ڳوٺاڻي ٻڌي، ڳوٺاڻو عزم ۽ جرئت اهي سڀ لقا جنھن مان حميد گذري جوهي پھتو. جڏهن حميد سان اسان جي ملاقات ٿي تہ هي ڳوٺ جو ”لڳڙو“ حميد نہ پر پڪو پختو، پر عزم سمجه ڀريو نوجوان ھيو تاهم اڪبر جسڪاڻي ھن کي ڪڏهن حجت مان ”ملو دوسو“ بہ چوندو ھيو.
هي نوجوان جوهي پھتو تہ يارن دوستن جا پاڻ سان جهڳٽ ڪٺا ڪندو ويو جنھن ۾ جمن باهوٽو، سائينء بخش رند، سليمان رند، عزيز ڪنگراڻي ٻيا کوڙ سارا دوست گڏبا وياسين ۽ سڄي جوهي شھر ۾ اسان جو وڏي مان وڏو ٽولو ھيو. ھنن نوجوانن وٽ صرف ترقي پسند نظريو ھيو عزم ھيو ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ جڏهن بہ اسان گڏبا هياسين تہ چاهي جوهي جو چونڪ هجي، بشير پنجابي جي هوٽل هجي، جوهي جو ڊاڪ بنگلو هجي اسان وٽ موضوع ئي سوشلزم، نظام کي ڪئين بدلجي.
اسان سڀ هڪٻئي کي دانشور ڏيکارڻ جا بہ جتن ڪندا هياسين بحثن ۾ هروڀرو بہ بورجوازي، پيٽي بورجوازي، پرولتاريه، ٽٽ پونجه سرمايه دار جا لفظ وڏي طمطراق سان استعمال ڪندا رهندا هياسين. ٽٽ پونجيه سرمائيدارار کي ڪجهہ مذاق واري انداز سان بہ پيش ڪندا هياسين.
بس حميد ۽ اسان سڀني جي هڪ ئي خواهش، ھڪ ئي لگن ھوندي هئي تہ جوهي جو ھر نوجوان، شاگرد مزدور، پورهيت هاري،ٻيڙي ڪاريگر اسان جو نظرياتي ساٿي بنجي. ان چاهت ۾ اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻيڙي ڪاريگرن جي ڀانڊن تي وڃي ويھندا هياسين، ھنن سان ويھي اسان سوشلزم، سوشلسٽ انقلاب جون ويھي ڳالھيون ڪندا هياسين.اهي ٻيڙي ڪاريگر اسان کان عمر ۾ تمام گهڻو وڏو ھوندا هيا اسان جي انقلابي ڳالھين کي ڌيان سان تہ ٻڌندا پو الائي ڳالھيون ٻڌندا هيا يا اسان کي ڏسندا هيا ڇو جو اسان تہ ان وقت لسڙاٽ ڇوڪرا تہ هياسين.
ڊاڪٽر حميد جو يادگيرين تي مشتمل هي ڪتاب پڙهي جڏهن دنگ ڪيو تہ مان ڊاڪٽر جي سياست ڪرڻ جي ڏانو (گر ) کي ڳوٺ جي ئي پسمنظر ۾ پسيو جتي ھن زندگي گهارڻ،سماجڪاري ۽ ڏکين حالتن ۾ هڪٻئي کي کڻي هلڻ جا گڻ اهي سڀ خاصيتون حميد اتان ئي سکيون ۽ مونکي حميد جي سياسي، سماجي ۽ ذاتي ڪردار ۾ بہ اها ڇاپ اڃان تائين نظر ايندي آهي.
ھن جي سڄي سياسي ڪردار ۾ پختگي، determination, ۽ پنھنجي نظرياتي ۽ تنظيمي ڪم ڪار ۾ مست مگن، اها ڌن جوهي ۾ ترقي پسند سياست ڪرڻ دوران بہ نظر اچي ٿي تہ لاڙڪاڻي پھچڻ وقت به.
جڏهن ڊاڪٽر چانڊڪا پھچي ٿو اتي بہ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي لاڙڪاڻو يونٽ کي متحرڪ ٿو ڪري ۽ سڄي سنڌ جي ڪميونسٽن سان بہ پنھنجو تعلق جوڙي ٿو، تہ اتي پنھنجي ساٿين جو وسيع حلقو بہ ٺاهي ٿو، تہ تنظيمڪاري بہ ڪري ٿو. انھيء سياست جي ڪري جيلن ۾ ويو مارون بہ کاڌائين وري جڏهن چانڊڪا مان ڊاڪٽر بنجي جوهي پھچي ٿو تہ ساڳي ترقي پسند سياست کي مچائي ٿو، ھن جي ڪلينڪ ترقي پسند نوجوانن جو، اديبن، دانشورن، سياسي ورڪرن جو درسگاه بہ هئي تہ اتساه به.
هي بس ڪري نہ ويٺو جوهي ۾ پنھنجو حلقو ٺاهي کوڙ سارا سياسي پروگرام ليڪچر جا پروگرام، ادبي پروگرام ڪرايائين ۽ اڪبر جسڪاڻي ميموريل لئبرري جو بنياد رکي ان کي خوب مچايائين.
ڊاڪٽر حميد، جتي ھنن ساروڻين ۾ پنھنجي ڳوٺ، دوستن يارن، مٽن مائٽن جا احوال ۽ رشتيدارن جا سڄا پروفائيل، ويندي ڌنڌي ڌاڙي عادتن جو جيڪو دفتر کوليو اتي وري ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ ان جو ٽٽڻ ڪميونسٽ پارٽي جو پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪرڻ جي پوري تاريخ بہ لکي ٿو تہ پارٽي جي ليڊرن جي پرڪارن کي بہ پنھنجي بحث هيٺ آندو آهي.
سوويت يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ سنڌ جي نوجوانن لاء جدوجھد جي علامت ۽ اتساه هيا، ڪامريڊ ڄام ساقي نذير عباسي، امداد چانڊيو، گهنشام پرڪاش، مير ٿيٻو اهي سڀ اسان جا ڄڻ icons هيا ليڪن سڀ ٽٽي ويا، نوجوانن جا خواب اڌورا رهجي ويا ۽ اسين رهياسين اڌورا اڌورا...!
پاڻ تہ گهر اچي وهاڻو سيرانديء ڪري ماضي کي ياد ڪندا رهياسين، پر حميد ائين نہ ڪيو. ھن رٽائرڊ، ”گُرو“ کي اھو ساڳو ڦرڪو، چئي مان حيدر آباد ۾ ترقي پسندن جو فورم ٺاهيندس، حيدرآباد روشن خيال جي نالي سان فورم ٺاهيائين جتان هي ھر مھيني ۾ ٻہ ٽي پروگرام ڪرائي پنھنجي ڪرت کي لڳو پيو آهي ۽ هڪو نہ ٻئي ڏينھن ڪچھري جو بہ ميل ملاکڙو ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر حميد ڪچھري يا پنھنجي لکڻين ۾ سنڌين کي خبردار ڪرڻ لاء اک الٽي ڌار جو لفظ استعمال ڪندو رھندو آھي، سو شاه لطيف جي گنج کي پڙهندي اهو بيت بہ نظر مان گذريو سو آخر ۾ اھو بيت ھن يار کي ارپيان پيو..“
اک الٽي ڌار، ون الٽو عام سين
جي لھوارو لوڪ وهي تون اوچو وھ اوڀار
منجهان نوچ نھار پر پٺيرو پرينء ڏي.