سائين بخش رند: اسان جيئين جيئي ڪو
سائين بخش پرائيمري کان پوءِ جوهي هاءِ اسڪول ۾ بہ منھنجو ڪلاس فيلو رهيو مونکي سندس ڳچي ۾ پيل اهو نيرو ايراني مفلر اڃا بہ ياد آهي . هنجي کاڏي تي زخم جو گهرو نشان ۽ سندس کاٻي وچين آڱرجي ننھن ۾ گهپ جو نشان سندس زندگي جا آخر تائين ساٿي رهيا. انٽر پاس ڪري آءُ ميڊيڪل ۾ هليو ويس ۽ هوءُ ٿوري ئي عرصي ۾ پرائيمري استاد پوءِ سيڪنڊري استاد ۽ آخر ۾ ليڪچرر ٿيو. اسانجي ڳوٺ ۾ نہ صرف چوڪريون بلڪہ ڇوڪرا پڙهائڻ بہ عيب سمجهيو ويندو هيو، جنھن ڇوڪري کي تيل ڦُليل ٿيل ۽ وارن ۾ ڦڻي ڏنل هوندي هُئي انکي بہ بُرو سمجهيو ويندو هيو ليڪن سائين بخش نہ صرف پاڻ پڙهيو بلڪہ پنھنجو اولاد بہ پڙهايائين پنھنجي اڪيلي نياڻي نسرين کي اعلي تعليم بہ ڏياريائين جيڪا ڳوٺ جي رندن جي ٻن ٽن پڙهيل ڇوڪرين مان هڪ آهي.
جوهي 80 جي ڏهاڪي ۾ ترقي پسند سياست جو اهم مرڪز ٿي اُڀري تہ انھي هلچل ۾ سائين بخش بہ شامل ٿيو ۽ هو ڪامريڊن جي ساڳي لڏي جي انقلابي سياست سان سلھاڙيل رهيو جنھن سان منھنجو بہ پيچ پيل هيو ليڪن سائين بخش جي دلچسپي جو اهم ميدان ادب ۽ ادبي سنگت هيا جنھن ۾ هن مقامي سرگرمين کان سواءِ مرڪزي سطح تائي وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ انھي زوردار سرگرمي ۾ جاني ملاح، نقاد ٿھيم ۽ لياقت علي لياقت سندس ساٿي رهيا . جاني ملاح جي وڇوڙِي کانپوءِ بيماري جي حالت ۾ بہ هو ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ جوش جذبي سان سلھاڙيل رهيو.
توڙي جو سائين بخش ۽ آءُ سٺا دوست رهياسين ليڪن اسانجي دوستي ۾ جان منهجي ڊاڪٽر ٿي جوهي پھچڻ سان ٿي تڏهن هو جوهي ڪاليج ۾ ليڪچررهيو. ڪجهہ عرصي ۾ منھنجي ڪلينڪ سنگت جي بيٺڪ بنجي ويئي جتي اڪبر جسڪاڻي جو اچڻ وڃڻ ۽ ويھڻ عام هوندو هيو انھي وقت جوهي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون سرگرميون چوٽ چڙهيل هيون جن ۾ ۾ سائين بخش سميت اسان سڀ شامل هُئاسون. ڪجهہ دوستن صلاح ڪري سگا جي پليٽ فارم تان گاج لائيبرري جو بنياد رکيو جنھن ۾ سائين بخش ۽ مونسان گڏ سائين محمد بخش پنھور، شريف ٿھيم، ظفرﷲ ڏاهري، طارق عالم رند ۽ عبدالجبار ڏاهري شامل هئا انھي لائيبرري کي ٺاهڻ، سنوارڻ ۽ مچائڻ ۾ سائين بخش رند جو وڏو ڪردار هيو.
سائين بخش کي لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هيو ۽ هو سنڌ جي انھن ماڻھن منجهان هيو جن تمام گهڻو پڙهيو آهي جنھن جي ڪارڻ هنجي لکڻي ۾ جان بہ هوندي هئي تہ انھي ۾ بلا جي طنز ۽ ڇُري جھڙي ڪاٽ بہ هوندي هئي. پاتال جا موتي، ڪارو پاڻي، دردوندي جو ديس، ٻُسي ٻانھن سندس شاهڪار ڪھاڻيون آهن. سندس لکڻين ۾ غيرمعمولي طنز جي ڪارڻ مان کيس مذاق ۾ سنڌي ٻولي جو منٽو بہ ڪوٺيندو هيس.
سائين بخش رند زبردست مقرر بہ هيو ۽ جوهي جي سياسي ادبي پروگرامن جي جان بہ هيو. هنجون تقريرون ۽ مختلف ويھڪن ۾ ڏنل ليڪچر املھ ذخيرو هيو جن ۾ غيرمعمولي معلومات هوندي هُئي. هو ننڍي ۾ ننڍي پروگرام ۾ ڳالھائڻ، ويچار ونڊڻ لاءِ تياري ڪري ايندو هُيو. سنڌي ادبي سنگت هجي يا لئيبرري جو پروگرام، انقلابي تنظيم جي سرگرمي هجي يا ٽريڊ يونين جي ويھڪ انجو دعوتنامو يا پينافليڪس جو مواد ٺاهڻ جو ڪم سائين بخش جي حوالي هوندو هيو ۽ جيسين ڳالھ ٻولھ هلندي هئي تيسين هنجي هٿ ۾ پين پنو يا ڪو پاٺو هٿ اچي ويندو هيو ۽ اهو مواد تيار ٿي ويندو هيو.
سائين بخش رند جي والد چاچا محمد ايوب جي منڇر جي مھاڻن سان ياري هوندي هُئي اهي راتين جون راتيون وٽس مھمان ٿي اسانجي گهر جي اولھ پاسي سرائين جي اوطاق ۾ رهيا پيا هوندا هُئا ۽ انھن جي خدمت ۾ ننڍڙو سائين بخش رند هر وقت حاضر هوندو هيو نتيجي ۾ انھن ملاحن جي ايندڙ نسل سان سائين بخش جي پڪي ياري ٿي ويئي جيڪي نہ صرف وٽس اچي رهندا هُئا بلڪہ انھن جي دوا درمل جو وزن بہ سندس کاتي ۾ هوندو هيو. منڇر جي عيسي ملاح سان سندس پڪي ياري هئي. ملاحن سان ويجهڙائي ۽ منڇر جي ڊگهي مشاهدي ڪارڻ ئي کيس منڇر انجي پاڻي، پکين ۽ مڇين جي گهري معلومات هوندي هُئي. منڇر جي مڇي ۽ پکي هنجي گهر پھچندا هئا تہ مون سميت ڪافي سنگت بہ انھي مان لطف اندوز ٿيندي هُئي.
سائين بخش کي ڪرڪيٽ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي جيڪا کيس آخر تائين قائم رهي. هو ڪرڪيٽ کيڏندو ڪونہ هو ليڪن ڪرڪيٽ تي ماهرن جيان تبصرا ڪندو هيو. مقامي ڪرڪيٽ ۾ وڌي چڙهي حصووٺندو هيو. نوجوان رانديگرن کي همٿائيندو رهندو هيو سندن رهنمائي ڪري ٽورنامينٽ هڻائيندو هيو ۽ خبرون ٺاهي مقامي صحافين کي اخبار ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏيندو هيو ۽ اها بہ پوئيواري ڪندو هيو تہ جيئن اها خبر اخبار ۾ لڳي ۽ ان سلسلي ۾ هو وفا برهماڻي، اشرف امر، فاروق سومرو ۽ عزير سومرو کي سُک جو ساه ڪونہ کڻڻ ڏيندو هيو. جوهي جي ادبي، سياسي پروگرامن ۾ سندس اهي نوجوان رانديگر ڪم ڪار ۾ اڳرا ۽ سندس حُڪم جا منتظر هوندا هُئا.
سائين بخش کي فطرت ۽ انجي حُسن سان عشق هيو جنھن کي هو فوٽوگرافي ذريعي اُجاگر ڪندو رهندو هيو. هنجي فوٽوگرافي ڪنھن پروفيشنل فوٽوگرافر کي مات ڏئي ڇڏيندي هُئي. نئين گاج، ڪاڇي جي وس ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ فصل، منڇر انجا پکي ۽ مڇيون سندس ڪيمرا جي اک کان محفوظ نہ رهي سگهون ۽ وٽس اهڙو ذخيروهزارن ڦوٽن جي صورت ۾ اڄ بہ سندس گهرجي ذاتي الماڙي ۾ مختلف يو ايس بي ۽ ميمري ڪارڊ ۾ موجود هوندو. هو ڪاڇي جي برپٽن ۾ سُڃ ۽ رُڃ کي اُجاگر ڪرڻ بدران ڪنھن ٻُوٽي ۽ گُل کي ويجهڙائي کان عڪسبند ڪندو هيو جنھن ۾ زندگي ۽ جوڀن جهلڪا پئي ڏيندي ھئي.
سائين بخش اسان سڀني سان گڏ هوندي سڀني کان مختلف هوندو هيو ۽ جيسائين قائل نہ ٿيندو هيو پنھنجي ڳالھ تي جبل جيان ڄمي بيھندو هيو ان ضد ڪارڻ کيس رند ۽ سرائي سڏيندا هئاسون. هي جيترو کرو شخص هيو انکان وڌيڪ وفاشعار بہ هو. دوستي نڀائڻ ڪير هن کان سِکي ۽ ائين ئي هنجي ڪاوڙِ بہ هوندي هُئي. شايد هنجو اهو مزاج هيو تہ لائجي تہ نڀائجي نتہ اصلي نہ لائجي. جڏهن هو حد ٽپي نڀائيندو هيو تہ هن کي موٽ بہ اهڙي درڪار هوندي هُئي انڪري هو درگُذر ڪري ڪونہ سگهندو هيو جنھنجو ڪڏهن ڪڏهن اظھار بہ ڪري ويھندو هيو جنھنڪري مون سميت ڪافي دوست سندس مياري بہ رهيا.
2014 ۾ هو مثاني جي ڪينسر وگهي بيمار ٿي پيو. انھي بيماري جي علاج کيس اڌورو بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي. انھي بيماري جي ماهر پنھنجي دوست ڊاڪٽر مُرليڌر کان مون جڏهن پڇيو تہ انھي بيماري جي علاج کانپوءِ انھي ۾ ڪيتري عرصو زندہ رهي سگهجي ٿو تہ هن جو جواب هيو تہ ڪي ماڻھو ڪجهہ سال ڪڍي ويندا آهن تہ منهجي جسم مان سيسڙاٽ نڪري ويا تہ ڇا سائين هاڻي چند سالن جو مھمان آهي. انھي عرصي ۾ ئي سندس شريڪ حيات کي بہ هڪ موذي مرض اچي ورايو ۽ انکي سرجري ۽ ڪيموٿيراپي جھڙن مرحلن مان گُذرڻو پيو. اهڙن مامرن کي منھن ڏيڻ سميت سميت، پنھنجي ٻارڙن، پوٽن، پوٽين ۽ ڏوهٽن جي پرورش بہ ڪري ويو ۽ مثاني جي عارضي، مصنوعي بندوبست ۾ سائين بخش رند بيماري ۽ موت کي مُڙس ٿي منھن ڏيندي اهو ٻُڌائي ويو تہ ”هائو هيئن بہ جي ڏيکاربو آهي“.
22 فيبروري تي، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ڪراچي جي آءِ سي يو وارڊ ۾ سائين بخش کي مون آّخري ڀيرو ڏٺو کيس آڪسيجن ماسڪ لڳل هيو ۽ ڊيوٽي تي مامور ٻن نرسن پاڻ ۾ مسلسل ڀُڻ ڀُڻ پئي ڪئي . منهجي آمد جو نہ نرسن نوٽيس ورتو ۽ نہ سائين بخش ئي نوٽيس ورتو. شايد منھنجي آخري ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو هيو. مان سائين بخش جي سلڇڻي پُٽ فيروزکي هٿ مان وٺي ٻاهر نڪري آيس. هن مونکان سرائيڪي م پُڇيو ”چاچا ڪيا پئي سمجهدي او“. مون کيس هٿ کي زور ڏيئي چيو ”همت ڪرو، صبر ڪرو. . علاج هلدا پيائي. سڀ ٺيڪ ٿي ويسين. . . “، ٻاهر بالڪني ۾ سندس ٻيو پُٽ آفاق پٽ تي ويٺو هيو. آءُ ۽ فيروز بہ پٽ تي ويھي رهياسين. . ڪجهہ وقت ويٺا رهياسين ڪنھن ڪجهہہ بہ نہ ڳالھايو. سندس ٻنھي پُٽن مون سان ڳالھائڻ ۽ ڪجهہ پُڇڻ پئي چاهيو ۽ آءُ ڪجهہ ٻُڌائڻ جي پوزيشن ۾ ڪونہ هيس. آءُ ٻنھي کان تڪڙو موڪلائي ٻاهر نڪري آيس.
ٻاهر سامھون حنيفه ديوان سلمان ڪينسر وارڊ جي گيٽ تي ايمبولينس مسلسل سائرن وڄائي رهي هئي جيڪا شايد مثاني جي موذي مرض جي ڪنھن نئين مريض کي داخلا لاءِ اسپتال کڻي آئي هُئي.