مهاڳ
اسان ته هن کان ايترو وجهه وٺي نه سگهياسين، جنهن ۾ اسان جو ايترو ڪو ڏوهه به ڪونهي ڇو ته اسان جي ذهنيت ئي ايتري هئي پر هڪ قسم جي تڙپ اسان جي به هئي. جي اها تڙپ نه هجي ها ته هن سان ڪچهرين جو ايترو شوق يا جنون نه هجي ها، ادبي سنگت جا يونٽ نه کوليون ها. ڪتابن جي ويجهو نه وڃون ها. اها خبر اڄ ٿي پوي ته اهي ڪچهريون ڪيتريون ڪم جون هيون، جيڪي ڪڏهن هلي وڃي هن سان ڪندا هئاسين ته ڪڏهن هو هلي اچي ڳولي ڳولي اسان کي هٿ ڪري ڪچهريون ڪندو هو، پر ان مان هڪ ڳالهه ته چٽي آهي ته ايتري شفقت، ايتري پنهنجائپ ۽ ايتري ويجهڙائيءَ سان اسان تي، خاص ڪري مون تي جيتري محنت پيو ڪري سو سڀ ڪجهه جو عزيز منگيءَ اکئين ڏٺو، شايد اهو ئي سبب آهي جو هُو هن ڪتاب جو مهاڳ مون کان پيو لکرائي. نه ته مهاڳ ته ڪنهن وڏي ۽ معتبر نالي کان لکرائبو آهي. هدايت جا اهي دوست جيڪي ادبي، صحافتي، سياسي ۽ نظرياتي طور هن سان تمام ويجهڙا رهيا، اهي به لکي سگهيا پي. انهن لاءِ به خوشيءَ جي ڳالهه هجي ها پر منهنجي لاءِ هي اعزاز ڪنهن ايوارڊ کان گهٽ ناهي.
هدايت جي رڳو اها خوبي ڪانه هئي ته هو ليکڪ هو پر سندس وڏي خوبي اها به هئي ته هو لکڻين جون سڀ گهرجون پوريون ڪندو هو. جيئن زيرن، زبرن، پيشن سان گڏ ڪامائون، فل اسٽاپ، سوال ۽ عجب جون نشانيون وغيره سڀ ڏيندو هو. هن جي اها خوبي صرف لکڻين ۾ نه هوندي هئي پر ڳالهائڻ ۾ به انهن ضرورتن جو ايتروئي خيال رکندو هو. هن جي نڙيءَ مان اچار پنهنجين اصلوڪين شڪلين سان نڪرندا هئا جيئن ک، خ، ش، ڇ وغيره ۾ تميز ڪرڻ هدايت منگيءَ جي ئي خوبي هئي. هونئن لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن ۾ اها خوبي تمام گهٽ هوندي آهي، پر اهو لاڙڪاڻي ضلعي جو ٿي ڪري، انهن اچارن جو ڀرپور خيال رکندو هو ۽ ٻين کي اهڙن اچارن تي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪندو هو. ان کان سواءِ لفظن جي ڦيري ۽ وڏن جملن ۾ ڳالهائڻ ۽ وري انهن جملن ۾ گرامر جي پورائي جو خيال رکڻ، مون ڪامريڊ سوڀي کان پوءِ هدايت منگيءَ ۾ ڏٺو.
هي ڪتاب ريڊيي تي نشر ٿيل هڪ مختصر پروگرام ۾ پڙهيل مختصر ٽڪرا آهن جن ۾ سڀني سُرن جو مختصر تعارف پيش ٿيل آهي. ريڊيي جون پنهنجون هڪڙيون گهرجون ٿيل ٿيون جنهن ۾ صرف وقت جي محدوديت ئي نه هوندي آهي پر گهڻين ڳالهين کي کوکي رکڻ تي پابندي هوندي آهي ۽ اڳيان وري ڀٽائيءَ جهڙو شاعر هجي، جنهن جا الاهي سارا بيت باغيانا ۽ موجوده مدي خارج سماج جي حدبندين ۽ بنيادپرستيءَ کان آجا هجن، تنهن جاءِ تي ظاهر آهي ته ماڻهوءَ کي اختصار ۽ اشارن ڪناين کان ڪم وٺڻو پوندو، اهو سڀ ڪجهه هنن لکڻين سان به ٿيو آهي. جنهن ڪري هن ڪتاب جون سموريون نه تڏهن به ڪجهه لکڻيون اهڙين پابندين کان متاثر ٿيل نظر اينديون. اهي ساڳيون لکڻيون جيڪڏهن هدايت منگي آجائيءَ واري ماحول ۾ لکي ها ته ڀٽائيءَ کي پڙهندڙن ۽ ڀٽائيءَ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ اهڙو نرال ۽ منفرد ڪتاب ملي ها، جنهن جهڙو ڪتاب هن ميدان ۾، ههڙي ترتيب سان نه لکيو ويو آهي. تنهن هوندي به، جهڙيءَ طرح حدبندين جي باوجود پنهنجي مخصوص ۽ نرالي انداز ۽ ڏانوَ سان، هن سُرن جو تعارف ۽ ڀٽائيءَ جي مقصد سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته پڙهندڙ گهڻي حد تائين ان مقصد جي ويجهو پهچي وڃي ٿو. هن سُرن جو تعارف اهڙيءَ طرح ڪرايو آهي جو هر سُر جهڙوڪه ڪتاب هجي ۽ هن ان ڪتاب جو مهاڳ لکيو هجي.
ڀٽائيءَ کي مڪمل طور تي ڪير به نه سمجهي سگهيو آهي، ان ڪري جو ڀٽائيءَ تي تحقيق جو ڪم مڪمل ٿيو ئي ڪونهي. ڀٽائيءَ کي سمجهڻ لاءِ اڃان به ايترو عرصو يا ان کان به شايد وڌيڪ لڳي وڃي. ڀٽائي سنڌ جو ته ڇا دنيا جو نرالو شاعر آهي، جنهن جي پيشڪش ٻين شاعرن وانگر نه پر انهن کان ابتڙ آهي. جنهن جي خيال ۾ ايتري اونهائي هوندي آهي جو پڙهندڙ کي غواص بنجي، ڪمر ڪڇي ان گهرائيءَ ۾ لهي وڃڻو پوندو ۽ ڪيترائي ٽوٻهارا کائڻ کانپوءِ به شايد ئي گهرائيءَ تائين پهچي سگهي. ذرا ڌيان ته ڪريو، ماني کائڻ کانسواءِ به بک کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟ جو چوي ٿو ته بک کي ڪڍي بُگريءَ ۾ وجهي ڇڏيو پوءِ ڍؤ ئي ڍؤ آهن.
بک وڌائون بگريين، جوڳي ڪندا جُڃَ
پوءِ توهان کي طعام جي طلب ئي نه ٿيندي. اڃ لڳيوَ ته وري اُڃَ اوتي پيو – ابول!
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اُڃَ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃَ،
سامي جهاڳي سُڃ، وسنؤ کي ويجها ٿيا.
ڀٽائيءَ جي فوج جو سپاهي اهڙو آهي جو هن کي نه بک روڪي ٿي سگهي نه اڃ، ڇو ته هن جو من ماري ماري مڃ ٿي ويل آهي ۽ پوءِ اهڙو سپاهي ڇو نه سڃ جهاڳي سگهندو، جي هن کي وسنؤ تي پهچڻو آهي. وسنؤتي پهچڻ جو يقين ڀٽائيءَ کي سؤ سيڪڙو آهي ته وسنؤ تي پهچبو پر وچ ۾ ڇاڇا ٿي سگهي ٿو. ان سڀ لاءِ ايترو ئي تيار رهڻو آهي جيترو هو مٿئين بيت ۾ ٻڌائي ٿو.
ڀلا اهڙي منزل جو ڳولائو ۽ تڪليفن سهڻ لاءِ ايتري تياري ڪيل کي جيڪڏهن منزل ملي وڃي ته ڇا اها منزل سندس اڃ، اساٽ، چاهه ۽ حاصلات جي تمنا کي گهٽائي سگهي ٿي؟ يا پوءِ ان کي هڪ منزل مان ڍؤ نٿو ٿئي ۽ اهڙين ڪيترين ئي منزلن لاءِ اڃيو ۽ وڌيڪ اُڃيو ٿيو وڃي. ڀٽائيءَ جي ڪردار سسئيءَ کي ڏسو جيڪا سٺي پنهونءَ کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ٿي ڇڏي پر تنهن هوندي به هن جي اڃ ويتر وڌي ٿي وڃي، جو اهڙا ڪيترائي پنهون (منزلون) هجن جو انهن سڀني کي پيئندي وڃي:
جي سجهائي سڪ، ته هڪ سِڪي سسئي،
پيتائين پنهونءَ کي، هڏ نه ڀِڳِيَسِ هڪ،
ان تڙ منجهان تِڪَ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.
”هڪ“ ڍئبو آهي نڙيءَ جي مٿين حصي کي، جنهن کي تارون ٿو چئجي. سڄي پنهونءَ کي پي وڃڻ کان پوءِ يعني اندر ۾ سمائي ڇڏڻ کانپوءِ به هن جو رڳو تارون به آلو نٿو ٿئي. هاڻي ڀلا اهڙي اڃايل کي جيڪڏهن سڄو سمنڊ اڳيان ڪري ڏجي ته چئجي ته هاڻي ڍؤ ڪري پيءُ، تنهنجون تارون به آلو نٿو ٿئي، من سمنڊ تنهنجي اڃ اجهائي يا تارون آلو ٿي پوئي، ته پوءِ ان جي اڃ گهٽبي؟؟
پسي جهاجهه جمال جي، جنين پيتي پڪ،
اپر آڳانجهو ٿيو، سور اُنين کي سِڪَ،
هڏ نه ڀِڳِيَنِ هِڪَ، سدا سار سير ۾.
تئونس ۽ تشنگيءَ جو هي هڪ اهڙو عالم آهي جو پيئڻ سان ڪڏهن به اڃ اجهامي نه ٿي سگهي. اها اُڃ ئي آهي جيڪا اُڃ کي ڀڙڪائي به ٿي ۽ اڃ کي اجهائي به ٿي. هت پاڻيءَ جي حاجت آهي ئي ڪانه:
محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تارِ،
پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيارِ،
پنهون پاڻ پيارِ، ته اڃ سين اڃ اجهائيان.
پاڻي ته پاڻ ويچارو اڃيو آهي. اهو ڪنهن ٻئي جي اڃ ڇا گهٽائي سگهندو؟ پاڻيءَ کي پاڻ ڀٽائيءَ جي اهڙي ڪردار جي ڳولا آهي، جيڪو پاڻيءَ کي ملي وڃي ته ويچاري پاڻيءَ جي جيڪر ڪجهه اساٽ جَهڪِي ٿي سگهي:
ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبولي سسئي،
اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو تن کي.
اهڙا ڪردار تخليق ڪندڙ ۽ اهڙا اوچا خيال سرجيندڙ ڀٽائيءَ وٽ پاڻ وٽ ڪيڏي تڙپ هوندي؟ ان تڙپ جو ڪاٿو آهي ڪنهن وٽ؟ اهو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ سمورو رسالو پيو آهي. جنهنجو هڪ بيت چڪرايو، ڦيراٽيون ڏياريو ڇڏي ته سٺي رسالي کي سمجهڻ لاءِ وقت، همت، علم، مطالعو ۽ چڱن جي صحبت گهرجي. ان لاءِ ئي ههڙن ڪتابن پڙهڻ جي ضرورت آهي.
ڀٽائيءَ جا ڪي سُر وڏا آهن ته ڪي وري بنهه ننڍا. جيڪي ننڍا سر آهن انهن ۾ به هڪ دؤر جي، هڪ پوري خصلي جي تاريخ سمايل هوندي. جيئن پرڀاتيءَ ۾ موسيقيءَ سان گڏ موسيقارن جي حالت ۾ فن کي زنده رکڻ واري خوبي ٻڌايل آهي ته ڪارايل ۾ وري مولانا روميءَ سان ڀٽائيءَ جي تقابلي جائزي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته اسانجو شاعر ڪيترو عظيم آهي. اسان صرف سنڌي هجڻ جي ڪري نه پر هن جي عظمت جي ڪري هن کي عظيم چئون ٿا.
هدايت، پورب جي مطالعي ۾ لکي ٿو ته ”شاهه جو شعر تاريخ تي محيط آهي. هو يقينن تاريخ جي گذريل ٻن هزار سالن جي سنڌ جي عظيم ترين شخصيت آهي. جهڙس ٻيو مفڪر ۽ شاعر اڃا سنڌ ڪو نه ڄڻيو آهي“. سر کاهوڙيءَ جي ڪردارن جي اپٽار به ان انداز سان اڳ شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي.
مارئيءَ کي ڀٽائيءَ رڳو زال بنائڻ لاءِ زوريءَ آندل ڇوڪري نه پر هڪ اعليٰ سياسي، آدرشي انسان ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن جي جيل اندر وزير چوڪسي ٿا ڪن. ههڙن ڪردارن جي اهميت رڳو سنڌ تائين محدود نه آهي پر جهڙيءَ طرح دنيا جا آدرشي ڪردار اسان لاءِ مثال آهن اهڙيءَ طرح اسان جا آدرشي ڪردار به دنيا لاءِ مثال آهن. اهڙي هڪ ڪڙي هدايت منگي سر مارئيءَ جي مطالعي ۾ هن طرح ٿو ملائي ”مارئيءَ کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، انساني عظمت جي ڊگهي تاريخ اسان جي اڳيان ڦهلي پئي آهي“. وري هيءَ تاريخ شاهه عنايت واري نظريي سان هن طرح ٿو ملائي،
”ڇهه ست سؤ سال عمرڪوٽ جي راجا جوٽئڪس اڳاڙڻ جو نظام سڄي ٿر ۾ ڪونه پهتو هو، جو کيڙي سو کائي وارو نظام هو. ان ڪري محنتي ماڻهن کي جهجها ان ملندا هئا. ماڻهو به خوش ته مال به خوش“.
مارئيءَ جي اصل ڳوٺ بابت بحث گهڻي وقت کان وٺي هلندڙ آهي، ان لاءِ اڃان تحقيق جي ضرورت آهي پر هدايت منگيءَ وارو مؤقف ساڳيو معمور يوسفائيءَ وارو آهي، جيڪو اڃا به بحث جوڳو آهي.
ڀٽائي پنهنجن سرن جا نالا پاڻ رکي ويو هو. سر حسينيءَ تي به ڀٽائيءَ جو پنهنجو نالو رکيل آهي. ڪنهن محقق ان سر تي نالو نه رکيو آهي. محققن سر ۽ بيت اڳتي پوئتي ۽ گهٽ وڌ ضرور ڪيا آهن. ڀنڀور شهر جي ”هنڌ“ ۽ ان ۾ ”ڪتڻ“ جو تي بحث ٿيل آهي. ڪتڻ جو ڪم سڄي سنڌ ۾ ٿيندو هو، ضرور ڀنڀور ۾ به ٿيندو هوندو. سسئي به جيڏين سان گڏجي سٽ ڪتيندي هوندي. باقي ڀنڀور جتي اڄ آهي اتي هن وقت ته کڻي ايڏي وسندي ڪانه آهي باقي جڏهن ڀنڀور جو شهر آباد هو، تڏهن اهو سامونڊي بندرگاهه هو جتي نه صرف سامونڊي ٻيڙا اچي لنگر انداز ٿيندا هئا پر اتان خشڪيءَ جي قافلن جو به گذر هو. جنهن ڪري ڌوٻيءَ جي ڪاروبار سان گڏ ڪتڻ جو ڪاروبار به ٻارهوئي اوج تي هوندو هو. سر آسا ۾ آيل بيت اصل هيئن آهي،
نايو سر سجدا ڪرين، تن تواضح تو نه،
هو جو مڻڪو من جو، سُڌو ساڙين سو نه،
ڪوڙا ٿيندئي ڪونه، ڦوڪِيَ ڌوتي فائدو.
هي بيت ڇاپي رسالن ۾ گهٽ آيو آهي باقي قلمي نسخن گهڻن ۾ آيل آهي، جنهن ۾ ڌوڻي يا خاڪ جو ڪوبه ذڪر نه آهي، هن سڄي بيت ۾ ڀٽائي هڪ نمازيءَ سان مخاطب آهي ته ”سجدا ته ڪرين ٿو من جو مڻڪو ساڙين ئي ڪونه ٿو. اي ڪوڙا اهو جيڪو تون هر هر وضو ٿو ڪرين ۽ هر هر ڦوڪيءَ کي ٿو ڌوئين ائين فائدو ڪونه ٿيندئي“. ڦوڪي hip کي چئبو آهي اهو لفظ اڄ به ڪن علاقن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. اسان وٽ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ به جوڳي ۽ گوپانگ اهو لفظ ڳالهائيندا آهن.
جهرڪي پٽيل يا لُنيل سنگ کڻندي آهي. تڏهن ئي ڀٽائيءَ انهن جي تشبيهه جهرڪيءَ سان ڏني آهي ته اهي ٻئي جي محنت تي پلجندڙ هئا. جيڪي جهرڪيءَ وانگر چنهنب هڻي لُنيل کڻندا هئا:
چڙيءَ جيئن چنهنج هڻي، لڏيائون لئا.
سومرن جي صاحبيءَ جي دؤر 1050ع کان 1350ع تائين آهي. جنهن ڪري ليلا چنيسر جي داستان جي زمان سان گڏ مڪان تي به ٻيهر غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي.
جيئن مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ته ريڊيي جي نزاڪت کي نظر ۾ رکي ڪافي بيتن کي اشارن ۾ سمجهائڻو ٿو پويس نه ته سر ڏهر جي بيت
ڍول مَ کڻي ٻانهنڙي، پرهه مَ کڻي پاند،
ته آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.
جي معنيٰ جيڪا اسان روبرو هن کان ٻڌي، هتي ان جي پنجاهين پتي به ناهي. ڀٽائيءَ جو بيت پڙهندي ڀرپور لست وٺندو هو ۽ ايتري ئي لست وري ٻڌندڙ به وٺندو هو.
هن کي آثار قديمه سان به تمام گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري ڀٽائي سمجهائڻ سان گڏ جاگرافي ۽ قديم آثارن کان به واقفيت ڪرائيندو هلي ٿو. مثال باڊهه واري آڍاٽ جي دڙي مان مليل سڙيل ڪتابن جي ذڪر کانپوءِ اها خبر پوي ٿي ته سنڌ جي لکيل تاريخ ڇو نه ٿي ملي؟ هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته باڊهه جي ڏکڻ ۾ ڌامراهه (اڌمراءِ) جي دڙي جي دريافت ۽ ان جي تاريخ به هدايت منگيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿي.
سريراڳ جي مطالعي ۾ لکيل هدايت جو هي جملو ”دل ته چوي ٿي ته ڀٽائيءَ جي رسالي کي ماخذ بنائي تڏهوڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ جي ڪم کي جنبي وڃجي پر ان لاءِ وسيلا کپن ۽ مناسب فورم به“. يا سر کنڀات جي مطالعي ۾ لکڻ ته ”ڀٽائيءَ کي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي“، جيڪو هن 98-99 ۾ لکيو. سيخيال هدايت ۽ صرف هدايت جا آهن، ان کان پوءِ جيڪڏهن اهڙو ذڪر ٿيو آهي ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي.
انور ڏنگڙائي
11-12-2017