سُر آسا
شاهه ڀٽائيء جي سر آسا جو جائزو وٺندي، هڪ سرسري نگاهه ۾ چارئي داستان مڪمل ڪيا سون، پرهن داستان ۾ ڪجھ بيت اهڙا به آهن جن تي هڪ نظر ان ڪري به وجھڻ ضروري آهي، ڇا ڪاڻ جو انهن جو مفهوم هڪ نئين پڙهندڙ جي مدد طلبي ٿو. هڪ بيت آهي جنهن ۾ عام انساني عمل بدران ابتي عمل ڪرڻ سان مطلب حاصل ٿيڻ جي ڳالهه ڪيل آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته، عام طور لوازمات يعني لازمي عمل سان ٿيندڙ حاصالات کان علاوه به حاصلات ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ڳولائوء کي هٿن، ٻانهن، ڄنگهن ۽ دماغ کان ڪم وٺڻ جي محتاجي ڪڍڻي نه ٿي پئي. بيت ڏسو، جنهن ۾انهن محتاجين کي رد ڪيو ويو آهي؛
تحقيق جي تون ڀري، مٿي ريء کڻيج،
ٻانهُنِئان ٻَهر ٿي، ڪُشتي ڪمائيج،
سنڌن ريء ساري ٽنگون، ڄنگهن ريء ڄُليج،
حاج هٿن ريء نه ٿئي، سا ٺونٺو ٿي ڪريج،
هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
ٻيو اهڙو ئي بيت آهي؛
چُپ ڪر، چَپَ مَ چور، ٻُوٽ اکيون، ڍَڪِ ڪَن،
پاڻي پـي پيٽ مَ ڀر، کاءُ اڌورو ان،
ته جا مورت تنهنجي من، تنهن مشاهدو ماڻئين.
عربي ٻوليءَ جي جملن جي بيهڪ کي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته، جنهن ڳالهه تي زور ڏئي ڪجھ چوڻو پوندو آهي، ان لاءِ اڳ ۾ نفيءَ وارا لفظ ڪم آڻبا آهن، تنهن کان پوءِ اصل ڳالهه ظاهر ٿيندي آهي. ڪيترائي احڪام اهڙا آهن، جن کان اڳ نفيءَ جا لفظ استعمال ڪيل هوندا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر ايمان جو پهريون شرط آهي الله تعاليٰ۽ ان جي رسول کي مڃڻ. عربيءَ ۾ ان لاءِ ڪلمي جي بيهڪ لا اله سان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ الا الله اچي ٿو. انهن لفظن جي معنيٰ ڪبي ته هيئن ٿيندو، ”لا اله الاالله“ يعني عبادت لائق ڪوبه ڪونهي. ان کان پوءِ لفظ ايندا ”الاالله“ يعني سواءِ الله جي. لااله الالله جي معنيٰ ٿيندي ”ڪونهي ڪوبه معبود سواءِ الله جي“. ڀٽائي جي ڪجھ بيتن ۾ ان نفيءَ يعني انڪار کان اثبات يا هاڪار تائين پهچڻ جو رويو به آهي.
ذرا غور ڪريو، ڪلمي بابت هيءُ بيت ڪيئن نه ڳالهه کي واضع ٿو ڪري.
آڏو جو اثبات کي، سو شرڪ لاهي شڪ،
هئي جنهن ۾ حق، تنهن نفيءَ جھڙو ناهه ڪو.
انسان جي زندگي برائين، بدين، لالچن، خواهشن ۽ تمنائن سان ڀرپور آهي. انهن سڀني جي وچان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو پاڻيءَ جي اونهي پا تار ۾ پيو هجي ۽ کيس چئجي ته پاند آلو نه ڪر. ان ڪيفيت جو ذڪر ڀٽ ڌڻي پنهنجي ڏاهپ ۽ فني ڏانء سان هن طرح ڪري ٿو؛
مون کي مون پرين، ٻَڌي وڌو تار ۾،
اُڀـا ائين چون، متان پانـد پُسائيين.
پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻ کان پالهو رهي،
سالڪ مــون سيکار، ڪو پهه انهي پاند جو.
۽ ان صورتحال مان نڪرڻ جا طريقا ڪي گھڻا ناهن. ڀٽائي ان لاءِ سماجي ۽ مذهبي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي، هيئن اُڪرڻ جو سڏ ٿو ڏئي؛
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هنيون حقيقت هيرتون، ماڳ معرفت ڄاڻ.
هوءِ ثابوتيءَ ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رهين.
صوفين وٽ هڪ طريقو ڇوٽڪاري جو فنائيت آهي، جنهن ۾ انسان کي پنهنجي هئڻ جي ڪيفيت، احساس ۽ دعويٰ تان هٿ کڻڻو ٿو پئي. شعر ذريعي ان عمل کي ڀٽائيءَ هن فني سٽاء کي ڪيئن جَڙيو آهي؛
مـون، تون، آءٌ، اسين، چارئي چتان لاهه،
سنـدي دوزخ باهه، ته تو اوڏيائي نه اچي.