پکا ۽ پـنـهـوار
اڄ جي جديد سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقيءَ جي دؤر ۾ به اسين ڏسون ويٺا ته، وطن پرست هر هنڌ،ڪشمير ۾، فلسطين ۾، ڪوسو وو ۾، انيڪ ايشيائي، آفريقي ۽ لاطيني ملڪن ۾ پنهنجي آزادين لاءِ جانيون قربان ڪري رهيا آهن. هزارها اهڙا ڪردار تاريخ جا عظيم ڪردار بڻجي ويا آهن، جن پنهنجن پکن ۽ پنهوارن، وطن ۽ وطن ڄاين سان محبتن جي اعليٰ ۽ آفاقي ڳڻ سبب، تاريخي حيثيت والاري آهي. مارئيء کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، انساني عظمت جي ڊگھي تاريخ اسان جي اڳيان ڦهلي پئي آهي، جنهن ۾ پکن ۽ پنهوارن جي محبت لازوال انداز ۾ ثابت ٿي بيٺي آهي.
مارئيء جي معاملي ۾ هڙ سچ ظاهر نه ڪيا ويا آهن، پر اسان جي شاعر هزار سچ ظاهر ڪري وڌا آهن، جن جي ميسر ٿيڻ کان پوءِ اسان جو فرض بڻجي ٿو ته مارئيء جي قصي کي ڀٽائيء جي ڪلام ۾ مليل اهڃاڻن جي آئيني ۾ ٻيهر لکيو ۽ سهيڙيو وڃي. مارئي عمر ڪوٽ جي تڏهوڪي حڪمران عمر سومري جي جيل اندر اڇلائي ڦٽي نه ڪئي وئي هئي، پرسندس ڳچيء ۾ لوهه جا ڳٽ، ٻانهن، ڄنگھن ۽ پيرن ۾ زنجير، پيڪڙا، ڏنڊا ٻيڙيون هڻي چئو کنڀو ٻڌي معزور ڪري اڇليو ويو هو ۽ مٿان واهت ڪرڻ لاءِ جاسوسيء جي مقصد سان وزير ۽ جيلر مقرر ڪيا ويا هئا؛
زيـرئـيـن ٻيڙئين لـوهه ۾، ڳَٽن ڪيس ڳاههُ،
سئونڪي سندي سومري، هَڏِ نه چاڙهيم ماهه،
سرتيون دعا ڪجاهُه، ته ڀرمُ ڀاروڙيء رهي.
ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون ۽ زنجير،
پيڪڙا پيــرن ۾، ڪوٺين اندر ڪِير،
چــارِي چوگانن ۾، واهيت ڪن وزير،
ڇَن نه ڇِڄي آهيان، اهڙيء سِٽ سَريرَ،
مارو ڄام ملير، پڇج ڪِي پنهوار کي.
اهڙي بيوسي، جنهن جو انت نظر نه اچي، ماڻهوء کي پنهنجي مقصد ۽ ايمان تان ٿيڙي ڇڏيندي آهي. ابتي سبتي ڪري ٽنگيل قيدياڻي مارئي پنهنجن کي اهڙي بيوسيء ۾ به وسارڻ لاءِ تيار ڪانهي؛
ڇن نه ڇڄـي آهيان، ڪُڇن ۾ ڪوٽن،
ايندي پيم اُبتا، پيڪڙا پيرن،
هٿوڙيون هٿن، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾.
اهڙي ڪيفيت ۾ وره يا وڇوڙي ۽ فراق جو نئين کان نئون احساس پيدا ٿيڻ فطري آهي. خاص ڪري تڏهن، جڏهن وطن سان محبت اڃا جھجھي ٿئي؛
جي ويجھي ٿيان ور کي، ته سڀاڳومَ سئون،
نِت نِت آهي نئون، مون کي ورهه ويڙهيچن جو.
آءٌ ڪيئن ڇڏيان سومرا! تن پنهوارن پچار،
جڙ جني جي جان ۾، لڳي ريءَ لوهار،
ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،
پکا ۽ پنهوار، ڏِٺـي مون ڏينهن ٿيا.
پکن ۽ پنهوارن سان محبت جون هزار ميخون قيد ڪڙي ۽ ڏاڍ سان ڪٿي ٿيون ختم ٿين. هڪ بيوسيء جي آڙاهه ۾ اڇليل عورت جو عزم ته ڏسو؛
مون مَ کسجانء لوئي، مون مَ کڻجان لوئي!
ساڻ پُلاهه نه پاڙيان، سندي ڏؤنرن ڏوئي!
ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، مون ورُ مارو سوئي!
کوء سي طعام تَيُن جا، ورُ سا ڏؤئرن ڏوئي!
جھانگي جو جھنگن جو، سيڻ ڪميڻيء سوئي!
وطن کان دوريءَ جي صورتحال هن جرئت مند عورت ۾ وطن جي محبت گھٽجڻ ڪانه ڏني آهي. قيد وبند جا عذاب سندس فطري ماحول سان سندس ڳانڍاپو ڇني نه سگھيا آهن؛
وينديس وطن سامُهين، ملير منهنجو ماڳ،
ڏٿ چونڊينديس ڏيــهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ،
ته مون سنئون سڀاڳ، جي ويجھي ٿيان ورکي!
مون چاهيو پئي ته مارئيء سان ۽ سندس مائٽن، ٿر واسين، مارن سان عمر ڪوٽ جي حڪمران عمر جي ٿيل ڏاڍ، ڏهڪاء ۽ ويساهه گھاتيء بابت انهن هنڌن ۽ ماڳ مڪانن جو به تفصيل سان ذڪر ڪندو هلان، جيڪي هن واقعي سان تعلق رکن ٿا. ڀالوا ۾ مارئيء سان منسوب کوهه جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي جيڪو هڪ کوهيء وانگر آهي ۽ سلام ڪوٽ کان ننگر پارڪر ويندي ويرا واهه کان اڳ گوڙيء جي مندرن ڀرسان ڀالوا ڳوٺ کان هڪ ميل پري اڃان موجود آهي. اها کوهي البت عمر ڪوٽ کان هڪ سؤ ميل پري آهي، پر مٺيءَ کان ننگر ويندڙ مسافر ۽ سياحن جي ڏسڻ لاءِ هڪ اهڙو هنڌ آهي، جنهن کي ڏسي انساني تاريخ جو هيءُ عجيب واقعو اڳيان اچيو بيهي ٿو.
هوڏانهن عمر ڪوٽ شهر ۾ عمر جي ڪوٽ واري هنڌ ٻه صديون کن اڳ سڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي ٺهرايل قلعي يا ڪوٽ اندر وچ تي هڪ دِ ڪي ٺهيل به موجود آهي جنهن تي نالو رکيل آهي مارئيء جي قيد وارو هنڌ. ان هنڌ ڪلو يا لوهو ڪِير هڻي زنجيرن سان مارئيء کي رات جو ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ چوڌاري عمر جا جاسوس مٿانئس پهرو ڏيندا هئا. اهو قلعو ۽ ڪوٽ ۽ مارئيء جي رات جي وقت قيد جي جاءِ اڄ به ڏسڻ ۾ آسان آهي، جنهن تي ڪا ٽڪيٽ يا چُنگي رکيل ڪانهي. سياحت جا شوقين جيڪڏهن عمر ڪوٽ وڃي ان لقاء جو مشاهدو ڪرڻ چاهين ته، عمر ڪوٽ ڏانهن چوويهه ئي ڪلاڪ سواريون وڃي رهيون آهن. لاڙڪاڻي کان عمر ڪوٽ ڪل ڏهه ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي. هزارين لکين ماڻهو سياحت جي خيال کان ٿر وڃي سگھن ٿا، جن جي دلچسپي لاءِ ڀٽائيء به پنهنجي ڪلام ۾ اشارو ڏنوآهي؛
ٿڌيون وليون ٿرن ۾، ڪوڙين ڪرڙ ڪرِيرَ!
سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته، پاڪستان ۾ هزارها اهڙا هنڌ ۽ علائقا آهن جن جي سياحت جي حوالي سان اعليٰ حيثيت آهي. جتي به اوهان وڃو، اوائلي دؤر جا عجيب و غريب نظارا اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندا. سياحت کي حڪومت صنعت جو درجو ڏنو آهي ۽ هوند وارن ماڻهن کي سياحت ڪرڻ به کپي. ٿر پري ڪونهي، مارئيء جي سچي ڪهاڻي اوهان کي ٿر جي وڻ وڻ، ول ول، هر گام ۽ گھٽ، ڀتر ۽ ڀِت کان معلوم ٿيندي. ڄڻ اتان جو ماحول ئي اوهان سان خود بخود ڳالهائڻ لڳندو. عمر ڪوٽ ۾ مارئيء جو بند يا قيد يا جيل به ڏسو، پاسي ۾ تاريخ جي قهرامن جا آثار ڏسو، اڪبر اعظم جي ڄمڻ جي جاءِ ڏسو، جڏهن همايون دهليء مان زالن سوڌو شير شاهه سوريء هٿان شڪست کائي پنجاب ۽ سنڌ جي وسندين مان موت جي خوف کان ڀڄندو، عمر ڪوٽ ٻاهران هڪ ويرانيء ۾ زال کي اڪيلو ڇڏي بيوس ٿي بيوسيء اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو هو ته، زالس کي اڪبر ڄائو، هڪ جھنگ ۾، ويرانيء ۾، جيڪو پوءِ ننڍي کنڊ جو وڏي ۾ وڏو بادشاهه بڻيو. هڪ ڀيرو ٿر ڏانهن نڪري ته وڃو، اوهان ڏسندا ته چند سون جي خرچ سان اوهان لک رپين جي معلومات به وٺي ٿا اچو ۽ فطرت جي حسن جو مشاهدو به ڪري ٿا اچو.
فطرت جو حسن، جيڪو پنهنجي سماجي قدرن ۽ ڳڻن سان عورت جي ست ۽ سيل ۾ به آهي، پنهنجن پکن ۽ پنهوارن سان لازوال محبت ۾ به آهي. اهو فطري حسن وڃائڻ جو احساس مارئيء کي پنهنجن کان ڇڄڻ سان ئي شروع ٿيو ۽ ان جو ادراڪ شاهه سائين جھڙي عظيم شاعر کان علاوه ٻيو ڪنهن کي ٿي سگھي ٿو؛
سونهن وڃايم سومرا! وطن وڃان ڪيئن،
حُسن ڌاران هيئن، پسان ڪيئن پنهوار کي؟!
سونهن وڃايم سومرا! ڪيڏانهن ويم ڪمال؟
وڃان ڪيئن وطن ڏي، ههڙو وٺي حال،
جي مون ڏين جمال، ته پسان مُنهن پنهوار جو.
طعني ۽ مهڻي هاب مارئي بيوسيء جو هن طرح عجيب انداز ۾ اظهار ڪري ٿي؛
ســونهن وڃــايم ســومر! مــارُو مس مڃين،
ڏونگھا ڏاڏي پوٽئين، ڪن ڏنا ڪي ڏين،
جي مان لوهه لاهين، ته ڪوٽن ۾ ڪين هُئان.
ان مهڻي ۽ ڪنڌ ۾ پيل زنجير سان مارئي هر حال ۾ ملير موٽڻ چاهي ٿي ڀلي مُئي کان پوءِ ئي سهي؛
آئون بندياڻي بند ۾، ڪِ آءٌ پــيس بندِ،
مونهين لڳو ميهڻون، ڪِ مونهين ڪڙو ڪنڌِ،
مــران جــي هن هنڌِ، ته نجان مئٿ ملير ڏي.
هڪ حڪمران جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاء سان هڪ قيدياڻي بڻايل هن عورت جي ساڻيهه سان سڪ جو اندازو ته ڪريو، پنهنجي مٽيء سان محبت ته ڏسو؛
واجھائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
بُت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاهه،
پرڏيهياڻي پرينء رِيء، ڌار مَ ڌريجاهه،
ٿڌي وسائج ٿر جي، مِٽي مُئيءَ مٿانهه،
جي پويون ٿئي پساهه، ته نجان مڙهه ملير ڏي!