سُرُ سامونڊي
اسان جي ڌرتيءَ تي پاڻيءَ ۽ خشڪيءَ تي رهندڙ ماڻهن جا مزاج مختلف تين ٿا. اُهي رهندڙ ماڻهن جا مزاج مختلف ٿين ٿا. اهي ماڻهو جيڪي خشڪ ايراضين ۾ رهن ٿا، تن کي پنهنجن ماحول جي خبر پئي ٿي. جڏهن ته سامونڊي ڪنارن ۽ ماحول ۾ رهندڙ ماڻهون پنهنجي وايو منڊل کان واقف هوندا آهن. انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي جيڪڏهن سندن ماحول بدلائي ڏنو وڃي يا لڏ پلاڻ سبب اهي ٻئي قسم جي ماحول ۾ رهن تي محسوس ڪندا ته ٻئي قسم جي ماحول ۾ رهڻ ناممڪن نه سهي، مشڪل ضرور آهي.
خشڪيءَ تي رهندڙ ماڻهن، خاص ڪري پاڪستان جي خشڪ علائقن، ميداني يا جابلو ايراضين توڙي ريگستانن جي رهواسين وٽ جَرَ جي پاڻيءَ کان علاوه ندين، واهن ۽ ڍنڍن توڙي مينهن جو پاڻي ميسر هوندو آهي. مند سارو ان پاڻيءَ جي مقدار ۾ واڌي گھاٽي پئي ٿيندي آهي. مثال طور سانوڻيءَ ۾ مينهن ۽ درياهه جي چاڙهه سبب جھجھو پاڻي ٿئي ٿو. جابلو علائقن ۾ به مينهن سبب جھجھو پاڻي ٿئي ٿو جيڪو نَيُن، واهڙن ۽ وڏين کڏن وسيلي محفوظ به ڪجي ٿو، پر سانوڻ گذرڻ کانپوءِ اهو پاڻي کُٽي ٿو وڃي ۽ ٻيءَ مند اچڻ تائين خشڪ ايراضيون خشڪ ساليءَ يا سوڪهڙي جو شڪار ٿيو وڃن. ان جي ابتڙ سمنڊ ڪڏهن به خشڪ نه ٿو ٿئي، ان ۾ ٻارهوئي پاڻي موجود رهي ٿو. خشڪيءَ ۽ سامونڊي ايراضين جي فرق کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شعر اندر هن طرح چٽو ڪري پيش ٿو ڪري ته ڪروڙ ڀيرا سوڪهڙو ٿئي، پر سمنڊ ڪنهن به حالت ۾ سڪندا ناهن. هڪڙا ماڻهو 12 ئي مهينا موجود پاڻي جي ماحول يا سمنڊ سان ناتو جوڙي ٿا ڇڏين، پوءِ اهي واپار ۽ تجارت ۾ لعل کٽندا آهن، جھجھي ڪمائي ڪندا آهن؛
ڪوڙين جي ڪائو ٿئي، سمنڊ ڪين سُڪن،
پاڻيءَ جي پيکُ ڪيو، تيلانهن وڻجارن،
لعلون سي لهن، جتي سوردو سچ سين.
مرچنٽ نيويءَ جي ڪاروبار ۽ عمل ڀٽائيءَ جي دؤر تائين ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن وچ ۾ عام جام ٿي چڪو هو. سنڌ جا ماڻهو سامونڊي ڪنارن سان جھاز رانيءَ جو عام جام ڪاروبار ڪندا هئا. انهن جھازرانن ۾ اهي ماڻهو به شامل هوندا هئا جن جا ڀڳل ٽٽل، پراڻا ۽ استعمال ٿيل جھاز به اونهي سمونڊ ۾ هلندا هئا. هڪ اهڙو جھاز لنگر کڻي جڏهن موڪلائي ٿو ته ڀٽائي اتي موجود نظر ٿو اچي. کيس احساس آهي ته سمنڊ ۾ بي انت پاڻي آهي ۽ ان ڪري هو دعا ٿو ڪري ته هن غريباڻي جھاز کي خير سلامتيءَ سان الله پر اُڪاري ۽ منزل پهچائي؛
لُڙ، لهريون، لَسَ ليٽَ جتي انت نه آب جو،
الله اول مَ اُن جِا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکي ٿئي مَ جھاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽَ،
لڳي ڪا مَ لَپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.
تجارتي جھاز رانيءَ جو هڪ گُر اهو به آهي ته، جيڪو سامان جھاز ۾ لڏيو يا ڀريو ويو آهي، ان کي هر طرح محفوظ رکجي. مينهن، رُگھه، گِھم يا سامونڊي پاڻيءَ جون ڦهنگون سامان تي يا وکرن تي پيون ته اهو مورڳو خراب ٿي ضايع ٿي سگهي ٿو. هڪ اهڙي خراب ٿي ڪٽجي ڪارو ٿي ويل سامان ڀريل جھاز اندر گھمندي ڀٽائيءَ ان جو سبب پڇيو ته خلاصين کيس ٻڌايو ته جھاز ۾ پاڻي پئجي ويو هو، جنهن ڪري وکر يا ان ۾ ڀريل سامان ڪٽجي خراب ٿي ويو هو؛
منهنجا پيئي مڪُڙي، ڪاجا پاڻيءَ پِڪَ،
وکر هڻي وِنڪ ڪٽجي ڪارو ٿيو.
ان ريت پاڻيءَ کان بچاءُ جو بندوبست نه رکندڙ جھازي پنهنجي زيان تي هنجھون هاريندا ڏسي ڀٽائيءَ چيو؛
منهنجا پيئي مڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ بوند،
سي ئي ڏٺم رُوند، وکرُ جن وڃائيو.
خشڪيءَ تي رهندڙن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي ناهي ته جھاز راني ڪيڏو لاڀائتو ڌنڌو آهي. شپنگ انڊسٽري دنيا جو هڪ عجيب ۽ نهايت مفيد ڪاروبار رهيو آهي، رڳو اڄ ئي نه، صديون اڳ به سامونڊي ڪاروبار ايترو لاڀائتو هو، جو خشڪيءَ جي ڪاروبارن ۾ هڻ وٺان ڪندڙ واپارين جي هڪ ميڙاڪي يا گيدرنگ (Gathering) ۾ ڀٽائيءَ کين چيو؛
سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جَرُ وهي ٿو جال،
سوين وهن سِير ۾، ماڻڪ موتي لعل،
جي ماسو مِلئي مال، ته پُوڄارا پُر ٿئين.
سي پُوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق کان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.
سنڌ جا سامونڊ ڪنارا هر قسم جي بين الاقوامي ڪاروبار لاءِ ڏاڍا ڪارائتا رهيا آهن. رڳو سنڌ جا نه، بلڪه جن ملڪن کي سمنڊ ميسر آهي اهي موج ۾ آهن. اندازو ڪريو ته سمنڊ ۾ جھاز راني ته ٿئي پر انفرادي طور به ماڻهو گھتون هڻي (Dive) ڪري اونهي پاڻيءَ جي تري مان قيمتي شيون ڳولهي لک ڪمائين ٿا. اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڀٽائيءَ هينئن ڪيو آهي؛
ايءُ گت غواصن، جيئن سمنڊ سُوجهيائون،
پيهي منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.
ويا جي عميق ڏي، مَنهن ڪائو ڏيئي،
تن سِپون سُوجھي ڪڍيون، پاتاران پيهي.
پسندا سيئي، املهه اکڙين سين.
منهن تي ڪائو چاڙهي پاتار ۾ لهندڙ مردن ۽ عورتن جو عمل صدين کان جاري آهي. هاڻ ته اهو هڪ وڏو ڌنڌو ٿي پيو آهي جو نيشنل جاگرافڪ سوسائٽي ۽ اهڙين ٻين تنظيمن پاران assignments کڻي ماڻهو سمنڊن جا پاتار جاچي رهيا آهن. 1912ع ۾ ٻڏل ٽائيٽينڪ کي به اهڙن منهن ڪائو ڏيئي پاتار ۾ پيهندڙن ڳولي لڌو. اهي ماڻهو پاتارن جا ڳجھه ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ فطرت جا عجيب و غريب ڪرشما ۽ لقاءَ عام منظر تي اچي رهيا آهن. ڀٽائيءَ جي روبرو به اهڙا ماڻهو ان عمل ۾ سرگرم هئا.
ڀٽائي سامونڊي تجارت جي ڪيترن وکرن جو به ذڪر ڪري ٿو. سندس اهي بيان ٽي چار صديون اڳ جي ڌنڌن ۽ ڪاروبارن جي تاريخ پڌري ڪن ٿا. ان دؤر جي ڌنڌن ڪاروبارن تي ٻيو ڪو ڪتاب ميسر ڪونهي، سواءِ يوناني، چيني ۽ عرب سياحن جي ڪتابن ۾ ٿوڙي ذڪر جي، جن به جزوي طور حوال ڏنا آهن. ڀٽائيءَ جو ڪلام ان ريت تاريخ جو هڪ وڏو ڀرپور ۽ شاهوڪار ماخذ پڻ آهي؛
وکر ڍيرئون ڍير، پر وِهائو ويسرا،
ڪنين وِهائي وس ڪَيو، وکر وڏيءَ وير،
ڪنين گھمندي سَير، وکر وڪامي ويو.
لوڻ ٺاهڻ جو ڌنڌو به ساحلي علائقن جو وڏو ڌنڌو آهي، ڀٽائي لوڻ جي اهڙي واپاريءَ کي ڊاڙ ٻٽاڪ هڻندي ٽوڪي ٿو ته تون ڌنڌو لوڻ جو ٿو ڪرين ۽ ٻٽاڪ کٿوريءَ جي واپاريءَ جھڙي ٿو هڻين!
وکر وهائين لوڻ، رنگ کٿوڙيءَ جو گھرين،
ڀونگو تنهنجو ڀر تي، جم ڳالهائين ڪُوڙ،
جم وڃائين مُور، کٽيو تنهنجو گھوريو.
واپارين جي جھڳٽي ۾ ڀٽائي ڪاروباري اسمن تي راءِ ڏيندي چئي ٿو؛
وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولايت ۾، ذور ٿئي نه ضاع،
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنھنجي اُبهين.
سنڌ جي مختلف سامونڊي بندرگاهن تان رواني ٿيل جھاز بابت ڀٽائيءَ جي ڪلام مان سڌ پئي ٿي ته اهي عربستان ۽ هندستان جي بندرگاهن ڏانهن توڙي يورپ ۽ ڏور اوڀر جاپان تائين سفر ڪندا هئا. ان ڪري ڀٽائي عرب ملڪن، هندستاني بندرگاهن ۽ جاپان جو پنهنجي شعر ۾ امالڪ ذڪر ڪيو آهي جنهن جي بنياد تي تاريخ لکي سگھجي ٿي. ڀٽ ڌڻي انهن سنڌ جي بندرگاهن تي رهندو يورپي جھازن توڙي ٻيڙن ۾ چڙهيل پورچوگالي، فرانسيسي ۽ انگريز خلاصين، فوجين ۽ سامونڊي چورن، قذاقن وغيره جو به مشاهدو ڪري ٿو. اهو ئي دؤر يورپي حملي آورن جي ڦيرن جو به دؤر آهي، جڏهن اهي ڏکڻ ايشيا تي عام جام لامارا ڏيندا هئا. ڀٽائي ان صورتحال کان سنڌ کي چتاءُ به ڏنو آهي. هو اونهي سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ تي چڙهي اتان جا لقاءُ هن طرح بيان ٿو ڪري؛
دنگي وچ درياهه، ڪي ٻُڏي، ڪي اُپڙي،
هُوجي واڍي واڻيا، سي سوهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳهين، فرنگي منجھ ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍنگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
اڄ جي دنيا ۾ننڍي کان ننڍي قيمتي شيءَ کان وٺي انساني زندگيءَ جو ويمو به ٿئي ٿو ۽ سڄي دنيا اندر انشوئرنس ڪمپنيون سرگرم آهن. اهو ڪاروبار ڀٽائيءَ جي دؤر ۾ به هو ۽ ان جي اهميت ڀٽائي هيئن بيان ٿو ڪري؛
وت ويمي جو جي لهين، ته ٻي ڪار مَ ڪرين ڪا،
سا پروڙج ڳالهڙي، وڻجارن وٽان،
موتي جن هٿان، آندءِ گھڻي ادب سين.