لطيفيات

سڀ پسندا پار

ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي. هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4582
  • 949
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ پسندا پار

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ جو احوال

گهڻا ماڻهو، ڀٽائي رح جي زندگيءَ بابت ڄاڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته ڀٽ ڌڻيءَ بابت سنڌ ۽ ان کان ٻاهر اٽڪل روزانو هڪ نه ٻي تقريب ٿئي ٿي، پر ان ۾ محض ڀٽائيءَ جا چند بيت پڙهي گڏجاڻيون ڪوٺائڻ وارا پنهنجي مطلب جي ڳالهه پوري ڪري هليا ٿا وڃن. جڏهن ته اهو ضروري هوندو آهي ته جنهن شخصيت بابت ڪا تقريب ٿئي، ان بابت سڀ کان اڳ هن جي شخصي زندگيءَ جو جائزو پيش ڪيو وڃي.
سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جون سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ادبي حالتون ڪهڙيون هيون. انهن حالتن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ ڀٽائيءَ جي دور جي سنڌ کي سمجهڻ ۽ خود سندس زندگيءَ ۽ ڪارنامن کي سمجهڻ ممڪن ئي نه ٿيندو.
مختلف تاريخي ۽ نسلي حوالن سان معلوم ٿو ٿئي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عربستان جي هاشمي سيد گهراڻي سان تعلق هو. نسب جو شجرو هن ريت هئس. هاشم جي پٽ عبدالمطلب جي پٽ عبدالله کي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ڄائو، جنهن کي خاتون جنت حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ سڀني کان وڌيڪ پياري ڌيءُ هئي. ٻئي طرف عبدالمطلب جي پٽ ابو طالب کي علي المرتضيٰ پٽ ڄائو، جنهن جو عقد نڪاح بيبي فاطمة الزهريٰ سان ٿيو. سندس اولاد ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جو پٽ امام زين العابدين ٿيو، جنهن کي امام محمد باقر ٿيو، جنهن مان امام جعفر صادق ۽ پوءِ امام موسيٰ ڪاظم ۽ ان مان امام زاده عراقي ٿيو. شجري موجب امام حسين عليه السلام کان اٺاويهين پيڙهيءَ ۾ شاهه لطيف پيدا ٿيو. امام زاده عراقيءَ کان پوءِ لطيف جي وڏن ڏاڏن جا نمبروار نالا هن ريت ملن ٿا؛
سيد جعفر شاهه، سيد حسين الڪبريٰ شهزادو، سيد علي جواري، سيد ابراهيم شاهه، سيد حسين شاهه شيرازي، سيد يوسف شاهه، سيد علي، سيد حسين شاهه ترمذي، سيد مير علي شاهه هراتي، سيد حيدر شاهه، سيد مير علي شاهه، سيد شرف الدين، سيد جلال محمد شاهه، سيد حاجي شاهه، سيد هاشم شاهه، سيد عبدالمؤمن شاهه، سيد لعل شاهه، سيد عبدالڪريم شاهه بلڙيءَ وارو، سيد جمال شاهه (ڀٽائيءَ جي روزي اندر گڏ رکيل)، سيد عبدالقدوس شاهه، سيد حبيب شاهه، سيد عبداللطيف شاهه ڀٽائي، جيڪو بي اولاد هو.
جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ جي دور ۾ تاريخ نويس، خاص ڪري تحفة الاڪرام جي سيد علي شير قانح، شاهه جي حياتيءَ تي هڪ مختصر پئراگراف لکيو آهي ۽ ارڙهين صديءَ جي ٻين حالتن بابت به اختصار سان لکيو اٿس، پر اوڻيهين صديءَ تائين ڀٽائيءَ جي حياتيءَ بابت احوال گهڻو تڻو صدري ذريعن ۾ دفن هو. اوڻيهين صديءَ ۾ به جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ پنج رسالا ڇپجي پڌرا ٿيا، پر حياتيءَ جي احوال جو حوالو ويهين صديءَ جي منڍ وارن محققن چڱيءَ ريت ڏنو ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ گربخشاڻيءَ مٿس تفصيل سان بحث ڪيو.
شاهه لطيف ڀٽائي موجوده ڀٽ شاهه کان ٽنڊي آدم ويندڙ رستي سان هڪ ننڍڙي ڳوٺ هالا حويليءَ ۾ شاهه حبيب جي گهر ۾ هجري سن 1102 ۽ عيسوي سن 1689-90ع ۾ جنم ورتو. اهو سترهين صدي عيسويءَ جو آخري ڏهاڪو هو. شاهه جي ڄمڻ کان ٽي سئو سال اڳ جڏهن 1398ع ۾ تيمور لنگ هرات فتح ڪيو ته شاهه جي ڏاڏي سيد مير علي شاهه هراتي کي، جيڪو محمد شاهه شيرازيءَ جو پٽ هو، هن کي هندوستان ۾ پنهنجو ايلچي ڪري موڪليو ۽ سڀني ڀائرن سان گڏجي هو هندستان آيو. سندس پٽ حيدر شاهه کي هالن جي هڪ امير ماڻهوءَ، شاهه محمد ڌيءَ جو سڱ ڏئي نياڻو ڪيو ۽ هو اتي رهي پيو. حيدر شاهه هالاڪنڊي (موجوده هالن ۾) ساڍا ٽي سال رهيو ۽ هرات ۾ پيءُ جي وفات جو ٻڌي هرات موٽي ويو. سندس حمل سان گهر واريءَ مير عليءَ کي جنم ڏنو جيڪو متعلوي سيدن جي گهراڻي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جو تعلق امام موسيٰ ڪاظم جي پٽ سيد جعفر ثاني هجويريءَ سان آهي. هن ڪٽنب مان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سنڌيءَ جو اعليٰ پائي جو شاعر ٿيو جيڪو ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو هو. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو جنم 1537ع ۾ ٿيو ۽ وفات 1620ع ۾ ٿيس. سندس رسالو به ڇپيل آهي.
شاهه ڀٽائيءَ جو پيءُ حبيب شاهه به علم ادب جو ڄاڻو ۽ هزارين ماڻهن جو مرشد هو، پر ڀٽائي پيري مريديءَ کي هٿي ڪانه ڏني سواءِ هڪ واقعي جي، جو، جڏهن هن پيءُ جي بيماريءَ سبب هڪ مريد مرزا مغل بيگ جي گهر وڃي هڪ جوان ڇوڪريءَ جي آڱر جهلي چڱڀلائي جي دعا ڏيندي پيغامِ محبت ڏنو.
ڀٽائيءَ جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو، ان بابت سندس سوانح نگارن کي ڪو به مستند احوال ڪونه ملي سگهيو آهي. سيد علي شير قانح پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ شاهه ڀٽائيءَ کي اُمي يعني اڻڄاڻ ۽ اڻ پڙهيل لکيو آهي. البت شاهه جي تصوف ۽ اعليٰ پائي جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو اٿس.
روايتي طور لکيو ويندو آهي ته شاهه لطيف ڇهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ حبيب شاهه سان رلجي ڳوٺ وائيءَ ۾ آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ سندس مدرسي ۾ داخل ٿيو. روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه ان مدرسي ۾ الف کان اڳتي نه چريو ۽ چيائين ته الف کان اڳتي ڪجھه ئي ڪونهي، ”بي“ ڇو پڙهان. چئي نه ٿو سگهجي. اڳتي هلي شاهه جي ويهن ورهين جي ڄمار تائين ڪو حوالو ڪو احوال ملي ئي نه ٿو. جڏهن هو مرزا مغل بيگ جي گهر سندس ڌيءُ کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ دعا ڏيڻ ويو. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ويهن ايڪيهن ورهين جي ڄمار تائين شاهه گھٽ ۾ گھٽ 15-14 سال لڳاتار مدرسي ۾ پڙهيو ۽ عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا وٺي وڏو عالم ٿيو. ان وچ ۾ هن پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي فارسي ۽ سنڌي شاعري به پڙهي، مثنوي مولانا روم جو به مطالعو ڪيو، مختلف عالمن سان بحث مباحثا به ڪيائين ۽ گڏوگڏ همعصر ٻولين هندي، ڍاٽڪي ۽ سرائڪيءَ جي شاهپارن جو مطالعو پڻ ڪيائين، جن جو ثبوت انهن ٻولين جي بيتن، چوڻين، پهاڪن، اصطلاحن ۽ فلسفي جي سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اپٽار مان ملي ٿو.
دل ٿي چئي ته جيڪر ڀٽائيءَ جي علم ۽ گيان بابت سندس سوانح نگارن جي اڻ ڄاڻائي تي ڊگهو بحث ڪجي، ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جو دور خود اعليٰ درسگاهن جو دور آهي جن ۾ علم ۽ عرفان جا سڀ ذريعا موجود هئا ۽ جن ۾ ڀٽائيءَ جي اچ وڃ جا ثبوت به ملن ٿا. هن جوانيءَ ۾ ئي ايترو جهجهو علم حاصل ڪيو جو جهرڪ جي شاهه عنايت صوفيءَ سان به مليو، جنهن 1718ع ۾، ڀٽائيءَ جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. ڀٽائي، مخدوم محمد معين ٺٺويءَ سان به ڪچهرين ڪيون، جنهن پوءِ 1747ع ۾ وفات ڪئي. هو کهڙن جي عالم مخدوم محمد سان به مليو، جنهن 1757ع ۾ وفات ڪئي. ڀٽائي مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري سان به مليو، جيڪو پوءِ 1770ع ۾ وفات ڪري ويو. انهن جيد عالمن سان ڀٽائي نه رڳو مليو پر انهن سان علمي بحث مباحثا به ڪيائين، جن بابت سندس شاعريءَ ۾ بيت به ملن ٿا. ان ڪري اهو چوڻ ته شاهه امي يا اڻ پڙهيل هو، سا ڳالھه ٺهي ئي ڪانه ٿي. ڪنهن به وڏي عالم سان ڪنهن اڻ پڙهيل جي بحث ۽ علمي ڏي وٺ جو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿئي، جڏهن ته اهي سڀ عالم پنهنجي دور جا اهي عالم هئا، جن علم و ادب جي نه رڳو لازوال خدمت ڪئي پر گڏوگڏ صدين تي محيط پنهنجي فلسفي ۽ نڪتئه نظر کي پڻ ڇڏيو.
شاهه جي ڪلام جي مواد کي بغور پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن عالمن سان ملاقاتين کان علاوه هن گھٽ ۾ گھٽ ٻين مختلف طور طريقا رکندڙ صوفي منش ماڻهن، سنياسين، فقيرن، جوڳين، حڪيمن، نفسيات دانن، پنڊتن ۽ فقيرن سان به گهاٽيون ڪچهريون ڪيون. ان کان علاوه هن عربي، فارسي، هندي ۽ سرائڪي ٻولين جي شعر و ادب جو پڻ گهرو مطالعو ڪيو جنهن ڪري انهن ٻولين جو سڄو جوهر به سندس ڪلام ۾ اٿاهه نموني موجود آهي.
شاهه لطيف ان ريت رڳو آخوند نور محمد ڀٽيءَ جي مدرسي تائين محدود ڪونه رهيو، بلڪه سنڌ کان علاوه هندوستان جي ڀروارن پرڳڻن جا به دورا ڪيائين ۽ اتان جي عالمن سان به مليو.
ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي، جڏهن کيس حبيب شاهه ارغونن جي گهر سيده بيگم کي دعا ڦيڻو پڙهڻ لاءِ موڪليو ته هن ويجهي کان نهايت خوبصورت دوشيزه ڏٺي، جنهن جو تعلق حڪمران گهراڻي سان هجڻ ڪري سندس رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ ۽ اٿڻي ويهڻيءَ شاهه کي موهي ڇڏيو. ان ڏينهن کان علاوه اهڙو ٻيو ڪوبه واقعو ڪونهي، جڏهن شاهه لطيف عورت جي حسن کان ايڏو ڇڪجي ويو هجي، بعد ۾ هن پنهنجي ڪلام ۾ هنڌ هنڌ عورت جي حسن ۽ خوبين جو اظهار پئي ڪيو آهي. سيده بيگم جي سڱ لاءِ حبيب شاهه ارغونن وٽ ويو ته هنن مورڳو سيدن کي لڏي علائقو ڇڏي وڃڻ لاءِ چتاءُ ڏنو ۽ سيد سڳورا ڳوٺ ڇڏيندا، لڏو کنيو هنڌ هنڌ رلندا رهيا. ان وچ ۾ نوجوان لطيف موجوده ڀٽ شاهه جي علائقي ۾ واريءَ جي ڀِٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ هڪ ڀيرو اهڙو ته ڪمزور ٿي ويو جو ڀِٽ جي واريءَ هوا لڳڻ سبب مٿانئس لٽ وجهي ڇڏيو. ڪو عضوو يا ڪپڙو ظاهر هئس. پڻس حبيب شاهه سندس باري ۾ پڇائون ڪندو پير کڻندو اچي هن جي ڍير تي بيٺو ۽ مٽيءَ ۾ لٽيل ڏسي چيائين؛
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي،
ته واريءَ اندران شاهه جواب ڏنو؛
پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
شاهه حبيب پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي گهر موٽڻ ۽ پيري مريدي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو پر هن کي اها ڳالھه پسند ڪانه آئي ۽ هن چئي ڏنو،
پنڻ جي پورهئي سان، ڪنهن نه ڀريا پل
مانجهي سي املهه، هر جـنـي جي هٿ ۾.
ان زماني ۾ زراعت سنڌ ۾ پنهنجي ضرورت سارو ان پيدا ڪندي هئي ۽ ڪجھه آبپاشيءَ جي نظام وجهڻ جا بندوبست به ٿيا. اتر ۽ اولهه سنڌ ۾ ڪلهوڙن حڪمرانن اوائلي واهڙن ۽ درياهه جي ڪجھه ڦاٽن کي بَند هڻي ٻنيون آباد ڪيون، جن ۾ پيدا ٿيندڙ اناج جو اڌ دهليءَ جا حڪمران کڻي ويندا هئا. لاڙ جي ميان شاهه عنايت شهيد ته مورڳو سنڌ ۽ دهليءَ جي سرڪارُن سان بغاوت ڪري زراعتي فقيرن جو هڪ لشڪر جوڙيو، جنهن نوان واهه کوٽي هزارين ايڪڙن تي نيون زمينون آباد ڪيون ۽ هن زرعي هلچل سڄي سنڌ ۾ زراعت ڪاريءَ کي هڪ اهم اقتصادي ۽ سياسي سگهائي جو روپ ڏنو. شاهه عنايت سان ڪلهوڙن جي فوجن چوٽون به کاڌيون ۽ باقاعده جنگيون ڪيائون، جن دوران ڀٽائي جنگي اوزارن جوڙڻ جا ڪارخانا به ڏٺا ۽ جنگين جا منظر به.
اهو شاهه لطيف جي جوانيءَ جو زمانو هو. سنڌي هارين جي پهرئين تاريخي اڀار ۽ زرعي اقتصاديات کي اڀارڻ خلاف ڪيل سندن هٿياربند جنگ جو نتيجو اهو نڪتو جو مغلن جي جاسوسن ۽ ڪلهوڙن جي ايلچين دوکو ڪري شاهه عنايت سان ٺاهه جو منصوبو بنائي، ٺاهه تي پهچي، کيس اچتو قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تان سنڌ ۾ شديد خونريزي ٿي. اها خونريزي شاهه اکئين ڏٺي، جنهن تي هن ڪيترائي بيت لکيا جيڪي پوءِ مريدن ڪيڏاري ۾ شامل ڪيا.
شاهه جي رسالي پڙهڻ سان لڳي ٿو ته هو جهوڪ واري جنگ جي محاذ تي تيغون تراريون تيز ڪندڙ ماهر فوجين سان گڏ وڃي رهيو ۽ ڪنهن حد تائين فوجي هٿيار سازيءَ جي هنر ۾ هٿ به ونڊايائين، ورنه هو هٿيارن جي تياريءَ بابت تُز بحث نه ڪري ها، جن مان هن جو مشاهدو تجربي جهڙو ڏيک ٿو ڏئي.
سنڌ جي اقتصادي ۽ سياسي آزاديءَ جي اها جنگ هارائجندو ڏسي شاهه شديد نموني مايوس ٿيو، البت هن جيڪا جنگي يا رزميه شاعري ڪئي آهي اها دنيا جي ٻئي ڪنهن به رزميه شاعريءَ سان ڀيٽن جوڳي آهي.
ڀڳو آنءُ نه چوان، ماريو ته وَسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته ڪر لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
سامهون ٿي وڙهڻ ۽ ميدان ۾ پٺ ڏئي نه ڀڄڻ بهادريءَ جو ڪم آهي، جنهن جي روايت ڀٽائيءَ کي ميدانِ ڪربلا جي جنگ جي شاندار بهادريءَ مان به ملي ٿي. هن ان ڪري ڪربلا ۽ جهوڪ جي جنگ تي ڪيڏارو لکيو جيڪو جوانيءَ جي پُور ۾ هئڻ باوجود نهايت سنجيده نوع جي شاعريءَ جي تخليق چئي سگهجي ٿو.
شاهه جي سوانح نگارن گهڻي قدر اهو تاثر پئي ڏنو آهي ته، هو جوانيءَ جا ٽي سال سفر ۾ رهيو ۽ ڏکڻ الهندي سنڌ، بلوچستان ۽ لاڙ ۾ سنڌ جا اڪثر ضلعا، اوڀر - ڏکڻ سنڌ جا ڪي ضلعا، ٿر، ڀُڄ، ڪڇ جو رڻ، لکپت، ڪاٺياواڙ، جيسلمير، جوڌپور ۽ جئي پور تائين ويو ۽ انهن ٽن سالن ۾ ئي هن سنياسين، ساڌُن، جوڳي فقيرن وغيره سان ميل ملاقاتون ڪيون. ان نوعيت جي تاثر سان نه معلوم هنن ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شايد هنن ايئن شاهه کي جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن پير جي گاديءَ تي ويهارڻ ۽ پيرُ يا پُڄائڻ وارو، ٽوڻن ڦيڻن، ڌاڳي تعويذ لکندڙن ۽ پاڻي پڙهي ماڻهن سان دوکا ڪندڙ جو کيس روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن شاهه جي سرگرم ترين عالم، مفڪر، فلسفي ۽ بي انتها باشعور شاعر ۽ دانشور جي ڪردار کي مسخ ڪري سگهجي.
پر حقيقت ائين ناهي، شاهه لطف الله قادري شاهه سائينءَ جي ڄمڻ کان ڏهه سال اڳ وفات ڪري ويو هو. (79 - 1616ع) پر سندس ٽي ڪتاب تحفته السالڪين ،منهاج المعرفت ۽ سنڌي رسالو شاهه جي مطالعي ۾ آيا ۽ لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ آيل ٽن سُرن آديسي، سامي ۽ ڪاپڙيءَ جي صوفي ڪردارن بدران ڀٽائيءَ انهن ڪردارن کي اصلي ۽ حقيقي رنگ ۾ سُر سريراڳ، سامونڊي ۽ کاهوڙيءَ ۾هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو.
نصرپور واري شاهه عنايت رضويءَ (1712 - 1622ع) نوي ورهين جي ڄمار پاتي. هو اعليٰ پائي جو عالم، مفڪر ۽ شاعر هو. شاهه لطيف جوانيءَ ۾ هن جيد عالم ۽ صوفيءَ سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون ۽ تصوف، فڪر، فلسفي، سنڌي سماج جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي قدرن بابت ساڻس بحث مباحثا ڪيا.
شاهه عنايت رضوي به لطف الله قادريءَ وانگر قادري طريقي جو عالم هو، پر پنهنجي شاعريءَ ۾ هن، شاهه لطيف جي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري وانگر سنڌ جي لوڪ داستانن کي شعر جو موضوع بنايو ۽ ڪاپڙي، آديسي ۽ سنياسي ڪردارن جي زندگيءَ تي شعر لکيا، جيڪي شاهه جي شاعريءَ جو به موضوع رهيا آهن. شاهه عنايت رضوي 1712ع ۾ وفات ڪئي.
ساڳئي ئي سال، يعني 1712ع ۾ جهوڪ شريف ۾ شاهه سائينءَ جي گهري دوست ۽ سنڌ جي هڪ تاريخي ۽ انقلابي ڪردار شاهه عنايت کي ڪلهوڙا حڪرانن ۽ دهليءَ جي تخت نشين مغلن سازش ڪري شهيد ڪرايو. شاهه عنايت شهيد سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ”کيڙين سي کائن“ جو نعرو بلند ڪري فقيرن جي هڪ وڏي فوج بنائي، جنهن لاڙ توڙي ٻيءَ سنڌ ۾ واهه کوٽيا، سنڌونديءَ جي پاڻيءَ کي زرعي زمينن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اناج نه رڳو اپايو، پر بچت اناج کي گودامن ۾ محفوظ ڪرايو ۽ دهلي سلطنت کي ڏن يا سنڌ جي اڻ ڪيل گناهن جي ڏنڊ طور اناج کڻڻ نه ڏنو. ائين ڪرڻ سان هن ڪلهوڙن کي ۽ سندن ڦِلـهِـڙي سرڪار کي للڪاريو به. ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجي ملڪ جو اناج دهلي سرڪار کي موڪلي پنهنجي سرڪار کي بچائڻ ٿي چاهيو پر عنايت شهيد اهو اناج پنهنجي عوام جي ضرورتن لاءِ محفوظ ڪيو ۽ ان مان مارڪيٽ ۾ آڻڻ کانپوءِ، جا، ڪمائي ٿي سا واهن جي کوٽائي، سٺن ٻجن وٺڻ ۽ اڳتي جي ضرورتن خواهه انتظامي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي. ڪلهوڙن هڪ ئي وقت ٻه حڪومتون ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيون؟ اهي هٿ ڌوئي عنايت شهيد جي پٺيان پئجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ پڻ لڳي، جنهن ۾ شاهه عنايت جي فوجن باضابطه طور جنگي فن جي سکيا به ورتي ۽ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو نيٺ سرڪار ڳالهين ڪرڻ تي مجبور ٿي. ايلچين کان وٺي اعليٰ قيادتن تائين ڳالهيون ٿيون ۽ امن معاهدو طي ٿيو، پر اوچتو شاهه عنايت جي تنبوءَ تي راتاهو هڻي کيس شهيد ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجھه ڀٽائيءَ جي جوانيءَ ۾ سندس ئي تَــر ۾ ٿيو ۽ وَهيو. ڪن سوانح نگارن تاريخ جي حقيقتن کي ۽ خود ڀٽائيءَ جي اعليٰ فلسفي ۽ فڪر کي مسخ ڪرڻ لاءِ الزام هنيو آهي ته، شاهه عنايت جي شهادت ۾ به ڀٽائيءَ جي مائٽ سيدن جو هٿ هو. هن الزام کي ڪوبه ثابت نه ٿو ڪري سگهي. پورهيت طبقن وچ ۾ اتحاد جو جيڪو بنياد سنڌ جي تاريخ جي ان دور ۾ عنايت شهيد وڌو تنهن بابت ڀٽائيءَ فرمايو؛
ڏکيون جان نه مِڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
ٻيون هونءَ ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.
1712ع ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي نصرپور ۾ وفات ۽ شاهه عنايت شهيد جي شهادت جا ٻه اهڙا واقعا آهن، جيڪي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ مختلف وقتن تي زير بحث آيا آهن. ڪيڏاري جا ڪجھه بيت اهڙا آهن، جن ۾ عنايت شهيد ۽ سندس جنگي جوڌن جي بهادريءَ جو ذڪر آيو آهي.
شاهه لطيف اهو پڻ مشاهدو ڪيو ته جهوڪ واري جنگ کان پوءِ وقت جي سرڪار ماڻهن اڳيان خوار ٿي ۽ ملڪ اندر افراتفري ۽ ڇڙواڳي پکڙجڻ لڳي، جنهن تي ضابطو آڻڻ ڪلهوڙن جي وس کان ٻاهر نڪري ويو. اها صورتحال ان حد تائين وڌي وئي جو، چڱن خوشحال گهراڻن جا ڪٽنب، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي حملن سبب تباهه ٿي ويا. انهن ڪٽنبن ۾ اهي مغل به شامل هئا، جن شاهه لطيف کي سيده بيگم مغل جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڌاڙيلن حملا ڪري ان ڪٽنب کي تباهه حال ڪري ڇڏيو ۽ انهن حملن ۾ گهر جا سڀ مرد به مارجي ويا. مغلن جي عورتن اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته شاهه لطيف صوفيءَ کي سڱ کان جواب ڏيڻ ڪري مٿن قدرتي آفتون لٿيون جن ۾ اهي برباد ٿيا. اهو سوچي هنن ميڙ منٿون ڪري شاهه کي سيده بيگم سان شادي ڪرائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ هو موجوده ڀٽ شاهه جي تڏهوڪن واريءَ جي انيڪ دڙن مان هڪ وڏي دڙي تي گهر اڏي اچي ويٺو. سندس والد شاهه حبيب وفات ڪئي ته ڀٽائيءَ کيس هن ئي ڀٽ تي دفن ڪرايو، جنهن جي قبر شاهه جي قبر جي مٿن کان الڳ ٺهيل آهي.
عمر جي لحاظ کان به ۽ ذهني لحاظ کان به اهو دور ڀٽائيءَ جي بلوغت جو دور هو، جنهن ۾ هن پنهنجي گهر ڀرسان مسجد به تعمير ڪرائي ۽ ڀر ۾ ئي قبرستان به ٺهرايو جنهن جي وچ تي هاڻي سندس مزار به آهي.
راڳ ۽ موسيقي ڪلهوڙا حڪمرانن وٽ گناهه هئا. ڪلهوڙا حڪمران سني طريقي جا هئا پر شاهه وٽ سني ۽ شيعي جو فرق نه هو. اٽلو شاهه ڪيڏارو لکي علي عه ۽ هن جي اولاد سان ٿيل عقوبتن ۽ ڪربلا جي جنگ جا منظر پنهنجي ڪلام ۾ آڻي سنڌي سماج جي مذهبي فڪر کي نئون رنگ ڏنو. شاهه ڪلام جي مرتبن مان رڳو علامه آءِ آءِ قاضي اهڙو مرتب آهي جنهن رسالي مان اهو چئي ڪيڏارو ڪڍي ڇڏيو آهي ته، شاهه شيعو نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهو ڪلام سندس ڪونهي.
مسلڪ جي لحاظ کان ڀٽائي انتهائي فراخدل هو. سني ۽ شيعه ته ٺهيو، هن هندو فقيرن ۽ جوڳين تي ڪيترائي سُر لکيا ۽ سندن زندگيءَ جي طور طريقن تي پنهنجا ويچار ڏنا.
منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.

حسن مير حسين جو، جن نه هينئڙي جارُ،
خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن کي.

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ.
اهي اهڙا بيت آهن، جن مان ڀٽائيءَ جي چوڌاري موجود مختلف مسلڪن ۽ مذهبن جي ماڻهن جي چؤياري ثابت ٿئي ٿي، جتي مذهبي ڀيد ڀاءُ ناهي. راڳ ۽ موسيقي اڪثر مذهبي عالمن کي فضول بلڪه حرام عمل لڳندا آهن، پر ڀٽائي نه رڳو پاڻ تنبورو ۽ يڪتارو وڄائي ڳائيندو هو. پر سندس ڪچهري پڙهيل پنڊتن، گوين ۽ ڳائڻن سان ڀريل هوندي هئي ۽ ڏينهن رات اها سرگرمي جاري رهندي هئي. ڀٽائيءَ پنهنجي دور ۾ هند ۽ پنجاب جي ڳائڻن، راڳين ۽ شاعرن جون مجلسون به ڪيون جنهن ڪري سندس فقيرن هندي، پنجابي، سرائڪي ۽ ڍاٽڪي ڪلام به لکي محفوظ ڪيا، جيڪي بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام طور به شامل ٿيا ۽ وري ڪن مرتبن اهڙي ڌارئي ڪلام کي الڳ ڪري رسالا ڇپرايا ۽ اهو عمل اڄ سوڌو جاري آهي.
ڀٽائيءَ جي سوانح نگارن جو تعداد جيتوڻيڪ وڏو ڪونهي، پر پوءِ به ڏيهي پرڏيهي، ڊزن کن اهڙا ماڻهو آهن جن ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. ان هوندي به اهڙو ڪو هڪ به سوانح نگار ڪونهي جنهن اهو ٻڌائي سگهيو هجي ته، پيٽ گذر لاءِ ڀٽائي ڪهڙو ڌنڌو ڪندو هو. ڀٽائيءَ جي هم عصر تاريخ نويسن به ڀٽائيءَ کي فقط صوفي شاعر ئي سڏيو آهي ۽ هن جو ڪو ڌنڌو ڌاڙِي ڪونه ٻڌايو اٿائون.
حقيت اها آهي ته، تاريخ جا عظيم ڪردار پنهنجي وايو منڊل يا ماحول اندر ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي ڪندا هئا، ان حوالي سان ڪن ٿورڙن مفڪرن ۽ فلسفين جي ڪِرت جو ڏس پتو ملي ٿو، پر اڪثر پنهنجي علم ۽ عرفان جي ڌنڌي خفي ۾ جنبيل لڀندا. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته هو زراعت پيشه هارين ۽ آبادگارن جي جهڳٽي ۾ به هو، جن جي زرعي پيشي کي هن املهه پيشو سڏيو آهي. گمان آهي ته هو ڀٽ شاهه جي آس پاس ٻني ٻاري جي ڪم ۾ نگراني به ڪندو هو جنهن ۾ سندس ساٿي فقير مصروف رهندا هئا. گهوڙي تي چڙهي انُ اڳاڙيندڙ پيري مريديءَ جي ڌنڌي ۾ کُتل ماڻهن کي هو به ڏسندو هو، پر ان عمل کي هو ننديندو هو، جيئن چيو اٿس؛
پنڻ جي پورهئي مان، ڪنهن نه ڀريا پل
مانجهي سي املهه، هر جنين جي هٿ ۾.
اهو بيت ۽ اهڙا ٻيا بيت ڀٽائيءَ جي ڀٽ شاهه لڳ زرعي ڪم ڪار ڏانهن رجحان کي پڌرو ڪن ٿا. اڍائي - پوڻا ٽي سئو سال اڳ جي سنڌ رڳو زراعت پيشه ڪانه هئي، پر پوءِ به زراعت عام جام هئي ۽ ڀٽائيءَ جي سفرن دوران هن جيڪو زرعي ڪم ڪار ڏٺو ۽ ان ذريعي اپائجندڙ ان تي واندن ماڻهن جي وار واران ڏٺي ته هن واندن کي ننديو. زرعي ڪم ڪار ميسر هوندي، جيڪي ماڻهو اَنَ تي چَٽي ٿا بڻجن، انهن واندن کي اڄ جي زماني تائين رڳو نندا ملي ٿي، جيڪڏهن ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪونهي ۽ زراعت موجود آهي، پر ماڻهو ان ڏانهن توجهه نه ٿا ڏين البت کائڻ جا کرا آهن، نه هنر نه زراعت ڪاري ڪن، ته اهڙن ماڻهن کي ڀٽائي هن طرح ننديو آهي؛
محروم ئي مري ويـا، ماهر ٿي نه مـئا،
چڻيءَ جان چهنج هڻي، لڏيائون لُئا،
حُباب ئي هـئـا، واديءَ انـهـيءَ وچ ۾.
ڀٽائيءَ وارو دور اعليٰ ٽيڪسٽائيل يعني سڳي کان وٺي ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪارخانن تائين جي سرگرمي، مقامي ۽ بين الاقوامي واپار، پٿر سازي، ان مان لوهه جوڙڻ ۽ سماجي - اقتصادي ترقيءَ ۾ ڪم آڻڻ وارو دور هو. اڄ جي دنيا ۾ اسٽيل ملون ڪچي لوهه، يعني پٿر کي پگهرائي رڪ ٺاهڻ جي عمل ذريعي انساني ترقيءَ کي عروج تي پهچائي رهيون آهن. ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ اندر اهو عمل، يعني پٿر پگهاري لوهه ٺاهڻ جو عمل عام جام هو، جنهن جو مشاهدو ڪندي هن ڪيترائي شعر ان ڌنڌي بابت لکيا آهن.
پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
تنين سنـدو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
اهو بيت بنهه ڪنهن اسٽيل مل جو منظر ٿو پيش ڪري، جنهن ۾ پهڻن يا پٿرن کي پچائي ان مان رُڪ تيار ڪيو ٿو وڃي. اهو نهايت ئي مهارت جو ڪم آهي ۽ گذرندڙ هن صديءَ دوران ترقي يافته دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍندي، اسرندڙ ملڪن ۾ اسٽيل ملون قائم ڪندا رهيا آهن. ذرا اندازو ڪريو ته، اڄ لوهه جون ڪيتريون مشينون اسان جي زندگيءَ کي وڌيڪ آسان ۽ سڦلو بنائي رهيون آهن؟! يمن ڪلياڻ جو مطالعو ڪندي ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته، لوهه ٺاهڻ جي صنعت سنڌ ۾ اوج تي هئي. تڏهن به باهه جو ڪم لوهه ٺاهڻ لاءِ ڪوئلي يا اڱاري کان ورتو ويندو هو. اصل ۾ ڪوئلي جون کاڻيون دنيا جي معدنيات يا ڌرتيءَ مان ملندڙ اهڙي وٿ آهن جن تي اڄ جي دنيا به مدار رکي رهي آهي. اڪرندڙ صديءَ ۾ ٻين توانائيءَ جي وسيلن جي استعمال سان گڏ ڪوئلي جو استعمال شايد دنيا اندر وڌ ۾ وڌ ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ جي اڪثر وڏين صنعتن ۾ ڪوئلو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ جي کاڻين ۾ به تمام جهجهي تعداد ۾ نه رڳو موجود آهي، پر گذريل ڪيترين صدين دوران اهو کوٽبو ۽ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ڪوئلي جي کاڻين مان ڪوئلا مختلف صنعتي مقصدن لاءِ ڀٽائيءَ نڪرندي ۽ استعمال ٿيندي ڏٺا، جن جي اهميت کان به هُو واقف هو. معدني وسيلي ڪوئلي جي اهميت ان ڪري به آهي ته، اهو ڪاٺ مان ٺهندڙ ڪوئلي وانگر ڳارُو ۽ رکَ ٿي ويندڙ نه ٿو ٿئي پر بار بار باهه ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪوئلو يا اڱر يا اڱار پنهنجي ان وٿ، قوت ۽ توانائي سميت ڀٽائيءَ کي هن طرح نظر اچي ٿو.
ايءَ پر اڱارن، ٻڏائين ٻرن جي،
هڪ کوري کانئيا، ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،
پاڻان لُهارن، ميڙي رکيا مچ تي.

لوهه ٺاهڻ جي صنعت ۽ ڪوئلي جي استعمال بابت ڀٽائي يمن ڪلياڻ ۾ نهايت تفصيلي بحث ٿو ڪري. سندس بيتن مان سنڌ اندر ان وقت ان صنعت سان لاڳاپيل ماهرن جو ڏس به ملي ٿو؛
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪِي سُڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو.
۽ اهو ڌنڌو يا مهارت رکندڙن ۽ لوهه جا اوزار ٺاهڻ جو ڪاروبار ڪندڙن جو تمام وڏو تعداد تڏهن کان اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهي. لوهر ڪهڙي وستي ۽ واهڻ يا شهر ۾ ڪم نه ٿو ڪري؟ ڏاٽي گهوٻي کان وٺي نفيس ۽ نازڪ بيئرنگ تائين سنڌ اندر سرگرمي اڄ به جاري آهي، جيتوڻيڪ هلندڙ ڪجھه سالن دوران لوهارڪو ڌنڌو پٺتي پئجي رهيو آهي ۽ خاص ڪري سنڌ اندر هن هنر کان ماڻهو منهن موڙي رهيا آهن. هن ئي صديءَ جي منڍ ۽ وچ واري عرصي ۾ مختلف صنعتن جيڪا ترقي ڪئي آهي اها لوهر جي ڌنڌي جي طفيل آهي. سنڌ ۾ مقامي طور هر شهر ۾ ليٿ مشينن وسيلي ننڍا وڏا سڀ اوزار هتان جا ماهر پنهنجي حرفت ۽ مهارت سان ٺاهيندا هئا ۽ اهڙن شهرن ۾ لاڙڪاڻو به شامل هو، پر اڄ ڏسجي ٿو ته ٽئين درجي جو سنڌ کان ٻاهر ٺهيل مال مارڪيٽ ۾ ٻين هنڌن تان آڻي هيءَ مهارت ختم ڪئي پئي وڃي. آٽوز جا دوڪان ٽئين درجي جي بيڪار مال سان ڀريا پيا آهن ۽ صنعتون وڃن پٺتي پونديون. لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جا اڪثر صنعتي يونٽ مقامي طور اسپيئر پارٽ نه ٺهڻ ڪري لکن جا نقصان سهي رهيا آهن.
ڀٽائيءَ جي دور ۾ ٻين لوهي اوزارن سان گڏ تراريون به اڃا ٺهنديون هيون ۽ جنگ گهڻو تڻو ترار ۽ ڀالي توڙي زرهه يا ڍال سان وڙهي ويندي هئي. سنڌ هزارين سالن کان، سيراب ۽ معدني وسيلن سان مالامال هجڻ ڪري، لالچي نگاهن جو شڪار پئي رهي آهي ۽ ان تاريخ کان اڳ توڙي اونداهي، وچولي ۽ تاريخ جي دور ۾ پنهنجو جوڳو دفاع پڻ پئي ڪيو آهي. لوهر وٽ تراريون ٺاهڻ ۽ تکيون ڪرڻ جو ڪم ڀٽائيءَ ايڏيءَ توجهه سان ڏٺو جو، هن ان ڌنڌي کي به پنهنجي ڪلام اندر جاءِ ڏني. ڀٽائيءَ جو دور جنگين وارو دور آهي ۽ خود سنڌ اندر مقامي طور به جنگيون ٿيون آهن. جهوڪ شريف واري جنگ ته ڀٽائيءَ جي روبرو ٿي. جنگي مهارت ۾ مکيه ۽ اهم ترين مهارت جنگي سامان ۽ اوزار ٺاهڻ جي صنعت به آهي. جنهن ملڪ کي اها مهارت ڪانهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻئي ملڪ جو ڳيجُهو ۽ محتاج هڪ طرف ٿئي ٿو ته ٻئي طرف ان جا پنهنجا وسيلا پڻ ٻين جي استعمال ۾ اچيو، ملڪ کي تهائين وڌيڪ گهاٽي ۾ وجهن ٿا. اهي وسيلا ئي آهن جن تان جنگيون ٿينديون آهن، جن تي قبضي ڪرڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ لاءِ هڪڙن سرڪش ملڪن ٻين تي هلائون ۽ قبضا ڪري کين غلام پئي بنايو آهي.
ڪچي لوهه کي پگهرائي رڪ ڪمائڻ جو ڌنڌو اڄ به ۽ اڄ کان صديون اڳ به ننگر پارڪر کان ڪشمور تائين وڌ ۾ وڌ مڙساڻو، ماهراڻو ۽ ڪارائتو ڌنڌو رهيو آهي. ڪٿي گهڻو ته ڪٿي گهٽ، پر ان ڌنڌي، صنعت ۽ ماهرانه ڪاروبار تي ڀٽائي ماڻهن جا ميڙ گڏ هجڻ جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ آڻي تاريخ جا ماخذ مهيا ڪري ٿو؛
ڪَٽُ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مطرقن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
ڀٽائي لوهه جي صنعت کي ايترو ته گهرائيءَ سان ڏسي ٿو جو هڪ طرف هو اتي موجود ڪنهن ماڻهوءَ کي واندو بيهڻ برداشت نه ٿو ڪري؛
ڌوڌا! تون نه ڌئين، آڳ اوڏو نه وڃيين،
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين،
اُڀو ائين چئين، آءٌ آڳڙيو آهيان!

ڌنءُ ڌنءُ ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي،
ٻاري مچ مجاز جو، اوتيائون اڱار،
ڌوڌا! ٿيءُ م ڌار، جئن نه ڪچو لوهه ڪڻيون ٿئي!
۽ وري ڏسو، ڀٽائي لوهه جي صنعت ۾ گهمندي ڦرندي پنهنجي پاڻ کي ڪيئن ان عمل جو حصو بنائيندو، پاڻ کي ٻارڻ به ڪوٺي ٿو ۽ سنداڻ به جنهن تان مطرقي جو ڪوبه ڌڪ نه ٿو گُسي.
سِرُ سنداڻ ڪري، پڇج گهر لهار جو،
ڌڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏنَئي رُڪ سين.

اڃا تنواران، ڪالهه ڪڍياسون سڄڻين،
پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وڌاءَ،
محبتين مٿانءُ، مچ مُورائين نه لهي.

ٻاريو اجهائين پرين، اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لوهان لهارن جا.
اڄ سراڻ جو ڪم ليٿ مشينون ۽ جديد ترين اوزار ڪن ٿا. ڀٽائيءَ کي اقتصادي عمل ۽ اقتصادي ترقيءَ جي تاريخ جڙڻ جي ڏسو ڪيڏي ساڃهه آهي؛
سرها ڏٺم سي، جن جي ساڃاهه سراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪَٽ نه لڳي ڪڏهين.
هنن بيتن جو معنائون گهريون ۽ سمجهڻ جوڳيون آهن، پر افسوس جو ڀٽائيءَ کي اهڙو ڪو محقق اڃا نه مليو آهي، جيڪو تاريخ جي اُن دور کي ڀٽائيءَ جو رسالو شاهد بنائي تڏهوڪي سنڌ جو مڪمل نقشو پيش ڪري. ڀٽائيءَ جي ڪلام مان ڏس ملندڙ انهن اقتصادي سرگرمين کي اڳتي به اجاگر ڪندا اينداسون جيڪي سنڌ جي اقتصادي، هنري ۽ تجارتي وغيره شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ جن بابت تاريخ گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ لاءِ ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونهي سواءِ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي.
اُهي هنر، ڌنڌا ۽ ڪاروبار جن جو ڀٽائيءَ مشاهدو ڪيو ۽ شعرن ۾ ذڪر ڪيو.
مٿي اسان اڍائي سئو سال اڳ جي سنڌ ۾ رُڪ ٺاهيندڙ اسٽيل مِلن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو ۽ ڏٺوسين ته سنڌ تي ڌارين جي ڪاهن، احمد شاهه ابدالي، نادر شاهه ۽ دهليءَ جي مغل بادشاهن جون يلغارون سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي تاراج ڪري چڪيون هيون، ان ڪري سنڌ ۾ پنهنجي دفاع لاءِ جتي ڪٿي جنگي هٿيار ٺاهڻ لاءِ پڻ ننڍيون وڏيون فيڪٽريون ڪارخانا موجود هئا، جن جو چٽو ذڪر ڀٽائيءَ سر يمن ڪلياڻ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. اڄوڪي دنيا ۾ به اهو ملڪ ۽ قوم پاڻ کي مٿانهان سمجهن ٿا جن وٽ جنگي ساز سامان ٺاهڻ جو پنهنجو بندوبست آهي. هاڻ ته دور آهي ائٽمي هٿيارن جو، ان ڪري ڪوبه ننڍڙو ملڪ جيڪڏهن ائٽمي هٿيار تيار ڪري ٿو وٺي ته اوچتو ڪيڏن به وڏن ملڪن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀي ٿو. ان وقت جي سنڌ جيتوڻيڪ پنهنجي دفاع ۾ مس پوري هئي، پر اهو واضع آهي ته جنگي ساز سامان جي تياريءَ ۾ ڀڙ هئي ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي محتاج نه هئي.
پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سِراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.
انهن ٻن بيتن مان ظاهر آهي ته، صديون اڳ جي سنڌ کي پنهنجا لوهه جا ڪارخانا هئا، جتي پهڻ يا پٿر جي شڪل ۾ ملندڙ ڪچو لوهه Iron Ore پچائي ان مان رڪ تيار ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ ان مان ٻئي سامان سان گڏ جنگي ساز سامان به ٺهندا هئا. اسان جا سڄڻ جيڪڏهن ڀٽائيءَ جي رسالي جو غور سان ۽ ترتيب وار مطالعو ڪن ته هوند انهن جي اڳيان ڀٽائيءَ جي گهري سوچ ۽ فڪر سان گڏ سندس دور جي سنڌ جا انيڪ اهڙا احوال حاصل ٿيندا جن کان ٻيءَ صورت ۾ اسين آگاهه ناهيون ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رڳو ٻين کي ماهر سمجهڻ جي غلطي ڪندا رهون ٿا.
رڪ ۽ لوهه جي راند ته سنڌ جو پراڻو هنر ۽ صنعت هئي ۽ زمين اندر موجود معدني وسيلن کي جوڳن ۽ مناسب استعمال جي خبر به پئي ٿي. گڏوگڏ يمن ڪلياڻ ۾ ٻي معدني وٿ ڪوئلي جي کاڻين جو به ذڪر ٿي چڪو، جيڪو به سنڌ ۾ تمام جهجهي تعداد ۾ نه رڳو موجود آهي، پر صدين کان اهو هاڻ ته پاڪستان جي سمورن حصن تائين موڪلي ٻارڻ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
اڍائي - ٽي سئو سال اڳ جي سنڌ ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جا به چڱا بندوبست ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان نظر اچن ٿا. اڄ جي پريس انڊسٽري دنيا جي اهم ترين انڊسٽري يا صنعت آهي ۽ ان کي ڪنهن به ملڪ جي بقا لاءِ چوٿون ٿنڀو قرار ڏنو وڃي ٿو. اڄ جي دنيا جي پريس ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي وئي آهي ۽ هر سهولت ميسر ٿي وئي آهي. پر ڪن سڄڻن کي شايد خبر نه هجي ته رڳو ڏهه سال اڳ تائين پاڪستان جي ڪابه پريس، انگريزي، اردو، سنڌي ۽ گجراتيءَ ۾ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا چپٽيءَ سان اکر چونڊي مواد ڪمپوز ڪرائي ڇاپيندا هئا. سنڌي اخبارن ۾ ته جولاءِ 1989ع ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر آيو، نه ته اسان جي پريسن ۾ ڪاتبن جو راڄ هو ۽ مٿن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن لکڻ جو سڄو دارومدار هو. اهو ڪاتب علم ادب ۽ فن جو محافظ آهي ۽ گهڻو گهڻو اڳ جي زمانن کان ادب، علم ۽ فلسفي کي ريڪارڊ ڪندو ٿو اچي.
شاهه لطيف جو دور به ڪتابن ۽ رسالن توڙي تاريخ نويسيءَ جو اهم دور هو. جيتوڻيڪ ٻي دنيا توڙي اڳ ڀري هئي پر سنڌ ۾ ڪاتب ۽ پريسون موجود هئا. ڌارين جي يلغارن ۽ باهيون ڏئي ساڙڻ سبب ان دور جون لائبريريون سڙي رک ٿي ويون، ان ڪري سنڌي علم ۽ ادب، فڪر ۽ فلسفي جا انيڪ شاهڪار اسان وٽ موجود ناهن. ڀٽائيءَ جي دور جون ڪجھه تاريخون، احوال، شاعريءَ ۽ نثر جا ڪتاب پوءِ به اسان تائين پهتا آهن، بلڪه کانئس اڳ جا ڪتاب به، جيئن شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، شاهه عنات صوفي ۽ عنايت شهيد، مخدوم لنواريءَ واري ۽ ٻين اعليٰ پائي جي ليکڪن جو فڪري مواد وغيره.
ڪاتب هڪ اسرندڙ سماج ۾ ڪيڏي اهميت ٿو رکي، ان جو اندازو ڀٽائيءَ جي هن بيت مان ڪريو.
ڪاتب جو لکن، سو متان ويڻ ورائيين،
جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالهه کي، جمع جوڙيو ڪن،
حرف جي حساب جا، چيٺيو چت رکن،
سڄي کٻي سر کي، لکيو ڪاتبن،
ڪرامن ڪاتبين يعلمون مايفعلون، نالو نورانين،
تو پاڙو سين تن، جني ويڻ نه وسري!
سٺن سهڻن اکرن ۾ لکندڙ ڪاتب ۽ لکاري ڀٽائيءَ جي پنهنجي صحبت ۽ درگاهه تي به موجود رهندا هئا جن سان سندن فهم جي تيزي، مهارت ۽ ڪم جي ڄاڻ بابت به هُو گفتگو ڪندو رهندو هو ۽ ساڻن ڀوڳ چرچا به ڪندو هو. انهن ماڻهن ۾ اهڙا تيز فهم ماڻهو به هئا جو ڀٽائي ٻين ماڻهن کي دڙڪو ڏيندو هو ته هنن چيڙهالن ماڻهن کان پري ٿيو يا ڀؤ ڪريو ۽ جيڪي لکن ٿا تن تي ٻڙڪ به نه ڪڍو؛
ڪاتب جيئن لکن، سو متان ويڻ ورائيين،
جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالهه کي جمع جوڙيو ڪن،
حرف جي حساب جا، چيٺيو چت رکن،
تو پاڙو سين تن، جني ويڻ نه وسري!
ڀٽائي ڪڏهن ڪاتبن جي بيٺڪ يا پريس ۾ ليئو ٿو پائي ته چرچو گهٻو هيئن ٿو ڪري؛
ڪوهه ٿو ڪاغذ ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
ڏوري تئان ڏس، اکر جئان آئيو.
يا ٻئي ڪاتب کي ڀوڳ ۾ پنهنجي اجهاڳ فلسفي جو حوالو ڏيندي چئي ٿو؛
تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
ڪهڙي ڪاتب ٿو ڪرين، مٿان پنن پيهه،
جي ورق ورائين ويهه، ته به اکر اهو ئي هيڪڙو.
ڪنهن ڪاتب کي سهڻن اکرن يا خطاطيءَ ۾ ڪلمو لکندي ڏسي ٿو ته هن جي هٿ اکرن جي سونهن تي موهجي چئي ٿو؛
ڪاتب! لکين جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
ڀٽائي پاڻ وٽ مختلف ٻولين جي ڪتابن جي لائبريري به سانڍي رکندو آيو. انهن ڪتابن مان ڪن شايد مٿس ڪو اثر ڪيو هجي، پر هر پڙهندڙ وانگر ڪو ڪتاب وڻيو ته واهه، جي نه وڻيو ته امالڪ چوندو هو؛
ڪوڙ ڪتابن ۾، حرف مڙيو ئي هيڪ،
جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.
پڙهڻ جو شوقين ۽ اعليٰ فهم رکندڙ ماڻهوءَ وٽ سٺي ۽ ڪسي ڪتاب جي پرک هجڻ فطري آهي. ڀٽائيءَ کي ميسر ڪتابن مان جي کيس نه وڻيا تن بابت ته چئي ڏنائين ته ”ڪوڙ ڪتابن ۾، حرف مڙيوئي هيڪ“. پر جي ڪو ڪتاب هانءَ کي لڳس ته اهو بار بار پيو پڙهندو هو ۽ اهو پڙهئي ڍاپندو نه هو.
وسريوم سبق، پهرين سٽ نه سنڀران،
اڃا هيءُ ورق، هي مطالع نه ٿئي.
هڪڙا گهڻ پڙهيا ماڻهو وتندا پريسن ۽ ڪتاب گهرن جا لامارا ڏيندا. انهن جي اڳيان مقصد هوندو آهي گهڻا ڪتاب پڙهي پنهنجي فهم ۽ ذهانت کي وڌائڻ، پر جي ماڻهو ڪوپنهنجو نڪتهءِ نظر اختيار نه ٿو ڪري سگهي، فهم نه ٿو بڻائي سگهي، ڳالهين، ماڻهن ۽ سماج کي سمجهي نه ٿو سگهي، ته ان لاءِ ڪيترو به جهجهو مطالعو ۽ گهڻا ڪتاب پڙهڻ فضول آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب پڙهڻ هڪ نهايت ئي سٺي ڳالهه آهي پر ان پٺيان مقصد سمجهڻ اهم آهي، ڀٽائي فضول نموني جي گهڻي پڙهڻ کي پسند ئي نه ٿو ڪري؛
ڪوڙين ڪتاب جي پڙهئين، جُزون جان ڪي تان،
پهڻي ريءَ پريان، سوڌي ساڃاهه نه ٿئي.
ان مان لڳي ٿو ته، ڀٽائيءَ جي دور ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪتاب لکيا ويا، ڇپايا ۽ وڪيا يا ورهايا ويا جن جو لاڀ پڙهندڙن کي ڪونه مليو. سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين جون تڏهوڪيون پريسون ۽ ڪاتبن جا ٽولا بهرحال ڪتاب ڇاپڻ جي ڪم ۾ رُڌل نظر اچن ٿا، اها ٻي ڳالھه آهي ته اهي ڪنهن هڪ لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجن ته ٻين لاءِ فضول ثابت ٿين. انسان اڄ تائين ان مشغوليءَ ۾ مگن ۽ محو آهي. ڪتابن بابت پسند ۽ ناپسند جو اختيار وٽس آهي ۽ پڙهندڙ به موجود آهن ته پريسون ۽ لکاري به.
متان ڀٽائيءَ جا سڄڻ ۽ محبتي ائين سمجهندا هجن ته، تڏهن واري دور ۾ پريس انڊسٽري ڪانه هئي. پريس جي تڏهوڪي ڪردار کي ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي. ضرورت آهي ان ڪلام کي پڙهڻ جي ۽ پنهنجي فهم ۽ سمجهه کي تيز ڪرڻ جي.