لطيفيات

سڀ پسندا پار

ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي. هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4582
  • 949
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ پسندا پار

سُر مومل راڻو

شاهه لطيف جي ڪل ڪلام ۾ ڪي سُر اهڙا آهن، جن جو ڪئنواس ٻين ڪجھ سرن جي ڀيٽ ۾ وڏو آهي، جيئن يمن ڪلياڻ، سهڻي، سسئي آبري، حسيني، رامڪلي ۽ مارئي. انهن سرن وانگر سر مومل راڻو به ڊگھي ۽ وسيع ڪئنواس رکندڙ سرن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ گجر شهزادي مومل ۽ لڊاڻي جي شهزادي - راڻي جو ذڪر ڪيل آهي. جيتوڻيڪ شاهه جا ٻيا به ڪيترائي سر حسن ۽ عشق جا داستان بيان ڪن ٿا پر مومل راڻو خاص حسن ۽ عشق جو اهو داستان آهي، جنهن جو ماحول اڌو اڌ ”صورت“ جي ڪشش وارو ۽ باقي اڌ ”سيرت“ جي ويا کاڻ تي ٻڌل آهي. شاهه جي ڪيترن ئي محققن مومل راڻي جي باري ۾ شاهه جي ڪلام کي ٻن معنائن ۾ شرح ۾ آندو آهي، هڪ ان سر جي ڪردارن جي حوالي سان ۽ ٻيو ڪامل مرشد جي تلاش جي حوالي سان. انهن تشريحن مان آخري نوعيت جي تشريح ۾ شارحن جي راءِ آهي ته، مرشد ڪامل اڳ ۾ پاڻ ڪنهن تي ڪرم جي نگاهه ٿو وجھي جنهن کان پوءِ طالب هن ڏانهن رجوع ٿو ٿئي. بعد ۾ جتي هلي طالب وسيلو ۽ بي پرواهه ٿئي ٿو، اتي کانئس راهه وڃائجي ٿي وڃي، جيڪا پوءِ کيس سِر وڃائڻ کان پوءِ ئي ملي ٿي، جيئن مومل سان ويڌن ٿي.
قصي گوئيءَ جي حوالي سان مومل سنڌ جي اوائلي اترئين پرڳڻي ماٿيلي جي بادشاهه نند جي نون مان هڪ ڌيءُ ٻڌائي وئي آهي. قصي گوين مطابق، نند سنڌوءَ جي ڪپ تي هلندڙ هڪ مرونءَ کي ماري سندس ڏند مان جادو پيدا ڪري پنهنجو خزانو سنڌونديءَ جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو. ڪنهن لڱا هڪ ٻئي جادوگر کي پَرو پئجي ويو ته جادوءَ جو ڏند نند جي گھر ۾ موجود آهي، سو فقير بڻجي سئن هڻي محل سراءِ جي در تي ٿي ويٺو. مومل ۽ هن جي ڀيڻن پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ مرونءَ جو اهو ڏند آڻي فقير جادوگر کي ڏنو جيڪو خزانو کڻي ڀڄي ويو. راجا نند کي خبر پئي ته ڌيئرن تي ڏاڍو ڪاوڙيو. سندس ڌيئرن مومل ۽ سومل کي به ڪجھه جادو ايندو هو، تن پيءُ کي خزانو موٽائي ڏيڻ لاءِ جيسلمير ڀرسان لڊاڻي ۾ وڃي جادوءَ جو منڊل هنيون.
مومل سونهن ۾ ٻين ڀيڻن کان سرس هئي ۽ سومل سڀني ۾ چالاڪ. هنن ڪاڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ ٽڪساد پکيڙي آئي وئي کي پاڻ ڏانهن متوجھ پئي ڪيو. ڪاڪ محل اهڙي هنڌ هئو، جتان هندوستان کان ايران ۽ عرب ڏانهن سوداگرن جا قافلا لنگھندا هئا. اهي سوداگر ۽ واپاري ڪاڪ محل تي مومل ۽ سندس ڀيڻن جي سونهن جا تجلا ڏسي، هرکجي ڏانهُن ويندا هئا ته جادوءَ جي ڄار ۾ ڦاسي مرندا هئا. مومل جو ٽولو سندن خزانو ۽ مال متاع لٽي پنهنجا خزانا ڀريندو هو ۽ اهي ڪنهن تي به رحم نه ڪنديون هيون. کين حسن تي الڳ ناز هو ته ٻئي طرف کين پيءُ جو نقصان به پورو ڪرڻو هو. ان صوتحال علائقي جي ڪيترن شهزادن کي يا ته فقير بنائي ڇڏيو هو يا ڪاڪ ڪنڌيءَ سندن قبرن جون قطارون لڳي رهيون هيون. ڪاڪ تان موٽيل هڪ شهزادي هن طرح احوال ٿي ڏنو؛
آئون اُتاهين آئيو، جت ٻئي جي ناهه مجال،
مومل جي ماڙيءَ کي، طرح طرح جا تال،
لک مارايو لعل، موٽيو اچان مينڌرا.

گجر کي گجميل جــون، تــارن ۾ تَبرَون،
هڻــي حاڪميــن کــي، زور ڀــريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.

خاص سوداگر ۽ شهزادا مومل ۽ سندس ڀيڻن جو شڪار رهندا هئا، ۽ کيس شڪار ڪرڻ لاءِ آيل پاڻ شڪار ٿيندا هئا؛
مــومل ماري مير، آهيڙين کي آ ڪري،
سوڍيءَ گھڻــا سڪائيا، پڙهيا، پڻت، پِير،
هڻي تن کــي تيــر، مــڻيو جن مٿن ۾.“

حسن جي اهڙي هاڪ سڀني علائقن ۾ پهتي ته ٿر جي راجا همير سومري پنهنجي سالي ۽ راجپوت شهزادي راڻي کي ساڻ ڪري ڪاڪ محل جو سانباهو ڪيو. ڪاڪ محل پهچي ٻيا ته سڀ هارائي ويا پر راڻي جادوءَ جو کيل تاڙي ورتو ۽ مومل کي وڃي سوگھو ڪيائين. راڻو پاڻ به ڏاڍو خوبصورت هو ۽ سندس هوشياريءَ ته بنهه مومل کي قائل ڪري وڌو. ڀٽائيءَ جتي مومل جي حسن جو ذڪر ڪيو آهي، اتي راڻي جي سونهن سوڀيا به بيان ڪئي اٿس. مومل ۽ سنديس ڀيڻن جي سونهن ۽ ٺاهه ٺوهه جو ذڪر ڀٽائيءَ هيئن ڪيو آهي؛

¬جھڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عنبير سان، تازا ڪيائون تَنَ،
مڙهيا گھڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سونَهنِ رپي سون سي، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائون لال لطيف چئي، وڏا ويس وَرَنَ،
منجھه مرڪيس مَنَ، سوڍي سين سڱ ٿيو.

ٻئي طرف راڻي جي سونهن جو هي حال هو؛
روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سڀن سونهن،
لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دُونهن،
ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙيوئي مينڌرو.

راڻي مومل جا ٽڪساد اورانگھي کيس ماڻيو ۽ شادي ڪيائون، پر همير ستت ئي کيس گهرائي ورتو. پوءِ راڻو رات جو اٺ تي چڙهي سئو ڪوهه هڻي مومل سان ملي ايندو هو. نيٺ سندس اٺ ماريا ويا. پوءِ به ڪنواٽن تي چڙهي ويندو رهيو. هڪ رات سومل راڻي جو ويس ڍڪي مومل جي محل سراءِ ۾ وڃي سُتي. راڻي اچي ڪو ٻيو مرد ستل ڏسي ترارنشاني ڇڏي هميشه لاءِ رُسيو هليو ويو. ان کان پوءِ مومل وِرهه يا وڇوڙي جو شڪار ٿي وئي؛

رئــان ٿــي راڻـا، هنڌ نهاريو حجرا،
پيئي کِهه کَٽُن تي، ٿيا پلنگ پُراڻا،
ڌريائي ڌوڙ ٿيا، ور ريءَ وهاڻا،
جايون، گل، جبات وڻ، توريءَ ڪوماڻا،
مينڌرا ماڻا، توريءَ ڪنديس ڪن سين؟!

جن ماڻهن عمر ڪوٽ ڏٺو آهي ۽ عمر ڪوٽ جي قلعي جي چؤ ڦير ماحول ڏٺو اٿائون، تن کي ڄاڻ هوندي ته عمر ڪوٽ جي قلعي کان هڪ ڪلو ميٽر پنڌ تان هڪ پراڻي ڊٺل عمارت نظر ايندي آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو مومل جي ماڙي ٿا سڏين. مومل راڻي جو قصو پندرهين صدي عيسويءَ جو آهي، يعني اڄ کان 5 سئو سال اڳ جو. شايد مومل ڪاڪ محل کي ڇڏي اچي عمر ڪوٽ وسايو هجي، جيتوڻيڪ اهڙي ڪا روايت ڪانهي ملي سواءِ ان عمارت جي جيڪا هاڻي زبون آهي ۽ سرن ۽ مٽيءَ جو ڍير آهي. البته محققن اها روايت بيان ڪئي آهي ته، مومل لڏي اچي ان شهر ۾ رهي جتي راڻو رهندو هو. اتي چوپڙ راند جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ سوداگر ۽ شهزادا انهن ۾ حصو وٺندا هئا. مومل به ويس مٽائي، مرداڻو لباس ڍڪي راڻي سان چوپڙ کيڏڻ ويندي هئي، پر هڪ رات راڻي سندس ٻانهن جا چِٽ سڃاڻي ورتا ۽ وري ڪاوڙجي هليو ويو. چون ٿا ته آخري وقت راڻو راضي ٿي ويو هو ۽ مومل کي نياپا به موڪلڻ لڳو هو، جيئن ڀٽائيءَ جي مومل راڻي جي آخري داستان ۾ اهڙا اشارا موجود آهن؛
راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آيو آديسي،
کٿوريءَ خوشبوءِ سان، ولايت سڀ واسي،
سوڌو سنياسِي، اتاهين ٿي آئيو.

راڻي ريٻــارو، تــو ڏانهن مُڪو تڪڙو،
لڊاڻئان لـطيف چئي، ماڻج موچــارو،
صبح ســوارو، ڪاڪ گـھڙنــدو ڪرهــو.
روايتي قصي موجب مومل راڻي جي آکاڻي آخر ۾ المئي جو تاثر ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڊگھي وڇوڙي مومل کي ٿڪائي وڌو، تنهنڪري مايوس ٿي هن ڪاٺ گڏ ڪرائي ڏاگهه تيار ڪيو ۽ پاڻ کي ٻرندڙ آڙاهه ۾ کڻي اڇلايائين. عين ان وقت راڻو اٺ تي چڙهي اتي پهتو ته باهه ڏسي مومل جو احوال ٻڌي پاڻ کي به ان باهه ۾ کڻي اڇلايائين.
مومل راڻي جي قصي ان کان پوءِ سنڌ جي هڪ نهايت ئي مقبول داستان جو روپ ورتو. گجر ذات جا ماڻهو بعد ۾ سنڌ ڇڏي پنجاب جي گجرات ضلعي ڏانهن لڏي ويا ۽ خبر ناهي مومل مئي کان پوءِ سومل ۽ سندس ٻيون ڀيڻون گجرات هليون ويون يا ٻيو ڪيڏانهن. مومل راڻي جي قصي کي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ خاص جاءِ ملي ۽ ايئن هڪ نئون راڳ ”راڻو“ به ٺهيو جيڪو پنهنجي انفراديت سبب سنڌ جي هر ڳائڻ واري لاءِ ڪشش جو سبب بڻيو. وڇوڙي جو تاثر ڏيندڙ راڳ ”راڻو“، ٻين شاعرن بلڪه جديد دؤر جي شاعرن جي شعر جو پڻ موضوع رهيو آهي.