سُر لِيلا چنيسر
لاڙ جي سومرن حڪمرانن جي پنهنجن محلن اندر محلاتي سازشن سبب سڄاڻ شهزادو دودو سومرو پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي سازشن سبب شهيد ٿي چڪو ۽ چنيسر جي لالچي ماءُ جي زناني ۽ خود پسنديءَ جي ڪردار خود سومرن جي گاديءَ ۽ محل اندر عيش پسنديءَ ۽ لالچن جا اجھاڳ ۽ اڻ کٽ سبب پيدا ڪري وڌا هئا. نتيجي ۾ هڪ ته ڀرپاسي جي راڄن جا جاسوس سنڌ جي صاحبيء اندر ڀَيل ڪري رهيا هئا، ته ٻئي طرف محلاتن اندر جاسوس عورتون ڀرتي ٿي ويون هيون.
ساڳيو ئي حال ڪڇ جي راجا کنگھار جي لکپت واري محل ۾ موجود هو، جتي کنگھار ۽ ان جي لالچي زال مرکيءَ جي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ سبب سندن ڌيء شهزادي ڪؤنرؤکي آزاد خياليءَ سبب ڪاجھل پل نه هئي. ڪؤنرو پرڻيل هئي پر سندس ڪڇي مڙس سان هن جي نه پوندي هئي. لکپت جي راجا وٽ هيرا جواهر ۽ ڳهڻا جام هئا، جن کي پهري ڪونرو سڄو ڏينهن ٺاهه ٺوهه ڪندي رهندي هئي. ڪڇ جي رڻ سبب البت لکپت ۾ اناج گھٽ ٿيندو هو، جڏهن ته بدين، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن تي مشتمل چنيسر جي راڄ ۾اَن پاڻي جام هو. ان ڪري لکپت ۾ سنڌ جون نيڪيون ٿينديون هيون. هڪ ڏينهن ڪؤنروءَ کي مڙس ٺاهه ٺوهه تي طعنو ڏنو ته، ڇا چنيسر جي راڻي ٿيندينء جو ايڏا ٿي هار سينگار ڪرين؟!
ڪؤنروءَ هم ڪئي نه تم. ماءُ مرکي کي مڃايائين ته، ڪنهن طرح ديبل وٺي هل ۽ چنيسر ڏيکار. مرکي ٻيڙو ساڻ ڪري، سوداگر جو روپ ڌاري ديبل هاڪاريو، جتي ڪڇ، گجرات، مدراس۽ وچ هندستان جون شيون ۽ جواهرات وڪڻندي مرکي ۽ ڪؤنرو چنيسر جي محل تائين رسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون.
مرکيءَ محل جي راڻين کي لالچون ڏنيون ۽ ڌيء کي وڃي چنيسر اڳيان حاضر ڪيائين، جنهن جو مزاج ڦلهڙو هو، پر ڪجھ پڪائي ڪيائين جيئن ڪو جواز نڪري. قصه نويسن جي اهڙي تاثر سان گڏ خود ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ اهڙو اشارو ڏنو آهي ته، چنيسر اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪؤنرو کي پنهنجو ڪري. لِيلا سان سندس دلبري چڱي هئي، پر موقعي دير ڪانه ڪئي. لِيلا ڪؤنرو جي آندل قيمتي نولکي هار تي هرکجي، سڄي رات محل ۾ راڻين اڳيان جشن ڪيو، پر پٺيان ڪؤنرو چنيسر کي پنهنجو ڪري ورتو ۽ سندس زال بڻجي وئي. هوءَ پورهيت ٿي محل ۾ داخل ٿي ۽ چنيسر کٽي ورتائين. ڀٽائيءَ هڪ بيت اهڙو لکيو آهي، جنهن مان چنيسر جي لالچي ۽ وري ڪاوڙيل مزاج جو پتو پئي ٿو؛
چنيسر جي چت ۾، ڪي جو اڳ هُيو،
تِهان پــوءِ ٿــيــو، مڻئي تي ئي مامــرو.
چنيسر جي چت ۾ ڪؤنرو حاصل ڪرڻ جي آس اڳ ۾ هئي، ۽ پوءِ مڻين جي هار کيس لِيلا کي ڇنڻ ۽ ڪؤنروءَ کي قبولڻ جو موقعو فراهم ڪيو:
چنيسـر چـؤرنگ، ٻه رنگو لوڪ ٻـيو،
تنهن سـين ڇنـيـو سنگ، وڃيو هار هٿ ڇُهين؟
ازدواجي زندگي ڏاڍي اوکي ۽ ڪچيءَ تند واري ٿئي ٿي. اهو رشتو ڏاڍو نازڪ ۽ نفيس ٿئي ٿو. ڪا هلڪي بي وفائي به زال - مڙس هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪري سگھندا آهن.
مڙس اڳيان گھٽ سينگار ڪندڙ زال به هميشه هارتي ۾ ٿي رهي. ڏسو هن معاملي کي ڀٽائي ازدواجي رشتن ۾ فيٽاڙي جو سبب ڪيئن ٿو ٻڌائي؛
نه ڪِي ٻانهڙين ۾، نه ڪِي ڳَرِ هُيوم،
نه مون سينڌ، نه سُرمون، نه سينگار ڪيوم،
تيلانهن ڪانڌ سندوم، رُکو ئي ري ڳڙي.
وري ازدواجي رشتن اندر گھڻي ٺاهه ٺوهه ۽ هار سينگار سبب به جدائيون پون ٿيون. مڙس گھڻو سينگار ڪندڙ زالن تي شڪ گمان ڪندا آهن. اهڙو اظهار ڀٽائيءَ هن بيت ۾ ڪيو آهي؛
سونا ڪُر ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار،
ٻانهوٽــا ٻانهن ۾، سينڌ، سڻڀا وار،
تيلانهِن پچار، ڪانڌ منهنجي ڇڏيـي!
اها ڪؤنروءَ جي حرفت چئجي يا لِيلا جي غلطي، پر سر لِيلا چنيسر ۾ ڀٽائيءَ ذميدار زال جي اهميت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي ۽ ڀتار کي مڃائڻ لاءِ لِيلا کان جتن ڪرايا آهن. هو لِيلا جون بيعزتيون ٿو ڪري، جيءُ بدران ڦوٽ ٿو ڏئي ته به لِيلا پيرانديءَ کان ويٺي جاڳي؛
ڍولا! ڪڄاڙئان، ٻولائيو ٻوڏَ چئين،
آئون تو پيرانديان، ڪر موڙيو ورَ! اُٿيان.
سر لِيلا چنيسر جي اڌ ڪهاڻي سُر جي پهرئين داستان ۾ پوري ٿئي ٿي. لاڙ جي هن ڪهاڻي جو هڪ حوالو ميروخان ۾ به آهي. ميروخان وٽ لِيلا جي پنج سؤسال پراڻي محلات جا ڦِٽَل آثار موجود آهن.
ڏُٻري، ڇڙ وڇڙ سماجي ۽ سياسي وايو منڊل ۾ سماج جا تقريبًا سمورا سماجي ادارا ڀڃ ڊاهه ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيندا آهن. سماجي مفڪر البت ان ڳالهه تي متفق نظر ايندا ته، ڪنهن به سطح تي، سماج فقط تڏهن مستحڪم ٿئي ٿو، جڏهن ان جا سماجي ادارا مستحڪم ۽ پختا هجن. ۽ هڪ اداري جي ترتيب گھر کان شروع ٿئي ٿي جتي باهمي ٻنڌڻن جي ذميدارين کي قبول ڪندي، ازدواجي رشتي اندر، ننڍي پيماني تي سماج جا فرد، مڪمل ذميداريءَ سان پهريون قدم ٿا کڻن. ازدواجي ٻنڌڻن کي سماج جي نهايت ئي نازڪ اداري طور هر مڪتبئه فڪر انتهائي اهميت پئي ڏني آهي. جنهن ۾ ڪا به ڪسر رهي ته برباديءَ جو سلسلو شروع ٿيو وڃي. اهڙي بنيادي اداري جي تباهي بعد ۾ سماج تي به اثر انداز ٿئي ٿي. جنهن جا مثال اڄوڪي جديد دنيا اندر، سمورن سماجن ۾ نظر اچن ٿا.
ليلا - چنيسر جي ڪهاڻي جيتوڻيڪ هڪ شاهي گھراڻي جي ڪهاڻي آهي، پر ان کي جڏهن ڀٽائي پنهنجي شعر جو موضُوع بڻائي ٿو. تڏهن هو ان کي محض هڪ جوڙي تائين محدود نه ٿو رکي. هو ان کي سڄي سماج جي بحث جو موضوع بڻائي ٿو ۽ سمورن مضمرات کي اڳيان ٿو آڻي. مال متاع ميڙڻ، انفرادي لالچ، تڪبر، پاڻ پسندي، ۽ سا به هڪ عورت ۾، اهي اهڙا اوڳڻ آهن جيڪي ماڻهن ۾ بحث هيٺ اچن ٿا ته مِھڻن، طعنن تنڪن سان ڀريل اهڙي هڪ شديد وهڪري جو روپ وٺن ٿا، جيڪو اهڙيءَ عورت جي جوڀن، زندگيء ماڻڻ جي سمورن احساسن ۽ جذبن کي لوڙهيو ڇڏي. ليلا جو حال اِجھو ههڙو ٿيو جيڪو فطري به آهي؛
ٿڙڪيء پسي ٿوڪ، ترڪي، تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو اڳلي، چئي ليلا کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻــالاپڻ جــو ٻــوڪ، ويــو ويــچــاريءَ وسري.
ان ڪيفيت ۾ ماڻهو پاڻ کي مجرم محسوس ڪرڻ ٿو لڳي ۽ چوڌاري، پنهنجي ئي سٿ اڳيان خواريءَ جو احساس، سمجھه جون حدون اورانگهي ٿو وڃي؛
جيڪس ڪم سندام، جُوٺا ڏٺا جيڏئين،
کـلــن سڀ مٿام، سا هيڙيون، سرتيون!
اهڙي صورتحال ۾ هڪ گھريتڙي عورت، ازدواجي رشتن جي سمورين ذميدارين کي خوب سمجهندي آهي ۽ ڀٽائيءَ جو شعور ان جو ساکي آهي ته، ڪاوڙ قصور اوچتو ۽ اوچتو معاف ٿيو وڃن ۽ زال – مڙس ٻين کي خبر پوڻ کان سواءِ قربتن ۾ موٽي کير کنڊ ٿيو وڃن. ان لاءِ زال کي مڙس وٽ پورهيو، محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي. ان پورهئي ۽ ڪشالي جي نشاندهي پڻ ڀٽ ڌڻي هن طرح ٿو ڪري:
تان ڪي چڙهنديس کٽ تي، ريجھائينديس راءُ،
اهڙو ئي الله، جو پورهتيون پيش ڪــري.
سر ليلا چنيسر جو ڀٽائيء جو هڪ بيت تقريبن هر هڪ لکئي پڙهئي ماڻهوءَ پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو .اهو بيت ماڻهو گھڻو تڻو پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران پڙهي استعمال به ڪندا آهن ۽ ان جون گھڻيون ئي معنائون به ڪڍندا آهن.
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسـن،
مون سين مون پرين، ڀورائيء ۾ ڀال ڪيا.
بظاهر هن بيت ۾ ڏاڍا سولا ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيل آهن، ان ڪري ان جي معنيٰ به گهڻو ڪري هر لکيو پڙهيو ماڻهو ڪري سگھندو آهي.
ڏاهپ هر ڪنهن ۾ ڪانهي ٿيندي. خاص ڪري اهڙي معاشري ۾ جيڪو اسان جي معاشري جھڙو هجي، جتي تربيت ۽ سکيا جا موقعا يا ته بنهه ناهن يا جي آهن، ته ڏاڍا محدود آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو، ننڍي کان ننڍي سطح کان وٺي وڏي سطح تائين ڏاهپ بدران انارڪي ۽ ڇڙواڳيء کي هر ڪو پنهنجي ميراث ٿو سمجهي. اها ڏاهپ ناهي، ها ڇڙواڳي ۽ بي سمجھي آهي. ڀٽائيء ان ئي ڏاهپ کان پناهه گھري آهي. جنهن ۾ شعور شامل ڪونهي. ساڃهه کان سواءِ ڏاهپ فائدي بدران ڏک، خواريون ۽ صدما آڻي ٿي.
سر لِيلا چنيسر پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته، چنيسر ليلا کي ڏهاڳ ڏنو ۽ کيس گھران تڙي ڪڍيو هئائين. جيڪڏهن ائين آهي ۽ لکپت جي ارڏي ۽ جاسوس شهزادي ڪؤنروءَ جي سازش ان حد تائين ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ، اهو هڪ المئي جو آغاز چئبو. ڇاڪاڻ ته شاهي محل اندر راڻيءَ جي ايڏي شڪست اتان جي سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو هوندو.
دنيا جي گولي تي اڄ موجود شاهي گھراڻن جي شهزادين ۽ راڻين جي قصن ڪهاڻين کي ڏسو. يورپي شاهي محلن، اولهه ايشيائي عرب بادشاهتن، بادشاهن، راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جي قصن ڪهاڻين کي ليلا جي ڪهاڻيء کان ڇني پڙهڻ اجايو آهي. ليڊي ڊائنا هڪ المئي کان جند ڇڏائي رهي هئي ته، ٻئي حادثي سندس جان ورتي. اسين اميد رکنداسون ته سنڌ جي پنج سؤ سال اڳ ڀُرندڙ ڊهندڙ شاهي گھراڻي جي ڪهاڻي، اسان جي ڀٽائيءَ جا پڙهندڙ ٻين اهڙن مکيه واقعن جي روشنيءَ ۾ پڙهن، جئين هڪ سماجي ٻنڌڻ کي ۽ ان جي نزاڪتن کي وڌيڪ گھرائيءَ سان سمجھي سگھجي.
سر لِيلا چنيسر جي ٽنهي داستانن جي بيتن ۾ ازداوجي زندگيءَ جون مختلف ڪيفيتون ۽ حالتون بيان ڪيون ويون آهن. البت ٽنهي داستانن جي واين ۾ هڪ ئي ڪيفيت آهي ۽ اها آهي، زال جي بيوسي، لاچاري، شڪست خوردگي، پاڻ ارپڻ ۽ منٿ ميڙ ۽ آزي نيازيءَ جي. پهرئين داستان ۾ بيتن پٺيان آيل وائي آهي؛
آءُ پـرين گـھـر پـيهـي، ميان چـنيـسـر!
هار هٿان مون ڇڏيو.
اوڳڻ، عيب، مَٺائيون، ڍولا، ڍڪ سڀيئي،
هار هٿان مون ڇڏيو.
تو در اچي داسڙا، آر ڪرينديس ڪيهي؟
هار هٿان مون ڇڏيو.
ان معني ۾ ليلا، يا لالچ هٿان هارايل ۽ شڪست خورده زال، مڙس جي اڳيان سڀ هٿيار ڦٽي ڪري Surrender ٿي ڪري ڇڏي.
ٻئي داستان جي وائيءَ ۾ ساڳي بيوسيءَ جي ڪيفيت ۾ اميد پرستي به شامل نظر اچي ٿي؛
مون تي وهر وري، وارو ڏيندم وَلهو،
توکي ساري سُپرين، آءٌ پونديس ماڳِ مري،
توکي سَرِي سُپرين، اسان تان نه سرِي،
اسان توريءَ ناهه ڪا، ڳجھاندر ڳرِي...
ان ريت سر ليلا چنيسر جي ٽئين داستان ۾ مايوسيءَ جي ڪيفيت کان اڳ رهجي ويل هڪ آس واري صورتحال ظاهر آهي؛
جيئري زيارت، جي مان هوءِ پرين سين،
سَڌر منهنجا سپرين، مون تان لاهه مَ هَٿ،
مولا! مون کي ميڙئين، سپيريان جي سَٿ،
ڇَنڊيان کِهَه اکين سين، پيرين وجھان هٿ،
ڏوران ڏٺم سُپرين، سچِي جن صِفت،
ملڻ ۾ مشتاق جي، ڪا نه ڪيائون ڪَٿ....
انساني سماج پنهنجي وحشي جيوت جي زماني کان وٺي اڄ تائين هر هنڌ لڳاتار گھڻو تڻو مرداڻي تسلط ۾ پئي رهيو آهي. ايڪيهين صديءَ جي چانئٺ تي بيهي، اسين ڏسون ٿا ته اهو مرداڻو تسلط (Male domination) اڄ به هر سماج ۾ قائم آهي. سسئي، مومل، سهڻي، لِيلا، مارئي، نوري، هير، ڊائنا، مونيڪا لوئنسڪي، سڀ زنانا ڪردار مردن جي هٿان هارايل يا مردن هٿان کٽيل ڪردار آهن. سڀني پراڻن توڙي نون سماجن ۾ عورت کي ٻئي درجي جي حيثيت حاصل آهي. انفرادي طور ڪي نهايت ئي برجستيون عورتون تاريخ ۾ منفرد ڪردار حاصل ڪري ويون آهن، پر انهن جو ڌاڪو سماج تي قائم نه ٿي سگھيو آهي. ان نڪتئه نظر کان ڏسبو ته، عورت واقعي صنف نازڪ ثابت ٿي آهي ۽ اها پنهنجو هڪ ڪَرو مقام لهڻ ۽ ڳولڻ جي جدوجھد ۾ مصروف آهي. شايد ايڪيهين صدي عورت کي ڪو نئون مقام، نئين ۽ قابل رشڪ حيثيت ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگھي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کيس مرد سان هڪ ڪرو اچي بيهاري، پر هيل تائين هن جي حيثيت کيس وري به ڦري گھري بيوسيءَ واري حال تي اچي ٿي بيهاري. ليلا ۽ ڊائنا جي صورتحال اڄ سوڌو هڪ جھڙي آهي؛
چنيسر سين چاڳ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
جان مون پوءِ پروڙيو، ته هيءَ نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ، سگھو ڏِئي سهـاڳڻين.
چنيسر سين چاءُ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
ڪانڌ ڪهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ،
جي ٿِڙي ٿورڙياءُ، ته دوس دسائي داسڙو.
سهاڳڻيون هزار حيلا ڪن، ٺٺ ٺانگر ڪن، سوين روپ سينگار ڪن ته، من کين سرسي حاصل ٿئي، پر کين هيٺانهين هر هال ۾ وٺڻي پوندي. اهو شايد انساني سماج جو گڻ بڻجي ويو آهي، جنهن کان سواءِ عورت کي پذيرائي ملڻ ناممڪن ٿيو وڃي.؛
سڀيئــي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هَــسَ،
پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، وڏا ڪيائون وَسَ،
ڍول تني جي گس، هيٺانهيون هلن جــي.
هڪ کان وڌيڪ شاديون مردن لاءِ هر سماج اندر رائج آهن. اڄ به عورت کي اهائي صورتحال درپيش آهي. ليلا ته پنج سؤ سال اڳ جي مشرقي زائفان هئي. ان صورت حال ۾ عورت پاڻ تان ٻاجھ ۽ ڪرم ختم ٿيندو ڏسڻ لاءِ تيار ڪانه ٿيندي؛
ڪوڙئين تنهنجيون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌُ،
مون کي ڇڏ مَ داسڙا، ته وڃان نه وِڻواند،
مـون ڳـچيءَ ۾ پاند، تو چنيسر هٿ ۾.
مرداڻي تسلط سبب دنيا اندر عورت جي مجموعي صورتحال اڄ به ساڳي اونداهي ۽ وچولي دور واري آهي. مرد پاڻ کي هر صورت ۾ مٿانهون ۽ عقل ڪل ٿو سمجهي. اسان جي ڪوتاهه نظر سماج ۾، سنڌ ۾، اصل کان وٺي عورت کي جوڳي ۽ هڪ جھڙي حيثيت اڃا تائين ناهي ملي. پنهنجي پاڻ کان مٿي ۽ پنهنجي ذاتي پيار کان مٿي ڪو به مرد سوچڻ لاءِ تيار نه ٿو ملي. ۽ ازدواجي زندگيءَ ۾ ته ڪانڌ يا مڙس اڳيان، يا وڏيءَ معنيٰ ۾ مرد اڳيان عورت جي ڳالهه پسند ئي نه ٿي ڪئي وڃي. اها حالت ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۾، سندس مشاهدي ۾ به رهي آهي؛
ليلا! پُوري نه پئين، چئي چنيسر ساڻُ،
توجو ڀانيو پانهنجو، سو ريساڻو راڄاڻ،
پاڻان ڌار پِرياڻ، ڪانڌَ ڪنهنجو نه وڻي.
چَئِي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ مَ تُون،
ايءُ ڪانڌُ ڪنهنجو نه ٿئي، نه ڪا مُون، نه تُون،
رُوئندي ڏٺيون مون، اِن دَرَ مٿي دادليون.
سر ليلا چنيسر جو مطالعو ڪندي ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته ازدواجي رشتن کي نباهڻ ۽ انهن کي مصلحتن تي وٺي اچڻ، ٻيهر کير کنڊ ٿيڻ جي منطقي نتيجي تائين ڀٽائي ضرور آڻي ٿو. عام ورتاءُ جي لحاظ کان سنڌ جا ماڻهو، توڙي دنيا ڀر جا ماڻهو، جن جي هر هنڌ اڪثريت هجي ٿي ڪس ڪسر ذريعي گھر گرهستيءَ جي وايو منڊل کي بهتر ۽ موزون رکڻ لاءِ سرچاء جي مثبت نتيجي تي وٺي ٿا اچن. اها سنجيده مزاجي به آهي ۽ سماجي ادارن جي استحڪام جي نشاني به، ڇاڪاڻ ته دنيا جي سموري مخلوق، انسان ذات، اڃا تائين پابند ازدواجي رشتن کي ٽوڙي ڪو نعم البدل پيش نه ڪري سگھي آهي ۽ شايد ڪري به نه سگھندي، ڇاڪاڻ ته صُلح واري واٽ اُتم آهي؛
ليلا! لــڇُ مَ ايترو، اُٿي سُور ٻُهار،
ڍوليو اڱڻ پار، ڪانڌُ ڪميڻيءَ آئيو.
۽ جڏهن صلح ۽ سرچاء جي گھڙي ٿي اچي ته، اها نهايت ئي جذباتي منظر به پيش ٿي ڪري؛
ليلا! لــڇُ مَ ايترو، اُٿي اڱڻ سورِ،
ابو ڏاڏو گھور، پاڻ سُوڌو پرينءَ تان.