ڀٽائي رح جي شروعاتي دور جي شاعري.
وِيچارن جهڙي ڳالهه ته اها به آهي ته جامع تحقيق کان لنوائڻ سبب ڀٽائيءَ تي ڪم ڪندڙن سندس ڪلام پڙهندي، ان جي ترتيب ڏيندي يا تشريح ڪندي اها تڪليف به نه ڪئي آهي ته ڳولي لهن ته ڪهڙو ڪلام هُن شروعاتي دور ۾ چيو ، ڪهڙو ڪلام سندس ذهني ۽ فڪري بلوغت جي زماني جو آهي ۽ ڪهڙو سندس پِيريءَ جو. اسين ڪوشش ڪنداسين ته ڀٽائيءَ جي ڦوهه جوانيءَ واري زماني جي شروعاتي ڪلام، ان جي موضوعن ۽ فني جوڙجڪ تي بحث ڪريون.
ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ سندس زندگيءَ کي گڏ کڻي، الڳ الڳ موقعن تي بحث ڪندي اسان اهو ٻڌائي چڪا آهيون ته،ڀٽائي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول يا تڏهوڪي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ڪي سورنهن کن سال مختلف مدرسن ۾ پڙهيو.انهن مدرسن ۾ حيدرآباد ضلعي جا ڪجهه مدرسا ۽ ٺٽي ضلعي جا مدرسا شامل آهن. دنيا ۾ پراڻي تهذيب کان رواج آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جا شاگرد ٻين اهڙن ادارن جا تعليمي دورا ڪري هڪ ٻئي جي ٽعليمي، تدريسي ۽ فڪري ڄاڻ ۽ تجربن کان آگاهي حاصل ڪندا آهن. خود ديني مدرسن ۾ به اهو رواج آهي. خود مون پنهنجي جوانيءَ ۾ هڪ ديني مدرسي جي شاگرد طور کوڙ مشهور معروف ديني مدرسن جو پنهنجي استادن سان گڏجي دورو ڪيو ته خبر پئي ته استادن ۽ شاگردن جا هڪ ٻئي سان ويچار ونڊڻ ۽ تجربا Share ڪرڻ جو رواج ڪو ڏاڍو پراڻو آهي.
ڀٽائيءَ پنهنجي جوانيءَ ۾ ان ريت ڏاکڻي سنڌ جي ڪيترن ئي مدرسن ۽ تعليمگاهن جا دورا به ڪيا ۽ علم ۽ عرفان جون منزلون طي ڪيون. سندس سڄي ڪلام جي غور سان مطالعي مان لڳي ٿو ته هن نوجوانيءَ ۾ ئي شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ شعرن جي مروج گهاڙيٽي بيت ۽ وائيءَ تي طبع آزمائي ڪئي. ڀٽائيءَ جي دور ۾ مدرسن ۽ تعليمگاهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو رواج هو،ڇاڪاڻ ته وقت جا حڪمران ڪلهوڙا سلطنت جو ڪاروبار فارسيءَ ۾ هلائيندا هئا، جنهن کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو حاصل هو. اڪثر عالم سڳورا فارسي شعر چوندا هئا ۽ عربيءَ ۾ پڻ. جن جي ڪمن تي ڪجهه سال اڳ ڪتاب پڻ ڇپيا آهن.
پر ان ئي زماني ۾، ڀٽائيءَ جو ڏاڏو شاه ڪريم بلڙيءَ وارو، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، شاه عنايت شهيد جهوڪ وارو ۽ صوفي شاه عنايت نصرپور وارو توڙي ٻيا وڏا عالم سنڌيءَ ۾ شعر چئي رهيا هئا، جيڪي خطن، محفلن ۽ راڳ رهاڻ جي موقعن تي عام اڳيان پئي آيا. مٿان وري سنڌ جي عالمن اکئين ڏٺو پئي ته سنڌ جي تڏهوڪي سرڪار دهليءَ جي مغل سلطنت جي آٿت ۽ آسرَي پَئي حڪمراني ڪئي، جن جي سرڪاري ٻولي به فارسي هئي. ان ئي زماني ۾، بلڪه ڀٽائيءَ جي نوخيزيءَ جي زماني ۾ سنڌي عالمن جي حلقي ۾ نه رڳو سنڌي ٻوليءَ لاءِ محبت پيدا ڪئي وئي هئي پر مغليه ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت به بلوغت تي پهتي هئي. جنهن جو عملي ثبوت شاهه عنايت شهيد پاران مغل ۽ ڪلهوڙا فوجن سان جوٽيل جنگ هئي. ان ئي جنگ جدل جي ماحول ۾، جڏهن مغلن کان سنڌ بغاوت ڪئي، ڀٽائيءَ عالمن ۽ مفڪرن جي هڪ محفل ۾ نوجوان شاعر طور شريڪ ٿيندي اُمالڪ چئي ڏنو؛
جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام!
ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر بروو سنڌيءَ جو سڄو ڪلام نوجوان ڀتائيءَ جو ڪلام ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪو هڪ موضوع موجود ڪونهي. ان ڪلام ۾ هن جي منڍ واري شاعريءَ جي پڪ سندس بيتن جي جوڙجڪ مان به پئي ٿي، جن ۾ فني پختگي ته آهي پر فڪري لحاظ کان اهو چيڙهُه نظر نٿو اچي جيڪو ٻيءَ طرح ڀٽائيءَ کي هميشه اعليٰ ۽ اُتم رکندو. ڀٽائي مذهبي عقيدي جي حوالي سان ڏاڍي شاندار شاعري ڪئي آهي،جيڪا ٻين سُرن ۾، بلڪه تقريبن سمورن سُرن ۾ لڀي ٿي، پر هي بيت سندس شروعاتي شعر لڳي ٿو؛
ڇاکي وڃيو ڇو؟ ٻيلي ٿئين ٻين جو،
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو،
سُهکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.
نوجوان ڀٽائي خواب ڏسي ٿو ته شعر ٿو لکي؛
پَرِوَسِ ٿيم پراڻ، پرين وس نه پانهنجي،
لڳي ڪين لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
ڪير چئي سگهي ٿو ته، ڀٽائيءَ جي شعر ۾ ڪا فني اوڻائي به ٿي سگهي ٿي؟ پر جڏهن اسان سيکڙاٽ شاعر جو ذڪر ڪريون ٿا ته، فطري ماحول کي بيت اندر چِٽيندي نوخيز شاعر هيئن ٿو چئي؛
اونداهي اڌ رات ۾، پرينءَ پَسايو پاڻ،
چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پاتال ۾.
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته، اونداهي اڌ رات به هجي ، وري چنڊ به هجي ۽ پرين جي اچڻ سان ڪَتين سوڌو گم ٿي وڃي؟ اڌ رات اونداهي آهي ۽ ان لاءِ ته اُن ۾ چنڊ ڪونهي.
نوجوان شاعر کي عشق جي لپيٽ ٿي لڳي ته چئي ٿو؛
هيرائي هٿ ڪيو، هينئڙو حبيبن،
ٻڌي ڪچيءَ تند ۾، سلهاڙيو سيڻن،
وجهي پيچ پرين، هينئڙو هٿيڪو ڪيو.
تانگهه جي هيءَ ڪيفيت ڏسو؛
ڪڏهن در ڪشادا دلبر سندا، ڪڏهن پورو ڏين،
ڪڏهن وڃان، وڃي نه سگهان، ڪڏهن سڄڻ پاڻ سڏين،
ڪڏهن ڪُڇن ڪينڪي، ڪڏهن ٻاجهه منجهان ٻولين،
ڪڏهن قول ڪرين، ڪڏهن حرف نه ڪُڇن هيڪڙو.
مجاز جا عجب اسرار ٿين ٿا. ڪير ائين چوندو ته عشق مونکي ٿيو ئي ڪونه هو پر ٻئي پاسي واري ماڻهوءَ عشق لاءِ مجبور ڪيو! ڀٽائي ڏسو، اِها ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري؛
آثارو تنهن عشق جو، ڪڏهن ڪونه ٿيومِ،
محبوبن منٿون ڪري، سِڪڻ سيکاريومِ،
تِهان پوءِ ٿيومِ، آرو پسڻ پرينءَ جو.
لوهر جي دوڪان تي زنجير ٺهندي ڏسي نوجوان شاعر دل جي ڪيفيت هن طرح بيان ٿو ڪري؛
جيئن لوهارن لپيٽيو، ڪڙو منجهه ڪڙي،
منهنجو جيءُ جَڙي، سپيرين سوگهو ڪيو.
ڀٽائيءَ جوانيءَ ۾ ئي هيکلا سفر شروع ڪيا هئا ۽ دڳ ۾ جو ڪجهه پئي ڏٺائين تنهن تي شعر پئي لکيائين. ڪنهن ماڻهوءَ جي قبر کوٽجندي ڏسي دڳ مان ئي هن ان حال تي غور ڪيو ته سندس ادراڪ موت سان واڳيل لازمي شين تي هن طرح شعر موڪليو؛
فاني ئي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،
لٽي لوڙهه لتن سان، جوڙيندئي جاني،
حرف پڇندئي هيڪڙو، ظاهر زباني،
ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀڪنهين.
موت بابت ڀٽائيءَ سوين شعر لکيا آهن، جن ۾ سندس فڪر جون گهِرايو ڏاڍيون انوکيون آهن، پر ڪنهن کي قبر تي ويهي دعا گهرڻ ۾ محو ڏسي نوجوان شاعر چيو؛
ڀر ڀنجهوءَ ويهي، ڪهڙي ڪندين ڳالهڙي؟
ڄاڃي ماڃي موٽيا، وَرُ ونيءَ ڏيئي،
خبر نه پيئي ته، ڏاج ڏنائون ڪيترو؟
ته ڀٽائيءَ جا چاهيندڙ سـڄڻ اهڙا بيت پڙهڻ لاءِ پاڻ به غور ڪندا.....