سُر بروو سنڌي
تازو ئي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ اهو بحث اٿيو آهي ته، آخر شاهه جي محققن اها محنت ڪرڻ کان ڇو لنوايو آهي ته اهو تعين ڪجي ته، شاهه جي ڪهڙي شاعري سندس جوانيءَ جي شاعري آهي، ڪهڙي اڌ وهيءَ جي ۽ ڪهڙي ڪراڙپ جي. مون جڏهن سُر رِپ، سُر پورب ۽ سر کاهوڙيءَ جو سارُ ڪيو هو تڏهن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته ڀٽائي جواني ۾ جيڪا شاعري ڪئي اها انهن سُرن ۾ اچي وڃي ٿي. گڏو گڏ بروو سنڌيءَ جو مطالعو پڻ ان ساڳي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته، ان سرُ ۾ آيل ڪلام به گھڻو ڪري ڀٽائيءَ جوانيءَ جي زماني ۾ ئي چيو. محقق ان ڳالهه کي گھڻي غور ويچار کان پوءِ قبول به ڪري سگھن ٿا ته رد به، ڇاڪاڻ ته ڪنهنجي ڳالهه حرف آخر ناهي هوندي. گھٽ ۾ گھٽ منطق جي حوالي سان ڪنهن ڳالهه يا راءِ کي قطعي ۽ حرف آخر نٿو سڏي سگھجي. اسان وٽ بروو سنڌيءَ جي ڪلام کي شاهه جي جوانيءَ جو ڪلام سڏڻ جو جواز اهو آهي ته، ان ڪلام ۾ مجاز جي به بنهه منڍ واري مرحلي جھڙي ڪيفيت ڀاسي ٿي، جنهن ۾ عشق جي اظهار جا اڌما ته آهن پر اهو ڇوهه ۽ شدت نظر نه ٿي اچي، جيڪا ٻي صورت ۾ ٻئي ڪلام ۾ ملي ٿي. بروو اهڙو ڪلام اسان جي اڳيان آڻي ٿو رکي، جنهن ۾ فطري احتياط به آهن ته اظهار جو اجھل جذبو به، پر شدت کان سواءِ. عشق لڄارو نه ٿيندو آهي، البت لڄارا ماڻهو عشق جي پهرين وک مان محتاط، ڊنل ۽ فطري طور نماڻا ۽ نياز نئڙت ڪندڙ لڳندا آهن. عشق جي اُساٽ ابتدائي مرحلن ۾ فقط انسان جي پنهنجي وجود اندر محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجو وجود پرائو يا پرائي وس هليو ويو هجي. ۽ اها ڪيفيت خواب مان سجاڳ ٿيڻ مهل به محسوس ٿيندو آهي؛
پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پَراڻُ، پرين وَسِ نه پانهنجي!
لڳي ڪين لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
بروي جي پهرئين داستان ۾ ويڄ جو ذڪر ڪيل آهي ته ڪاني مان ٺهيل بِين جوبه؛
جيئن ڪا ڪاني ڪانهن، لُسندي لاتيون ڪري،
اچي پئي اوچتي، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀين ڪُهه ٻانهه، سُورَ هِئين کي سامهان.
عشق جي بيمار هجڻ جو اهو ڏاڍو سادڙو، پر فطري منظر آهي ته ڪنهن جي دل ۽ هيانءُ سور سان سلهاڙيو پيو هجي، پر ويڄ يا طبيب ٻانهه ڏنڀي علاج ويٺو ڪري!
“لڪن ۾ روح رهاڻ” جي خواهش هڪ بيت ۾ ڪلاسيڪي دور جي مروج انداز کي ظاهر ٿي ڪري، ورنه بروي سنڌيءَ ۾ آيل ڪلام زمان ۽ مڪان جي حوالن کان آجو آهي؛
مون ساريندي سپرين، اچين جي تون هاڻ،
ڪريان روح رهاڻ، هوند لَڪَن منجهه لطيف چئي.
ڏسو، هي ڪيفيت لڄاري عشق کي ڪيئن ٿي بيان ڪري؛
اڄ پـڻ اکڙين، سڄڻ پـنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي ئي نه لهي.
۽ سڪ جڏهن شدت اختيار ٿي ڪري تڏهن دل ڪنهن جي لاءِ اوطاق بڻجي ٿي وڃي؛
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپرين سين،
تڏهانڪر تر جيترو، وير نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
۽ هي منظر ڏسو، جيڪي بروي کان سواءِ اوهان کي ڪنهن ٻئي سُر ۾ نه ملندا؛
ڪڏهن کلن در دوستن جا، ڪڏهن طاقيون ڏين،
ڪڏهن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نِينَ،
ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجھاندر ڳرهين،
اهڙا ئي آهين، صاحـب منهنجا سپرين.
ڪڏهن درسندا دلبر سندا، ڏهين پوريو ڏين،
ڪڏهن وڃان، وڃي نه سگھان، ڪڏهن سڄڻ پاڻ سڏين،
ڪڏهن ڪڇن ڪينڪي، ڪڏهن ٻاجھ منجهان ٻولين،
ڪڏهن قول ڪرين، ڪڏهن حرف نه ڪُڇن هيڪڙو.
عشق جي آڳ ٻه طرفي ٿيندي آهي. ان ڪيفيت کي ڪنهن هڪ ڪردار تائين محدود نه ٿو ڪري سگھجي. عجب جھڙي ڳالهه اها آهي ته، جڏهن ڪنهن ۾ عشق لاءِ ڪي آثار نه هجن، ڌيان ئي نه هجي، ڪنهن به قسم جو ڪو لاڙو نه هجي، پر محبوبن جو ارادو ٿي پئي، اتان اتساهه به ملي، بلڪه منٿون ٿين، ته اها ڳالهه بنهه نئين ٿيندي. اسان ڪڏهن ڪنهن شعر ۾، ڪنهن جي ڪلام ۾ ائين نه پڙهيو آهي، پر ڀٽائيءَ ڏسو هيءُ بيت ڪيئن چيو آهي؛
آثارو تنهن عشق جو، ڪڏهن ڪونه ٿيوم،
محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريوم،
تـهان پوءِ ٿيـوم، آرو پسڻ پرينءَ جو.
سُر بروو سنڌيءَ جي پهرئين داستان کان پوءِ جيڪا وائي اچي ٿي تنهن جي پهرئين سٽ جو پهريون اڌ سرائڪي لهجي ۾ لکيل آهي؛
هوت نيڻان دا دلبند، لو ڀلوڙي جيڏيون.........
هن سڄي وائيءَ ۾ ڪٿي به ٻئي هنڌ سرائڪي لهجو ڪونهي، اهو همعصر سرائڪي شاعرن جي صحبتن ۽ ڪچهرين جو اثر ئي چئي سگھجي ٿو. ڇو ته ڀٽائيءَ سرائڪيءَ کان علاوه هندي، فارسي، بلوچي، براهوي، عربي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ۽ محاورا به استعمال پئي ڪيا آهن..
جيڪي سندس صحبتن ۽ مختلف ٻولين جي تخليقڪارن سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ شعرن جي مطالعي سان ئي ممڪن ٿي سگھن ٿا.
ڀٽائيءَ جي هن سر ۾ قبر ۾ دفنائجڻ جي حوالي سان به ٻه بيت موجود آهن، جيڪي قبرستانن ۾ ورد طور پڙهجندا به آهن؛
فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،
لٽي لوڙهه لتن سان، جوڙيندءِ جاني!
حرف پڇندءِ هيڪڙو، ظاهر زباني،
ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀڪنهين.
ٽئين داستان ۾ ڀنڀور جو ذڪر ڇا علامتي انداز ۾ ڪيل آهي؟ اهو بيت هڪ محقق لاءِ مواد مهيا ٿو ڪري، جنهن ۾ سڄي سُر جي وايو منڊل جي جائزي کان پوءِ واقعي لڳي ٿو ته ڀنڀور جو ذڪر علامتي طور ئي ڪيل آهي؛
ڀيڻي ناهه ڀنڀور ۾، جنهن جِي ڌڻيان ڌارَ،
تنهن ڪميڻيءَ جي ڪان ڪئي، ساٿ لڏيندي سار،
آءُ عالم جا آڌار، واري واڳ ولهيءَ تي.
شاهه سائين جي ڪلام تي جڏهن به ڳالهايو يا لکيو ويو آهي ته، چيو پئي ويو آهي ته، هو زناني ڪردار واتان سڀ ڳالهين چورائي ٿو، ڏک، سک سڀ عورت جي واتان ئي ظاهر ٿو ڪري. سر بروي ۾ البت اها ڳالهه ڪانهي. ٻن ٽن بيتن کان سواءِ بروي جو سڄو ڪلام ائين آهي، جيئن عربي ٻولي جي زمان مضارع جي جوڙجڪ. جن ٿورڙن بيتن ۾ عورتاڻي احساس جو اظهار ٿئي ٿو، انهن ۾ هڪ هيءُ به آهي:
سورن سانگھيئڙا ڪيا، مٿي مون معزور،
آئون هت ويٺي وِجھلان، مران نِتُ مهجور،
جي دوست منهنجا دور، سي والي! وهلا آڻئين.
سماجن اندر ماڻهن ۾، ماڻهپي جا قدر حالتن موافق بدلجندا رهندا آهن. هڪڙا مستقل قدر آهن جيڪي انسان پنهنجي ڊگھي سفر مان اخذ ڪيا آهن، پر انهن ۾ به ڪڏهن تبديلي اچي ٿي ته زماني جو سماجي مفڪر ڏکارو ٿو ٿئي؛
آدمين اخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو،
ڪو نه کائي ڪنهن جو، سندو ماڙهوءَ ماسُ،
دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
اکين جي عادتن بابت ڀٽائيءَ جو سُر آسا گھڻو مواد مهيا ڪري ٿو، پر لڄارين اکين جو بروي سنڌيءَ ۾ اوچتو ذڪر ڏسو ڪيئن آيو آهي. هي اهي اکيون آهن جي ڪنهن تي کپندي کڄي ويو آهن. دل ٻَڌائڻ جو هي انداز ڏسو؛
کوڙي کڻ مَ سپرين، کنيئِي تان کوڙِ،
عادت جا اکين جي، سا نيئي نڀائج توڙ،
مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.