مارو پاڻ امُل، مليرونِ مرڪڻون
چؤماسي جي مند آهي ۽ چؤماسي جي هوا جي خوشبوءِ سنگھي مارئي قيد و بند ۾ ئي اندازو لڳائڻ شروع ٿي ڪري ته، واهوندن ورئي، يعني جهڙ سانوڻ جي چؤماسي هوائن اچڻ شرط پنهوارن پنهنجن پکن ڏانهن پاٻوهيو هوندو، ته جيئن مينهن وسندي ئي وڃي پنهنجا ٻنيون ٻارا آباد ڪن؛
پنهوارن پاٻوهيو، وريا واهوندا،
ساريم سيڻ سيد چئي، گاڏيليون گوندا،
ڀِٽن ڀر هوندا، ڀونگا ڀَڙَ ڀتار جا.
ملير جي سونهن جا عڪس ڏسو ڀٽائي ڪهڙي انداز ۾ بيان ٿو ڪري؛
پنهوارن پاٻوهيو، ڪَئي وَسَ واهوندن،
لٿو سيءُ لطيف چئي، ٻڌو ٿڻُ ڦرَن،
اُوءِ ٿا ڪورِن ڪُنئري ، سرتيون مٿان سسِن،
عُمر اُن اگوندري، پاسي ڪانڌ ڪَتِن،
پائُر ڏنيون پُٺيون، ننڍن نورا پَنِ،
کائُرَ کٿيون خاصيون، اوچيون اُت اُڄن،
ڪڍيو پيڻُ پَهَن، ”ملير گھرجي مارئي“!
اَن جي پٽڙي ڀت، پيڻ يا پيڄيءَ جا ٿالهه کولي ولهه تي ٺاريندي، ماروئڙيون مارئيءَ کي ملير ۾ ڏسڻ ٿيون چاهين “ملير گھرجي مارئي“. گھرن ۽ ڳوٺن اندر ڪمن ڪارين ۽ پورهئي جي سونهن کان پوءِ ڀٽائي فطرت جي حسين نظارن کي هن طرح بيان فرمائي ٿو:
پنهوارن پاٻوهيو، ڪئي واهوندن وَسَ،
عمر! انــهــي ڏيــهه جــا، ڏوٿيــن ڏنم ڏَسَ،
وليون، وَڻَ ڦــلاريــا، لُلُر نڱيو لَسَ،
آڻيو وجھن آهرين، سندا ٽوهن طَسَ،
ميوا، مَڃُرُ، ماکيون، سڀڪا چکن چس،
ماڙي وِهي مـس، ملير ويندي مارئي.
ٿر ۾ هاڻي ته اوهان کي هنڌ هنڌ ٽئڪس اڳاڙيندڙ ملندا. هڪ مينهن ڪونه وسي، جنهن ڪري فصل ٿين ڪونه، مٿان تپيدار ۽ ڪوٽار، او وڃي رڻ تائين اوهان کي ڪاهيندا نظر ايندا. ڇهه ست سئو سال اڳ عمر ڪوٽ جي راجا جو ٽئڪس اڳاڙڻ جو نظام سڄي ٿر ۾ ڪونه پهتو هو. جوکيڙي سو کائي وارو نظام هو، ان ڪري محنتي ماڻهن کي جھجھا ان ملندا هئا. ماڻهو به ته مال متاع به خوش. اندازو ته ڪريو:
نڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجھن آهرين، روڙيو رتا گُل،
مارو پاڻ امل، مليرونِ مرڪڻو.
ڀٽائي صاحب جي ڪلام کي پڙهندي لڳي ٿو ته، عمر ۽ مارئيءَ وچ ۾ عمر ڪوٽ جي قلعي اندر مڪالمو يا آمهون سامهون ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثو به ٿيو، جنهن کي ڀٽ ڌڻيءَ منظوم ڊرامي وانگر ريڪارڊ ڪيو آهي. مثال طور عمر رات جو جڏهن درٻاري ڪمن ڪارين کان فارغ ٿيندو هو ته، اچي زنجيرن ۾ ٻڌل مارئيءَ ڀرسان ڪرسي وجھرائي کيس سمجھائيندو ۽ پاڻ ڏانهن توجھ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڏسو هيءُ بيت ان سلسلي جو لڳي ٿو، جڏهن عمر مارئيءَ سان سامهون ويٺو ڳالهائي؛
در، دروازا ، دريون، هاڻي هتي هوءِ،
ڪوڙين اڏيان ڪيترا، تنبو مٿان توءِ،
جي مُول نه آيا مارئي! تنين رڙ مَ روءُ،
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو؟ پُسِيءَ پنهوارن ۾.؟!
پر مارئي اتي جو اتي کيس وراڻي ٿي؛
سَنِهيءَ سُئيءَ سبيو، مــون مارؤسين ساهُه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهُه،
هينئون منهنجو هُتِ ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماهُه،
پکن منجھه پساهُه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
مارئي ٻٽي ڏک ۾ گھاري ٿي؛
مون ماڙيءَ جو سومرا! ٻنهي پارين ڏُکُ،
هِت عُمر جو اهُکُ، هُت مارو ڏينم مهڻا!
جن ماڻهن ٿر يا ريگستان جي زندگي ڏٺي هوندي ۽ تفصيلي مطالعو ڪيو هوندو، فقط اهي ئي محسوس ڪري سگھن ٿا ته، برسات جي ريگستان ۾ ڪيتري اهميت آهي. اسان جي ڌرتيءَ تي ايشيا ۾ هند - سنڌ جو ٿر وڏو آهي، ٻيو عرب ريگستان وسيع آهن، آفريقا ۾ وڏا رڻ آهن، آسٽريليا جي اولهه اوڀر واري ڪناري ڊگھو ٿر آهي ۽ ميڪسڪو نار وٽ به ٿر آهي. قدرتي طور انهن علائقن ۾ مينهن جو مقدار به گھٽ پئي ٿو، ان ڪري زمين به گھٽ اپت ڏئي ٿي ۽ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ رهي ٿو.
اهڙيءَ بُٺَ مان اغوا ٿي آيل هڪ نياڻي، ٿر جي اُڃ کي مينهن جي مند ۾ ڪيئن ٿي ساري، اهو ڀٽائيءَ جي ڪردار نگاريءَ جو ڪمال آهي؛
جھڙ ڦڙ مٿي مارئين، جت چِيها، چِلُڙَ، چِڪَ،
اندر ٿو اڃ مري، ساهه انــهين جي سِڪَ،
پيهون شال پهيون پري، تئان ڏيئي تِڪَ،
وَرُ پريان سين پِڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گھوريا!
مارئيء جي پختگي ۽ مزاحمت جون خبرون سڄي ٿر ۾ پهتيون هيون، سو اتان چڱا مَٺا سڀ گڏجي عمر سان ڳالهائڻ پهتا. ڪجھ پنهنجين، مائن، ڀيڻين، سرتين به کيس هنجون هاريندي ساريو پئي، سو جڏهن ٿري وفد عمر ڪوٽ پهتو ته، ان وقت مارئي پنهنجي مٿان ويهاريل هڪ جاسوس مائيءَ کان پڇي رهي هئي ته، رات ٿر پاسي ڏاڍي وڄ پئي پئي، ڏسي آءُ ته ڪو ٿر مان آيو، جيڪو من مينهن جي خبر ئي ڏئي؛
آيو ڪير ڏيهاءُ، جنهن ڪر پڇان خبرون،
وِڄـون ان وٽـان، رات مارؤ تــي وُٺــيون!
جاسوسڻ جھٽ موٽي اچي جا خبر ٻڌائي سا هيءَ هئي؛
اتان اوٺي آئيو، خبر ايءَ کري،
وساريج مَ وَرَ کي، پئج مَ مُنڌ مري،
ويندينءَ اُت وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾!
پوءِ جڏهن مارئيءَ جا زنجير لٿا ۽ بند خلاصا ٿيا، سندس ملاقت پهريون ڀيرو ٿري وفد سان ٿي ته کيس آزاديءَ جي خوشخبري ملي؛
ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
ڪامڻ، اهنجي ڪُرَ جي، آڏ وڏائي آهه،
هت مَ پــاڙج هيڪڙو، پائر جي پساهه،
ستي، سيل نباهه، ملير ويندينءَ مارئي!
ملير ويندي مهل عمر ڪجهھ سون جا زيور مارئيءَ کي تحفي ۾ ڏنا ته اندر مان اڌمو اٿيس؛
سي ساهيڙيون سارين تو، سِيل جني جو سَچُ،
ماروءَ ريءَ مَ مَــچُ، سِيهو ڀانئج سون کي.
ايڏي سچائي ۽ خود اعتماديءَ باوجود جڏهن پنهنجن مٿس ڏوهه رکيا ته، تون ضرور عمر سان رعايت ڪئي هوندي ۽ محل جا مزا ماڻيا هوندا، ته مارئيءَ جي دل ڀڄي پئي؛
”ستي، تنهنجي سٿ ۾، ڳالهه گھرجي ڳچ،
وڍيــو، چــيــريــو، چــچــريو، پــر ۾ اُڀــي پَچُ،
ساڻ امانت اچ، ته ٿئين سماني سٿ ۾“
پوءِ به قيد مان نڪرڻ جي خبر ٻڌي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي:
سُڻي ساڻيهه ڳالهڙي، لهي ويا لوهه،
اندر جا اندوهه، لٿا ڏک، سک ٿيا.
پر چون ٿا، مارئيءَ جو هڪ الميو پورو ٿيو ته ٻيو شروع ٿيو. مارن کيس نه قبوليو ۽ ٿرن ۾ مهينن جا مهينا ڦرندي سندس لٽا ليڙون ٿي ويا. ڪٿي رهڻ جي لاءِ ڪنهن به اجازت نه ڏنس. نيٺ ڇاڇري کان 40 ميل ڏکڻ طرف ڀٽن تي هڪ وڏي کوهه ۾ پاڻ اڇلي ڇڏيائين ۽ ٿر جو هيءُ دکدائڪ باب اتي پورو ٿيو.