سُر آسا
سر آسا جي پهرئين داستان ۾ خلقڻهار جي حقيقت کي ڪائنات جي وُسعتن ۾ ڀٽائي هن طرح تلاش ٿو ڪري؛
لڇان ٿـي لاحـد ۾، هاديء لهان نــه حد،
سپيريان جي ســونهن جو، نه ڪو قد نه مدُ،
هت سڪڻ بي عدد، هُت پرينء پرواهه ناهه ڪا.
خالق جي هيڪڙائيء جي پرک ڪرڻ کانپوءِ طالب دوئيء ۽ ٻيائيء کي ترڪ ڪري پنهنجي پاڻ کي فنائيت ڏانهن رجوع ڪري ٿو ۽ ان وقت پنهنجي هجڻ، يا وجود جي احساس کي پاڻ مان ڪڍي ٿو ڇڏي؛
آءٌ سان ان پـار، ڪڏهن تان ڪونه ويو،
“ان الله وِترُ وُيحبِ الوِتر”، نيئي ٻيائي ٻار،
هيڪڙائيءَ وٽ هار، هنجون جي “هئڻ” جون.
الله ۽ بندو ٻه مختلف حقيقتون آهن. هڪ خلقڻهار آهي ۽ ٻيو مخلوق، پر خلقڻهار جي حقيقت کي مڃڻ واري، شعور ايندي ۽ ان جي پختي ٿيندي ئي هڪ سالڪ ان کي ويجهو ٿيڻ جي پاڻ ۾ خواهش پيدا ٿو ڪري. اها خواهش جڏهن عروج ٿي ماڻي ته سالڪ يا طالب پنهنجو پاڻ خالق اڳيان ان ريت پيش ٿو ڪري. جو هو پاڻ کي خالق جي ڪل وجوديت ۾ سمايل سمجھڻ ٿو لڳي. ان حالت کي پهچندي طالب کي پنهنجي الڳ هئڻ جو احساس به ستائي ٿو ۽ نيٺ هو مطلوب يعني خالق کي ئي منٿ ٿو ڪري ته کيس الڳ هئڻ جي احساس کان آجو ٿيڻ جي توفيق ڏئي ۽ اهو ڪم بندي ۽ طالب جي وس کان ٻاهرهجڻ ڪري هو اها سگھ به خالق کان گھري؛
ٻَـن ٻيائي سپرين، ”پاڻان“ مــون کي پَلِ،
”آءٌ“ اوريان جھل، توکي رسي ”تو“ ڌڻي!
۽ ان ڪيفيت جي احساس دوران طالب رب تعالٰي جي هيڪڙائيء ۾ ضِم ٿيڻ کان ڪنڌ ڪڍائيندڙ کي شارڪ، شرڪ ڪندڙ ۽ الله سان ٻئي ڪنهن کي شامل ڪندڙ ٿو سمجھي ۽ اهڙي احساس کي نندي ٿو. تصوف جي سمورن مسلڪن ۾ صوفيء جو رستو شرڪ کي ختم ڪرڻ وارو ملي ٿو؛
توکي رسي ”تون“ ڌڻي، سڀوئي جمال،
ڪونهي ٻيو خيال، جي شارڪ شرڪ وڃائيين.
ڌڻي ان ريت حسن ۽ جمال جو اڪيلو مظهر ٿي صوفيء جي وجود تي طاري ٿئي ٿو ۽ پنهنجي پچار کي ڦٽي ڪري، هڪ طالب پنهنجي غير سنجيده، غير ذميدارانه ۽ بي جوابدرا زندگيء، ماضيء جي غلط ڪاري ۽ فڪر کي ”اعتراف“ جي هن ڪيفيت ۾ اظهاري ٿو؛
”آءٌ“ اوريان جھل تون، ڇڏيم پاڻ پچار،
شرڪ ساڻ ستار، گهڻا گھاريم ڏينهڙا.
هن مرحلي تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيء طالبن جي پنهنجي حلقي اندر رهنما ۽ پيشوا جو ڪردار ادا ڪندو نظر ٿو اچي. جڏهن سندس فقير ساڻس صحبت ڪندي شرڪ ۽ ايمان جو فرق معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ کيس ٻڌائين ٿا ته، هنن پاڻ کي فنا ڪري هُن اصل جي حقيقت ۾ اوتي ڇڏيو آهي. فقيرن ۽ طالبن جي طريقئه واردات تي پنهنجا ويچار ڏيندي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو؛
عين شرڪ ايءُ، جيئن بي شرڪ ڀانئين پاڻ کي،
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
هڏهين ڪونهي ”هيءُ“، ”هُو“ پڻ ڪينهي ”هِن“ ريء.
فنائيت جي ان احساس ۽ حق کي محسوس ڪرڻ واري عمل ۾ به خدا ۽ بندي وچ ۾ خالق ۽ مخلوق ۽ عبد ۽ معبود واري فرق کي ڀٽائي هن طرح بيان ٿو فرمائي؛
انا عبد، معبود تون، اِت نه شرڪ نه شڪ،
پچارون پِرينَ جون، محبتين مَرڪُ،
سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرينء کي.
سنڌ ۾ صوفين جو هڪ حلقو اهڙو به آهي، جن وٽ هندو ۽ آتش پرستن جي هڪ مشترڪ روايت آهي ”دونهين“ هميشه برقرار رکڻ جي. اهي صوفي سمجھندا آهن ته جتي باهه يا دونهين هميشه ٻريل هوندي اتي حق يا سچ هميشه موجود هوندو. ڀٽائيءَ اهڙن صوفين ۽ انهن جي حلقن جو مختلف سرن ۾ بار بار ذڪر ڪيو آهي. اهو جو چيو ٿو وڃي ته ڀٽائي زندگيء جا مهڙ وارا ۽ جوانيء جا رڳو ٽي سال صوفين سان ۽ سفر ۾ گذاريا، تنهن تي اتفاق ڪرڻ جو اسان کي ڪو جواز نظر نه ٿو اچي. ان جو سبب اهو آهي ته مختلف نوعيت، مسلڪن ۽ سوچ وارن ماڻهن سان ملاقاتين، ساڻن گڏ گذاريل گھڙين، ڏينهن يا مهينن جو معروضي ذڪر ڪندي به ڀٽائي ائين نظر ٿو اچي ڄڻ هو ورهين جا ورهيه انهن سان گڏ رهيو هجي. وري سندن مسلڪ يا عقيدي بابت جڏهن ڀٽ ڌڻي ويچار ظاهر ٿو ڪري ته، ڪن جي طور طريقي کي پسند ٿو فرمائي ته، ڪن کي نندي ٿو. هي ڏسو، دونهين يا ڌوڻيءَ کي سدائين ٻاري رکندڙ صوفي يا سالڪ کي آسا جي هن بيت ۾ ڀٽائي هن ريت نندي ٿو ۽ ڪُوڙو قرار ٿو ڏئي؛
سِرُ نايو سجدا ڪرين، تَن تواضع تو نه،
هُو جو مڻڪو مَنَ جو، سهجان سارين سو نه،
ڪوڙا ! ٿيندءِ ڪو نه، ڌوڻئي ڦوڪئي فائدو.
عشق حقيقيءَ جي هڪ ڪشش جي ڪيفيت طالبن ۽ سالڪن اها به بيان ڪئي آهي ته، مطلوب باز جيان هانءُ جھلي، وجود کي پاڻ طرف رجوع ڪري ٿو ڇڏي ۽ طالب جي ڪوشش بجاء مطلوب پاڻ ئي پنهنجي طرف ڇڪي ٿو وڃي، جنهن کان پوءِ طالب جي تانگھ، ورد وضيفا سڀ ڪجھ وسريو ٿا وڃن؛
ورد وضيفا وسريا، نه ڪا رهي نماز،
هينئڙو بحري باز، چوري ڪيو چنبن ۾.
۽ ان نوعيت جي نا بودي يا فنائيت ٻانهي، طالب يا سالڪ جي حيثيت کي معبود سان ملائڻ سبب اعلٰي بنايو ڇڏي. اهو ڪو ڳجو عمل آهي جنهن کي طالب بيان به نه ٿو ڪري؛
نابُوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت جي مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
ڪَبِي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجھه جي.
رب تعالي جي هڪ صفت اها به آهي ته، اهو ڏسڻ کان پاڪ آهي، ڪنهن به کيس نه ڏٺو آهي ۽ نه ڪو ان جي دعواٰ ڪري سگھي ٿو. سڀني مقدس ڪتابن ۾ به اهو واضع آهي ۽ قرآن مجيد ۾ جيڪو مقدس آسماني ڪتابن ۾ آخري ڪتاب آهي، جڏهن رب تعاليٰ پنهنجي صفت جو ذڪر آندو ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي ان آس ۽ حجت جو مثال پيش ڪيو ويو، جيڪا هن الله کي پنهنجو ديدار ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي. صوفي جڏهن رب کي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، تڏهن به رب تعاليٰ جي اها صفت فطري طور بيان ٿئي ٿي. جنهن ۾ الله قرآن مجيد ۾ واضع ڪيو آهي ته ”مون کي تون ڏسي نه سگهندين“. الله تعاليٰ جو اهو سخن ڀٽ ڌڻيء جي شعر ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي؛
صورت سوجهه مَ تنهن جي، تون پڻ پڇين جو،
سخن آهي سُو، جو مُنهن مُقابل نه ٿئي.
”صورت سوجھه مَ تنهن جي“ جي جيڪڏهن شرح ڪجي ۽ معنيٰ ۾ مفهوم معلوم ڪجي ته واضع ٿئي ٿو ته، الله جي صورت جي ڪا تشبيهه به جوڙي نه ٿي سگھجي، ان جو ڪو تصور مقرر نه ٿو ڪري سگھجي. ڇاڪاڻ ته ان جي صفت ئي اها آهي ته، نه هو ڪنهن جھڙو آهي ۽ نه ئي ڪو هُن جھڙو ٿي سگھي ٿو.
سر آسا جي ٻئي داستان ۾ ڀٽ ڌڻي رب تعاليٰ جي هڪ ٻئي صفت يعني بصيرت واري سگھ جو اڻ سڌو ذڪر ڪندي، انسان اندر ان سگھ يعني ڏسي سگھڻ جي اپٽار ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪائنات جي حسن کي پسڻ جي ڳالهه به آهي ته ساڳئي وقت ان حس جي عمل جا انيڪ رنگ روپ به ڏسجن ٿا. اکيون ڏسڻ جو ذريعو هجن ٿيون ۽ اهي پنهنجي ماحول اندر جو ڪجھ پسن ٿيون، اهو ڀٽائيء جي شعرن ۾ هن طرح اچي ٿو. دنيا جا مظاهر هڪ شاعر لاءِ رومان ۽ محبت جي لازوال جذبن جي داخلي صورتحال جو بيان بڻجي وڃن ٿا؛
اڀرندي ئي سج، پرين جي نه پسنديون،
ڪــڍي ٻيئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي.
اکين جي قوت انسان جي پنهنجي وس کان ٻاهر ٿئي ٿي، اهڙو اظهار دنيا جي شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ڪيو هجي، سواءِ ڀٽائيء جي. اکيون اجھل ٿين ٿيون ۽ انهن تي ڪو ضابطو مڙهڻ ممڪن ئي ڪونهي؛
ڪي جو ڪيڏانهين، اکيون پَسي آئيون،
تاڻن تيڏانهين، پيئون پاڻ مهاڙيون.
ڪـي جــو وڃــي اڄ، اکيون ڏسي آئيون،
سيڻن جي سهڄ، لالون ڪيون لطيف چئي.
مجاز جي لپيٽ مڙني حيوانن جي ڀيٽ ۾ انسان کي وڌيڪ متاثرڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ان وٽ شعور جي سگهه آهي. آسا جي هن ٻئي داستان توڙي ٽئين داستان ۾ ڀٽائيءَ اکين جي بصارت جي سگهه جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر انهن اکين جي عادتن ۽ وري انهن جي بک، ڍاپجڻ ۽ ٿڪ يا آرام جو اهڙيءَ ريت ذڪر ڪيو اٿس، ڄڻ اکيون انساني جسم جو جزو هجڻ بدران، هڪ مڪمل احساس رکندڙ جسم آهن، جنهن کي مجموعي انساني شعور ۽ احساس حاصل آهن. اهي اکيون مطلوب وٽ سوکڙي ٿي وڃن ٿيون ته، اجهو اهي مطلوب جي مجلس مان هيءُ قرار حاصل ٿيون ڪن؛
نيرانان ئي نيڻ، نيئي، آڇ پرين کي،
ستر کاڌا کيڻ، جي پَسيو منهن محبوب جو.
اکيون جو ڪجهه ڏسن ٿيون، ان مان خوشيءَ ۽ غم ٻنهي ڪيفيتن جو فطري رد عمل به ظاهر ڪن ٿيون؛
اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتـون،
سـور پرائي ڏيهه جا، وڃيــو وهائين،
اُتي لئون لائين، جت حاجت ناهه هٿيار جي.
ڏک ۽ غم جي احساس ۾ مبتلا اکيون ڀٽائي هن ريت بحث ۾ آڻي ٿو؛
اکــڙين آرام، ڪڏهن تان ڪونه ڪيو،
هيون منجهه حمام، کاڻيون کوري وچ ۾.
انگريزيءَ جي شاعر ملٽن اکيون ضايع ٿيڻ تي هڪ شاهوڪار گيت لکيو، جنهن سڄي دنيا جي شاعرن کي متاثر ڪيو. ان گيت جي ڀيٽ ۾ ڀٽائيءَ جون هي ٻه سٽون ڏسو ڪيڏيون معنيٰ خيز ۽ سڄي صورتحال بيان ڪندڙ آهن ته بنا نور جي انسان ڪهڙي حال ۾ آهي؛
اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ريءَ،
خــوشــي ۽ خــريد، وئي ويچارين وسري.
اک الٽي ڌار، وانءُ الٽو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، ته تون اوچو وهه اوڀار،
منجهان نُوچ نهار، وانءُ پٺيرو پرينء ڏي.
ڀٽ ڌڻيءَ جي سر آسا جو مطالعو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته، عشق حقيقي ۽ مجازي عشق جي تفريق کان ڀٽ ڌڻي پنهنجي هم عصرن کي، پنهنجي حلقي جي ساٿين معرفت شعر وسيلي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان بيان ڪندو رهيو هو. سندس ان شعري بيان ۾ شاعريءَ جو فن پڻ عروج تي نظر اچي ٿو. شاهه جي شارحن مان ڪوبه اهڙو اڃا نظر نه ٿو اچي، جنهن سندس سموري شعر جي شرح تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، عشق جي پرڪشش ۽ فطري جذبي ڏانهن مائل ڪنهن نئين ساٿيءَ کي ڇڪجندو ۽ ٻڏتر جي صورتحال ۾ گذرندو ساٿي اهو فيصلو ناهي ڪري سگهيو ته، هن کي ڪهڙو دڳ وٺڻ کپي، مجاز به فطري ڇڪ آهي جنهن کان لنوائڻ ماڻهوءَ لاءِ ممڪن ڪونهي، پر ڀٽ ڌڻي مجازي ۽ حقيقي عشق جي لازوال جذبن ۽ ادراڪ ڏانهن هڪ ئي هنڌ هن ريت اشارو ڪري ٿو؛
موهيندءِ مجاز، گهڻين ٿورين ڏينهڙين،
هٿان ڇڏ مَ باز، تون هاريا! حقيقت جو.
اکيون ڪائنات جي حسن جي مشاهدي جو مؤثر ترين وسيلو هجن ٿيون. اکين سان ماحول ۽ مشاهدي بابت اندازا لڳائجن ٿا. اکين جي قوت يعني ڏسڻ جي سگهه الاهي صفتن ۾ شامل ٿئي ٿي. اکين سان ئي حسن جي سمورن مظهرن کي پسي سگهجي ٿو، البت حسن جا لڪل ۽ اضافي مظهر اکين سان ڏسڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ٿي نه ٿا سگهن. بصيرت اعليٰ انساني گڻ ۽ عمل هجڻ سان گڏ قدرتي قوت به آهي، پر ڀٽائي انهن اکين سان ڪائنات جا مظهر پسڻ کي ڪافي يا مڪمل عمل ۽ ادراڪ نه ٿو سمجهي، ان ڪري هن طرح تلقين ٿو ڪري ته اکين ٻوٽڻ سان ئي اصل مشاهدو ممڪن ٿي سگهي ٿو؛
هي جي مجازياڻيون مُنهن ۾، ديک مَ تون سين تن،
ڪين سڃاتو سپرين، نِهاري نيڻن،
پرين سي پسن، ٻيئي جنهن ٻوٽيون.
دنيا جي شايد ڪنهن شاعر ڏسڻ جي عمل کي اکين کان سواءِ ممڪن ٻڌايو هجي. شاهه لطيف ڏسڻ جو عمل ۽ سڃاڻ جو ادارڪ اکين بدران ساهه - پساهه وسيلي ممڪن ٿو ٻڌائي. اها اهڙي قوت آهي، جيڪا طالب يا سالڪ کي مجموعي طور مطلوب ڏانهن مڪمل طور متوجهه هجڻ تي اُڀاري ٿي. ڀٽ ڌڻي اهڙي ادراڪ کي هن طرح بيان ٿو ڪري؛
ساهه سين سڃاڻان، پساهه سان پَسان پرين،
اهـي ٻه ٽـاڻان، اچـي رهيـا روح ۾.
مجاز جي سَٽَ ڪيتري گهري ۽ پُر اثر ٿئي ٿي، ان جو اندازو هن بيت مان ڪري سگهجي ٿو؛
مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جيئن پڃيو،
هــٿــن ڇــڏي هـاج، ويئي سار سنڌن مان.
وري اتي ئي حقيقي عشق جي ڪيفيت جو اظهار ڏسو؛
مُنهنجــي جــان جُــدا ڪــئــي، حــقيقت هڻي،
پساهه هيڪ پرينءَ ريءَ، سگهان ڪين کڻي،
ڌڻي ئي ڌڻي، رهيـو آهي رُوح ۾.
ڪائنات جي بي انتها هجڻ ۽ لامحدود وسعتن بابت هاڻي سائنس به قائل ٿي چڪي آهي ۽ هن موضوع تي تازه ترين تحقيق ۽ کوجنا اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته، انسان جي سوچ توڙي کوجنا جي قوت وسيع ڪائنات کي ماپي ڪانه ٿي سگهي. اهو فهم ۽ ادراڪ ٽي صديون اڳ جو سنڌي شاعر ڪيئن ٿو ڪري، اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ به آهي ۽ اطمينان جوڳي به. حيرت ۾ وجهندڙ ان ڪري جو ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪائنات جي ڪڇ ماپ يا اندازن جي عمل ۾ رڌل تارن يا پولارن جي کوجنا ڪندڙ سائنسدان موجود ڪونه هئا، گهٽ ۾ گهٽ ڀٽائيءَ جي پنهنجي ماحول اندر، سنڌ ۽ هند ۾ ڪنهن به هنڌ ڪونه هئا. پر ڀٽائيءَ جي سائنسي سوچ فلڪيات جي ڳجهه جو ادراڪ رکندڙ هئي. اڄ جڏهن کوجنا جو نتيجو هڪ هنڌ هلي Nothingness يعني ڪجهه ڪونه يا لامحدود ڪائنات جو اخذ ڪري ٿو ته، سمورا دليل ۽ منطق ان کي نه رڳو قبول ڪن ٿا بلڪ ان نتيجي کي تازه ترين ۽ قطعي پڻ سمجهن ٿا. مالڪ حقيقيءَ جي ان لامحدود ڪائنات اندر ڪهڙي هنڌ هجڻ جي دعويٰ ڪوبه ڪري نٿو سگهي، ڇو ته طلب ۽ تحصيل جا مڙئي اندازا غير منطقي ٿا لڳن. ان جو سبب اهو به آهي ته، اصل مطلوب ته هر هنڌ ۽ هر مظهر ۾ موجود آهي پر ان جي هڪ وصف اڳ ۾ بيان ٿي چڪي آهي ته هو ڏسجڻ کان، محسوس ڪري سگهڻ کان پاڪ آهي؛
سنئين سونهائي سڀڪا، ڪا مون منجهائي،
طلب ۽ تحصيل سڀ، اوريان ئي آئِي،
مان تند تِتِ لائي، جتي آهه نه ناهه ڪا.
جتي آهه نه ناهه ڪا، ايءُ خاڪيءَ جو خيال،
جــانــب جــو جمــال، پَسڻان ئــي پــــري ٿيــو.
مطلوب جي پاڪائيءَ جي صفت جو ذڪر ڏسو؛
جتي آهه نه ناهه ڪا، ايءُ خيال خاڪي،
پرينءَ جي پاڪي، پسڻان ئي پري ٿئي.
اڳ به هن ڳالهه جو ذڪر اسان آندو آهي ته ڀٽائي صاحب. هڪ عظيم دانشور ۽ سماجي فيلسوف پڻ هو، جيڪو سماج اندر گڻ-اوگڻ جو فرق ڪندي پنهنجي تاثر ڏيڻ ۾ خود مختيار هو. هن بي ربط ۽ غير ذميدارانه زندگي گهارڻ کي فضول، ٺلهو ۽ سکڻو ڪوٺيو آهي؛
پرين نه اکڙين ۾، هيون نه حاضر جن،
سي هونهئين جاڙجين، ٺلها ٺاٺا سکڻا.
مجازي توڙي حقيقي عشق جي عوامل جي ذڪر ڪندي ڀٽ ڌڻي، سنڌي ٻوليءَ جي ان شعري سِٽاءَ ۽ ڪمپوزيشن جا مثال به ڏئي ٿو، جيڪي هوند ڪنهن وڏي خفي کان پوءِ ممڪن هجن، پر ڀٽائيءَ وٽ ٻوليءَ تي دسترس ۽ لفظن جو مهلائتو استعمال هڪ ننڍڙي راند وانگر آهي. ۽ وري راند روند جي عمل جو ذڪر هڪ سنجيده ڪم سان تشبيهه طور هيئن ڪير استعمال ڪري سگهي ٿو! سواءِ ڀٽائيءَ جي؛
سِڪَ سڪائي سِڪُ، سڪ نه آهي سٿري،
لِڪَ لڪوٽيءَ لِڪُ، ته کرن خبــر نه ٿــئي.
بدنيتي هڪ اوگڻ آهي ۽ عالمي سطح تائين هاڻي دنيا جو هر سماج بدنيتيءَ جي نتيجي بابت ٺوس راءِ اظهاري چڪو آهي. مڙني مذهبن ۾ به ۽ سماجي فلسفن ۾ به اهو مشترڪ آهي ته، جيڪڏهن ڪو ڪنهن ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو ته ان ۾ اهو بدنيت پاڻ ئي ڪرندو. پيغمبر اسلام جي حوالي سان پڻ اهڙو هڪ واقعو بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن سندس ڪرڻ لاءِ هڪ دشمن کڏ کنئين پر ان ۾ پاڻ وڃي پيو؛
کر جا کڏ کنئين، پوڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
تنهن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.
کر جو ڪردار ڀٽائيءَ وٽ منافقيءَ، شر پسندي ۽ شيطانيت جي ڪمن وارو آهي. ٻن جي محبت کي نه سهي سگهندڙ ڪردار اجھو هن ريت پنهنجي عمل ۾ مصروف نظر ٿو اچي، پر بيت اندر سندس ذڪر پٽ پاراتي سان ئي اچي ٿو؛
کر کي کپر کاء، نانگ مڻيارو نڪري،
اُڀي جو اوناءِ، سُر پُر سندي سڄڻين.
کيس تنبيهه به نڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته هن غير فطري ۽ نفاق واري عمل ذريعي محبت ڪندڙ جا دڳ پورائي ڇڏيا آهن؛
کر ٿو کرايـون ڪرين، هر هر هچارا،
پــورائين پــرينءَ جا، چوڌاري چارا،
مرين نه منهن ڪارا، سڙي انهيءَ سور ۾.
پر کر کي کرايون ڦٻڻيون ناهن، خاص ڪري ان وقت جڏهن محبت پختي ۽ اڻ موٽ هجي؛
کر کـاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو،
جوش جلايا جي، ماري تن مات ڪيو.
آسا پڙهندي انساني ورتاءَ جا اهي نمونا به ملن ٿا، جيڪي هر عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچڻ ممڪن نه ٿا هجن. سماجي ٻنڌڻن، لڳ لاڳاپن ۽ ناتن رشتن ۾ ڪي ماڻهو ظاهري طور پنهنجي ورتاءَ مان ائين ظاهر ٿيندا نظر ايندا ڄڻ ڪنهن جي مخالفت ڪندا هجن، پر سماجي ورتاءَ جي اها پَرِ يا نمونو پروڙڻ ۾ به ذهانت ۽ صاف دلي کپي؛
سڄڻ سنيون ڪن، لوڪان ليکي ڏنگيون،
سندي سپيرين، پـر پـروڙڻ ڏاکڙو.
سر آسا جي هن ٽئين داستان جي آخر ۾ اهي بيت آهن، جن ۾ حيرت زدگيءَ جي ڪيفيت ۽ صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي. curiosity ۽ ڪنهن ڳالهه، عمل يا رشتي جي پيچيدگين جي مام سمجهڻ، ادراڪ ڪرڻ ۾ سچائيءَ جو شرط ضروري رکيو ويو آهي ۽ واضع ڪيو ويو آهي ته، ڪوڙ واري نيت سان اها مام سمجهڻ مشڪل آهي؛
حوصلـو حـيرت جــو، ڪري ڪين درڪ،
جو حُسن سندو حق، ڪُوڙ پروڙي ڪينڪي،
حوصلو حيـرت جـو، آهي نـه مٿي عام،
محبت سندي مام، ڪوڙ پروڙي ڪينڪي.
آسا جي هن ٽئين داستان ۾ هڪ وائي اهڙي آهي، جنهن ۾ ڀٽ ڌڻي ماڻهوءَ جي ظاهري شڪل شبيهه کي سندس اندر جي نڪتئه نظر ۽ عمل کانسواءِ قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي ظاهري ڇاپ ڪهڙي به رکي، اصل ته اندر ئي آهي، جيڪو سندس عملن مان پڌرو ٿو ٿئي؛
وجهه منجهه خليل، اندر آذر آهئين.
خليل حضرت ابراهيم عليه السلام آهي ۽ آذر سندس پيءُ. ابراهيم خليل نبين پيغمبرن جو ڏاڏو ۽ بتن جي پوڄا جو نه رڳو مخالف پر انهن جو خاتمو آڻيندڙ آهي. جڏهن ته سندس پيءُ آذر نه رڳو بتن جو پوڄاري هو، بلڪه ابراهيم جهڙي اعليٰ صفت نبيءَ جي نڪتئه نظر کي رد ڪندڙ، مشرڪ ۽ بت پرستيءَ جو وڏي ۾ وڏو حامي ۽ پٽ جو دشمن به هو. اهو پڻ مشهور آهي ته، حضرت ابراهيم جي ڪيترن ئي عملن کي بعد جي نبين جي امتن سنت ڪري اختيار ڪيو ۽ مسلمانن وٽ پڻ ابراهيمي سنتون موجود آهن، مثال طور منهن تي سونهاريء جي بيهڪ، شهپرن جي هڪ خاص انداز ۾ ڪتر، سا به ابراهيمي سنت آهي. ائين جي ڪو ماڻهو انهي نيت سان سونهاري رکي ٿو ته، هو ابراهيم خليل وانگر لڳي، پر اندر ۾ منافقانه رويا رکندو هجي، جيڪي پنهنجي عمل وسيلي ظاهر ڪندو رهي ته اهڙي منافقانه روش کي ڀٽ ڌڻي ٿڏي ٿو ڇڏي؛
وجهه منجهه خليل، اندر آذر آهيين،
سڌ مَ ڪر صحت جي، اڃا تون عليل،
نالو ناهه نفاق جو، جتي رب جليل،
منهن ۾ مسلمان تون، قلب تان قليل،
وتر جي وصال ۾، دوئي ناهه دليل.
شاهه سائين جي سر آساجي چوٿين داستان ۾ ٻين داستانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بيت آهن، جن ۾ طالب يا سالڪ جي معرفت يا سڃاڻ جي قوت، عشق حقيقيء جي اسرارن ۽ رمزن، ڪُل يعني ڪثرت ۽ گھڻائيء مان اصل جي سڃاڻ، ماڻهن جي ضمير جي سڃاڻپ ۽ ٻيائيء تي چٿر، ماڻهن جي ورتاء جي نکيڙ، ايمان جي اٽل ۽ اصلي بنيادن، همت، ڪوشش ۽ محنت ڏانهن توجھه ڇڪائڻ ۽ توحيد يعني الله جي هيڪڙائيء جهڙن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي.
ڀٽ ڌڻي سر آسا جي هن داستان ۾ فرمائي ٿو ته، ڪائنات جي مڙني شين کي اصل جا مظهر سمجھڻ اهڙو ڏکيو ڪم آهي جو، جيڪڏهن مطلوب پنهنجا عڪس طالب کي پسائي به ٿو، ته عام ماڻهن کي ته خبر ئي نه ٿي پئي، پر حق جي طالبن کي به سڃاڻ نه ٿي ٿئي ۽ ڪيترائي محبوب جي ديدار کان محروم رهجي ٿا وڃن:
ديـکيندي ديـدار کي، ڪُلُ سڃاڻي ڪيئن،
جانب منجهان جيئن، محروم ٿي مُنجهي پيا.
لازوال حسن جي سڃاڻ جا طور طريقا به فطري لڳاء ۽ پاڻ ارپڻ کان پوءِ ئي ڪامياب ٿين ٿا، جن کان منهن موڙيندڙ کي ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿو ٿئي. ڀٽائي هتي سماجي فلسفي کي به بحث هيٺ آڻي ٿو. مثال طور سماجي اوسر ۽ ترقي انسان جي سعيو ڪري، شعوري ڪوشش سان ئي ممڪن ٿئي ٿي، جنهن سان زندگيء جي مختلف شعبن ۾ مهارت حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪم يا هنر جو ڏانءُ به اچي ٿو. پر جيڪي ماڻهو زندگي گهارڻ جا هنر ۽ گر نه ٿا سکن، بي جوابدار، ۽ غير ذميدارانه زندگي گذارين ٿا. مهارت حاصل نه ٿا ڪن، اهي سڄي زندگي ٻين تي ڀاڙيندي پنهنجي حاصلات کان محروم ٿي مرن ٿا. انهن جو جياپو ٻين جي ڪمائيءَ ۽ مهارت تي آهي. جيئن جھرڪي جو مثال آهي ته اها پاڻ نه پوک پوکي ۽ نه ان جي سنڀال ڪري، پر فصل پچندي ئي اچي سنگن تي ويهي ۽ اتان سنگ پٽي، اناج کائي اڏامي هلي ٿي وڃي. جيڪڏهن هاري زراعت جو ڪم نه ڪري ته اهي پکي پکڻ جيڪي هاريء جي محنت تي گذر ڪن ٿا، يا اهي ماڻهو جيڪي پرائي محنت تي تڳن ٿا، اهي سماج اندر ڪا به حيثيت نه ٿا رکن ۽ انهن جي حيثيت پاڻيء جي ڦوٽي يا حُباب جهڙي آهي. اهڙا ماڻهو محروم ۽ ٻئي تي ڀاڙيندڙ زندگي گھاري مرن ٿا ۽ سماج جي اوسر ته ٺهيو ۽ پنهنجي جياپي لاءِ به ڪجھه نه ٿا ڪن:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
چــڻــيء جان چهنج هڻي، لوڏيائون لُئا،
حُباب ئي هئا، واديء انهــي وچ ۾.
محنت ۽ مهارت انسان کي عروج تي پهچائي ٿي ۽ جيڪي ماڻهو محنت ڪن ٿا، مهارتون حاصل ڪن ٿا اهي سمورين معروضي توڙي لڪل حقيقتن جو مشاهدو ماڻين ٿا ۽ کين اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي ٿو وڃي، جيڪو اهو چاهين ٿا. ڀٽ ڌڻي ان اعليٰ انساني وصف کان غافل ماڻهن کي هدايت ٿو ڪري ته، هٿن سان هاج ڪن، ڪم ڪار کي جنبيا رهن ۽ پنهنجي بصيرت کي سجاڳ رکن ته مٿن اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ته، سندن مطلب ۽ مطلوب سندن سامهون بيٺو آهي، کين حاصلات ٿي چڪي آهي:
هٿن سان هاج ڪر، نيڻن سا نهار،
اڀـا اڱڻ پار، پَسُ پنهنجا سپرين.
حق جي تلاش ڪندڙن جو اهو لازوال اصول رهيو آهي ته، اهي ڳولها ۾ مصروف هوندي ڪنهن کي ڏِک نه ڏيندا آهن ۽ پاڻ لڪائي مطلوب کي ڳولهيندا آهن. اِن لِڪ کان پاڻ لڪائڻ، هجڻ جي احساس کان جند ڇڏائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. ان ڪري طالب کي سدائين اهو اونو رهندو آهي ته، متان سندس عمل ڪٿي هرو ڀرو ظاهر نه ٿي پوي:
لوڪان لڪي سڀ ڪو، لِڪان لڪي ڪونه،
اٿي ويٺي اون، اِن الٽي ڳالهه جـي.
۽ اها محنت ۽ مشقت طالب کي هڪ ڏينهن مطلوب پنهنجي ئي وجود اندر هجڻ جو احساس ڏياري ٿي. صوفي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندڙ هجي، پر مطلوب کي آخر پنهنجي اندر ئي پسي ٿو:
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گمان، صحيح سڃاتا سپرين.
۽ محبوب جي ان طرح مشاهدي لاءِ طالب کي پنهنجي ئي اندر ۾ ڏسڻو پئي ٿو، ٻاهر ان کي ڪجھه ناهي ملڻو؛
مُنهن ڪر مَنجھارا، ٻهران ڍونڍ مَ ڍور جيئن،
جي اکڙين آرا، تـه ڪنڌيء اچڻ ڏاکـڙو.
اڳ ۾ به ڀٽائيءَ جي شعرن معرفت اها ڳالهه واضع ڪئي وئي آهي ته، دوئي، ٻيائي ۽ منافقت نندڻ جوڳو عمل آهي ۽ اهو انساني وصفن ۾ اوڳڻن ۾ ڳڻجي ٿو. ان ڪري ڀٽائي اهڙي اوڳڻي عمل کي هن طرح نندي ٿو:
ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دغــا تـنـهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مـسلمان، اندر آذر آهيين.
مُنهن ته موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين؟
ڀٽائيءَ جو دور جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سنڌي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جو دور هو، پر ڀٽائيءَ اڳيان اها ڳالهه واضع پئي هئي ته، ڪلهوڙا حڪمران دهلي جي مغل سلطنت جا ڏن ڀرو ۽ غلام هئا، جن جي آسري تي سنڌ جي حڪمراني هلي رهي هئي. سنڌ اندر پنهنجي مقامي حڪومت هوندي به فارسي ٻولي جو ڌاڪو هو ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري توڙي بعد جي دانشورن ۽ مفڪرن اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته، اظهار جو وسيلو سندن پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ ئي هجڻ گھرجي نه ڪي فارسيء ۾. ڀٽائيء تائين اها سوچ پختي ٿي چڪي هئي پر مهم طور ان هلچل کي اڳتي وڌائڻ وارو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته فارسيء کي ڪاروبار سلطنت هلائڻ طور سرڪاري ٻوليء جو درجو هڪ طرف هو ته ٻئي طرف تعليم ۽ تدريس جو انتظام به فقط فارسي ۾ ئي هو. ڏچو اهو به هو ته فارسي سکڻ وارا پاڻ کي خاص مخلوق سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ کي حڪمران طبقي ۾ شمار ڪندا هئا. پر ڀٽائيءَ پنهنجي سڄي شاعري سنڌيء ۾ ڪئي ۽ ڄاڻي ٻجھي ايئن ڪيائين. جڏهن سندس اهو نڪتئه نظر عام ٿيو ته سنڌ اندر هڪ بحث علم و دانش جي مرڪزن ۽ حلقن ۾ اٿي کڙو ٿيو ته، علم ۽ تدريس لاءِ ڪهڙي ٻولي اختيار ڪرڻ گھرجي. حڪمران طبقا ۽ انهن جا طفيلي فارسي جا طرفدار هئا، پر ڀٽائيء سندن نڪتئه نظر کي ٿڏي ڇڏيو ۽ هڪ باضابطه هلچل جو آغاز ڪيو ۽ فارسي سکندڙن کي ننديندي هن کين غلام ذهنيت وارو قرار ڏنو. ڀٽائيء گڏو گڏ اهو به احساس اڀاريو ته سنڌي معاشري جي ترقي ٻن ٻولين فارسي ۽ سنڌيء سان نه بلڪه سنڌي ٻولي سکڻ سان ئي ممڪن هئي. جيئن اڃي کي پاڻي ۽ بکئي کي ماني کپي، تيئن سماج کي پنهنجي ئي ٻوليء جي ترقيء ۽ رواج جي ضرورت هئي، ان ڪري ڀٽائيءَ نهايت ئي جرئتمنديء سان چيو:
جي تون فارسي سکئين، گولو توءِ غلام،
جو ٻَڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪيئن ڄائي ڄام؟
اڃيو تان آب گھري، بکيو تان طعام،
ايءُ عامين سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
بنا محنت ۽ ڪم جي ڪڏهن به سک نه ٿو ماڻي سگهجي ۽ ان حقيقت کي ڀٽائي هن انداز ۾ پڌرو ٿو ڪري:
سُــتـو ئـي ســيــج گھرين، جفا ڏئين نه جان،
صلح ريء سيڻان، متان نونڌين، نه چڙهين.
۽ لڳاء ۽ dedication جو هيء عجيب طور طريقو ڏسو:
تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون طلب سنديو، وحدت سر وڄن،
وحده، لاشريڪ له، اهو راڳ رڳن،
سي سُتائي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي.