سر گهاتو
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا سڌو سنئون سامونڊي ماحول بحث هيٺ آيو آهي. سمنڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻن علائقن وٽ بيهڪ، سياري ۽ سانوڻ ٻنهي مندن ۾ سمنڊ جي مزاج،ننڍي پاڻيءَ کان اونهي پاڻيءَ يعني deep waters تائين جي فطري صورتحال، سمنڊ تي هلندڙ ٻيڙن، انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن، انجنيئرن، خلاصين ۽ موسمي ڄاڻن، سامونڊي واپار ۽ ان جي خاص يا عام اسمن وغيره بابت توڙي سمورن هنرمندن يا ڪامين جي ڪٽنبن جا احوال، اسان اڳ ئي سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ تفصيل سان پڙهي آيا آهيون. ٽيون ڀيرو سامونڊي ماحول جي حوالي سان مواد مهيا ڪندڙ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو سُر آهي، گهاتو.
گهاتو سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آهي، جيڪو سمنڊ جي نهايت اونهي علائقي ۾ مڇي ماريندڙ مهاڻن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ننڍي کنڊ جي ٻين همعصر ٻولين توڙي پراڻي سنسڪرت ۾ به گهاتوءَ جي معنيٰ مهاڻو يا مڇي ماريندڙ ٻڌائي وئي آهي، جيڪو سمنڊ جي پرانهين پنڌ تائين مڇي مارڻ هليو ٿو وڃي.
گهاتو، ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ مختصر ۽ ننڍڙو سر آهي ۽ پاڻ وٽ ميسر سمورن رسالن ۾ هڪ ئي داستان تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ٻن ڊزن بيتن ۽ ٻن واين کان وڌيڪ مواد ڪونهي. اڪثر مُرتبن ۽ محققن وري انهن ٿورڙن بيتن ۾ به اڃا وڌيڪ گهٽتائي ڪندي، سڄي سُر جي هڪ وائي بچائي آهي ۽ اڌو اڌ بيتن جو تعداد ڦٽي ڪري ڇڏيو اٿائون. ڪنهن رسالي مان بيتن يا شعرن جو تعداد گهٽائڻ جو مطلب شايد تجارتي نڪتئه نظر کان هجي ته جيئن، شيءِ مارڪيٽ ۾ موجود ڪري ڏجي، پوءِ ٿوري ئي صحيح ، پر جڏهن معاملو هجي ڀٽائيءَ جهڙي ڪامل مفڪر ۽ سماج جي شارح جو ته پوءِ ڪجهه شعرن کي الڳ ڪري ڪتاب جي ذخامت گهٽائي ڇڏڻ مناسب ڪانه ٿي لڳي.
خير، ڀٽائيءَ جي سريراڳ ۽ سامونڊيءَ جي علائقي وار حد بندي ڪجي ٿي ته، اهي ڀٽائيءَ جي دور جي انهن بندرگاهن جي نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي اڄوڪي سنڌ جي اولهه - ڏکڻ وارن سامونڊي ڪنارن يعني رڻ ڪڇ جي اولهه - ڏکڻ واري اُن پٽيءَ ۾ هئا، جتي وڏا سامونڊي ٻيڙا بيهندا ۽ سامان آڻيندا ۽ نِـيندا هئا. پر گهاتوءَ ۾ اڄوڪي ڪراچي ۽ تڏهوڪي ڪلاچي ۽ سون مياڻيءَ واري بلوچستان جي ايراني ڪنارن تائين پکڙيل ان ايراضيءَ جو ذڪر ملي ٿو، جتي وچولي دور جي زماني ۾ سامونڊي واپاري ٻيڙا ته لنگهي ويندا هئا پر مڇي مارڻ وارن ملاحن کي اڄ جهڙيون سهوليتون نه هيون. ان ڪري سندن دور جا مڇيءَ جا ٻيڙا يا ٻيڙيون اڪثر ڪلاچيءَ جي ڪُن يا سون مياڻيءَ جي غير آباد پاڻين ۾ وڃي گم ٿي ويندا هئا، يا وري مانگر مڇن جو کاڄ بڻجندا هئا.
گهاتوءَ جي ماحول ۽ ڪردارن کي محققن relate ڪيو آهي ”مورڙي ۽ مانگر مڇ“ جي پراڻي ڪهاڻي يا آکاڻيءَ سان جيڪا چيو وڃي ٿو ته، راجا دلوراءِ جي ڏينهن ۾ ٿي. آکاڻيءَ موجب ڪلاچيءَ کان ڪجهه ميل اولهه طرف سامونڊي گهوماٽو يا ڪُن پوندو هو جيڪو، ٻيڙا ماري وجهندو هو. ان ڪري مهاڻا ان طرف ڪونه ويندا هئا. ٻيو ته ان ئي گــهِـري اونهي پاڻيءَ ۾ وهيل نموني جي مڇي رهندي هئي، جنهن کي مانگر مڇ جو نالو ڏنل آهي. اها ملاح جا ٻيڙا اونڌا ڪري انهن کي ڳڙڪائي ويندي هئي. گذر بسر جي دارو مدار سبب ملاح علائقو ڇڏي به ڪين ٿي ويا ۽ مانگر مڇ سان سندن جهيڙو جاري هو. ائين هڪ لڱان سون مياڻيءَ جي مهاڻي اوباهئي جا ڇهه پٽ سرڪشي ڪري اونهي ڏانهن ٻيڙا ڪاهي ويا. ٻه ڏينهن ٿيا ته هو واپس آيا ئي ڪونه. پڪ ٿي وئي ته مانگر مڇ کين ڳڙڪائي ڇڏيو آهي. سندن ستون ڀاءُ مورڙو، جيتوڻيڪ پولئي جو ماريل معذور هو پر حرفت ڪري لوهو پڃرو ٺهرائي، ان ۾ ويهي اونهي ڏانهن هليو ويو. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هن پڃري ۾ وجهايل واڍين کي ڇڪيو ته، ڪناري تي بيٺل وهڙن ۽ اٺن تي ٻڌل واڍرين سان پڃري سوڌو مانگر مڇ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون. مڇ هن پڃري کي به ڳڙڪايو هو، پر مورڙو محفوظ ويٺو هو. بعد ۾ مڇ کي ماري ان جي پيٽ مان مورڙي جي ڀائرن جا ڳريل جسم ۽ هڏا ڪڍي ڪناري تي پوريائون، جتي سندن قبرون اڃا موجود آهن. پر ان واقعي کان پوءِ صدين تائين ان علائقي ۾ مهاڻن جي ڪا وستي نه رهي ۽ هراس کان شهر ڦٽي ويا. ان برباديءَ جو ذڪر ڀٽ ڌڻيءَ هيئن ڪيو آهي؛
جتي گهوريو گهاتئين، تتي واريءَ بُـٺ،
سهسين ساٽي مُٺَ، سَرُ سڪو، سونگي ڳيا.
نـڪا بُوءِ بزار ۾، نه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽ،
جتي ڏنڀرن جي، اڳي هُئي اَکُٽ،
سي پِـڙَ پسيو پَـٽَ، ماڙهو وڃن موٽيا.
هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، جو اولهه ۽ اوڀر جي سامونڊي مسافرين جو سلسلو جاري آهي. اڄ شپنگ کي سڀ کان اهم انڊسٽري سمجهيو ٿو وڃي، پر اونداهي، جاڳرتا ۽ وچولي دورن ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ٻيڙن جي اچ وڃ جا اهڃاڻ ملن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، عيسوي سن کان ٽي سو سال اڳ جي يوناني ملاحن، خلاصين ۽ فوجي ٻيڙن جو ذڪر به ڪتابن ۾ ملي ٿو، جڏهن سڪندر اعظم سنڌ فتح ڪرڻ آيو. تڏهن کان ڪلاچيءَ جي اونهي ڪن ۾ متان ڪي وڏا ٻيڙا موسمي حالتن سبب غرق ٿيا هجن، جن ۾ سنڌي ملاحن جا رڇَ وڃي ڦاسندا هئا! ڏسو؛
ڪو جو ڪهر ڪلاچ ۾، گهڙي سو نِئي،
خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊئا!؟
سڏ نه سجهي ساٽئين، ڪُن ڪلاچيءَ پار،
ڪنهن ٻئي تڙ نهار، گهاتن سندا مڪڙا!
سامونڊي سفر ۽ مصيبتن جي ڄاڻ رکندڙ معلم، ملاح ۽ خلاصي ڪلاچيءَ جي ڪُن کان هٽي پرتي ٿيندا هئا، ڇو ته اونهي جي اسرار سندن متيون منجهائي ڇڏيون هيون؛
گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، مُوڙهي مَت مهائيين،
ويا گڏجي وير ۾، پـيـا مـنهن مهراڻ،
اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري.
مهراڻ لفظ بابت اڳ به بحث ڪيو اٿئون ته، ڀٽائيءَ اڪثر سنڌ واري سمنڊ کي، جيڪو اڳتي وڃي عربي سمنڊ ۾ پئي ٿو، ان کي مهراڻ سڏيو اٿس. ڪلاچيءَ جي ڪن وٽ به ملاحن جا صدين تائين ميڙاڪا رهيا آهن. هاڻي ته اهو علائـقو جپاني، آمريڪي، ڪوريائي، ٿائي، بنگالي، هندوستاني ۽ ٻين ملڪن جي ملاحن جي شڪار جو خاص علائقو آهي، پر پراڻي دور ۾ به سنڌي ۽ بلوچ ملاح بهادريءَ سان ان هنڌ شڪار ڪندا هئا. ڀٽائيءَ جو ڪلام هن ريت ان ڳالهه جو شاهد آهي؛
اوهين جا لُڏو لوڏ، ايءَ پر گهـاتوُئـڙن جـي،
ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سُکِ نه ستا ڪڏهين.
اونهي جي آگاهيءَ لاءِ ڀٽائيءَ وٽ معيار ڏسو ته هو، مهاڻن کي سمنڊ جي گهرائين ۾ وڃڻ لاءِ گهربل تيارين ۽ تقاضائن کان ڪيئن ٿو هوشيار ڪري؛
جيئن جهينگا پائين جهول ۾، ائين نه مرن مڇ،
سَـٻَــرَ ڌار ســمــونڊ جــا، ڪــي رائــو رڱي رڇ،
هـي ڇـارون ۽ ڇـڇ، اڃان اوڙاهه اڳـاهـون ٿيـو.
ڪلاچيءَ جي ملاحن مانگر مڇ کي نيٺ حرفت سان ماريو، جنهن جو ذڪر به گهاتوءُ ۾ ڀٽائيءَ هن طرح ڪيو آهي؛
گهُـوريندي گهُـور پيا، اَگهُـور گهُـوريائون،
مانگر ماريائون، ملاحن مُـنـهـن سَنُرا.
سر گهاتوءَ جي هڪ وائي؛ ”جڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نه آئيا“، هر رسالي ۾ آهي، پر بمبئيءَ ۽ قليچ وارن رسالن ۾ جيڪا وائي آهي سا سُر سامونڊيءَ واري ماحول جي ڏسجي ٿي؛
- هُو جي ويا مون هڻي،الا تن جڙ جڏي ڪئي...
- بندر مـٿـان بارَ سـي، ويــڙا ڪالهـه کڻي...
- سامونڊيـن سڙهه سنباهيـا، ڇني تن تڻي...
- لائينديس لـنڱن کي، سـنـدي پـريـنءَ پـڻـي...
- ان سـان عبداللطيف چئي، ميڙيـندوم ڌڻـي...