لطيفيات

سڀ پسندا پار

ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي. هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4582
  • 949
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ پسندا پار

بهادر گڏيا بهادرين...

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي ڪلام ۾ سر ڪيڏارو اهڙو سر آهي، جنهن ۾ پهرين صدي هجريءَ جي پڄاڻيءَ تي عرب ۽ اسلامي دنيا اندر ٿيل هڪ اهڙي واقعي جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ الله جي آخري رسول محمد ﷺ جي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين، پيارن ڏوهٽن سان ان تاريخي ظلم جو بيان ملي ٿو، جنهن سڄي اسلامي دنيا هڪ طرف ته انساني تاريخ ۾ ٻئي طرف المئي جو هڪ عجيب داستان رقم ڪيو. هڪ طرف اقتدار جي بکئي حاڪم ۽ سندس طاقتور فوج جو ظلم هو، ته ٻئي طرف منو سؤ مجاهد جن کي جنگ پسند به ڪانه هئي ۽ نه ڪنهن رتوڇاڻ جو ڪو بندوبست نه هٿيار پنهوار. هنن مجاهدن جي اڳواڻي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو پيارو ڏوهٽو حضرت امام حسين عليه السلام ڪري رهيو هو.
شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي دنيا ۽ انساني تاريخ جي هن دردناڪ المئي جا مختلف واقعات ۽ حادثات بيتن ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ مرحليوار واقعات جو بيان ملي ٿو، جيتوڻيڪ شاهه جي ڪلام جي مرتبن ڪلام جي ترتيب تي اوترو توجهه نه ڏنو آهي، جيترو ڏيڻ گهربو هو. ڀٽائيءَ جي رسالي جي ڪا مستند ڇپائي سنڌ جي هن لافاني ڪلام جي ضرورت رهي آهي، جا اڃا پوري نه ڪئي وئي آهي. اٽلندو سنڌ جي جديد فڪر جي هڪ ساڃهه ڀرئي مفڪر ۽ فلسفي علامه آءِ آءِ قاضي کي جڏهن اڌ صدي کن اڳ ڀٽائيءَ جي هڪ مستند رسالي جي تياري ۽ ترتيب لاءِ ڪم سونپيو ويو ته هن صاحب مورڳو شاهه جي رسالي مان سر ڪيڏارو اهو چئي ڪڍي ڇڏيو ته، هي شاهه صاحب جو ڪلام ٿي نه ٿو سگهي. ان ريت جڏهن 1968ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو رسالو سرڪاري طور ڇپجي پڌرو ٿيو ته، ان ۾ ڪيڏارو موجود ئي ڪونه هو، جنهن ڪري شاهه جي ڪلام سان محبت رکندڙن کي ڏاڍي مايوسي ٿي. علامه قاضيءَ کان علاوه شاهه جي مرتبن مان ٻئي ڪنهن به ڪيڏاري کي رسالي کان الڳ نه ڪيو آهي ۽ سڀني ڪيڏاري کي رسالي ۾ ضرور شامل ڪيو آهي.
ڪيڏاري جو موضوع ڪربلا جو واقعو آهي، جيڪو نبي ڪريم جي هجرت کان ڪي 95 سال پوءِ رونما ٿيو. جيئن اڳ به چئي چڪا آهيون ته شاعري واقعات کي هروڀرو تاريخوار قلمبند ڪرڻ وارو عمل ڪونهي. اهو ڪم نثر وسيلي ڪيو وڃي ٿو. البت شاهه جي ڪيڏاري اندر ڪربلا جي واقعي جا اهي سڀ مرحلا موجود ٿا ڏسجن، جيڪي ڪربلا جي پس منظر ۽ پيش منظر سميت سڄي واقعي کي بيان ڪن ٿا.
مثال طور، امام عالي مقام حضرت حسين عليه السلام جو قافلو مديني مان نڪري ٿو ته، ان جو بيان ڀٽ ڌڻي هن ريت ڪري ٿو؛
مير مدينئا نڪري، رڙهيا مٿي رند،
گهـوڙا تـن گهوٽن جا، پُريا مٿي پنڌ،
جتي رهيا راتڙي، سي سونهارا هنڌ،
ڪُلها، ڪرنگهر، ڪنڌ، جُهرن جهونجهارن جا.
هڪ دردناڪ ۽ المناڪ جنگ جو ادراڪ امام حسين عليه السلام کي ان وقت ئي ٿي ويو هو، جڏهن هن، وقت جي خليفي يزيد جي بيعت مڃڻ کان انڪار ڪندي سفر جا سانباها ڪيا. ان ڪري ئي هن قافلي کي سفر جي سامان جي تياريءَ جو به حڪم ڏنو، سفر جي تياري ۾ گهربل سامان سان ٻارڻ، ڪاٺي ڀانگي ۽ جانورن لاءِ گاهه پٺي جي پڻ ڳڻتي ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڀٽائي هن طرح بيان ٿو فرمائي؛
مير مدينئا نڪري، ڏيرا ڏنائون،
ڪاٺيءَ، پاڻيءَ، گاهه کي، ماڻهو مُڪائون،
چڙهندي چيائون، ته ٿيندي ويڙهه وڏاندري.
سفر جي شروعات ۾ ئي ڪوفين حضرت امام کي خط لکيا هئا ته هو انهن ڏانهن هليو وڃي ته، اهي سڀ سندس مددگار به ٿيندا ۽ يزيد جي مڃتا نه مڃيندا؛
ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجهي الله،
اسين تابع تنهنجا، تون اسان جو شاهه،
هيڪر هيڏي آءُ، ته تخت تابيني تنهنجو.
مديني مان نڪرڻ مهل ئي امام ۽ سندس قافلي جي پاڻ ارپڻ، جرئت، بي ڊپائي ۽ همت جو جيڪو مظاهرو ٿيو، تنهن جا عڪس ڀٽ ڌڻي پنهنجي ڪلام ۾ هن ريت پيش ڪيا آهن؛
چنڊ وهاڻيءَ چڙهيا، مل مدينئا مير،
ان سين طبل باز تبرون، ڪُند، ڪٽارا، ڪِير،
عليءَ پــٽ اميـر، ڪندا راڙو رُڪ سين.

چنڊ وهــاڻيءَ چــڙهيا، مَل مــدينئا ڄام،
ان سين طبل باز تبرون، نيزا ۽ نيشان،
عليءَ پٽ امام، ڪندا راڙو رڪ سين.

چنڊ وهــاڻيءَ چڙهيا، مَل مدينئا گهوٽ،
ان سين طبل باز تبرون، ڪُند ڪٽارا ڪوٽ،
عليءَ پــٽ امــوٽ، راڙو ڪندا رُڪ سين.
۽ هي قافلو جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ اچي ٿو لهي ته ڀٽائي اهو منظر هنن لفظن ۾ پيش ٿو ڪري؛
ڪامل ڪربلا ۾، آيا پاڻ پيهي،
پَـهُه ڪيائون پاڻ ۾، مقابل ويهي،
قضا هيءَ ڪيهي، هئه هئه ٿي حسين سان؟!
يزيد جي وڏي لشڪر جڏهن امام جي قافلي جي بنهه ٿورڙي تعداد تي ڪربلا جي ميدان تي جنگ مڙهي ته هي بهادرَ ڀٽائي هن طرح وڙهندي ٿو ڏيکاري؛
ڪامل ڪربلا ۾، آيا سيد شير،
ماري مصرين سين، ڍونڍ ڪيائون ڍير،
دهليا ات دلير، پسي حملو مير حسين جو.

ڪامل ڪربلا ۾، آيا جُنگ جوان،
ڌرتي ڌٻي، لـرزي، ٿرٿلـيا آسمان،
ڪرهه هُئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو.
ڪربلا جي جنگ جي شدت جو احساس ڀٽائيءَ کي به هو ۽ هن ان شديد نوعيت جي ويڙهه جو منظر هن ريت بيان فرمايو آهي؛
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جني ميهڻو.

بهادر گڏيا بهادرين، کَڙڳ کِلوِل ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تــي، هاڪاريو، هڻـن،
ڪرن ڪنڌ، نچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.

ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جهونجهارڪو جهڳڙو؟
هاٿين هڏ مڇائيا، ريلو رت نئين،
ڀانئين سا سنئين، جئان جيءَ جوکو ٿئي.
ڪوفين جي ٺڳي ۽ دوکيبازيءَ واري ورتاءَ کي امام ۽ ان جي قافلي ان وقت پرکي ورتو جڏهن ٻيو ته ٺهيو، هنن پاڻي پيئڻ لاءِ به نه ڏنو؛
ڪوفي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارين،
اتي عليءَ شاهه کـي، شهـزادا سارين،
نڪريو نهارين، چڙهه مير محمد عربي.

ڪوفين قهر ڪيو، ٿيا جماعتي يزيد سين،
پليتن کي پڙ ۾، ورنهه وَرِ پيو،
سڌر هـون سِهـو، شير شهادت رسيو.
حق لاءِ جنگ ڪيئن وڙهجي ۽ ظالم سان ڪيئن اٽڪجي، ان جو شعور ۽ ادراڪ ڀٽائيءَ وٽ ڏسو ڪيئن آهي؛
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرئين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

آيا اجارين، تيغون، تراريون، تيوڙا،
سانگيون سائُن هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين،
اُڀائي آهين، مهائي مرڻ تي.
ڪربلا جي هن جنگ ۾ ظالم سان اٽڪايل مهاڏي ۾ امام جي قافلي اندر ڪوبه اهڙو نه هو، جنهن واپس ورڻ يا ڀڄڻ پئي چاهيو. جيتوڻيڪ امام عالي مقام سڄي قافلي کي خطاب ڪندي فرمايو هو ته، جنهن کي وڃڻو هجي سو موٽي وڃي. ڪوبه نه موٽيو ۽ نه ڀڳو؛
ڀڳو آءٌ، نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته ڪر لڄ مران، جي هوئنس پـٺ ۾.
۽ ان درد انگيز جنگ ۾ شهيدن جون قطارون لڳيون ته هڪ بيت اندر ڀٽائي سڄي صورتحال هن طرح بيان فرمائي ٿو؛
ڪوپـا ڪلـي ڪوڏيا، ســائُو سلحــدار،
هــڪ ڀــائر، ٻيا ڀائٽيا، ٽيان جاني جگر يار،
آرڙ ۾ احسان سين، صوبا ٿيا سردار،
حورن ٻڌا هار، سهرا شهيدن کي.

گهـوڙن ۽ گهوٽن، جيئـڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجھه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
۽ سڀني ساٿين گھر ڀاتين جي قتلام کان پوءِ امام خود شهيد ٿيو ته ان گھڙيءَ جو منظر ڀٽ ڌڻي هن ريت پيش ڪري ٿو؛
ڏاهڙي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ ڪڻ جئن،
چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،
ميڙي ۾ مُحّمد جي، مَـرُ مُـرڪـي مائس،
تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.

ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته موتيءَ ڳُتيا،
چوڏهين ماهه چنڊ جئن، پڙ ۾ پيشانياس،
“الله نورالسماوات ولارض” جلوو زميناس،
“سيما هم في وجوههم” منهن ۾ مڻ ڳُتياس،
ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ٿي ميڙياس،
ڦٽن تان رت ڦــــڙا، عليءَ ٿي اُگهياس،
مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
شاهه جي ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي دردناڪ جنگ جي منظرن کان پوءِ ٻن قسمن جا منظر اهڙا آهن، جن ۾ پکين جو ذڪر ڪيل آهي. انهن مان هڪ پکي اهو آهي جيڪو ڪربلا کان مديني منوره پهچي ٿو ۽ جنهن جا پر ۽ بدن رت هاڻو آهي؛
پرهه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪالـهه،
آهه آلــودو رت ۾، هــــيءُ منجهان حال،
گهوٽ وناهيا ڪالهه، ٻيلي مير حسين جا.
جنهن ٻئي پکيءَ جو ڪيڏاري ۾ ذڪر ملي ٿو، اهو ڪربلا جي جنگ کانپوءِ جنگ جي ميدان ۾ ڏسجي ٿو. اهو پکي آهي ڳِجهه. ڪربلا جي جنگ واري ميدان تي جنگ کانپوءِ ڳجهون ڳارا ٿيون ڏين، پر ڀٽائي اهو منظر ۽ لاڳاپيل ٻيا منظر هن ريت پيش ٿو ڪري؛
پاڪ جني جا پير، کٽان هيٺ نه کوڙيا،
تنگ ترارين تِڇيا، ڇڻيو پون ڇُڳير،
ڍونڍ تني جا ڍير، ڳجهڙين ڳلي لائيا.
شهزادن جي شهيد ٿيل لاشن تي ڳجهن جو ڳارو ڏسو؛
ڳجهون ڳوٺ نه هون، وتن ڪلي جون ڪوڏيون،
حسن مير حسين کي، لميو لائون ڏين،
کُتا اُکوڙين، چوٽا چوڙيرين جا.
۽ جهڙي تهڙي لاش تي اهي نه ٿيون لهن، ڪلنگي وارا ڳولهين ٿيون؛
ڳجهڙين ڳارو، راتو ڏينهان رڻ ۾،
ڀڻيو پڇن پاڻ ۾، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
کائن کڳ مارو، ڪانئر پيو ڪِنو ٿئي.
ڀٽائي هن اسرار کي اسرار ئي ڪوٺي ٿو؛
دوست ڪهائــي دادلا، محب مارائـي،
خاصن خلـيلن کي، سختيون سهائي،
الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
انهي منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

حسن مير حسين جو، جن نه هينئڙي جار،
خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن کي.