مارئيءَ جو کوهه
سنڌ اندر پاڻي ميسر نه هجڻ وارين ايراضين ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي رائيس ڪئنال کان الهندي طرف جا وسيع علائقا، دادوءَ جو ڪاڇو ۽ اتر اولهه تعلقن وارو حصو، ڪراچيءَ جا وسيع علائقا ۽ وسيع تر ٿر، جيڪو ڪڇ جي رڻ کان شروع ٿي، سڄي اڀرندي سنڌ جي اوڀارين ڪنار هلي وڃيو پنجاب جي چولستان واري علائقي سان ملي ٿو. ڪاڇي ۾ مينهن سبب گڏ ٿيندڙ پاڻين جا ڪجهه ذخيرا جيڪي قدرتي طور واهڙن ۽ نئين مان ڪن ٿورن هنڌن تي اچيو گڏ ٿا ٿين يا ڪي ٿورڙا چشما جن تي انساني آباديءَ جو ڪو وڏو تعداد جيئي نه ٿو سگهي.
پيئڻ جي پاڻيءَ جي ان کوٽ وارو علائقو، ان پاڻيءَ جي حوالي سان هڪ لازوال جرئت، همت، وطن پرستي ۽ سيل ست جي داستان کي جنم ٿو ڏئي، جيڪو پوءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم موضوع به بڻجي ٿو ۽ علم، ادب، سياست ۽ ثقافت جا عجيب منظر اسان اڳيان نڇاور ڪري ٿو ڇڏي. پاڻيءَ جي اڻاٺ جو پس منظر رکندڙ اهو داستان، مارئيءَ جو داستان آهي جنهن تي بحث ڪنداسون.
ڪاڇي ۽ ٿر جي کوهن ۾ سنڌ جي ميداني علائقن جو ماڻهو مشڪل نهاري سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهي ڏاڍا اونها ٿين ٿا. ٻن کان ٽي سؤ فوٽ هيٺ کوٽيل انهن کوهن ۾ به اڪثر ڪوڙو ۽ لوڻياٺو پاڻي نڪرندو آهي، جيڪو لٽي ڪپڙي ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿو. انساني وستيون گهڻو تڻو مٺي پاڻي جي ذخيرن، چشمن ۽ کوهن ڀيڙيون ٺهنديون آهن ۽ ڪڏهن ته اهي مٺا جر انساني وستين کي ڪوهن جا ڪوهه هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر جي جنهن ايراضيءَ ۾ مارئيءَ جو کوهه ٻڌايو ويو آهي، يعني سلام ڪوٽ ۽ ويرا واهه جي وچ تي ڀالوا ڳوٺ وٽ، اتي ڪي قدر مٺو پاڻي ڪن جر جي وهڪرن مان ملي ٿو، مثال طور چند ڪلوميٽرن تي گوڙي جي مندرن وٽ صفا مٺي پاڻيءَ جا کوهه آهن.
ڀالوا ۾ جنهن کوهه کي مارئي جو کوهه نالو ڏنو ويو آهي، اهو بنهه ننڍڙو ۽ سوڙهو کوهه آهي. بلڪه کوهي آهي جنهن جي ڀرپاسي هاڻي ڪابه آبادي يا ڪو آباد وستيءَ جو نشان ڪونهي. ٿر ۾ اڄ جي جديد سهولتن جي زماني ۾ به پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي ۽ ڪوهين پنڌ ڪري پاڻي اٺن ۽ گڏهن تي لڏي کنيو ۽ پهچايو ويندو آهي. ايئن جيڪو کوهه ڪن ٻن ٽن، ڳوٺن جي ماڻهن جي پورت ڪندو هجي ته پوءِ پاڻيارين کي اڌ رات اٿي کوهه ڀيڙو ٿيڻو پوندو آهي، جيئن مهل سان وارو ملي. ايئن ئي مارئيءَ جي دور ۾ مارئيءَ وارو واقعو به ان ئي انداز ۾ ٿيو، جو هوءَ اڌ رات اٿي واري لاءِ کوهه تي وئي جتان علائقي جو حڪمران عمر کيس کنڀي اغوا ڪري هليو ويو. اڌ رات اٿي کوهه تي پهچڻ جو پتو اجهو ڀٽائي هن طرح ڏئي ٿو؛
آڌئي اُٿن تي، جيلانهن پاڻي پاتال ۾،
وارو ويسرين کي، ڏينهان ڪونه ڏئي،
مون ڪميڻيءَ کي، مٿان کوهه کڻي ويا.
عمر سومري هٿان مارئيءَ جي اغوا جو واقعو ان ريت اڌ رات جي وڳڙي ٿيو، جيڪو هن واقعي کي تهائين وڌيڪ ڀوائتو ۽ ڏکوئيندڙ بڻائي ٿو ڇڏي.
ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ هڪڙن مارئيءَ جي مائٽن جي ڳوٺ جو نالو کاروڙو کنيو آهي. کاروڙو ٿر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن هنڌن تي ملي ٿو، جتان بقول ڀٽائيءَ جي، مارو مارئيءَ جي دردناڪ انداز ۾ اغوا کانپوءِ لڏ کڻي ويڙهيجهپ ڳوٺ ڏانهن هليا ويا آهن. مارو اعليٰ ڳڻن وارا آهن ۽ اغوا ۽ يرغمال جي واقعي سبب لڏيندي، انهن پنهنجي ڳڻن جون ڳالهيون پوئتي ڇڏيون آهن، جڏهن ته سومري راجا جي زيادتيءَ جي دهشت علائقي ۾ اهڙو ته اثر ڪيو آهي جو راڄن جا راڄ لڏيا ٿا وڃن؛
کاروڙئان کڻي ويا، ڳالهيون ڳڻ ڇڏي،
ويٺا ويڙهيجهپ ۾، اجهائون اڏي،
سؤنڪي سندي سومري، ويا راڄ لڏي،
ڀري ڀاڳ وڏي، ملان مـاروئڙن سان.
مارئي جي واقعي بابت هڪ ٻي روايت جيڪا ڀٽائيءَ جي بيتن مان ئي اهڃاڻ بڻجي اڀري ٿي، سا هيءَ ته مارئي پنهنجي مٽن مائٽن سان گڏ عمر ڪوٽ ۾ لڏ سان گڏ هئي، جتي به کوهن تي ڏينهن رات پاڻيارين جي رش لڳل هوندي آهي. عمر ڪوٽ جو اڌ شهر ٿر ۾ ۽ اڌ شهر چيڪي مٽيءَ وارو آهي. ڇا اهو واقعو اتي ئي ڪٿي ويجهو ٿيو، جتان پوءِ مارو لڏي ويا؛
ساجَن پَرياڻُ، پانڌي پَکي لَڏَسين،
مارو ڳُڻن ساڻ، وِيئڙا ٿَرِ اُڪري!
سر مارئيءَ ۾ عمر مارئي، ٿر ۽ ان علائقي سان واسطو رکندڙ سمورين شين، ماڻهن، ريتن، رسمن وغيره جو ذڪر ته آهي ئي پر عجب ان ڳالهه جو آهي ته، ڀونءِ يا مٽيءَ سان ناتي ڳنڍڻ جا اهڙا عليٰ انساني قدر به بحث هيٺ آندا آهن جو، حيرت وٺيو وڃي. مثال طور ڀٽ ڌڻيءَ قرآن مجيد جون آيتون يا عربي محاورا به هن سر ۾ استعمال ڪيا آهن، پر انهن کي اهڙي انداز ۾ چيو اٿس جن مان مٽيءَ سان وابستگيءَ جو لازوال اظهار ٿئي ٿو. ڏسو، جڏهن الله تعاليٰ اڃا نه انساني ڍانچو، لڱ ۽ لحم يعني گوشت پوست ئي نه خلقيو آهي ته عالم ارواح ۾ هن جيءَ جي وابستگي انهيءَ ئي مٽيءَ سان ٿي وئي؛
نه ڪا ”ڪُن“ ”فيڪُون“ هئي، نه ڪو لِڱُ لَحَمُ،
بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدمُ،
مون توهين سين سڱ، اُها ساڃاءِ سپرين!
فيڪُون فدا ڪري، ڪيائين سين ڪُن،
تعظيمان تمام ڪري، پوءِ پٿريائين ڀُون،
مارو تئان مون، ڀينر ڀاڱي آئيا.
نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا هُنگ نه هُون،
سڄڻ تنهن ساعت ۾، بيٺي ڏٺو سون،
مون تن تڏهاڪون، ملي ملاقات ڪئي.
ڀٽ ڌڻي يرغمال بڻيل مارئي جي جذبات ۽ من جي ڳانڍاپي جي سر مارئي ۾ جنهن انداز ۾ ڳالهه ڪري ٿو، ان مان ان اعليٰ انساني ڳڻ جو اظهار ٿئي ٿو ته، فطري طور انسان جو ڳانڍاپو پنهنجن سان ٿئي ٿو. اها انساني خصلت آهي، ڳڻ آهي جيڪو آفاقي ۽ هر هنڌ هڪ جهڙو آهي. پنهنجي اصلوڪي ۽ فطري لاڳاپي کان ڇڄڻ جي ڪيفيت ماڻهو کي ڪنهن به طرح نئين ۽ مڙهيل وايو منڊل ۾ قبول ڪانه ٿي پئي ۽ هن جي تانگهه پنهنجي اصل ۽ نج ماحول ڏانهن موٽڻ طرف رهي ٿي. قرآن مجيد جي آيت شريف ”ڪل شي يرجع الا اصله“ اهڙي تانگهه ۽ تونس جي ڪيڏي نه ڀرپور معنيٰ مهيا ڪري ٿي! ڀٽ ڌڻي عربيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ان ئي نوعيت جي عرب قدرن ۽ چوڻين کي هن پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ تسبيح جي مڻين وانگر اهڙو سلهاڙي ڇڏيو آهي جو هڪ مثال قائم ٿي پيو آهي؛
هي هنڌَ ماڙيون هاڻِ، ساڙيان سڀ ڏيهين ريءَ،
ڪل شيءِ يرجع الا اصله، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ،
ڀِري پنهنجي ڀاڻِ، پسان ملڪ ملير جو!