سُر ڪلياڻ، ان جا موضوع ۽ ڪردار
ڪلياڻ جي پهرئين داستان ۾ مٿين موضوعن ۽ ڪردارن بابت توڙي ايمان ۽ عقيدي تي بيت ملن ٿا. ايمان ۽ عقيدي جي معاملي ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو موقف نهايت واضع، اڻ ٽٽ ۽ ٺوس آهي ۽ ان ۾ هن وٽ شڪ گمان جي گنجائش ئي ڪانهي؛
چئـو تون الله هيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
اُو تان توسين گــڏ، سـڄــڻ ســاهه پساهه ۾.
رسالت تي ايمان بابت سندس موقف به نهايت واضح ۽ ٺوس آهي؛
وحدہٗ لاشريڪ له، جن اُتـوسين ايمـان،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان،
اُوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا.
هتي هڪ عجيب ورتاءَ جو ذڪر ڪرڻ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ وٽان ٿيندو ته، ايڇ ٽي سورلي جڏهن ڀٽائيءَ جي بيتن جو ترجمو آندو ته، ان کي الله جي رسول جو نالو کڻڻ ۾ عارُ محسوس ٿيو. ان ڪري هن هر بيت ۾، جتي محمد ﷺ جو نالو آيو، لفظ ”تعريف ڪيل“ يعني praised استعمال ڪيو. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڳالهه ساڳي ٿي بيهي، پر اسين جڏهن مئڊم ايلسا قاضيءَ جي ڪيل ساڳي بيت جي ترجمي تي اچون ٿا ته فرق ظاهر ٿيو پوي؛
وحده لاشريڪ له، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.
هن بيت جو سورلي اجهو هيئن ترجمو ڪيو آهي؛
He is the lord, one only one,
Sustainer and Compassionate,
Sing the praise of him who heals,
The true one, sing ye praise of him
Acknowledge ye the praised one, who
The causer of causes is.
Why go ye then and bow yourselves
In front of others, why go ye?
ساڳي بيت جو ترجمو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي گهر واري ايلسا قاضيءَ هن ريت ڪيو؛
He is without a partner, when
This glorious news you break
With love and knowledge, Muhammad
Accept as cause him take
Why would you then obeisance make
to others after that?
ڪمپيوٽر جو ذڪر:- جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر اسان جي هن ويهين صديءَ جي صفا آخري چوٿائيءَ جي ايجاد آهي ۽ ڪمپيوٽر ترقي ڪري رهيو آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا جي ماڻهن کي ۽ انهن سڄڻن کي جن وٽ پنهنجا ڪمپيوٽر پي سيز آهن، انهن کي ڄاڻ آهي ته، ڪمپيوٽر تان پاڻ لاءِ ڪنهن به پروگرام کي کولڻ لاءِ سڀ کان اڳ دري کولڻي پوندي آهي. دريءَ کي انگريزيءَ ۾ Window چئجي ٿو ۽ اها ونڊو ئي ڪمپيوٽر جي خزانن جي تلاشيءَ لاءِ ڪارآمد ٿئي ٿي. هر ڪمپيوٽر لاءِ هاڻي ونڊو پروگرام سڄي دنيا ۾ ملن ٿا. اسان کي عجب ان ڳالهه جو آهي ته ٽي صديون اڳ جي ڀٽائيءَ ڪمپيوٽر جي ونڊو پروگرام بابت هي بيت ڪيئن چيو آهي ۽ اهو ڪلياڻ ۾ ئي آهي؛
ايـڪ قصر در لک، ڪـؤڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
۽ هاڻي اچون ٿا سرڪلياڻ جي ٻئي داستان تي.
ڪلياڻ جي ٻئي داستان جا موضوع آهن، اگهائي معنيٰ بيماري، چڱائي معنيٰ چڱ ڀلائي، ويڄ، طبيب، سوريءَ جي سيڄ معنيٰ ڦاسي قبولڻ، محبت ۾ سسي ڌار ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ، ڪسڻ لاءِ ڪات ۽ اڏيون موجود هجڻ، جيئن فرينچ انقلاب دوران ٻه صديون اڳ چؤواٽن تي سسيون وڍڻ وارو عمل تاريخ جو هڪ عجيب حوالو بڻجي ويو آهي. ڪلاڙڪو هٽ، يعني مڌ سازي، شراب جو دوڪان، ڪلال يعني پياڪ وغيره. چوَن ٿا ته مومل جي نوڪرياڻي ناتر مڌ سازي ءَ جي ماهر هوندي هئي ۽ جڏهن ڪاڪ تي مومل جي ماڙي ويران ٿي ۽ مومل ڏاگهه چڙهي ته، ناتر ڪراچيءَ جي اوڀر ۾ گڏاپ واري علائقي ۾ موجوده سپر هاءِ وي کان ڪجهه ميل اتر طرف ڪلاڙڪو هٽ قائم ڪيو، جتي اڻ ڄاتل ماڻهو هلي ايندا هئا. هوءُ مٽ چڪائيندي هئي ۽ سندس ڌيءُ موکي آيل متارن جي خدمت ڪندي هئي؛
سوريءَ سڏ ٿيـو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تـن پـيـو، نـالو نينهن ڳنهن جي.
اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنبـاهيا،
ڪاٽ ته پوين قبـــول ۾، مڇڻ ڀانئين گهٽ،
مـٿا مـهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
ڪلياڻ جي ٻئي داستان جو بغور مطالعو ٻڌائي ٿو ته ڪسڻ لاءِ، جنهن اڏيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي سا، ڪا سياسي انقلاب يا هلچل جو ڪارڻ نه هئي بلڪه علامتي انداز ۾، ڪنهن به مقصد ماڻڻ لاءِ ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ آخري ۽ قطعي طريقو آهي سر ڏيڻ. حقيقت به اها آهي ته سر ڏني کانسواءِ، يا ايڏي پختي ارادي کانسواءِ مقصد ملڻ ممڪن ئي ڪونه ٿو رهي.
سر ڪلياڻ جو لاڳيتو مطالعو ڪندي ، جڏهن ان جي ٽئين داستان تي پهچجي ٿو ته، مٿئين ٻن داستانن جو تت هن ٽئين داستان ۾ خلقڻهار ۽ بندي جي وچ ۾ تعلقات ان منزل تي پهچن ٿا، جڏهن بندو ٻڏتر جو شڪار ٿي خالق کان شرمائي ٿو ۽ سندس ويجهڙائيءَ جي شرطن کان لڄائي ۽ ڪترائي ٿو. اها ڪيفيت تڏهن واضح ٿئي ٿي جڏهن ڀٽائي فرمائي ٿو؛
سڪين ڪُھ سلام کي، ڪرين ڪُھ نه سلام،
ٻـيـا در تـن حرام، هيءُ در جنـي ديکيو.
سر ڪلياڻ جي هن ٽئين داستان ۾ خالق ۽ بندي جي وچ ۾ ازلي عشق جي ڪيفيت چوٽ تي چڙهيل نظر اچي ٿي. حجاب ۽ شرمساريءَ جا سڀ پردا ڏور ٿيو وڃن ۽ جڏهن حبيب سڏ ڪن ته، اهو سڏ ۽ دل ۾ پيدا ٿيل محبت وجود تي طاري ۽ حاوي ٿيو وڃي؛
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سـو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
جيڪي ماڻهو چون ٿا ته، ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ڏکيو آهي، اهي اها ڳالهه وساري ڇڏين. ڀٽائيءَ کي پڙهڻ ڏکيو نه بلڪه تمام سولو ۽ آسان آهي. اهو هيئن ته اوهان رسالو کنيو ۽ وچو واڙي بيت پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوهان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو. هيئن ڪريو، رسالو کڻو، منڍ کان هر بيت نمبروار ضرور پڙهندا وڃو ۽ داستان جي پڄاڻيءَ تي بيهو. مڪمل ڪيل داستان جي انهن نقطن تي ٻيهر غور ڪريو جيڪي اوهان کي ڏکيا لڳا. اهي بيت ٻيهر پڙهو ۽ ان ئي رسالي ۾ ڏکين لفظن جي ڏنل معنائن کي ڏسي وٺو. داستان جا موضوع ۽ پيغام حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي اڳتي وڌو. فقط لڳاتار مطالعي سان ئي ڀٽائيءَ جو ڪلام اوهان کي آسان لڳندو ۽ سمجهه ۾ ايندو.