سُر سورٺ
ميسر معلومات مطابق، ڪنهن سمي سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر واري ڪنڊ تي ڪاٺياواڙ علائقي ۾ جهونا ڳڙهه رياست جو حاڪم راجا راءِ ڏياچ ڏاڍي شان ۽ دٻدٻي سان راڄ ڪندو هو. تڏهن دنيا جي مختلف علائقن وانگر ننڍي کنڊ ۾ ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ثقافتن وارا ماڻهو ننڍڙين رياستن جي انتظامي سرشتي اندر رهندا هئا. جهونا ڳڙهه جي راجا راءِ ڏياچ کي هڪ ڀيڻ هئي جنهن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هوءَ رياست جي ڪيترن ئي بزرگن وٽ اولاد پنڻ لاءِ ويندي رهي هئي، هڪ ڀيري هڪ بزرگ هن مائيءَ کي ٻڌايو ته کيس پٽ ضرور ڄمندو، پر اهو سندس ڀاءُ راءِ ڏياچ جو سر لڻندو.
مائيءَ جو ڀاءُ جي سر وڃڻ جي ڳالهه ٻڌي سو چيائين ته، اهڙو پٽ ئي گهوريو جيڪو ڀاءُ لاءِ موت جو پيغام بڻجي ۽ سندس سر لاهي. پوءِ به کيس حمل ٿيو ۽ پورين مهيني کيس پٽ ڄائو. پٽ ڄمڻ شرط کيس ڀاءُ راءِ ڏياچ جي سر جي ڳڻتي اچي لڳي، سو ڇا ڪيائين جو، هڪ پيتي ڪاٺ جي اهڙي ٺهرايائين جنهن ۾ ٻارڙو سمهاري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏجي ته، اها پاڻيءَ ۾ نه ٻڏي ۽ نه ٻار تائين پاڻي پهچي، ماهر ڊکڻ تجربيڪار ٻيڙياتن يا مير بحرن جي صلاح سان اها پيتي ٺاهي مائيء حوالي ڪئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو سويل منهن اونداهي مهل ٻارڙي کي ٿڃ پياري سٺا سهڻا وڳا پهرائي ماءُ زارو قطار روئندي، پيتڙي پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏي، جيئن درياهه ان کي سامونڊي لهرن ۾ کڻي وڃي ۽ علائقي مان سندس ڀاءُ لاءِ خطرو بڻيل سندس ٻارڙو پري هليو وڃي.
لڙيءَ منجهند جو درياهه جي ڪپ تي، ڀر واري ٻي رياست ۾ هڪ مڱڻهار پنهنجي زال سان گڏجي پاڻي ڀرڻ لاءِ آيو. هنن ڪپ تي ويهي ساهه پئي کنيو ۽ دلا مٽ ويٺي صاف ڪيا ته کين ڪاٺ جي هڪ خوبصورت پيتي لڙهندي نظر آئي.
مڱڻهار پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي اها پيتي ڪناري ڏانهن کڻي آيو. جان کڻي کولين ته ان ۾ هڪ سهڻو ٻارڙو ڀلي سٺي جوڙي ۽ ململ جي رومالن سان ويڙهيو پيو ٻولڙيون ۽ هونگرون ڪري. سڄي جڳ کان لڪائي مڱڻهار اهو ٻارڙو گهر کڻي آيو ۽ ٻنهي زال-مڙس فيصلو ڪيو ته اهي هن ٻار کي پٽيلو ڪري پاليندا. ان ٻارڙي جو نالو رکيائون ٻيجل، ٻيجل کي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي موسيقي ۽ ساز آواز جو ماحول گهر ۾ مليو، سو سندس طبع ۾ راڳ ۽ ساز رچندو ويو. هو مختلف ساز ۽ خاص ڪري چنگ ساڻ ڪري جهنگل ۽ ٻيلن جي گهاٽن وڻن ۾ پکين ۽ جانورن جون ٻوليون به ٻڌندو هو ۽ چنگ تي پکين جون ٻوليون نقل ڪندو، آلاپ ڪندو ڳائيندو وتندو هو.
ايئن گهمندو، سير ڪندو، ٻيجل هڪ گهاٽ کان اچي لنگهيو ته سندس ڪنن تي هڪ عجيب ساز جو آواز پيو. هن ڪنائي وڃي هڪ وڻ تي نهاريو، جنهن تي ڪيترائي پکي پکڻ ۽ وڻ جي چوڌاري جانور مڙيا اهو ساز ٻڌي رهيا هئا. چتائي نهاريائين ته وڻ تي هڪ مئل هرڻيءَ جو هڏائون پڃرو ٽنگيل ڏٺائين جنهن جي پيٽ ۽ پاسيرين وٽان لڙڪندڙ آنڊن سڪي وڃڻ ڪري تارون ٺهي ويون هيون، جن کي هوا پئي لڳي ته اهو من موهيندڙ آواز پئي نڪتو جنهن تي پکي ۽ جانور مڙي آيا هئا.
ٻيجل وڻ تي چڙهي هرڻيءَ جي سڪل آنڊن کي ڇڪي هٿ ڪيو ۽ گهر اچي، انهن مان تارون ٺاهي پنهنجو ساز بڻايائين. ساز وڄائڻ ۽ آلاپ جي تربيت ته سندس گهر ۾ ٿي هئي، سو هن نئين ساز سان ٻيجل اهڙو ته مانوس ٿي ويو، جو ڏينهن رات گهر توڙي ٻاهر وتندو هو ساز وڄائيندو ۽ آلاپ ڪندو. سندس هن ساز ۽ آواز سڄي علائقي ۾ کيس مشهور ڪري ڇڏيو. جتان ٿي لنگهيو، ماڻهن جا ميڙاڪا لڳي ٿي ويا، پر هو هر ڳالهه کان بي نياز پنهنجي ڌن ۾ ساز وڄائيندو ڳائيندو پئي وتيو.
جڏهن راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي ٻيجل ڄائو هو، تنهن زماني ۾ ئي ڀر واري رياست جي راجا اني راءِ جي زال کي اٺين ڌيءُ ڄائي. ڦالون وجهندڙ اني راءِ کي ٻڌايو ته اها اٺين ڌيءَ سندس لاءِ پريشانين جو ڪارڻ بڻبي، اهو ٻڌي، زال سان صلاح ڪري، هن ننڍڙي ٻالڪيءَ کي هڪ سهڻي پيتيءَ ۾ وجهي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائون. اها پيتي لڙهي وڃي راءِ ڏياچ جي رياست ۾ نڪتي ۽ ڪناري سان اچي بيهي رهي.
ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ ڪنڀر رتن صبح جو ٿانون لاءِ درياهه ڪناري چيڪي مٽي پٽڻ لاءِ آيو ته سينگاريل پيتيءَ تي نظر پيس. هو پيتيءَ سوڌو گهر پهتو ۽ زال سان گڏ جي جان کڻي پيتي کولين ته هڪ شاهي ٻارڙي اوچن ڪپڙن ۾ ويڙهيل ڪڏ ڪيون ڏئي پئي ٻولڙيون ڪري. ڪنڀر رتن ۽ زالس کي اولاد نه ٿيندو هو، سو غنيمت ڄاڻي هنن هن ٻالڪيءَ کي پاليو ۽ نالو رکيائونس سورٺ.
سورٺ کي ڪنڀر رتن ۽ سندس زال ڏاڍي ناز سان پاليو. هو جوان ٿي ته، سندس سونهن جي هاڪ ٻنهي، راجا اني راءِ ۽ راءِ ڏياچ جي رياستن ۾ هر طرف پکڙجي وئي. اها هاڪ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي پيءُ، اني راءِ جي ڪنن تائين به پهتي. هاڻي سورٺ ڇاڪاڻ ته راءِ ڏياچ جي علائقي ۾ پئي رهي ان ڪري اني راءِ کي اهو خيال ئي ڪونه آيو ته، هو ڪا سندس ڌيءَ به ٿي سگهي ٿي. اني راءِ ڪنڀر رتن کي چورائي موڪليو ته سورٺ جو سڱ ساڻس ڪيو وڃي، پر جڏهن راءِ ڏياچ کي اها سُڌ پئي تڏهن هو رتن تي ڪاوڙيو ته، رياست کان ٻاهر سورٺ جو سڱ ڇو ٿيندو. رتن کي ههڙيء ماجرا جي خبر ئي ڪانه هئي سو، پهريائين ته منجهي پيو پر پوءِ اهو سوچي ته، راءِ ڏياچ جي راڄ ۾ رهڻو آهي ۽ سورٺ کي راڄ راڻي بنجڻ جو موقعو به آهي، سو سورٺ راءِ ڏياچ سان پرڻجي وئي.
راجا اني راءِ سورٺ جي شاديءَ جي خبر ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ لشڪر چاڙهي جهونا ڳڙهه جي قلعي تي حملو ڪيائين. راءِ ڏياچ قلعه بند ٿي ويهي رهيو ۽ ٻاهران قلعي جو گهيرو ڪري اني راءِ هڪ سال تائين قلعي فتح ڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ جنگ لڳي ۽ اني راءِ جي ٿڪل فوج شڪست کائي موٽي وئي.
هار کاڌل اني راءِ کي سورٺ نه ملي سگهڻ ۽ شڪست وڌيڪ چيڙائي وڌو ۽ هن ٻيو چارو نه ڏسي اعلان ڪيو ته، جيڪو راءِ ڏياج جو سر آڻي ڏيندو، ان کي سونين اشرفين جو ٿالهه انعام ۾ ڏنو ويندو.
ٻئي طرف راءِ ڏياچ علم ۽ فن جو گرويده هو. مختلف علائقن جا موسيقار ۽ گويا سندس درٻار ۾ فن اچي پيش ڪندا هئا ۽ وڏا انعام اڪرام حاصل ڪندا هئا.
راجا اني راءِ جا سفير سونين اشرفين جا ٿالهه سڄي رياست ۾ گهمائڻ لڳا. جڏهن اهي ٻيجل جي گهر وٽان لنگهيا ته ٻيجل جي زال لالچ ۾ هڪ ٿالهه وٺي پاڻ وٽ رکيو ۽ ٻيجل کي چيائين ته ساز کڻي راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ وڃي. پهريائين ته ٻيجل نه مڃيو پر پوءِ زال جي ٽيڪن کي ڏسي پنهنجو ساز کڻي راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ لنگهي آيو.
راءِ ڏياچ جي درٻار تائين پهچندي سندس ساز تي لکين پکين جا ميڙاڪا ٿي ويا ۽ جو جتي هو سو اتي ساز جي جادوءِ ۾ گم ٿي ويو. هرڻيءَ جي سڪل آنڊي جي تارن مان نڪتل سرن راءِ ڏياچ کي گهائي وڌو. هن ٻيجل کي چيو ته جيڪو گهرين سو گهر، تنهنجي فن جو ڪو ملهه ئي ڪونهي، ٻيجل راءِ ڏياج کي سر جي صدا هنئي؛
پرديسيان پنڌ ڪري، هلي آيو هت،
جا جڪ اُڀو جت، سر جون صدائون هڻي.
تو در آيس راڄيا، ٻيا در دور ڪري،
دُولهه! تو درٻار ۾، آيس پير ڀري،
مڱڻو آئون نه مـــال جو، منهنجو پنڌ پري،
وري ڪين وري، مٿي ڌاران مڱڻو.
ساز جي محفل هلندي رات ٿي وئي، ساز جو جادو هر ڪنهن تي اهڙو طاري ٿيو جو ڪنهن کي ڪا ڪل ئي نه پئي ته رات پوري ٿي چڪي.
ساري رات صاحب کي، ڳڙهه ڀر ڳايائين،
اُٺس ماڻڪ مينهن جئـن، هٿ نه ڇُتائين،
تي لائق لڌائين، جئن هو ميراثي مڱڻو.
انعام ۾ سر جي صدا سڄي درٻار کي پريشان ڪري ڇڏيو. سورٺ کي خبر پئي ته هوءَ سمجهي وئي ته اها سٽ اني راءِ جي سٽيل آهي. هن آهون دانهون ڪيون پر راءِ ڏياچ ٻيجل سان ”گهرڻو هجئي سو گهر“ جو وچن ڪري ويٺو هو. ڏياچ فيصلو ڪيو؛
چارڻ! ٻولج ڪين ٻيو، جو گهرئين سوگهوريان،
گهر، سورٺ نه پڙي، جان تند برابر توريان،
ڳجهي آهم ڳالهڙي، آءُ اوري تان اوريان،
ڪِ ڪلنهئون ڪوريان، ڪِ جاجڪ! جُسي سان ڏيانءِ؟!
ٻيجل کي منڍي گهربي هئي، تنهن صدا تان نه هٽيو ۽ نيٺ ڏياچ سر ڏنو؛
راڄا رنگ محل ۾، جاجڪُ سرزمين،
جا هنيائين هٿن سين، سا سئي بالا بِين،
جت اچن نه اُردا بيگيون، ات ڪوٺايو امين،
”تازي ڏيوس تڪڙو، جوهر پائي زين،“
ٻيو مڱي ڪين، ڌاران سر سيد چئي.
ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪونه وسيلو وچ،
سا ئي تال تندن جي، سائي چارڻ چِتِ،
جي هُتي، جي هِت، ته ڳالهه مڙيائي هيڪڙي.
”مٿي اتـي منهنجي، جي هوئن سر هزار،
ته تنهنجي تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو.“
وڍِ سرُ، ٿيءُ سَرهو، مڪي آءُ مَ ڳاءُ،
جاجڪ تو مٿانءُ، ملڪ مڙيو ئي گهوريو.
ٽيئي پرتا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ،
تنهن جِهو ئي ناهه ڪي، جو تو چارڻ ڪيو پنڌ،
ايءُ شڪر الحمد، جئن مٿو گهريئه مڱڻا.
پوءِ سورٺ مري وئي. ڏياچ جي ڏاگهه واري باهه ۾ ٽپ ڏنائين. ٻيجل مٿو کڻي انيراءِ وٽ ويو ته هو دهلجي ويو ۽ ناراض ٿي ٻيجل کي احساس ڏياريائين. ٻيجل ڏياچ جي مٿي سوڌو واپس جهونا ڳڙهه پهتو ۽ باهه ڏسي ان ۾ ٽپو ڏئي پاڻ به سڙي مئو.
گل ڇنو گرنار جو، پِٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
چوڻا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
نـاريون ناڏ ڪرين، راڄا رات رمگيو.
سورٺ مئي، سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار،
نه ڪي راڳ نه روپ ڪو، نه ڪا تند تنوار،
تهان پوءِ مڱڻهار، ڏنو سر ڏياچ کي.