ڀٽائيءَ جي ڪاپائتيءَ ۾ صنعت ۽ زراعت
سو، سنڌ جي قبل از تاريخ، تاريخ واري دور، وچولي دور ۽ جاڳرتا وارن سڀني دورن جو احوال ۽ مشاهدا لکيل صورت ۾ نه ملڻ هڪ الميو ان ڪري به آهي، جو انهن احوالن کي محفوظ رکندڙ ڪتاب ۽ لائبريريون مورڳو ئي ساڙي ڀسم ڪيا ويا.
ان هوندي به سنڌ جي ساڃهه وند مفڪرن ۽ ڏاهن شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل پنهنجي ڪلامن ۾ پنهنجي دور جي سنڌ جي معيشتن تي پڻ خيال آرائي فرمائي آهي، جنهن جو مطالعو ڪندي اهي احوال ماخذ طور هڪ محقق کي ميسر ٿين ٿا. شاهه جي سر ڪاپائتي جو مطالعو ڪندي اسانکي هڪ ئي وقت زرعي معيشت ۽ صنعت ڪاري، جي چند لاڳاپيل شعبن يا Trades جو پتو پئي ٿو.
سنڌ جي زرخيز زمين ڪپهه جي پيداوار لاءِ هميشه موزون ۽ موافق رهي آهي. يورپي قبضيدارن ايشيا ۽ آفريقا جي سياسي ۽ معاشي قبضن کانپوءِ جيڪي زرعي اسم پنهنجن ڏورانهن ملڪن ۾ صنعتي ڪارج لاءِ موڪلي ڏنا، تن ۾ سنڌ جي ڪپهه به شامل هئي. ڪپهه ڀٽائي جي دور توڙي ان کان اڳ صدين بلڪ هزارن سالن کان وٺي هڪ اهم زرعي پيداوار رهي آهي. عربن سان سنڌ جو تعلق تاريخ جي مهڙئين دور کان ئي رهيو آهي. رسول اڪرم ﷺ پاڻ به رسالت کان اڳ سوداگر رهيا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ ڏانهن سندن ڪو سفر نه ٿيو، البت پاڻ سنڌ مان ايندڙ سوداگرن سان رهاڻيون به ڪندا هئا ۽ وڻج واپار جي وکرن بابت ڄاڻ رکندا هئا. انهن وکرن ۽ واپاري اسمن مان هڪ اسم پاڻ سڳورن پنهنجي تن ڍڪڻ لاءِ ڏاڍي پاٻوهه سان منتخب ڪيو هو ۽ اهو اسم هو سنڌ جي ململ. پاڻ سڳورا ململ تن زيب ڪندا هئا ۽ سنڌ جي ململ جي نفاست جا ڳڻ ڳائيندا هئا.
ڀٽائيءَ سر ڪاپائتيءَ ۾ ڪپهه جي پيداوار کان وٺي ململ جي تياريءَ تائين مختلف مرحلن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪپهه کي دنيا اندر اڇو سون ڪوٺيو ويو آهي ۽ ان جو ڪاروبار ڪندڙن کي صراف. ان ريت ڀٽ ڌڻي پڻ ڪپهه جي واپاريءَ ۽ ڪارخانيدار کي صراف ڪوٺيو آهي، سر ڪاپائتيءَ ۾ ڪپهه جي مختلف روپن، ڪچي ڪپهه، پُوڻي، سُٽ، تند، ڪاپو، ڀرت، سڳي، ڪپڙي ۽ ململ تائين جو ذڪر آهي. ان جو ڪم ڪندڙن کي ڪاتار، ڪاپائتي ڀيرم وارو يا ڀيرم واري، سيباڻي، ڏهسي ڪوري وغيره جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪپهه جي ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي مرحلا اُڪرڻا پون ٿا، تن جا ڪاپائتيءَ ۾ هنڌ ٻڌائيندي ڀٽائي هن ڪم جا هنڌ ذڪر ۾ آندا آهن؛ پهي، ارٽ، ڀيرم، مالهه، آتڻ، ٽِڪ، چرکو يا چرخو، ڀيرا وغيره.
ڪپهه جي پوڻيء کان وٺي ڪپڙي جي تيار مرحلي تائين سنڌ اندر ٽيڪسٽائيل جو ڌنڌو عام جام هوندو هو. واسطيدار واپاري مرڪزن ۾ ڪپهه سان سنهي ۽ ٿلهي تيار ڪپڙي جون بازارون به هيون ته ان جي سوداگري ۽ پرڏيهي واپار به ٿيندو هو. سنڌ جا ڪپڙي جا ماهر يا ڪوري رڳو سنڌ ۾ ئي نه بلڪ سنڌ کان ٻاهر به پنهنجي مهارت طفيل ڪم ڪندا هئا. ان نوعيت جو (Skilled) ورڪر يا ماهر خاص ڪري افغانستان، ايران ۽ عربستان جي وسيع و عريض علائقن ۾ وڃي روزگار هٿ ڪندو هو. ان ڳالهه جو ذڪر به ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجن شعرن ۾ ڪيو آهي؛
ڪي اوبين عرب ۾، ڪي ڪابل منجھ ڪتن،
سُٽُ انهن جو سڦرو، مٽيو ماڻڪن،
قادر ڪِيم ڪڍن، ٿيلهي ٿلهي واريون.
ان ريت پرڏيهه ڪم ڪندڙ اوور سيز ورڪرز سنڌ ڪنهن جهوني زماني کان ڀرتيون ڪندي رهي آهي. تڏهن جي هنرمند ماهرن جي ڀيٽ ۾ اڄ جي سنڌ گهڻو تڻو بي هنر افرادي قوت پرڏيهه موڪلي ٿي پر اصل قدر ان ڪاميءَ جو آهي جيڪو هنر مند آهي، جيئن ڀٽائيءَ چيو ته سٺو ڪم ڄاڻندڙ هنر مندن کي ٿيلهي، تڙي نه ٿو ڪڍيو وڃي، انهن جو هنر يا ڪم ماڻڪن تي مٽجي ٿو. مان بيت ٻيهر ٿو ڏيان ته جيئن ٻاهر ڪم ڪندڙ هنرمندن جي اهميت وڌيڪ اجاگر ٿئي؛
ڪي اوبين عرب، ڪي ڪابل منجهه ڪَتِن،
سٽ انهن جو سڦرو، مٽيو ماڻڪن،
قادر ڪيم ڪڍن، ٿيلهي ٿلهي واريون.
ڀٽائيءَ ڪپهه ٽاڻڻ جي ڪارخانن جو دورو ڪري محسوس ڪيو ته ڪارخانن اندر گڏجي ڪم ڪرڻ سان مزدور يا ڪامياڻيون وڌيڪ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن ٿا، بنسبت ان جي جو ڪو گھر ويهي هيکلي سر ڪپهه ٽاڻي؛
توڻي تون ڪاتار، جم هيڪلي ڀيرئين،
ڏٺــي ڪـــا ڏُئار، صـــراف انهيءَ سُٽ ۾.
ڀٽ ڌڻي انساني فطرت جو به وڏو پارکو آهي ۽ هُن هِن هنري ۽ اهم معاشي ميدان ۾ دلچسپي نه وٺندڙن کي دڙڪا دهمان به ڏنا آهن ته، ماحول موجود هوندي به ماڻهو ڪتڻ جي نه ڪري ته اهو ٿيلهبو، خوار ٿيندو ۽ ڏکي زندگي گھاريندو؛
ڪتڻ جي ڪانه ڪرين، سُتي سَاهين هڏ،
صبح ايندئي اوچتي، عيد اگھاڙن گڏ،
جتي سرتيون ڪندئي سڏ، ات سڪندينء سينگار کي.
ڪنهن ڪاپائتي جي هنر مند هوندي ڪم ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي ڀٽائي تنبيهه ٿو ڪري؛
توڻي ٿئين جڏي، ته به اُتي آتڻ آءُ،
ٿيءُ ڀيڙي ڀيرم وارئين، ٻي هڏ ڪرم ڪاءِ،
ته صراف تو صباح، ڪوٺي ڪاتارين سين.
هڪ هنر مند جي سستيء ۽ ڪاهليء کي ڏسي، هن ماحول ۾ رچي ويل ڀٽائي ڏسو ڪهڙي انداز ۾ تنبيهه ڪري ٿو؛
سون ساريڪا هٿڙا، ڪوهه نه ڪتين رڏ؟
ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گھتون گوهيون ڇڏ!
ته صرافـــاڻي ســـڏ، مَرڪيـــو هـــوند مٽائيين!
ٿلهـو، سنهـو، اڳيون، جيڪي ڪتائين،
مرڪيو مٽائين، سُڀان وچ سَرتئين.
اڄوڪي دنيا ۾ ماڻهوء جي سونهن آهر هنر، هنر مندي هونئن به انسان ذات لاءِ سونهن آهي. اڄ جيڪو قدر دنيا اندر هنر مند جو آهي، بي هنر ان جي ڀيٽ ۾ رڳو هارتي ۾ آهي. ڏسو، بي هنر ماڻهو لکن جي تعداد ۾ دوست ۽ ڀائر عرب ملڪن مان لوڌي ڪڍيا پيا وڃن پر هنر مند ۽ اسڪلڊ ورڪرز جديد ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به پنهنجو مان مٿانهون ڪيو لک ڪروڙ روپيه پيا ٿا ڪمائين، هنر جي اها سونهن ڀٽائيء به هن طرح بيان ڪئي آهي؛
ڪوجو وَهُه ڪاپائتين، ڪَتن ۽ ڪَنبن،
ڪارڻ سُود سواريون، آتڻ منجھ اچن،
ان جي سونهن سيد چئي، ٿا صراف سڪن،
اگھيا سُٽ سندن، پائي ترازيء نه تُريا.
ململ جي تياريءَ جو ملهه ڪيڏو وڏو آهي، اندازو ته ڪريو؛
تنبائي تاڪيد سـين، جن پڃـايو پاءُ،
لسي تـنـد لطيف چئي، هلي تن هٿاءُ
ململ منجھان ماءُ، جي سکيون، تن سونُ ڪيو.