جَني ڏٺو پرينءَ کي
مــون ”ســي“ ڏٺـــــا ماءُ، جني ڏٺو پرينءَ کي،
انهين سندي ڪاءُ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
عجيب ڳالهه آهي ته کاهوڙي ڪردارن جي ٻي ڪا سڃاڻپ ڪانهي ته اهي ڪير آهن، سندن رڳي سڃاڻپ اها آهي ته سدائين ڌوڙ ۾ ڀريا، ڪڏهن پيرين اگھاڙين ته ڪڏهن پلال ۽ ڪانهن جي ٺهيل نوڙين جي جتين سان پهاڙن جي اڻ ڏٺل ۽ اوپرن هنڌن ڏانهن روان دوان آهن.
کاهوڙين جي پاران حق ۽ ڏٿ جي ڳولها جي انداز ۽ معيار جو ذڪر ڀٽائي اڃا اهڙي انداز ۾ ڪري ٿو جو، ان جي رمز کي ڪو ساڃھ وند ئي سمجھي سگھي ٿو، هر ڪنهن جي ڀيڻي ناهي. مثال طور هر ڪم هٿن پيرن، اکين ۽ عقل کي استعمال ڪرڻ سان ئي ڪري سگھجي ٿو، پر ڀٽائيءَ جو هيءُ انداز ڏسو؛
تحقيق جي تون ڀري، مٿي رِيء کڻيج،
جا حاج هٿن رِيء نه ٿئي، سا ٺوٺو ٿي ڪريج،
هـڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
هي نهايت ئي Informal۽ غير معمولي انداز آهي، جو اکيون ٻوٽي ڪنهن شيءِ جو مشاهدو ڪجي. جيڪو ڪم هٿن سان ٿئي سو ٺوٺو ٿي ڪجي ۽ ٻوڙو ٿي حيقيقت کي ٻڌجي. اهي سڀ بار بنا مٿي جي کڻڻا آهن. ڏسو، رسمي تلاش جا سڀ رستا بدلائي غير رسمي رستا اختيار ڪرڻ لاءِ اسان جو شاعر زور پيو ڀري.
ماڻهوءَ کي تلاش لاءِ ڪو رستو ڪو دڳ ضرور وٺڻو ٿو پئي پر ڀٽائي اصرار ڪري ٿو ته؛
جھنگل هليا، سي نه ڀُليا، راهه هليا ڦرجن،
اوجــھــڙ ســـي نـــه پون، ٻيئي جني ڇڏيون.
سر کاهوڙي جي ماحول ۽ ڪردارن جي چُر پُر جي ڪٿ ڪجي ٿي ته، لڳي ٿو ته ڪلام اندر ڏنل اشارن موافق کاهوڙي ڪردار پٻ جبل ڏانهن به نڪرندي نظر اچن ٿا ۽ ڪيترن ئي بنا نالي پهاڙن ۾ رلن ٿا. جڏهن ته گھڻو تڻو ڏٿ جي تلاش جو سندن ڪم گنجي ٽڪر جي اڻ ڏٺن ۽ پرانهن هنڌن ڏانهن ڏسجڻ ۾ اچي ٿو.
گنجي ٽڪر تي ڀٽائي پهريون ڀيرو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي زماني ۾ ويو هو، جتي کوڙ ساريون غفائون ۽ جابلو چُرون ڏٺيون هئائين ۽ ڪيترا يوڳي ۽ عبادت گذار به جن جو توجھ پنهنجي محبوب سان هو، جن نه ڏٺو پئي، نه کاڌو پيتو پئي ۽ نه ڪجھ ٻڌو ٿي. انهن ئي جوڳين ۽ سنياسين فقيرن ڀٽائيء کي جوانيء ۾ ئي اهڙو متاثر ڪيو، جوهو پاڻ به زندگيءَ جا سڀ مزا تياڳي صوفي ٿيو. ان جي باوجود ته ڪجهه به ڪرڻ کانسواءِ زندگيون گهاريندڙ فقيرن ۽ صوفين ڀٽائيء کي شديد نموني متاثر ڪيو، پر پوءِ به هن زندگيءَ کي ڀرپور انداز ۾ گھارڻ، ڪمائڻ ۽ پنهنجيون ذميداريون نڀائڻ لاءِ ور ور ڪري پنهنجي ڪلام ۾ هدايتون پئي ڪيون آهن.
کاهوڙيءَ جي ماحول جو جائزو وٺبو ته ڀٽائيء هڪ هنڌ پار جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ پار درياءَ جي ٻيءَ ڀر کي سڏجي ٿو. يعني کاهوڙي دريا ٽپي ٻئي پار وڃن ٿا؛
پـاران پُـڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي،
ڏوٿين ڏونگرانءُ، ڪنهن پَرِ ڏوريو ڏُٿ کي؟!
جيئن مون اڳ عرض ڪيو ته سُر کاهوڙيءَ ۾ ڪردارن جي ڳولا حد - لاحد کان ٽپي “ناهه” تائين يعني اوستائين وڃي ٿي جتي ڪجھ به ناهي؛
جا جُوءِ سئي، نه ٻڌي، ڏوٿي سا ڏورين،
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
ويا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.
علامتي طور يا محاوراتي لحاظ کان به کاهوڙيء جي معني آهي، هميشه ڪم، خفي يا محنت ۽ مشقت سان جنبيل. اهائي معنيٰ! ڀٽ ڌڻي به مهيا ڪري ٿو، جڏهن هو پورهئي ۽ خفي سان لڳل ماڻهن کي واندو، ويسرو ۽ پنهنجي ڪم کان ٽوٽي ٿي لنوائيندو ڏسي ٿو؛
کاهوڙي کِجن، پَسيو پورهيت ويسرا،
سي ڏوٿيئڙا ڏُور ويا، رُڃُن جي رهن،
ڪا مَن آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.
کاهوڙين جو ڪردار سدائين ڏٿ ۽ حق جي تلاش ۾ مصروف ڪردار آهي، البت سندن رويا سمجھ ۾ نه اچڻ جھڙا آهن، خاص ڪري اياڻي ۽ ڳهلي لوڪ کي اهي رويا سمجھ ۾ نه ايندا. پنهنجي ڪم يا ذميداريءَ کي نڀائڻ جو پهريون شرط هوندو آهي ان ڪم ۾ مگن ٿي وڃڻ، جنهن کان پوءِ ٺاهه ٺوهه ۽ پوشاڪ جي حفاظت جو اونو يا ڳڻتي نه ٿي رهي. کاهوڙين کي گودڙيون ۽ ڪفنيون پهريل آهن پر اهي ڌوڙ ۾ گڏيو پنهنجي تلاش ۾ لڳل آهن. ڪفني، پهرياڻ يا گودڙيءَ کي دلق سڏيو ويو آهي؛
دلق گڏيو ڌوڙ ۾، ڀُڪليا ڀُڻن،
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پَئي نه ڪن،
ڪا مَنِ آهي تن، مُون پِريان جي ڳالهڙي!
ڏٿ جي ڳولا ۾ گھڻا ئي ماڻهو اوجھڙ ڏانهن روانا ٿين ٿا. هتي اهڙو وايومنڊل نظر ٿو اچي، جتي اناج اپائڻ بجاء قدرتي طور ڦٽل اناج جي تلاش ٿئي ٿي. ان ڪري پٽ ۽ ميدان ڇڏي کاهوڙي ڏٿ جي تلاش ۾ پري پري هليا ٿا وڃن؛
ڏٿ گھڻائي ڪن، اِن اورانهين پنڌ جو،
سندا کاهوڙين، پري سُڄن پيچرا.
۽ ڏٿ تلاش کان سواءِ ملي ڪونه ٿو. ستي پئي ڪجھ ڪيئن هڙ حاصل ٿيندو؟ آسمان مان ته ڏٿ نه ڪرندو؟
جيــڪو ڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
ڇَپَرُ ڪين ڏئي، سوکڙيون سُتن کي.
حق ۽ ڏٿ، ٻنهي جي ڳولا لاءِ سياري، سانوڻ محنت ڪرڻي ٿي پئي؛
مون کاهوڙي لَکيا، گھرين نه گھارين،
واحد لڳ وِلهُن ۾، رويو جَرُ هارين،
گوندر گذارين، جئن ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.
مون کاهوڙي لَکيا، ويهي ويَرمَ ڪن،
ڏينهن تتي، ۾ ڏونگرين ، ڪارڻ قُوت ڪَهن
جھنگل ۾ جُھڻڪن، جئن ڏوٿي ڏٿِ گڏيا.
ڀٽائيء جا کاهوڙي گھوڙن تي سوار ٿي ڪو نه ٿا نڪرن، انهن جي پيرن ۾ نوڙين جون جتيون يا گهيتلا پاتل آهن ۽ پاڻيءَ جي کلي يا سيڻاهه، جنهن کي ڀٽائيء سَنڊَ جو نالو ڏنو، ڀري کڻن ٿا جيڪي دڳ ۾ ئي خالي ٿيو وڃنن؛
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟!
اڳ به عرض ڪري آيس ته رسمي واٽ بدران ڀٽائيء جي هنن کاهوڙين جو دڳ، معين ۽ مقرر دڳ/ پنڌ کان نرالو آهي ۽ ڪنهن پراڻي واٽ بدران هو ڪُواٽ اختيار ڪن ٿا؛
ويجھو وڃ مَ واٽ کي، ڪَهِج ڏَنهن ڪُواٽ،
اُجھي مـنجھان آٽ، اويسـي ٿي آءُ تون.
هڪ مرحلي تي گنجي ٽڪر جي اوناهين ۾ ڀٽائي پاڻ لنگي ٿو وڃي کاهوڙين جو نه پير ٿو ملي نه سندن ٽولن ۾ ويل شڪاري ڪتن جي ڪُوڪار. شايد مينهن نه پوڻ سبب پوٺا نه ڦٽا آهن ۽ ڏٿ نه ملڻ ڪري کاهوڙي جوءِ ۾ ئي ناهن؛
نه ڪُتا، نه ڪُوڪار، نه سي سڏ شڪارئين،
پٽيو کڻـي پار، جـھنگل آهيڙين کي.
ڏونگرِ نه ڏوٿي، ڏونگر سُڃو ڏوٿين ريءَ،
پُـــڇـــان پـــروٿـــي، ڪ ڏوٿـــي ڏٿِ اچـڻــا؟!