سُر حسيني
سر حسينيءَ جي مختلف رسالن ۾ ترتيب، اڃا تائين مستند انداز ۾ ڪانه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سسئيء جي اڻانگن ۽ اوکن سفرن جو انت سندس موت سان ٿئي ٿو، جنهن جو بار بار ذڪر به ملي ٿو. پر سر حسينيءَ جي آخري بيتن ۾ اوچتو سسئيءَ جي ڀنڀور ڇڏڻ جو ذڪر ٿو اچي. مثال طور؛
ڪـلـهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هاڻ ڀنڀور ۾؟
اهو مرحلو ڀنڀور ڇڏڻ جو آهي، جڏهن ته مرحليوار سفر اڪارڻ کان پوءِ هن مرحلي تي، حسينيءَ جي اڳيان ايندڙ وايو منڊل ۾ سسئي مڪران کي ويجهن ڪن پهاڙن ۾ آخري پساهه پئي کڻي.
سسئيءَ جي درد انگيز ڪهاڻي لمحي لمحي ۽ پل پل جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انساني فطرت موافق، فطري طور ڪڏهن ٿڪجيو چور ٿيو، ساهي کڻڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو، پر ڀٽائي ان کي گهتون - گوهيون ٿو سڏي ۽ نندي ٿو؛
لَـڙُ مَ لاڙائُون ٿـيو، گُهتُون گُوهيون ڇڏ،
لاهه مَ لڏو لَڏِ، ته ڳاڙهي سِڄِ ڳالهه مِڙين.
”ڳاڙهي سج“ جو منظر ٺيٺ شاعراڻو موضوع آهي. دنيا جو شايد ڪو شاعر هجي، جنهن کي شفق جي لالاڻ متاثر نه ڪيو هجي. ڀٽائيءَ پنهنجي زندگيءَ جي 63 ورهين مان سمورا سال پنهنجي چوڌاري فطرت جا سمورا رنگ ۽ روپ ڏٺا ۽ انهن جو گهرو مشاهدو ڪيائين. سج لهڻ کان اڳ شفق جي ڳاڙهاڻ پڻ ڀٽائيءَ جي مشاهدي جو اهڙو تجربو آهي، جيڪو ور ور ڪري سندس شعرن ۾ پنهنجي ڏيک ۽ سونهن سميت اوتجي اوتجي ٿو اچي، هي منظر ڏسو:
لـــڙيو سج لڪـن تـان، راسيون رتائين،
مون کي مـــاريائين، اديون اونداهي ڪري.
لڙيو سج لڪن تان، راسيون ڏيئي رنگ،
مون جني سين سنڱ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
سر حسينيءَ جي ٻئي داستان جا ڪجهه بيت شعري ڪمال به ظاهر ڪن ٿا ته گڏوگڏ انساني جذبات جا اهي منظر به ڏين ٿا، جيڪي شاهه کانسواءِ ٻئي ڪنهن شاعر وٽ نه ٿا ملن. سندس تشبيهون اوچتيون ۽ امالڪ ٿيون اچن، جيڪي هوند ٻئي شاعر جي خيال ۾ ئي نه اچن. ڌرتتيءَ جي گرمي پانڌيئڙي کي ڪيڏي محسوس ٿيندي هوندي، ۽ ان جو شعر ۾ اچڻ جو ڪهڙو ضرور؟ وري سڄڻن جي جدائيءَ سبب اندر ۾ پيدا ٿيل شدتِ جذبات، ائين سج جي گرمي ۽ جذبن جي شدت جي هڪ جهڙائيءَ کي گڏي بيان ڪرڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، پر ڀٽائي ڏسو ان کي ڪيئن ممڪن بڻايو ڇڏي؛
ڪي ڌرتتي ماءِ، ڪي ڄَرَ سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾!!
۽ هيءَ ڪيفيت ڏسو، هڪ بيت، جنهن جهڙو بيت ٻيو ڪير لکي ٿو سگهي سواءِ شاهه سائينء جي؛
مٿي منجهان مينهن، پَسو پاڻي جيئن وهي،
مون ڀانيون نينهن، ڄڀيون ڄيري سنديون.
ٽمن نيڻ، رت وهي، چُوئاڪا ڪيو،
مون کي ڏنءُ ڏيو، ائين ٿا وڃو اوٺيا!
ڀٽائيءَ جي دور انديشي ۽ گهڻ پاسائين ادراڪ جا ور ور ڪري مثال سامهون اچن ٿا، جن کي سمجهڻ جي لاءِ سندس شعرن جي گهرائيء سان مطالعي جي ضرورت آهي. مثال طور حسينيءَ جي ٻئي داستان ۾ کوڙ اهڙا بيت آهن، جن جو مفهوم ۽ تاڃي پيٽو هُو بهُو ڪاپائتيءَ جهڙو آهي؛
آتـڻ چونم ڪَتِ، تاڻيان تند نه نڪري،
پاڻان روئي رت، چرخو مون چِڪ ڪيو.
هي ۽ هن جهڙا ٻيا بيت حسينيءَ ۾ ڪنهن غلطيءَ سبب ناهن آيا. سسئيءَ جي آکاڻيء ۾ سندس گهر ڀاتين جي ڪرت رڳو ڪپڙن ڌوئڻ يعني ڌوٻيءَ جي ڪرت ٻڌايل آهي، پر ڀنڀور جتي اڄ آهي، اتي ايڏي وڏي وسندي ڪانهي جو ڌوٻيءَ جو ٻارهوئي ڌنڌو ٿيندو نظر اچي. ٿي سگهي ٿو ته، واندڪائيءَ جي وقت ڀنڀور جون عورتون ڪتڻ جو ڪم ڪنديون هجن! گهڻو ممڪن آهي ته ڀٽائيءَ ان حقيقت کي هن سر ۾ سعيو ڪري ۽ ڄاڻي ٻجهي بيان ڪيو هجي. ڪاپائتي ۾ ڪاپائتين ۽ ڪارخاني جي مالڪن جا ڪردار به ملن ٿا ته وري ڪپهه جي پوک جي سٺي يا خراب صورتحال به، پر حسينيءَ ۾ سسئي جڏهن ڪاپائتيءَ طور نظر ٿي اچي ته، شعرن جو وايو منڊل ساڳيو ئي نظر ٿو اچي، جيڪو سسئيءَ کي سامهون هئو، يعني جابلو سوداگر جي راتوواهه روانگي، جيڪو سسئيء کي ڏنءُ ڏيئي هليو ويو ۽ هاڻي ڪاپائتي سسئيءَ کي آتڻ تي ڪتڻ به نه ٿو اُڄهي؛
ڪَتِڻ، ٻن ڪپاهه، کوءِ آتڻ، ٻن جيڏيون،
ساڄن منهنجو ساهه، هاڃي منجهه هڻي ويو!
تصوف جو موضوع ڏاڍو گهرو ۽ گهڻ - واٽيو آهي. اسلامي تصوف جي تاريخ جو اڀياس ڪجي ٿو ته، نهايت اعليٰ درجي جي صوفي مسلڪن جو پتو پئي ٿو، جن ڏکڻ اولهه ايشيا کنڊ جي ڊزنين ملڪن تي پنهنجا اثرات ڇڏيا آهن. ڀٽ ڌڻي پنهنجي زندگيءَ جي نوجوانيءَ وارن سالن کان ئي صوفين جي صحبتن ۾ آيو ۽ اڌ صديءَ تائين مختلف مسلڪن جي صوفين سان گهاريائين. صوفين جي اڪثر مسلڪن ۾ آخري منزل فنائيت جي آهي ۽ ان کي ئي صوفي پنهنجي منزل به سمجهندا آهن، ان کي ئي ميلاپ يا وصال سمجهندا آهن ۽ ايستائين پهچي، باقي سڀني اڳين منزلن کي اجايو ڄاڻي، انهن کي ترڪ ڪندا آهن. اهڙو هڪ وِيچار ۽ تاثر حسينيءَ جي هنن بيتن مان به ملي ٿو؛
کُوءِ هاڙهو، ٻن هوت، کُوءِ پنهون، ٻن پريتڻو،
مادر مـون وت، پسڻان پـرائيو.
کوءِ ٻولي، ٻن ٻروچ، گهوري ذات جتن جي،
مون کي چئي ”لوچ“، پيهي ويا ڇپرين.
سُک ئي سک انسان کي زندگيءَ گهارڻ جي جستجو، عملي ڪم ڪار ۽ اتفاقي ڏک کي منهن ڏئي پار پوڻ کان کاري بيڪار ۽ نِسَتو ڪري ٿو ڇڏي. سر حسينيء جي ٽئين داستان ۾ ڀٽائي ان ڪيفيت جو اظهار اجهو هن ريت ڪري ٿو؛
مون کي ساٿان کاريو، ڀنڀورَ جن سُکن،
هاڻي ساڻ ڏکن، تان ڪيئن ڏونگر ڏوريان؟
ادبي محفلن ۾ اڪثر اهو تاثر ملندو آهي ته، جنهن ڀٽائيءَ کي پڙهي نه سمجهيو آهي، تنهن لاءِ شاعريءَ جهڙو اونهو ۽ گهرو عمل ڏکيو آهي. شعر انهي دلپذير لفظي گهڙگهت ۽ ڪمپوزيشن کي چئجي ٿو، جنهن ۾ خيال جي گهرائي سان گڏ، جذبن جو اظهار به اهڙي انداز ۾ ڪيل هجي جو، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي حيرت وٺيو وڃي. ماڻهوءَ جو هيانءُ هونئن ته حياتيء جي ڍانچي اندر هڪ ننڍڙي ۽ مختصر گوشت جي ذرڙي آهي، پر جڏهن شعر و ادب ۾ هيانءُ جو ذڪر ٿئي ٿو ته، انساني سُڀاءَ جو مرڪز به هيانءُ ٿيو پوي. ڏک سور يا سک ۽ سڪ محبت جو مرڪز، اهو هيان ڪنهن ٿوڻي ۽ ٿنڀي جي ٽيڪ به گهري ٿو، جيڪا ڏسڻ کان اوڏي يا (Invisible) هوندي آهي. اها ٽيڪ يا ٿنڀو آهن پرين، جن جو آسرو ۽ آٿت ماڻهوءَ کي حوصلو بخشي ٿو. پر جڏهن اهو ساٿ ڏيندڙ هليا، ڏور هليا ويا هجن ته هيانءَ مان ٿوڻي نڪري ويل ڀاسندي؛
ساٿي نه پسان سي، جي هئم هِئين ٿوڻيون،
هاڻي ڪنهين جي، وڃيو اڱڻ اُڀيان؟!
حضرت شاهه ڀٽائي رح جي سر حسينيءَ ۾ ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بيت ۽ وايون آهن. سر مارئيءَ وانگر حسينيءَ ۾ به ٻارنهن داستان آهن، جن جو مطالعو به ائين ٿو لڳي ڄڻ، اڃا ڳالهه پوري نه ٿي هجي. هتي نثري ادب ۽ شعري ادب جي فرق کي به ڀليءَ ڀَت پروڙي سگھجي ٿو، سوهن ريت ته، نثري ادب ۾ ڪهاڻي، داستان، ناول وغيره سندن تاڃي پيٽي اندر، نيٺ هڪ مرحلي تي هلي پورا ٿيندا ۽ پڄاڻيءَ کي رسندا، پر ان جي ابتڙ ساڳئي موضوع تي شاعريءَ جو ڪو انت ڪونه ٿو ٿئي. ڳالهه به نثراڻي لکيتن کان گھڻو وڌيڪ اثرائتي نموني ڪبي ۽ وڌاءُ ۽ مبالغي سان به ڪري سگھبي، پر ان جو انت يا پڄاڻي ڪانه ٿيندي. موضوع پنهنجي ڍانچي موافق ۽ ماحول جي حوالي سان هلندو، نيٺ آکاڻيءَ جي تڪميل جا عڪس پسائيندو. پر شعري ادب اهڙو وسيع عمل آهي جو ساڳئي ڳالهه، ڪيفيت، جذبن ۽ احساسن جي اُپٽار ور ور ڪري پئي ڪبي ته، پئي ٺهندي ۽ ان جو حِظُ تهائين ويندو وڌندو. ۽ اها ڳالهه رڳو ڀٽائيءَ سان ئي نه، پر هر ڪنهن لکيڪ ۽ شاعر سان لاڳو آهي. جيڪي شاعر عشقيه داستانن تي شاعري ڪري ويا، انهن جي بيان جي انداز ۾ فرق ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ نواڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته، شاعريءَ جو جهول نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع ٿئي ٿو. انهن ئي موضوعن تي صدين کان ٿيندڙ شاعري، هن وقت ٿيندڙ شاعري ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ شاعري ڇا ڪڏهن انهن موضوعن تي شعري صنفن کي مڪمل يا آخري حد تائين آڻيندي؟ داستان، آکاڻي، ناول وغيره جي حوالي سان هنن داستانن کي ٻه ٻه - ٽي ٽي ڀيرا لکي نه سگھبو پر شعر لاءِ اها پابندي ڪانهي.
سو، ترتيب جي لحاظ کان محقق ۽ مرتب ڀٽائيءَ جي شعرن کي ورائي مَٽائي ڪٿي به رکن، پر ڪهاڻيءَ جي ورن ورن عڪسن کي هن جيئن امالڪ ۽ اجھل جذبن سان ٽمٽار ڪري بيان ڪيو آهي، تن جي ترتيب ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ڪانهي. ترتيب جي لحاظ کان سر حسيني ، سسئي پنهونءَ جي داستان وارن سرن ۾ آخري سر آهي، جنهن جي پهرين چئن پنجن داستانن ۾ ئي اها ڳالهه واضع پئي ٿي آهي ته ڀنڀور کان نڪتل هيکلي جوان جماڻ زائفان، ڏکين، جبلن ۽ جھنگلن ۾ اوس جانِ وڃائيندي ۽ مرحلي جي لحاظ کان هوءَ هاڻي ڪنهن پري جي ماڳ تي آهي، پر اجھو هي بيت ڏسو، ڄڻ پنهونءَ جي روانگيءَ جي پهرين خبر ٻڌڻ کان فورن پوءِ سسئيءَ جي زبان تي آيا هجن؛
ماءُ! وهاڻو وارِ، کڻ پٿراڻيون پانهنجيون،
جيڪي ڏنئه ڏيج ۾، سو سڀوئي سار،
وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم، پير پنهونءَ جو.
سانڍ پنهنجي ساءِ، نه ته ٻانهين ٿي ٻورا ڪريان،
واڳيون جي ورن سين، تن سرتين سِڄ سُهاءِ،
مونکي طعنا تي ڏئين، جو مون جئن مٺينءَ نه ماءُ،
آريءَ جي آڪاهه، رلايس روهن ۾.
عشق ماڻهوءَ جي مزاج کي پاڻ جوڙيندو ۽ مختلف رخ ڏيندو ويندو آهي ۽ ان لحاظ کان ان جا ڪي اڳ طئه ٿيل معيار نه ٿا هجن. مثال طور ڏک ۽ سک ٻئي مختلف شيون آهن ۽ مختلف ڪيفيتن وارا آهن، پر عشق ڏک کي راحت ٿو سمجهي ته ان لاءِ هن کي جواز پيش ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. سسئي جبلن ۽ پهاڙن جي تڪليفن کي پاڻ لاءِ راحت ٿي سمجھي ته اها ڳالهه عشق جي حوالي سان جواز واري ٿي لڳي. ٿڪجي چور ٿي اجگر جيڏن پھاڙن جي چوٽين هيٺان ستل سسئيءَ جھڙو مسافر، پهاڙ کي ڇت ۽ ڇپر کٽ سمجھندو ۽ پٿرن کي پٿراڻيون، اوندهه انڌوڪار ۾ چوڌاري ڦري آيل حملي آور جانور کي مٽ مائٽ ۽ پنهنجو سمجھي، جبل جي تڪليف کي ڏولي سمجهي ته اهو ئي ته عشق آهي؛
ڇِــپون ڇپــر کٽ، پهڻ پٿراڻيون ڀانئيان،
جتي رهان راتڙي، مِرون منهنجا مِٽ،
سيڻن جي سَهِٽ، ڏونگر ڏولي مون ٿيو.
ذات پات جو فرق ۽ ڀيد ڀاءُ دنيا جي هر حصي ۾ رهيو آهي، پر جيتوڻيڪ ويهين صديءَ ۾ ڪن ڪن هنڌين دنيا ان ڏچي مان جند به ڇڏائي، پر انساني سماج ان سماجي قدر کان اڃا ڪو عرصو جند ڇڏائي نه سگھندو. اڄ ته دنيا وڏي ترقي جا مرحلا تڪڙا تڪڙا طئه ڪري رهي آهي، پر تنهن هوندي به پٺتي پيل سماجن ۾ ذات پات جو فرق اڃا اوترو ئي چوٽ چڙهيل آهي، جيترو وچولي تاريخي دور ۾. سر حسينيءَ توڙي ٻين ڪيترن سرن ۾ ڀٽائيءَ جي دور جي سنڌ ۾ جاري ذات پات ۽ ڀيد ڀاءُ جو فرق ظاهر ٿئي ٿو. جيئن سسئي جي سرن ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ملي ٿو ته سسئي ڌوٻياڻي هئي ان ڪري کيس پنهونءَ ٻروچ جي ڀيٽ ۾ هيچ هجڻ جو احساس کائيندو رهندو هو؛
منهنجو پاڙيچين ڪچو ڪوهه مَ ڍڪيو،
پاسي چڙهي پنهونءَ جي، ذات سلتي جن،
تـيلانهن ٻاروچن، نـڌر ڇڏِي ننڊ ۾.
هن ئي سر يعني حسينيءَ ۾ هڪ بيت جو پسمنظر ٻڌائيندي ڀٽائيءَ جا شارح ۽ محقق چوندا رهيا آهن ته، ڀٽ ڌڻي حج بيت الله لاءِ سفر ڪري رهيو هو ته هڪ ننڍڙي واقعي سندس خيال بدلائي ڇڏيا. اهو واقعو هن طرح بيان ٿيندو آهي ته، ڀٽائي حج جي پانڌئيڙن سان گڏ پنڌ ڪندي هڪ قدرتي چشمي جي ڀر تي آرامي هو ۽ ٿڪ ڀڃي رهيو هو ته، هڪ ٻڪرين جو ڌڻ ڌوڪيندو اچي چشمي تي پهتو. ٻڪرين اڃ ۽ تاس وگھي چشمي جي واهڙ ۾ گھڙي ڏاڍي سڪ سان پاڻي پيئڻ شروع ڪيو. چند گھڙين کان پوءِ جڏهن سندن اڃ لٿي تڏهن اتي ئي صاف شفاف پاڻيءَ ۾ موٽاڳو ڪرڻ لڳيون. اهو لقاءُ ڏسي ڀٽ ڌڻيءَ کي خيال آيو ته پاڻيءَ جي سڪ ڪيئن ٻڪرين کي ڊوڙندو آڻي پاڻيءَ ڀيڙو ڪيو پر اڃ لهڻ کان پوءِ کانئن سڪ ۽ احترام به هليو ويو ۽ ان ئي پاڻيءَ ۾ موٽاڳو ڪري ان کي خراب ڪيائون. تڏهن هن حج جو ارادو به بدلايو ۽ ڪيترائي بيت چيائين؛
ڏوريان ڏوريان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
من اندر جا لوچ، مَڇُڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
آدرشن جي دنيا ماڻهوءَ جي نڪتئه نظر کي متعين به ڪري ٿي ۽ بهتر بنجڻ جو اتساهه به پيدا ڪري ٿي؛
اچيو، مَرُ اچن، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پٺيءَ لڳي جن، ڪميڻي ماڻهو ٿئي.
شعر ڳالهه ڪرڻ ۽ لفظن جي سونهن وڌائڻ جو عمل آهي ۽ اهو گڏو گڏ منظرن کي سونهن مهيا ڪرڻ جو سبب به بڻجي ٿو. ڀٽائيءَ جا شعر ان لحاظ کان به نرالا آهن ته، هن شعرن ۾ لفظن جي ترتيب اهڙي ڏني آهي جو، پڙهندي ماڻهوءَ جو هانءُ ٺري پئي. هي منظر ڏسو، جتي پنهون پير گھمائي، گھميوآهي ۽ ٻيءَ صبح جڏهن هو هليو وڃي چڪو آهي ته، سسئي سندس پيرن جا نشان ڪيئن ٿي ڏسي؛
پنهون پيرڙيون، گھر گُھمندي، جي ڏنيون،
سي مون سيرڙيون، نت نهارڻ پيئيون.
لڪڙياريون آڱريون، ٻاروچاڻو ڀير،
اچي پسـو جيڏيون، تازو پنهونءَ پــير،
ويچاريءَ سان وير، جتن جيڏو ئي ڪيو.