لطيفيات

سڀ پسندا پار

ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي. هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4582
  • 949
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ پسندا پار

ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو

پکا پکاريو، ڄام تماچي آئيو،
گوندر لاهيو گندريون! آتڻ اُجاريو،
ڪينجھر قراريو، سمي سام سمگئي!
هيءُ بيت سنڌ جي ڏاکڻي ضلعي ٺٽي جي وسيع تفريحي هنڌن ۽ ڍنڍن مان هڪ ڍنڍ ڪينجھر تي بهار جي مند جي آمد وقت، ان وقت جو منظر پيش ڪري ٿو، جڏهن ڪينجھر تي بهار جو ساليانو ميڙو لڳندو آهي ۽ حاڪم ۽ محڪوم سڀ اچي سهڙندا آهن.
اها ڳالهه انساني سڀاء ۾ هزارين سالن کان موجود رهي آهي ته، نوان فصل لهڻ سان، بهار جي مند ايندي ئي، انڊو نيشيا جي ٻيٽارين کان وٺي ميڪسيڪو تائين ساليانا ميلا ٿيندا آهن، جن ۾ آبشارن، ڍنڍن، تلائن، ندين ۽ درياهن جي ڪنارن سان ڀانت ڀانت جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ انساني ضرورت جي هر وکر- وڙ جي نمائش لڳندي آهي. هزارين سالن کان جڏهن کان انسان تهذيبي ۽ تمدني سرگرمين ۾ هر ڪنهن کي ڀاڱي ڀائيوار بنائڻ شروع ڪيو آهي، اهي ميلا لازمي طور ملهائبا آهن. ميلي جي مند گھڻو تڻو سڄي دنيا جي سماجن ۾ بهار جي مند ئي هوندي آهي، جڏهن سيءَ گھٽجندا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي مرضي ۽ شوق جو وڳو پهري اچي ميلي ڀيڙو ٿيندو آهي. ڪينجھر ڪنڌئين هاڻي ته هنڌ هنڌ ميلا لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪينجھر جا بهار جا منظر نهايت خوبصورت ڏيک ڏيندا آهن. ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ بهار جي مند کي “واهوندي” طور استعمال ڪيو آهي ۽ اجھو واهوندي ايندي، بهار ايندي ئي ڪينجھر جي ڪنڌيء جو هڪ منظر، هر منظر هن ريت ڏيک ڏيندو آهي؛
هيٺ جر، مٿي مَڃُر، ڪنڌيء ڪئونر ترن،
ورئي واهوندن، ڪينجھر کٿوري ٿئي!

هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
لڳي اتر واءُ، ڪينجھر هندورو ٿئي!
سياحت اڄ جي دنيا ۾ صنعت جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي ۽ دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ ناهي جتي سياحت جھڙي اهم انساني سرگرميء کي نظر انداز ڪيو ويو هجي. اها ڳالهه به انساني سُڀاء ۾ موجود رهي آهي ته، خوبصورت فطري ڏيک ۽ عام اجتماع مردن- عورتن ٻنهي لاءِ دلچسپيء جو باعث رهندا آيا آهن. ڀٽ ڌڻي ڪينجھر جي ميلي تي جتي پورهيت طبقن جي اٿل اچڻ جھڙي موجودگي پسي ان جو ذڪر ڪيو، اتي هن حڪمران سمي ڄام تماچيء جي گھر ڀاتياڻين، شهزادين ۽ راڻين جي آمد جو به ذڪر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سياحت سڀني لاءِ آهي؛
سڀ سميون، سڀ سومريون، سڀني ڳچيء هس،
پسڻ ڪارڻ پرينء جي، وڏا ڪيائون وس،
ڍول تني جي گـس، هـيٺاهيون هلن جي.

کوء سميون، ٻن سومريون، جي ڄامن جون ڄايون،
ڪريو ويس وڏاندرا، اڱڻ تي آيون،
گوندر گمايون، جھپي سڀ جھڙپ سين.
ڪينجھر ڪنڌئين ميلي تي موجود سميون، سومريون وڏاندرا ويس ڪري پهتيون آهن، پر هيء جُوءِ ملاحن ۽ گندرن جي آهي، جن کي سڀ کان وڌ ميلي جو لاڀ ملندو آهي. گوندر ۽ غم سڀ جا لهندا آهن پر سڀ کان وڌيڪ خوشي اتان جي ملاحن ۽ سندن ڪٽنبن کي ٿيندي آهي. ڇو ته، سال ۾ هڪ ڀيرو بهار جو ميڙو سندن وکر مڇيء جي جھجھي واهپي سبب سندن جھول ڀرجي ويندا آهن. اهڙي وقت جڏهن ڪينجھر جي ڪنڌين تي ميلي جو اجتماع جوڀن تي هجي، اتي ملاحن جا ٻار اهي ئي اهنج ۾ ڏسبا آهن، ڇو ته مڇيء جا مارڪيٽ پري هجڻ سبب سڀني ملاحن کي ضرورت آهر اپت ڪانه ٿيندي آهي. ان ئي سبب جي ڪري، ميلي ۾ شريڪ وڏاندرا ويس ڪيل حڪمرانن جون عورتون ته پنهنجي چمتڪار ۾ پوريون هونديون آهن، پر مهاڻيون نهايت سادگيءَ سان اهڙن اجتماعن ۾ شرڪت ڪن ٿيون. ڀٽ ڌڻي اجھو هن ريت اهڙو منظر پيش ٿو ڪري، جنهن ۾ مهاڻيء جي سونهن، سادگيءَ باوجود ميلي جي اجتماع جو مرڪز بڻجي ٿي. پوشاڪ بدران هن کي پاٻوڙو ويڙهيل آهي؛
پاٻوڙو پيش ڪيو، نوريء نئون نيئي،
حاضر هيون هڪيون، سميون سڀيئي،
نوازي، نيئي، گاڏي چاڙهي گندري!
ڪينجھر جو ميلو گھمائيندي ڀٽ ڌڻي ميلي جا اجھاڳ منظر پسائيندو، اجھو مڇيءَ جي هٽ تي اچي ٿو بيهي ۽ هوند وارن هٿان اڻهوند وارن کي املهه آڇرائي ٿو؛
هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٿين وچ ۾،
گندگيء گوشو ڪيو، عطر اوتيائين،
موتي مڇيء هٽ تي، ڪوڏن جيئن ڪڍيائين،
ماڻڪ مياڻين ۾، ڇلرن جيئن ڇٽيائين،
ڏيئي سون سوال ۾، رپي راند ڪيائين،
فيروزا فقيرن تان، گھوري سڀ گھوريائين،
اتي عبداللطيف چئي، اڇلي املهه ڏنائين.
ڀٽ ڌڻي ڪينجھر جي سمورن منظرن کان هڪ ڀيرو نظر هٽائي، ڪائنات جي سڀ کان وڏي طاقت جو تصور ڪري ٿو ته، ٻيون سڀ طاقتون ان هڪڙي طاقت اڳيان تڇ ٿيو وڃن. خلقڻهار جي هيڪڙائي گوشائتي ٿي ويٺل ڀٽائيء جي ڪلام ۾ هن ريت اٿلي ٿي اچي؛
نه ڪنهن ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍيء وڏيء گندريء، سڀن آهه سِياءُ،
”لم يلد ولم يولد”، ايءُ نجابت نياءُ،
ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو.
اهو واحد خلقڻهار ئي اعليٰ مالڪ آهي. ان ريت ڀٽائي علامتي انداز کان وري موٽي ڪينجھر جي منظرن تي اچي ٿو ۽ اتي حاڪم ۽ محڪوم جي ڪردارن کي ئي تبديل ڪري ٿو ڇڏي. اصل ۾ ڪردار نگاري ۽ ڪردار سازي ڀٽائيء جي ڪلام جي هڪ اهم وٿ آهي جنهن تي غور ڪرڻ جڳائي. ڀٽائيء جي شارحن هن طرف گھٽ ڌيان پئي ڏنو آهي. پنهون ڌوٻي ٿي ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مصروف ڏيکارڻ به ڪردار نگاري ۽ ڪردار سازيء جو اهم نمونو آهي. پر ڪاموڏ ۾ ڀٽائي ڄام تماچيء کي حاڪم مان تبديل ڪري نوڪر ڪري ڇڏيو. جيڪو نوريء کي مورڇل يا وڃڻو هڻي ويٺو؛
تهڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو، جھڙي سونهن سندياس،
مَڏَ، مياڻيون، مَڪُڙا، مـــڙئي معاف ٿياس،
مورچل مٿائس، هڻي ڄام هٿن سين.
نه رڳو ايترو ته نوريء جي حاڪماڻي ورتاء ۽ مزاج جو ذڪر ڪيو ويو آهي؛
هٿين پيرين، لڇڻين، منهن نه مهاڻي،
جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڏس ٻانهن ۾.
پر حڪمران ڄام تماچيء جو ڪردار به تبديل ٿي مهاڻي وارو ٿي ٿو وڃي. نوري مڪڙي يا ٻيڙي ويٺي هاڪاري ۽ ڄام تماچي ڄار کنيو مڇيون بيٺو ماري، ڪردار جي تبديلي ته ڏسو؛
سميون ڪري سينگار، راءُ ريجھائڻ آئيون،
ڄام هٿ ۾ ڄار، ڄُلي ڄٻيرين وچ ۾.

مِيء هٿ ۾ مَڪُڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجھر تي ڪالهه هيو.
ڪاموڏ هڪ راڳ جو نانءُ به آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”عشق تي دارومدار رکڻ“. ڀٽائيء ڪينجھر تي هڪ لازوال عشقيه داستان تخليق ڪيو. ان جو مطالعو چڱو ته ڪينجھر گھمي آيل ضرور ڪن. سنڌ ۾ سياحت جا کوڙ، اڻ ڳڻيا هنڌ آهن. انهن ۾ ڪينجھر به آهي. اميد ڪنداسون ته ڪينجھر گھمي آيل سڄڻ ڪاموڏ جو اڀياس ڪري پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا. ڀٽ ڌڻيء جي ڪلام جي گھراين، ڪردارن ۽ وايومنڊل کان واقف ٿيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي.