رُڃن ۾ رڙ ٿي...
هٿين، پيرين، مونڙئين، ڪهجه ڀَرَ ڪپار،
متان ڇوري! ڇڏئين، پريتـڻي پچار،
توکي سَنَدَ سسئي! سندي لَئـن لَغـار،
جي هؤنئي هوت هزار، ته پاڙج ڪومَ پنهونءَ سين.
هٿين پيرين مونڙين، سرج ساهه پَساهه،
هوت گڏبئي حَبَ ۾، رهبر مٿي راهه،
جان جان ساڻئه سـاهه، ته پاڙج ڪرم پـنهـونءَ سـين.
زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي، جنهن ۾ ساهه کڻڻ ۽ سک ڳولڻ کان پوءِ گهارڻ جي گنجائش ڪانهي، حاصلات اوس ٿيڻي آهي، اهو آسرو ڪڏهن به ختم ناهي ڪرڻو؛
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
آسر هڏ مَ لاهه، ڇنڻ ڳنڍڻ ان جو.
تقدير ڪنهن کان نه ٿي ٽري، جنهن جي نصيب ۾ جو ڪجهه هوندو سو ان کي ڀوڳڻو پوندو. جيتري ڪوشش ۽ جتن سان محب ملڻو آهي، ان ۾ گهٽتائي ناهي ٿيڻي، اهو جتن ۽ اوتري ڪوشش ضرور ڪرڻي پئي ٿي؛
توڻي وِلاڙون ڪرين، توڻي هلين وِک،
لکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿـئي.
پرينءَ جي ڳولا ۽ تلاش ۾ ته هر ڪو رهي ٿو، پر پنهنجي وِتَ کان وڌيڪ ڏکي جدوجهد ڪندڙ مثال قائم ڪري ٿو ڇڏي. سسئيءَ جو مثال به ساڳيو آهي. پنهنجي طاقت ۽ وس کان وڌيڪ ڏکئي پنڌ تي نڪرڻ جي جرئت ڪري ويٺي ته سندس اهو ڳڻ ڳائڻ جهڙو ٿي پيو؛
ڪيائين ڪيچين لـئه، جُسو جلاوت،
ڇڏي پيٺي ڇپرين، هاري سڀ حجت،
هئي نماڻي نِسَتُ، پنڌُ وڌائين پاڻ تي.
۽ اڻ ڏٺي، اڻ ٻڌي، جابلو جهنگن جي پنڌ ڪندي، دانهن ڪرڻ کان به لهرائي ٿي ته متان ماڻهو چون ته هاڻ چري ٿي پئي اٿو. پر وري ٻئي لمحي اها پرواهه به ختم ٿيو وڃيس؛
پنڌ نه پنڌن جيترو، ڪيئن سُڄندي ڪِيهه،
جيڪر ڪريان رِيهه، پر چوندا ”منڌ چري ٿي.“
چونم مَرُ چري ٿي، پر جي سڏ سُڻين،
مَرُ مونهين کي ڏين، ماڙهو اچيو ميهڻا.
سسئي پنهونءَ جڏهن هڪ ٻئي کي پهريون ڀيرو ڏٺو تڏهن، سندن عمر ڪيتري هئي ۽ جڏهن اهي جدا ٿيا تڏهن کين گڏ رهندي گهڻا سال ٿيا. اهڙن سوالن جا جواب اسان کي قصن- ڪهاڻين ۽ هنن عشقيه داستانن ۾ روايتي ليکڪن ڪونه ٻڌايا آهن. داستانن ۾ گهڻو ڪري ڪردارن جي سڄي چر پر سندن بدليل حالتن موافق ٿيندي آهي، پر آفاقي تخليقڪار پنهنجي تخليقن ۾ اهڙا اهڃاڻ ۽ اشارا ڏيندا ويندا آهن، جن مان ڪردار جي سگهه يا اگهائي، غم ۽ خوشي هر ڪيفيت جي خبر پوندي آهي. ڏسو هيءُ بيت، جنهن ۾ ايئن ٿو لڳي ڄڻ سسئي پنڌ ڪندي وڃي پوڙهائپ کي رسي ۽ سندس جوڀن موڪلائي ويو هو؛
آئون نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن ويو جــاڙ،
آڏا آريچن کي، چـــاڙهيڪا ۽ چاڙهه،
مون مُٺيءَ کان نه ٿئي، وڏپڻ منجهه ولاڙ،
عمر سڀ آوراڙ، وييم، ٿي واڪا ڪريان!
ڪيترا ڀيرا همت هاري سسئيءَ محسوس پئي ڪيو آهي ته، بس هاڻي هوءَ ختم ٿيڻ تي آهي ۽ حياتي کانئس موڪلائڻ تي آهي. گڏوگڏ اهو اهڃاڻ ته سسئي ورهين جا ورهيه پنڌ ۾ هئي، کڻي وڌاء وارو هجي، پر ڀٽائي ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو؛
آئـون نه گڏي پرينءَ کي، مٿان آيو موت،
واجهائيندي ورهيه ٿيا، هڏ نه گڏيم هوت،
جيڪس ٿينديس فوت، فنا هن فراق ۾.
ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ لفظن جي اڻت جي سونهن ۽ منظر نگاري وري اهڙي بي مثال آهي جو حيرت ٿي ٿئي، شايد فنِ لطيف جي ڪنهن ٻئي فارم ۾ ڀٽائيءَ وانگر ڳالهه ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. هي بيت ڏسو جنهن جي تاڃي پيٽي ۾ اهڙا منظر آهن جن کي مصور، ڪهاڻيڪار يا داستان گو ڪڏهن به بيان نه ٿا ڪري سگهن؛
ولاڙيـو وڻين چڙهي، ڏيو پٽولـي لانگ،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ، سسئيءَ سور ٻچن جئن!
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگيءَ ساز،
ايءُ عشق جو آواز، ماڙهو رکن مُنڌ تي.
ڀٽائيءَ جو اهو فڪر ته عالم آشڪار آهي ته موت ڪنهين صورت ۾ ماري ڪونه ٿو، اهو عشق کي اجاري، محبوب سان ملائي ٿو ڇڏي. قبل از تاريخ سقراط جهڙن ڪردارن ، شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول وغيره کي ڇا موت فنا ڪري ڇڏيو؟ ڪير چوندو ته اهي مئا، بلڪه اٽلندو کين امرتا حاصل ٿي. ساڳي آفاقي ڪسوٽي ڀٽائيءَ وٽ ڏسو؛
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
ٿئين هوند حلال، جي پنڌ اها ئي پارئين.
اهو آدرش اڳيان رکي ڀٽ ڌڻي ڏسو موت کي ڪيئن رهنما ٿو بڻائي ۽ ساهه يعني زندگيءَ کان موڪلائي ٿو؛
تو سڱ ساهه کڻڻ سين، جيئڻ گوشي جاءُ،
مرڻ! مونسين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.