لطيفيات

سڀ پسندا پار

ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي. هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4582
  • 949
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هدايت منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ پسندا پار

سر کنڀات

اسين سرڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ جو مطالعو ڪري آياسين، جن ۾ ڀٽائيء جي انهن بيتن کي مرتبن شامل ڪيو آهي، جن ۾ خلقڻهار ۽ بندي، اسلامي عقيدي، ان جي پهرئين رڪن يعني ايمان جي موضوع کان علاوه مريضن، طبيبن، مختلف مسلڪن جي صوفين، علامتي طور سنڌ جي تڏهوڪي سياسي ۽ سماجي صورتحال ۽ ڀٽائيء جي نج سماجي فلسفي ۽ نڪتئه نظر جهڙا موضوع ور ور ڪري اڳيان ايندا رهيا. جيستائين صوفي نڪتئه نظر جو تعلق آهي ته هيء ڳالهه واضع آهي ته، ڀٽائيء جي سڄي شعر ۾، يعني هر سُر ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح جو صوفي اسان کي ملي ٿو ۽ ان جو ذڪر سندس مزاج ۽ ڀٽائيء جي اسلوب ۽ ٽريٽمينٽ جي حوالي سان اسين اهڙن ڪردارن جي اڀرڻ سان ڪنداسون ۽ خاص ڪري جڏهن صوفين وارا سُر، رامڪلي ۽ کاهوڙي آيا، تڏهن اسين ڪوشش ڪنداسون ته ان بحث کي باضابطه اُڪلايون. پر يمن ڪلياڻ جي مڪمل ٿيڻ سان جيڪي سوال مجموعي طور هڪ پڙهندڙ، شارح يا شاهه جي شعر کي سمجهڻ جو شوق رکندڙ جي ذهن ۾اڀرن ٿا، اهي گهڻو ڪري هي آهن ته هيل تائين پرڏيهي ٻولين خاص ڪري انگريزيء ۾ ڀٽائيء جي شعر جو ترجمو ڪندڙن يا شارحن، جنهن انداز ۾ ڀٽائيء کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهو خود سواليه نشان بڻجي اڀري ٿو. مثال طور ڀٽائيء جي تصوف جي فلسفي کي گهڻو ڪري فارسيء جي ٻن شاعرن فريد الدين عطار ۽ مولانا جلال الدين روميء جي تصوف جي فلسفن ۽ موضوعن سان ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڀٽائيء کي سمجهڻ بدران ساڻس بي انصافي ڪئي وئي آهي. اها ڪوشش ظاهر آهي ته ان نيت سان ڪئي وئي آهي ته، دنيا کي ٻڌايو وڃي ته رومي يا عطار جو ڀٽائي ڪيتري حد تائين پيروڪار هو. ڀٽائي بذات خود عظيم فلسفي ۽ دانشور هو ۽ کيس دنيا جي ٻئي ڪنهن شاعر يا فلسفيء سان ڀيٽڻ فضول ۽ اجايو آهي ۽ اها بي انصافي آهي. هن موضوع تي پاڻ اڳتي هلي کليل بحث به ڪنداسين ۽ سمورو معاملو عام بحث لاءِ اوهان جي اڳيان کولي رکنداسين. آءٌ چاهيان ٿو ته اسان جا جيڪي به ڀائر ۽ ڀينرون پڙهيل آهن، انهن کي ڀٽائيء جي رسالي جي شاعريء جو هڪ ڀيرو لڳاتار مطالعو ڪرڻ تي مجبور ڪريان، جيئن انهن ۾ لڳاتار پڙهڻ جي عادت پوي. ائين ڪرڻ سان رسالي جا سُر پڙهڻ ۽ انهن کي سندن موضوعن ۽ ڪردارن سميت سمجهڻ ۾ مدد ملندي.
سر کنڀات جو مطالعو ظاهر ڪري ٿو ته ڀٽ ڌڻيء جا هي بيت ۽ وايون سندس ڦوهه جواني جا لکيل ۽ رچيل آهن. هنن بيتن جا موضوع آهن؛ رات، رات جو فطري حسن، چنڊ، تارا، انهن جي طبعي بيهڪ جو رومانوي حوالو، محبت جو لازوال ۽ اجهل جذبو ۽ اُڇل، محبوب جي حسن جي چنڊ سان ڀيٽ، محبوب وٽ پهچڻ جي سڪ ۽ ڇڪ، اٺ جا مختلف نالا ۽ تخاطب، اوٺين جي اُٺن سان مانوسيت، اٺن جي عادتن جو ذڪر، سندن رومانوي مزاج جون ڳالهيون ۽ اهو ماحول جيڪو اوٺين جي آس پاس آهي.
کنڀات جا بيت پڙهي ماڻهوء اڳيان لاڙ جا اهي جهنگل اچيو بيهن ٿا جتي سنڌو نديء جي ڇوڙن وٽ ۽ سامونڊي ڪنارن تي قسمين قسمين وڻ ٽڻ آهن ۽ وچولي توڙي اترادي سنڌي ماڻهوء جي اوستائين پهچ ناممڪن نه سهي، ڏکي ضرور آهي. اسان لاڙ جي انهن علائقن جو سفر به ڪيو آهي، جتي اڃا تائين بجلي يا روڊ ناهن. اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته سنڌ جو سڄو ڏاکڻو حصو سامونڊي ڪناري وارو آهي ۽ درياهه جي مٺي پاڻيء توڙي ڏکڻ- اولهه سنڌ جي جابلو علائقي جي برساتي ندين جي مٺي پاڻيء جو لاهو ڏکڻ طرف آهي، جتي سمنڊ ۽ هنن مٺن پاڻين جي ميلاپ سان هڪ ته وڻن ٻوٽن ڦٽڻ جو هڪ عجيب ماحول آهي ٻيو ته درياهه توڙي جابلو وهڪرن ۾ ڏکڻ - اولهه سنڌ جي جابلو وڻن ٻوٽن جا ٻج توڙي اتر کان سوين ميل پنڌ ڪري سنڌو نديءَ ۾ لڙهي آيل ٻج هن ايراضي ۾ اچيو گڏ ٿين. اهي ٻج هن مخصوص ايراضي ۾ درياهه ۽ ندين نالن جي وهڪري ختم ٿيڻ ڪري بيهجيو ٿا وڃن ۽ پوسل وارو فطري ماحول هجڻ ڪري اهي اُتي ئي ڦٽن ٿا ۽ قسم قسم جا وڻ هڪ عجيب ماحول پيدا ڪري ٿا ڇڏين. ڀٽائيء جي سرکنڀات ۾ جن چيده چيده ۽ قيمتي وڻن جو ذڪر ملي ٿو، انهن جو سنڌ ۾ هن ايراضيء کان سواءِ ٻئي هنڌ هجڻ جو امڪان ئي نظر نه ٿو اچي. ان ماحول ۾ هڪ ٻئي ڏانهن ماڻهن جا رويا به ڏاڍا سُٻنڌڙا ۽ دوستاڻا ٿين ٿا. لاڙيچن ماڻهن ۾ خاص ڪري سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ جتن ۽ اوٺين جا هڪ ٻئي سان چڱائي ۽ ڀلائيء واري سوچ ۽ رويي جا اهڃاڻ ڀٽائيء حقيقتن جي روپ ۾ ڏٺا آهن، جنهن ڪري هو پنهنجي شعرن ۾ امالڪ انهن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن روين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت ته آهي ئي پر ننڍي وڏي ڳالهه مهاڙ، ڪنهن منديء واري چال يا هلت تي ماڻهو هڪ ٻئي کي معاف به ڪريو ڇڏين. ڳالهه رڳو ٻئي کي معاف ڪرڻ جي ڪانهي. هنن بيتن ۾ اهو اعتراف به ملي ٿو ته جيتوڻيڪ اسان ڏي منديون ٿين ٿيون، پر پنهنجا سڄڻ اهي منديون در گذر ڪري موٽ ۾ سڄايون ۽ سڄڻايون ٿا ڪن؛
ڀلائي آهين، پرين ڀلائيءَ پانهنجي،
سٻاجها سِر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،
مان ڏي منديون ٿِين، سڄڻ سڄاين ۾.
فطري حسن جي هن ماحول ۾، جيڪو کنڀات ۾ ملي ٿو، وڇوڙي جي ماريل ماڻهوءَ جي جذبن جي اپٽار دنيا جو شايد ڪو شاعر هن طرح ڪري سگهيو هجي؛
کلان تان کامي هِنيون، روئان تان راند،
اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪـنديـون.
مون منڍ ۾ ڳالهه ڪئي آهي ته بجلي ۽ روڊ سامونڊي پٽيءَ واري هن ريگستاني ايراضيء ۾ سواءِ چند سوڙهن پيچرن جي، اڃا تائين ميسر ڪونهن. پر ڀٽائي جن ورهين دوران ارڙهين صديء ۾ هنن علائقن ۾ گهميو آهي، تڏهن به ۽ هاڻي به اُتي سفر جو اڪيلو وسيلو اُٺ آهي. اٺ ته لاڻيون ۽ جهنگل جا وڻ کائيندو آهي، پر جيئن ڪنهن بس، وئن يا ڪار جي تڳا هڪ ڊرائيور ڪندو آهي، تيئن اوٺي پنهنجي اٺ کي ايلاچيون يعني ننڍا وڏا ڦوٽا ۽ چندن ڪيئن ٿو کارائي؛

رات سهائي، ڀونءِ سَنئين، ڀائي گهرجي ڀَلُ،
آهُر ۾ ايلاچيـون، چندن چري چَـلُ،
مون توسين ڳالهڙي، ٻئي ڪنهين مَ سَلِ،
هاهُـر ڪندو هل، تــه کجايون کرن کي.
ساڙ ۽ حسد وارو رويو اسان ۾ فطري طور موجود رهي ٿو. ٻئي جي خوشيءَ، محبت ۽ چڱائيء ۾ ڪي ماڻهو اَرها ٿيندا آهن ۽ پنهنجي اندر ۾ اُهي هروڀرو بغض ۽ ساڙ پاليندا رهندا آهن. ان جي باوجود هيء حقيقت به ڏاڍي کليل ۽ سمجهڻ جوڳي آهي ته ساڙ ۽ بغض واري هلت تمام ٿورڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿي جڏهن ته ڪروڙين، اربين ماڻهو ساڙ واري هلت کي غلط ۽ شرپسندانه قرار ڏين ٿا. ٻوليء جي ڄاڻن، دانشورن ۽ فلسفين ۽ پڻ نفسيات جي ماهرن هن ساڙ واري جذبي رکندڙ ماڻهن تي نالا ئي نفرت جهڙا رکيا آهن، مثال طور ڀٽائي اهڙي ماڻهوء کي کر ٿو ڪوٺي يعني کريل مزاج جو، غير انساني، غير سماجي سلوڪ ڪرڻ وارو. اهڙي روش رکندڙ ماڻهو پنهنجي ضمير اڳيان به خوار ٿا رهن. محبت ڪندڙ ماڻهن جو ميلاپ، فطرت لازمي طور ڪرائي ٿي ۽ جي اهو ميلاپ چوڏهينء جي رات متوقع هجي ته ان جي تصوير ڀٽائي ئي هن طرح چٽي سگهي ٿو؛
اڄ پــڻ اڇـائي، چـوڏهينءَ ماهه چنڊ جي،
مون گهر مون پرين جي، اچڻ جي وائي،
مون گهر واڌائي، پـيئي کام کرن ۾.
ڀٽ ڌڻي کريل مزاج جي حاسد ماڻهن کي هميشه ننديو آهي. ڇاڪاڻ ته حسد، ساڙ ۽ بغض انساني جذبن مان اوڳڻ سمجهيا وڃن ٿا. وري جڏهن انهن حاسدن جي سزا جي ڳالهه ڀٽائيء جي دل تي تري اچي ٿي ته هو انهن کي هن طرح جي مذمتي انداز ۾ ياد ٿو ڪري ۽ پنهنجي شعر جو موضوع ٿو بڻائي؛
الا کر جيئن، مندي جن جي من ۾،
اسان ۽ پرين جون، اميدون پسن،
تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾.
کنڀات جي بيتن ۾ ڀٽائيء فطرت جي حسن جي ڀيٽ هڪ ته انساني تخليق سان ڪئي آهي ۽ ٻيو ته هن فطرت جي بي جان شين سان سڌو مخاطب ٿي ڳالهايو آهي. مثال طور سوين سجن ۽ چوراسي چنڊن جي روشني ۽ چٽائي محبوب جي حسن اڳيان منڊجي وڃن ٿيون؛
سهسين سِڄن اڀري، چوراسي چنــڊن،
بالله ريءَ پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
شاعر بادشاهه مزاج جا ٿيندا آهن ۽ فطرت کان عجيب مطالبا ۽ تقاضا ڪندا آهن. وصال جي عمل کي لڪ ڇپ کپي ۽ ڀٽائي ان لاءِ چنڊ کان عجيب مطالبو ٿو ڪري ۽ کيس پاراتو ٿو ڏئي؛
چنـڊ لڳئي منڊُ، سنجهي ئي سيخ ٿيـن؟
ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.
مولانا جلال الدين روميء پنهنجي شاهاڻي ٺاٺ باٺ سان هڪ ڀيري مشهور معروف صوفيء شمس تبريز سان ملاقات ڪئي. هو شمس تبريز جي حسن ۽ جلوي کان ايڏو متاثر ٿيو جو هن جو گرويده ٿي پيو پر اوچتو ئي اوچتو شمس تبريز گم ٿي ويو. روميء سڄي زندگي شمس تبريز کي عرب، ايران، ترڪي ۽ ٻين الهندي ايشيا جي ملڪن ۾ ڳولهيو پر هو کيس هٿ نه آيو. بعد ۾ روميء جيڪا شاعري ڪئي، ان جا ڪيترائي جلد هن شمس تبريز جي تعريف ۾ لکيا ۽ کيس سج سان تشبيهه ڏنائين. ڀٽائيء سوين سِجن کي پنهنجي محبوب تان قربان ڪري ڇڏيو آهي. اها سندس محبت جي شدت هئي، پر جڏهن پرين سامهون ٿيا ته چنڊ سان محبوب جي خدوخال جو ذڪر ڇڙيو؛
چنڊ چوانءِ حـق، جي وڙهين، جي وچـڙئين،
ٻه اکيون، ٽيون نڪ، تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.
ادبي تنقيد جي ماڻ ۽ ماپي ۾ دنيا ڀر جي ٻولين جي عظيم شاعرن ۽ ليکڪن کي توريو ويو آهي. اسين ماڻهو ڀٽائيء جي بيت ۾ سَهو به نه سهندا آهيون، پر رات جي ذڪر مهل جيڪڏهن اصلي صورتحال بدلائي پيش ڪجي ته خيال ايندو ته شاعر اهو رڳو وڌاء ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه کي مسلم ڪرڻ لاءِ ئي ڪيو آهي. جيئن هي بيت آهي؛
اونداهي اڌ رات ۾، پرينء پسايو پاڻ،
چنڊ ڪَتين ساڻ، پيهي ويو پاتال ۾.
هڪ طرف اونداهي اڌ رات آهي ته ٻئي طرف پرينء جي اچڻ سان چيو پيو وڃي ته، چنڊ ڪتين سوڌو موجود هو جيڪو پاتال ۾ پيهجي ويو. تڏهن ته نقاد چوندا آهن ته، شاعري مبالغي آرائيء کان سواءِ هلي نه ٿي سگھي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمة جي سر کنڀات جو جائزو وٺندي مون عرض ڪيو ته هن سُر وارو ماحول ظاهر ڪري ٿو ته اهو ڪلام ڀٽ ڌڻيء ڦوهه جوانيء ۾ رچيو ٿو ڏسجي. اهو ماحول نج پج لاڙ جي سامونڊي علائقن جي انهن جهنگلن جو وايو منڊل ظاهر ٿو ڪري جتي سنڌو نديء جا ڇوڙ آهن، واريا سا پٽ آهن ۽ درياهه توڙي ڏکڻ -اولهه سنڌ جي جابلو ايراضين کان ايندڙ پاڻيء ۾ لڙهي آيل انيڪ قيمتي ٻج ڦٽن ٿا ۽ خوبصورت وڻراهه ٿئي ٿي. ڀٽائي جي دور جي سنڌ جي زماني ۾ پاليوشن يا ماحول کي گندو ڪندڙ آلودگي ڪانه هئي. اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻين ايراضين ۾ صاف سٿري هوا ۽ هڳاءُ پکيڙيندڙ وڻراهه، گهٽ وڌائيء سان موجود آهي. البت شهرن ۾ آلودگي ۽ ڪن ڦٿ وڌي ويا آهن ۽ وڻن جو تعداد ايڏو گهٽجي ويو آهي جو، گمان ٿو ٿئي ته ڄڻ اسين ههڙي سڌريل ۽ ترقي يافته دؤر ۾ وڻ جي اهميت کان، ان جي لاڀ ۽ فائدن کان بنهه بي بهرا ۽ اڄاڻ آهيون. وڻ، ٻوٽا فطرت جي سونهن سان گڏ حياتيء جي علامت آهن. وڻن کي پنهنجي گهرن، اڱڻ آڳنڌن، ٻنين کيتن، رستن، آفيسن ۽ ڪم وارن هنڌن تي ايتري گهڻي تعداد ۾ پوکڻ گهرجي جو ڪٿان ڪنهن ڍَڪ واري هنڌ تان نڪرجي ته چهچ ساوڪ ۽ گلن ٻوٽن جا منظر ڏسي هيانءُ ۽ اک ٺري پون ۽ گڏوگڏ حياتي لاءِ لازمي گئسون چوڌاري جهجهيون هئڻ کپن. کنڀات جي خوبصورت وڻراهه جي ماحول جي حوالي سان ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به عرض ڪندو هلان ته، اوهان اسان سڀ، هڪ وار پنهنجي چوڌاري ماحول جو جائزو وٺون ۽ ڏسون ته هن وقت جاري وڻڪاريء جي مند ۾، اسان پنهنجي ماحول ۾ جتي رهون ٿا، ڪم ٿا ڪريون يا ٻنيون ٻارا آباد ٿا ڪريون، اُتي ڪيترا وڻ پوکيا اٿئون. ڇا اسان پنهنجي مزاج ۾ وڻڪار وڌائڻ جو عمل شامل ڪيو آهي؟
ڀٽ ڌڻي ڪپور، ايلاچي، چندن ۽ ٻين قيمتي وڻن جو ذڪر سرکنڀات ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جو، انهن وڻن جي ماحول بابت بيت پڙهندي طبيعت ۾ هٻڪار شامل ٿيو وڃي ٿي. اسان مان ڪيترن اهي وڻ ڏٺا آهن؟ ياد رهي ته ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، اهي سندس تجربن ۽ مشاهدي ۾ آيل آهن. هُن پنهنجي ڪلام کي ڌُڪي جي بنياد تي نه جوڙيو آهي. نوخيز عمرِ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڦوهه جوانيء ۾، فطرت جي حسن سان ٽمٽار ماحول ۾ وڃي ٿو ته اُمالڪ سندس هانءَ مان جيڪي ڳالهيون بيتن جو روپ ڳنهي نڪرن ٿيون، تن ۾ فطرت جي حسن جي اهڙي اپٽار ٿئي ٿي، جنهن جهڙي اڃا تائين سنڌي ٻوليء جي ڪنهن به شاعر نه ڪئي آهي. اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن کي ياد رکڻ گهرجي ته، فن جي جنهن به صنف ۾ اهي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن ٿا، ان ۾ پنهنجي ماحول جي حسن يا ٻيء صورت ۾ بد صورتيء جو ذڪر ضرور ڪن. ان سان سندن وقت جي سنڌ جي ماحول جي اهڙي عڪاسي ٿيندي، جيڪا بعد ۾ تاريخ جو حوالو بڻجي ويندي.
دنيا جي مڙني وڏن ليکڪن ۽ شاعرن جو امتياز رهيو آهي ته، انهن پنهنجي چوڌاري ماحول جي، نهايت ئي ذميدارانه نموني عڪاسي ڪئي آهي. ان ريت ڀٽائي اسان جو اڪيلو شاعر آهي جنهن تڏهوڪي سنڌ جي سموري ماحول کي، بيتن ۽ واين اندر چٽيو آهي ۽ اهي چٽ ۽ عڪس، فطرت جي سونهن ۽ وايو منڊل اسان جي اڳيان ظاهر ٿيو بيهي رهي ٿو.
سر کنڀات ۾ ڀٽ ڌڻي چنڊ، تارن، سج، اٺن ۽ پنهنجي چوڌاري ماحول جو نه رڳو ذڪر ڪيو آهي پر انهن سان ڳالهيون به ڪيون آهن؛
توڏانهن گهڻو نهاريان، تارا! تي لانهين،
سـڄـڻُ جيڏانهين، تـون تـيـڏانهين اُڀـريـن.
جنهن طرف پنهنجا مٽ مائٽ، پرين، واقفڪار، سڄڻ رهن ٿا، رات جو تارن ڀرئي آسمان ۾ اُهو طرف مقرر ڪري، پنهنجي ٻارن ٻچڙن، ننڍن وڏن گهر ڀاتين کي توجهه ڏياري اوهان جيڪڏهن ڀٽائيء جي چيچ وٺي ڳالهائڻ سکندؤ ته دل م اُمالڪ ايندءَ؛
هُـن تاري، هُن هيٺ، هُت منهنجا سپـريـن،
سڄڻ ماکيء ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

هــن تاري، هـن هنـڌ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيء منڌ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

هن تاري، هن جاءِ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيء ساءِ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

اوهان ڪڏهن چنڊ سان ڳالهايو آهي؟ سچي ڳالهه ته هيء آهي ته فطرت جي حسن پسڻ ۽ ان مان ڀرپور حِظ وٺڻ واري اسان جي حس اسان پاڻ مرده ڪري ڇڏي آهي. ان جي ڪري اسان ۾، اسان جي گهڻن ئي ماڻهن جي زندگيء ۾ مردگي وڌيڪ ڀرجي وئي آهي. زندگي فطري شيءِ آهي ۽ ان سان لڳ لاڳاپا گهرا ۽ گهاٽا هئڻ کپن. ڀٽائي نه رڳو چنڊ سان ڳالهائي ٿو، پر هو چنڊ کي نياپو پهچائڻ جي ذميداري به سونپي ٿو؛
ناسيندي نِـرت، پـهـرئـيـن ڪـج پـريــن ڏي،
قمر! ڪـهـج قريب کـي، سـاري سـاڻ سُرت،
ٻيو ڀروسو نه ڀِت، اکيون اوهان جي آسري.
ڀٽائي جو اهو ڪمال آهي ته هو چنڊ کي ذميداري سونپيندي مٿس جيڪي فرض عايد ٿو ڪري، انهن ۾ اڀرڻ جو فرض، سڄڻن جي اڱڻ مٿان بيهڻ جو فرض، جهيڻو يا نرميء سان ڳالهائڻ جو فرض ۽ سڄڻن کي پيرين پئجي نياپو ڏيڻ جو فرض به عايد ٿو ڪري ڇڏي. دنيا جي ٻئي ڪهڙي شاعر چنڊ کي مطلوب ڏانهن موڪلي پيرين پوڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي؟! ڪو اندازو آهي؟

چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،
مــٿان اڱــڻ اُڀري، پــرين جـي پـئيـــج،
جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا!
۽ چنڊ کي اهو فرض سونپيندي هيء عجيب هدايت ٿو ڪري؛
آءٌ جي ڏيئين سنيها، سي تون چنڊ! پلئه ٻَنڌُ،
چئج حال حبيب کي، نِيئي نِوڙائي ڪنڌ،
تو تيڏانهن پنڌ، جيڏانهن عالم آسرو.
هن بيت ۾ مسلمانن جي عقيدي جي عجيب اپٽار ڪيل آهي. ان ۾ چنڊ جي اولهه سفر جو اشارو آهي، جتي مسلمانن جو حبيب آهي. گڏوگڏ ان حبيب جي عزت ۽ احترام جو اظهار به ڪيل آهي، جتي شاعر پنهنجي دل مان عقيدت جو اظهار ڪندي چنڊ کي نوڙي، ڪنڌ جهڪائي سنيها پيش ڪرڻ لاءِ هدايت ٿو ڪري ۽ عجب اهو آهي ته اهي سنيها ۽ نياپا چنڊ کي پلئه ۾ ٻڌائي ٿو.
سُر کنڀات ۾ ڀٽ ڌڻيء اٺ کي مختلف نالن سان سڏيو آهي. هتي ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جتڪي ماحول ۾، اوٺارن وٽ اٺن جا جيڪي نالا آهن انهن مان ڪن جو ذڪر ڀٽائيء سر کنڀات ۾ به ڪيو آهي، مثال طور؛ ٻاٻل، ڪرهو، اولاڻيو، اٺ، ڪنواٽ، چانگو، ميو، ڀٽارو، ليڙو وغيره. ڍيڍ ۽ اڻ چئي اٺ کي ڀٽائي پاراتي سان ذڪر هيٺ آڻي ٿو؛
وڏ ڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کا ڏو کوڙيو،
کــوءِ، ٻــن! پلاڻيان، اولاڻيو نه اٿئي.
هيل تائين ڀٽائي جي زندگي بابت جيڪي روايتون دهرائجنديون رهيون آهن، انهن ۾ اها ڳالهه عام طور هر محقق ۽ سوانح نگار ڪئي آهي ته، ڀٽائي عشق جي لپيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ ٽي سال سير سفر ۾ گذاريا، جنهن دوران هو مختلف نمونن جي جوڳين سان به مليو ۽ سنڌ جي وسعتن ۾ سفر ڪري داستانن، حالات ۽ واقعات جو مشاهدو ڪيو ۽ مشاهد به ايڏو رچيل ۽ شاهوڪار، جو جنهن نموني جي ماڻهوء، پکي يا جانور، ماحول يا فطري وايو منڊل ۾ ويو ته، آس پاس جي هر شيءِ جي مزاج کي پروڙيائين. اٺ کي چيڙهالو فطري جانور سڏيو ويندو آهي. هڪ ته اٺ محبوبن ڏانهن سفر ڪندي، مجاز جي ڪيفيت جو پاڻ به شڪار ٿئي ٿو، ٻيو هيءُ ته اٺ جو پنهنجو هڪ مجازاڻو مزاج ٺهي، بيتن مان ظاهر ٿيو پوي؛
چندن جا چوپا ڪري، چري نه مصريء سنگ،
اکين مٿي انگ، مَيي کـي محبوب جا،

پُور نه چري ٻُور، ڇڏيو تُور، تَڪون ڪري،
مونين هڻي موٽيو، ڪرهو رات ڪپورُ،
مـيـو ٿـيـو مـخـمـور، چـنـدن چـکـي آئـيــو.

لازوال محبت جي ان فطري جذبي جي اپٽار هتي ڏسو ڀٽ ڌڻي ڪيئن ٿو ڪري؛
نَـوَ نير، ڏهه ڏانوڻيـون، پـندرهن پـيند پياس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.
ڀٽائيءَ جي سمورن شارحن، جن هيل تائين سندس ڪلام جي شرح پئي ڪئي آهي، ور ورڪري علامتي شاعريء جو ذڪر ڪيو آهي يا داستانن جو وچور يا انهن ۾ به علامتون ڳوليون اٿائون. ڪنهن خدا جي بندي کي توفيق نه ٿي آهي جو خود ڀٽائيء کي ڀٽائيء جي ڪلام اندر ڳولڻ جي ڪوشش ڪري. ڀٽائيء جي پنهنجي 63 ورهين جي ڄمار جا هڙ تجربا ۽ مشاهدا سندس شعرن ۾ موجود آهن، جن مان سندس ذات ۽ شخصيت ظاهر ٿي بيهي ٿي. جوانيء جي زماني جي رومانوي ڪيفيت واري دؤر ۾ ڀٽائي خود جنهن شديد محبت ۽ اجهل سڪ مان گذريو تنهن جو ذڪر هن شاعريء ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جو اهو ان ڪيفيت مان لنگهندڙ هر ماڻهوء جي جذبي جي ترجماني ڪندڙ بڻجي ويو آهي. پاڻ تي ضابطي رکڻ جي هر ڪوشش اِجهو هن ريت بيوسيء جو شڪار ٿيو وڃي؛
نو نير پائي، جان مون هينئڙو جهليو،
وئــڙو ڇـنـائي، پوئـيـنء رات پرين ڏي.
جتڪي ۽ اوٺي ماحول اندر اٺن جي تڳا، پالنا ۽ واپار وهنوار جي سلسلن جو مشاهدو ڀٽ ڌڻيء اهڙي نموني پنهنجي مختلف سرن ۾ ڪيو آهي جو ڄڻ پاڻ اوٺي هو ۽ انهن جو واپار به ڪندو هو. ان ۾ اٺن سان محبت، انهن جي قدر ۽ قيمت جو بيان ڏاڍي مؤثر، ڇرڪائيندڙ ۽ رومانوي نوع سان ڪيو آهي. اُٺُ ٽرانسپورٽيشن ۽ سواريء کان علاوه زرعي ڪمن، آبپاشي توڙي تيلي ٻجن مان تيل ڪڍندڙ گهاڻن وغيره ۾ به استعمال ٿيندو رهيو آهي. هيءُ اٺ گهاڻي پيو ڦري، جنهن کي جادوء سان ڦاسايل ٿو ٻڌائي؛
ڪني ڪامڻ ڪياءُ، ڪيئن ڀنڀولئين ڪرها،
اکين مـٿـي اکيا، پڙ ۾ پـير گٺاءِ،
وڳ ڪِ وسرياءِ، ٻَڌو جيئن گهاڻي وهين.
کنڀات جي ڪنهن وڏي پاڻيء جي ذخيري يا تڙ تي ايندڙ سڪ وندي ناريء جي اوسيئڙن کي اجهو هن طرح بيان ٿو ڪري؛
کنڀاتڙي تڙ وري، اُڀي تڙ واجهاءِ،
مانَ اچهون ڪاءِ، سُواڌائي سڄڻين.
اٺ پاليندڙ کي اٺ جي قيمت ۽ قدر دنيا جي ٻيء هر شيءِ کان مٿي نظر ٿو اچي، ايئن جيئن پنهنجي ڪم، مال متاع ۽ دل کي وڻندڙ شيءِ جو ڪو ملهه ئي ناهي ٿيندو. ورنه اٺ جي کاڌي جو سامان ۽ خود اٺ ڪروڙ رپين جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؛
جئان ڪوڙ به ڪاٺيون، پنجين لکين پاءُ،
ميو تنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻي ڏار چري.

جئان ڪوڙ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پن،
تئان ڇاڻي ڇڳيون، مَئي رتو من،
تنهن ول سندو پَن، ڪوماڻيو ڪوڙين لهي.

لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙِين ڏئي ڳِڌوم،
اڱـڻ سونـهـن ٿـيـومِ، ملهه مهانگو مَ چـئــو.