سُرُ ڪوهياري
ڪوهياري ان راڳ جو نالو به آهي، جيڪو سنڌ ۽ سرائڪي پٽيءَ ۾ صدين کان معروف ۽ مقبول آهي. ڪوهياري راڳ ۾ ايندڙ ماحول به جابلو ئي هجي ٿو، البت ان ۾ درد انگيز ڪيفيت اهڙي آهي جو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ هيءُ راڳ نهايت ئي دل کي ڇڪيندڙ ۽ درد اڀاريندڙ ملي ٿو. سنڌ جو شايد ڪو ڳائڻو يا ڳائڻي هجي، جنهن کي ڪوهياري راڳ نه موهيو هجي. سنڌ کان علاوه، سنڌ بلوچستان جي وچ واري سرحد ۽ پڻ ڪڇ ۾ هيءُ راڳ مقبول رهيو آهي، پر ان جو موضوع گهڻو تڻو سسئيءَ جو پهاڙي ڪشالو رهيو آهي.
سر ڪوهياري جي پهرئين داستان جا منڍ وارا بيت محققن ۽ مرتبن ان طرح چونڊي رکيا آهن، جو لڳي ٿو ته هنن سسئيءَ جي پنڌ کي ترتيب وار بنائڻ پئي چاهيو. ڀٽائيءَ جا جيڪي بيت هن سر ۾ آيا آهن، سي هن هروڀرو لاڳيتو ويهي ڪونه لکيا هئا. داستان جون حقيقتون، درد ۽ اڌما، جيئن جيئن ڀٽائيءَ کي اڌميا پئي، تيئن هن بيت به چيا ۽ وايون پڻ سرجيون.
هن سر جي پهرين بيتن ۾، ڀٽائيءَ ڪجهه عربي لفظ انهن جي معنائن سميت وڌا آهن، جيڪي هونئن شعر ۾ ضروري نه ڀاسندا. پر ڀٽائيءَ انهن لفظن جي معنيٰ کڻي بيت جوڙيا. مثال طور عربيءَ ۾ ليل رات کي چئجي ٿو، ننڊ کي نوم. اٿڻ يا اٿي بيهڻ کي قام يا قم چئجي ٿو ۽ جلس ويهڻ کي. ڀٽائيءَ اهي لفظ سندن معنائن سان ڏنا آهن، جنهن مان خبر پئي ٿي ته، کيس عربي ٻوليءَ جي نه رڳو خاصي ڄاڻ هئي، پر هن موڊ اچڻ تي قرآن مجيد مان عربيءَ جون آيتون به کنيون، چوڻيون ۽ محاورا به ۽ ڪڏهن رڳو لفظن جو بيتن اندر استعمال ڪيائين؛
ليل نه جاڳينءَ لک سين، ڪلي نوم ڪياءِ،
قم ٿـي پهـچ قريب کي، اجلس تو نه جڳاءِ،
مُـٺـي! مهــمــانن سيــن، ويهي رات وهاءِ،
جيلانهن ننڊ ڪياءِ، تي روز رهين ٿي راهه ۾.
ٻيو هڪ بيت هن سر ۾ آيو، جنهن ۾ ”هاڻ گهم ته خبر پوئي“ جو طعنو به ڀٽائيءَ ٻن عربي لفظن ۾ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڏنو آهي؛
اجلـس ڪري اٿيا، تـنواريو توڏن،
نـوم نـوازئـن اُن کـي، مرحبا موڏن،
رڙهي رس روڏن، ”اليوم سيرُوا“ سسئي!
پانڌيئڙو جي زندگيءَ ۽ جاکوڙ جو معيار آهي سجاڳي ۽ مهل سر پنڌ ڪرڻ. بيپرواهه ٿي، پير ڊگها ڪري ستل کي ساٿ اوس ڇڏي هليو ويندو؛
جڏهن ستيون جي، پٿر پيري ڊگها ڪري،
تـڏهن تنين کي، ساٿَ سُتيئي ڇـــڏيو.
ڌارئي سڱ سبب ڀٽائي سسئيء جھڙي ڪردار کي هر دم هوشيار چوڪس ۽ خبردار ڏسڻ ٿو گھري. ان لاءِ هو ان سماجي اوڳڻ کي ضروري ٿو چئي، جنهن کي پنهنجن تي جاسوسي ڪرڻ جو عمل سڏي سگھجي ٿو. ڪن ڏئي ڪنهن ٻئي جي راز کي چوريءَ ٻڌڻ اوڳڻ آهي، پر سسئيء لاءِ اهو عمل به ضروري هو. ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان کيس نقصان پهتو. ڀٽائي ڏسو ڏيرن ۽ پنهون تي ڪهڙي قسم جي جاسوسي سسئيء لاءِ ضروري قرار ٿو ڏئي؛
سُتينء پير ڊگھا ڪري، وڏي جاڙ ڪياءِ،
در ڀر اُڀئين دوس جي، ته سُر پُر هوند سُياءِ،
اصل آري ڄام جي، سڳي تون نه سِياءُ،
پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نڀاڳي! ننڊون ڪرين؟
ڪڏهن ڪڏهن ڀٽائيء کي پڙهندي سندس نوان عاشق، هڪ جهڙن لفظن جون ٻه ٻه معنائون ڏسي مونجھاري جو شڪار ٿيندا آهن. ڪوهياريء جي پهرئين داستان ۾ ٻه بيت اهڙا آهن، جن ۾ لفظ ”ڪميڻيون“ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. مثال طور هڪ بيت آهي؛
ايءُ ڪم ڪميڻين، جيئن سمهن پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇونه لطيف چئي، هاري! لئه هوتن،
ننڊان نڀاڳين کي، اوڀـالا اچـن،
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي ئي رهن سمهي؟
هن بيت ۾ محاوري طرح ننڊ ڪندڙين کي ڪميڻيون ڪوٺيون ويو آهي. وي ٻيو بيت آهي؛
اوجاڳو اڄاڻ! ڪيئي نه ڪميڻين جئن،
اسارِي اهڙيءَ پَرِ، پيئي ڪيچين سين ڪاڻ،
ٻانهي ڇايو پاڻ، ٿي سڄيون راتيون سمهين؟!
هن بيت ۾ جاڳڻ ڪميڻين جو ڪم ٻڌايو ويو آهي، يعني پيشيور ڪسب ڪندڙن ڏانهن اشارو، جن جو گذر ئي جاڳڻ سان آهي. ڏسو، ساڳئي لفظ کي ٻن نمونن سان ڪيئن استعمال ڪيو ويو آهي. ٻنهي بيتن جا پهريان حصا يا سٽون آءٌ ٻيهر ٿو آڻيان؛
ايءُ ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري......
۽ ٻيو بيت آهي؛
اوجاڳو اڄاڻ! ڪيئه نه ڪميڻين جئن...........
جبل، پٿر بيجان آهن جن سان ڪو شاعر ئي ڳالهائي سگهي ٿو. جبلن سان ڳالهائڻ، انهن کي پٽون پاراتا ڏيڻ، ڳالهيون ۽ ڏک اورڻ، جبلن کي پنهنجو ساٿي ۽ همدرد بنائڻ، انهن کي ڏکن ۾ شريڪ ڪري روئارڻ، اهي سڀ ڳالهيون واقعي شاعر ڪري سگهي ٿو ۽ ڀٽائي اهو شاعر آهي جنهن جا بيت پڙهي، ماڻهو ائين محسوس ڪندو ڄڻ واقعي ايئن ٿي رهيو هجي؛
- ڏونگر! ڏک سنداءِ، پرينءِ گڏجان ته چوان......
- ڏونگر! تون ڏاڍو، تو ڏاڍا ڏاڍيون ڪرين.....
ڏونگر! ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءِ کي،
”پـهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،
رحم نه پيئه روح ۾، قـدر منهنجو ڪـو،
واڪو ڪنديس ووءِ! مونسين جبل ٿو جاڙون ڪري!!“
- ڏونگر! ڏکوين کي دلاسا ڏجن.....
- ڏونگر! مون نه ڏکوء، آءُ اڳ ڏکوئي آهيان....
- ڏونگر! مونسان روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ جا....
- ڪي جي ڪڍيا پار، ڏکيءَ ڏونگر پاڻ ۾......
- ٻيئي ويٺا رون، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾......
انساني جسم درحقيقت چند هڏڙين ۽ ماس جو هڪ مختصر جوڙ آهي، جنهن کي تڪليف سهڻ جي ڪا خاص اهليت ڪانهي، پر عزم، همت ۽ حوصلو ته جبل سان ٽڪرائجڻ به ممڪن بنايو ڇڏي؛
تپي ڪـندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوئين کي،
تون جي پهڻ پٻ جا، تـه لڱ مـنهـنجا لوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ايئن ڪيو.
پرتئو يا عڪس پسڻ، پر پٺ ڪنهن کي ڏسڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. اٿاهه محبت مطلوب جا عڪس اڳيان آڻيو بيهاري يا ٻيءَ صورت ۾، اهي عڪس بار بار اڳيان اچيو پيا جلوا پَسائين. ڀٽائيءَ اهڙي عڪس جي تصوير ڪشي ڏسو ڪيئن ڪئي آهي؛
پـرتوو پـنـهـونءَ جـو، سهائي، سياهُه،
منهن ڏيئي مون آئيو، رنـگـارنـگي راههُ،
پـهـريـن ڏيندا پاهه، پوءِ رڱيندا رڱ سين.
سدا خوش گذاريندڙ سسئي جي ڪردار کي روئڻ نه ٿو اچي. بيت ڏسو؛
ڪنهن پر روئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان،
مٿي ڪيو ڀُـڻان، هَنجُن هاڻا هٿڙا!
محبوب مڪمل لاڳاپي سان ملندو آهي. ان ۾ ٻيائيءَ جي گنجائش ئي ڪانهي. ڀٽائيءَ جا ان مد ۾ معيار هي آهن؛
ٻـيـون ڏيئي ٻن، هلج پاسي هيڪ،
ور نه سهي ويڪ، تون ٽيڏي ٽئايون ڪرين ؟!