شاعري

ڀرپور سمندر گرجي ٿو

هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4956
  • 674
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مشتاق سعيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀرپور سمندر گرجي ٿو

مُهاڳ

اوجاڳيل احساسن جو آواز

محبتون جڏهن به دلين جي درياھ ۾ وهنجڻ لڳنديون آهن، ته احساس اُجرائپن سان ڀرپوريت جي ڀاڪرن ۾ ڀرجڻ لڳندا آهن، ۽ وقت جون وکون به وفائن جي وهڪرن سان اڳتي وڌڻ لڳنديون آهن، جن اڳيان هر رڪاوٽ جو رڻ بي معنى بڻجي ويندو آهي.
محبتن جو مري وڃڻ ئي دنيا جي دفن ٿيڻ جيڏو الميو آهي، جنهن کي اندر جي اک سان ئي محسوس ڪري ٿو سگھجي.
اسان جا سڀ صبح رات جي رولاڪين ۾ ته اڇلايا ويا آهن پر پوءِ به اڀرڻ جي احساس کان اوجھل ناهن ٿيا، مڃون ٿا ته درد جي هر ڌڙڪندڙ دور ۾ سچاين جا سِرَ ڪپيا ويا آهن، ۽ سولين جي سفر تي به جوان جذبن جا سڏ سمهاريا ويا آهن، پر پوءِ به عشق جي اکين ۾ ڪابه اونداهي ناهي لٿي ويتر مضبوطين جا محراب آزاديءَ جي اذانن ۾ اوتجڻ لڳا آهن، ڪعبي جي پرستارن کي ڪهڙي خبر ته خدا جو خيال اڃان به وڌيڪ خوبصورت آهي.
اهڙي ئي خيال ۾ جڏهن ڪو انسان سڄو عشق ٿي ويندو آهي ته سمورا محور انهيءَ جي تعريف جو تاج ٿي ويندا آهن، جنهن کي ڪو به ڪوڙھ جهڙو ڪردار قتل نٿو ڪري سگھي.
هميشه جي هٿن ۾ زندھ رهڻ ئي زندگي آهي جنهن جو ذڪر تعريفن جي تسبيح سان هر صبح جي آڱرين سان اوڍيل ٿو رهي !
اهڙي ئي آزاد سوچ جو سفر جڏهن غبارن ۽ غلاميءَ جي گھيرن مان ٻاهر نڪرڻ لڳندو آ ته هر ظلم جون زنگيل زنجيرون ٽٽي ٽڪرا ٿي پونديون آهن، ۽ تاريخ به تندرستيءَ جي ترانن سان ساھ کڻڻ لڳندي آ.
اهڙي ئي آزاد احساس کي جڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز محسوس ڪيو ته سندس شعور جي شهر مان نظم نيڻ کولي نهارڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته،
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
پرواھ بنا پَرَ ڪيئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ.
پر جڏهن اهڙن ئي آزاد احساسن کي سنڌ جي هن نوجوان شاعر ”مشتاق سعيد“ محبوبيت سان محسوس ڪيو ته سندس سوچ ۽ آزاديءَ جو عشق آرس موڙڻ لڳو ۽ هر غلاميءَ کي بغاوت جو ڀونڊو ڏيئي چوڻ لڳو ته،
جا مونکان ڏات لکائي ٿي
سا سِٽَ غلاميءَ کي ڀونڊو
جو روح ۾ روڄ مچائي ٿو
سو گيت غلاميءَ کي ڀونڊو
هي آزاديءَ جا تڙڪا هِنِ
جي تارن مان ٿا جھرمر ڪن
سي منهنجي مَن تي نازل ٿي
ٿا ٻهه ٻهه باکون برکائن
مان گيت لکان ٿو ڌرتيءَ جا
۽ پنهنجي من جي سرتيءَ جا
ڪنهن شاعر جا ڌرتيءَ لاءِ گيت لکڻ ئي وڏي گواهي آهي، گھٻراهٽ جي غارن مان ٻاهر نڪري جڏهن به ڪو جذبو جرئتن جي جبل تي چڙهي ڏاڍ کي للڪارڻ لڳندو آ ته ڪئين جبر جھرڻ لڳندا آهن، ڪئين ڪنڌ ڪورجي پٽ تي ڪري پوندا آهن پر غيرتن مان ڪنهن شاعر جا گيت ٻاهر نڪرڻ ته ڇا پر گس بدلائڻ لاءِ به سوچيندا ئي ناهن.
سچ پڇو ته هي گيت غلاميءَ جي گلي تي ڏنل هڪ گھٽو آهي، جيڪو هڪ ڏينهن پنهنجي منزل ضرور ماڻيندو ۽ هر ايندڙ نسل تي نازل ٿيندو رهندو.
ڀڳت ڪنور رام جي گلي ۾ قتل ٿي ويل اڌوري گيت جو غم اڄ به ڌرتيءَ جي اکين ۾ آلاڻ جو احساس ٿو لڳي ۽ رُڪ اسٽيشن تي هاريل انهيءَ رت جو تسلسل جڏهن به ڪئين ڪردار ميڙي ڦاهيءَ تي لٽڪيل هيمون ڪالاڻيءَ تائين پڄي ٿو ته سنڌ سڄي خزان جي خيال جهڙي ٿيو ٿي وڃي ۽ وقت جا پير به ڄڻ ته معذوريءَ جي مُٺ ۾ اچي ٿا وڃن، ڄڻ ته هر ساعت پنهنجو ساھ وڃائي ويٺل هجي، پر ڦاهيءَ جي تختي تان ڌرتيءَ جو درياھ دل انسان اکيون پورڻ کان اڳ هر جيءُ سان ائين جڙجي ويندو آ جئين احساسن ۾ عشق اوتجي ويندو آهي ۽ روح جذبن ۾ جذب ٿي ويندو آهي.
اهڙي ئي هڪ جذبي مان ڦٽل تخليقي تار جو آواز جرئتن جي جيئڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته،
ڦاهيءَ جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جھونگاريو آ
ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ
هڪڙو تنهنجو جيءُ جھريو پر ڪيئي تو مان جيءُ جڙيا
هر ڪنهن جيءُ ۾ تنهنجو واسو تو ئي ديس اجاريو آ.
مشتاق جي من ۾ ڄڻ ته ڪوتا رچي وئي آهي ۽ سندس هر احساس جي ٽاريءَ مان گيت، غزل، نطم ۽ وايون ڦٽي ڦولارجي وطن جي هر واٽ کي واسي رهيون آهن.
سندس سوچ جي سنڌوءَ جو سفر ڌڪجي سمنڊ جي سيني تائين پهچي چڪو آهي ۽ ڪافي قدر ان منزل کي ماڻي چڪو آهي جنهن منزل کي ماڻڻ لاءِ ماڻهن جون عمريون اجھامي وينديون آهن پر وقت انهن جي وک کي اڳتي وڌڻ ئي ناهي ڏيندو (زندگي تجربن جو گھر آهي) پر مشتاق سعيد پنهنجي زندگيءَ جي گھر ۾ ويهي اهي حيرت ناڪ مشاهدا ڪيا آهن جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان من ۾ هڪ نئين مانڌاڻ مچي ٿي وڃي، ۽ روح رَشڪ ڪرڻ ٿو لڳي ته سندس سٽ سٽ تي اکيون اڀيون ڪري ڇڏجن ۽ سڄي خيال کي مڌ جي مزي جيان صبر ۽ سڪون سان ويهي ماڻجي پر پوءِ دل مطمئن ٿيڻ ۾ ٿڙڻ ٿي لڳي ۽ چوڻ ٿي لڳي ته ڇو نه ساهن ۾ سمائي هميشه لاءِ صدين جي گسن تي گلن جو ويس ڪري وڇائي ڇڏجي ته جيئن تن کي ڪوبه وقت جو واءُ وڃائي نه سگھي.
اهڙين ئي حقيقتن جي هُل جو آواز سرمد جو سڏڪو بڻجي ٺٽي جي رات ۾ رلندو رهي ٿو جنهن جو عڪس هن نوجوان ڪويءَ ڪيڏي نه ڪرڀ ۽ ڪماليات سان کليو آهي ته
مڪليءَ جي هن ٽڪريءَ تي هِنِ
قبرون قبرون ترخانن جون
ساموئيءَ مان سڏ اچن ٿا
چيخون ٿي طوفانن مان
مڪليءَ جي مينارن تي ڄڻ
لڙڪي پئي ٿي ڄڀ ڪپيل ڪا
۽ صالح آخوند پيو مرڪي
ننگر کي ڪا باھ لڳي آ.
جڏهن ٺٽي ننگر کي منگولن لٽي باھ ڏني هئي ته سچ پڇو ان باھ ٺٽي نه پر سڄي سنڌ جي وجود کي وڪوڙيو هو، ڪئين جسم جلي خاڪ ٿي ويا ها، ائين منظر ماٺار جي سوڳ سان سلهاڙيل ها جيئن هيروشيما جون زخمي حالتون پنهنجو سمورو حُسن وڃائي ويٺيون هيون پر هن نظم جي لوڇ ڪابه سمهڻ جي صدا نٿي ڏئي ويتر عقوبتن کي اگھاڙو ڪرڻ ٿي لڳي ته،
ٺٽي ۾ گھنڊ وڄي ٿو
اڄ ڀي ان جي بازارن ۾
سرمد جا ٿا سڏڪا ڊوڙن
مڪليءَ جي ماٺارن ۾ ٿا
خاموشيءَ جا خيما ٽوڙين
ڪا ئي صدا آ روز ڇڪي ٿي
مونکي پنهنجي اور ڇڪي ٿي
رات ٺري ٿي لوڪ سمهي ٿو
مونکي ڪوئي سڏ سڏي ٿو
حقيقتن جي هجومن جو حصو بڻيل هن شاعريءَ جو هر لفظ هر دور جي زخم کي طاهر ڪندي نظر اچي رهيو آهي، ڌوڙ جي درد ۾ دٻجي ويل دلين جا ديس اڄ به هن ڪوتا جي ڪک مان زخمي ڪونج جي ڪُرلاءُ جيان ڦٿڪندي محسوس ٿا ٿين، ته ڪٿ وري ٻڏندڙ سج جا سڏ اجھامڻ کان اڳ ڄڻ ته ڊگھي زندگيءَ لاءِ ضد ڪندا هجن، اهي سمورا عڪس مشتاق سعيد جي شاعريءَ جو مرڪز بڻيل رهيا آهن پر مونکي الائي ڇو بار بار ائين به محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته سندس خيالن ۾ هڪ خدائي خيمو کوڙي ويهي رهي آهي جيڪا هن ڪويءَ کان رهيل ڪم روانيءَ سان وٺي وجود جي وهڪرن کي وسيع بڻائي رهي آهي.
مشتاق سعيد جا خيال سٽاءُ جي ايمان ۾ تازگي ءَ جو تسلسل ٿا لڳن جن اڳيان ساھ به سيس نمائي آجيان جو احساس ٿي وڃن ٿا،
اهڙو ئي احساس سنجھا جي سينڌ ۾ گيتن جو سنڌور ڀريندي نظر اچي ٿو! پر ڪينجھر جيڪو رت اوڳاڇي ٿي اُن کي به روح جي رستن تي رُلندي ڪيڏي نه درد سان محسوس ٿو ڪري ته
هيءُ ڪينجھر رت اُڳاڇي ٿي
۽ جنگشاهي جي جبلن تي
ڪا ڪونج پئي ڪُرلائي ٿي
هي اوچي آ جھمپير کجي
جا گيت سنجھا جو ڳائي ٿي
پر ٻرندڙ سج ٿو ٻاڪاري
۽ لهر لهر ۾ لالائي
ڏس ڪيڏا غوطا کائي ٿي
لهرن ۾ لالاڻ جا غوطا کائڻ ۽ انهن کي هينئين جي هٿن سان ٻاهر ڪڍڻ جي آنڌ مانڌ صرف تخليقڪار ئي ڪري سگھي ٿو،
ٺيٺ سنڌي لفظن جي لباس ۾ ويڙهيل هن نظم جون ڪجھ ٻيون سٽون جيڪي روح کي رَڇ جئيان ويڙهي ٿيون وٺن،
هو جر تي مهاڻو جوھ وجھي
ٿو اڊڙيل رڇ کي اُڇلائي
۽ خالي خالي ڏور ڇڪي
ٿو ڀڻڪي من کي ڀنڀلائي
اڄ تڙ تي نوري ناهي ڪا
ڪا گندري مُرڪ نه آڇي ٿي
هي ڪينجهر رت اوڳاڇي ٿي
سچ جي سيني تي هميشه هلائون ٿيون آهن پوءِ چاهي اهو سچ سورويٽ جي سڙڻ کان وٺي دنيا جي پهرين سوشلسٽ شهيد صوفي شاھ عنايت تائين پڳو هجي پر سچ هميشه سينو تاڻي ساھ ڏنو آهي جنهن جو ڊگھو تبصرو تاريخ جي تن تي اڄ به تيرن ۽ ڀالن جي بربريت سان ڀريل نظر ٿو اچي،
اهڙي سچ جي ساز جو آواز جڏهن سُرندي جي صدائن ۾ لهي ٿو ته ڪئين عشق جا ڏياچ ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ اڏيءَ تائين پاڻ اڇلجي ٿا اچن ۽ ساز ۾ پنهنجو ساھ سمائڻ جي هڪ نئين ڪوشش ٿا ڪن، ۽ زندگيءَ جي سڀني ڇيڙن کي ڇڪي وقت جي وجود کان وڏو ٿا ڪري ڇڏين،
اهڙي ئي سُر جو ٻيجل بڻجي مُشتاق سعيد به صدائن جو سمنڊ اُٿلايو آهي، ۽ زندگيءَ کي ساز جي راز ۾ رنڱيو آهي ته،
تو ٻُڌو ٻيجل به پنهنجي ساز سان هو سِر لُڻيو
زندگيءَ کي هو تڙيو
زندگاني هڪ لُٽي ٻي زندگاني کي گھڙيو
ساز جي هن راز کي سمجھين نٿو تون
زندگي ۽ موت جي آواز کي سمجھين نٿو تون
ساز جنهن جي آ هٿن ۾
موت تنهن سان آ ڪفن ۾
زندگي ڀي آهي تن ۾
زندگي ۽ موت آهن
دنگ ڇيڙا هڪ رسيءَ جا
ٻئي ٻيڙا هڪ نديءَ جا
پار ساڳئي پيا وڃن ٿا.
فڪر جي فلسفي ۾ وڃائجي ويل زندگيون اڄ به ڳولا جي ڳالھ ۾ پنهنجو پاڻ کي اُڇلائينديون رهن ٿيون، ڪُجھ نه هئڻ جي احساس مان ٻاهر نڪري جڏهن انسان سڀ ڪُجھ هُئڻ ۾ هليو ويندو آهي ته پاڻ دنيا کان ۽ دنيا هُن کان پري ڌڪجي ويندي آ، ۽ پوءِ روح رولاڪين جي رمزن ۾ راحتن جا رنگ ماڻڻ لڳندو آ، فقيريءَ جي فراق مان ايترو ته فيضياب ٿي ويندو آهي، جو طلب ۾ عشق جي الله جا تنبورا تُڙڳڻ لڳندا آهن، وائين جا ورلاپ وک وک تي وفائن جو ورد ڪرڻ ۾ڪوشان هوندا آهن،
اهڙي طلب جو طالب تنبوري جي تار کان ٽپي ڀٽائيءَ سان گڏجڻ جي گونج کڻي نڪتوآهي ته
ڀٽائي تون مونکان اڳي ئي ڄمي وئين
يا منهنجي اچڻ ۾ وڏي دير ٿي وئي
پڙاڏو مان تنهجي صدائن سندو هان
اُهو سڏ آهيان جا وائي چئي وئين
مگر گونج آهيان
اُها ڪونج آهيان
جا تنهنجي نگر تي اڃان ڪُرڪندي آ
اڃان ڦڙڪندي آ . . . .
ڀٽائيءَ سان گڏ ڄمڻ جي ڳالھ مون هن سنڌ جي الستي شاعر کان پهريون چڪر ٻُڌي آ، اهڙي خوبصورت خيال جو حوالو منهنجي مطالعي مان ڪڏهن به ناهي نڪتو اُها مُشتاق سعيد جي سوچ ۽ فڪر جي وڏائي آهي جنهن جي وشالتا جي اُڀ ۾ ڪئين اُجرن احساسن جا اڇا ڪبوتر بنا ٿَڪ ڀڃڻ جي اُڏامندي نظر ٿا اچن،
سچ پڇو ته مون جڏهن کان مشتاق سعيد جي شاعري کي پڙهڻ شروع ڪيو آهي ته سوچن ۾ ڪئين سوال ڪَر کڻڻ لڳا آهن ۽ آئون پنهنجو پاڻ ۾ ئي وچڙي ان گمان ۾ گم ٿي ويندو آهيان ته واقعي هن سنڌ جي سُجاڳ شاعر کي گھڻو اڳ ئي پيدا ٿيڻ کپندو هو،
مُشتاق سعيد جي شاعريءَ ۾ موضوعن جي چونڊ ايڏي ته وزنائتي آهي جو هر خيال پنهنجي جوڀن سان جوان ٿو نظر اچي پاڻ اوجاڳيل احساسن جي شاعريءَ جو آواز آهي سندس ڪئين نظم هن ڪاغذ جي سيني تي لکڻ کان رهجي ويا آهن پر ڪتاب جي هر ورق کي واسي رهيا آهن، هن ڪتاب “ڀرپور سمندر گرجي ٿو” ۾ واقعي ڀرپوريت ڀريل آهي جنهن کي سنڌ جو هر سُڄاڻ ماڻهو يقينن سڌي موٽ ڏيندو، ۽ هن ڪتاب جا قدم ضرور مڃتا جي ميدان ۾ پنهنجا نشان رائيگان ٿيڻ نه ڏيندا بلڪه سڦلتا جي صُبح جا نيڻ چُمي هر رات ۾ روشنيءَ جي آوازن سان ٻرندا رهندا.

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
اياز امر شيخ
23 جولاءِ 2012
03003275166