جنهن وقت هليو ويندس
ڪنهن ڏور قبر جي ڏيساور
پوءِ ايئن نه ڪڏهن ڀانئجو
هي موت پڄاڻي ٿيو آخر
مان پڄري پڄري ذرڙا ٿي
ها واريءَ ۾ ٿي واري پر
ٻيهار وڻن کي واسيندس
۽ پن پن ۾ پڙلائيندس.
مان ماضي سڀ ڌڪاريندس
پر هڪڙو جذبو آڻيندس
جو نانءُ محبت ٿو سڏجي
سو جنم جنم ۾ واسيندس.
هت رشتن جو ڀي ذائقو
ڏس ڪيڏو پيارا ڪئوڙو آ
ٿو ڪوئي ڪنهن لئه جان ڏئي
پر انت ته نيٺ وڇوڙو آ.
ٿو هر ڪنهن گل تي بهار اچي
ها هر جي مٽي ساڳي آ
آ جيون جو هر ٿانءُ ڀريو
پر ڪنهن ڪنهن ۾ مڌ ماٽي آ.
جي لاٽ اجھامي ويندي آ
هي شعلو ويندو آ ڪيڏانهن ؟
ڪو ڄاڻي ٿو ڇا ڄاڻي ٿو
هر ٽولو ويندو آ ڪيڏانهن؟
هر روح مسافر وانگي آ
پوءِ ڀٽڪڻ ڇا لئه آيو آ؟
هو ڊاهي پنهنجا پيرا پوءِ
ڇا ڄاڻان ڪيڏانهن راهيو آ؟
جي هت هڙيئي گڏ هيا
ٻيهار وري ڇا گڏ هوندا؟
جي گونجيا بڻجي گونجارون
ڇا ساڳيو سوئي سڏ هوندا؟
ڇا ٻيڙي هيءَ جا ويندڙ آ
هر روز مسافر چاڙهي ٿي
سا موٽي مُورِ نه اچڻي آ
جا اونداهي ڏي لاڙي ٿي
جي تون مان سانجھيءَ ويلي جو
هيءَ ڀونءُ ڇڏي جو وينداسين
ڇا سپني وانگي روپ مَٽي
ٻيهار وري هت اينداسين؟
هي ڇٻرن تي جي ماڪ ڦُڙا
هر ساڀائيءَ جو جرڪن ٿا
سي صدين کان ئي ساڳيا هِن
بس روپ نئين سان رچجن ٿا
هي موت ته ڪائي خوشبو آ
جو من ۾ گھيرٽ آڻي ٿو
هر ڪوئي سڪون سان اک پوري
ڪا ابدي مستي ماڻي ٿو
هي موت ته گھري سمنڊ جيان
ماٺار رچائي ٿو من ۾
جنهن وقت اچي ٿو پير ڌري
هٻڪار رچائي ٿو من ۾
هي موت پرينءَ جي آهي چٺي
جا هيڪر کولي پڙهجي ٿي
ٿي من ۾ ايڏي ماٺ رچي
جو ٻيهر ٻڙڪ نه ٻڌجي ٿي
جيئن سنهڙي تار کي لوڏڻ لئه
ٿو واءُ لڳي ٿا سُر نڪرن
ايئن منهنجو من ڀي لرزي ٿو
ٿا روز زبان تي گيت اچن
مون دل کي چَئِن ڏيڻ جي لا
هي مندر مسجد ٺاهيا هِن
پر مان ته فضا ۾ ڀي آهيان
مون چنڊ ستارا تياڳيا هِن
جيئن چنڊ چڙهي ٿو ها اُڀ تي
۽ عڪس انهيءَ جو پاڻيءَ ۾
پاڻي به سُڪي جي ويندو آ
ڇا هوندو عڪس پو واريءَ ۾؟
ماڻهو به ته هڪڙو عڪس آهي
جو نيٺ ته مٽجي وڃڻو آ
ٿو ڪيئن وڃي ڪيڏانهن وڃي ؟
سو راز نه ڪنهن کي ملڻو آ
ها مان تن وڃان ٿو ناوَ چڙهي
هُن موت انڌاري واديءَ ڏانهن
ٻيهار وري پر ڳائيندس
ڪنهن دور نئين جي راڳيءَ مان.