سمنڊ لُڇي ٿو
هر رات مونکي ڄڻ ڌوڏي ٿو
هر لهر لهر تي لوڏو آ
سو منهنجي من کي لوڏي ٿو
مان آڌيءَ آڌيءَ رات اٿي
ٿو اُڀ تي ڪارونڀار ڏسان
هي ٽٻڪا ٽٻڪا تارن جا
ٿا ليئا پائن لهرن مان
جئن چنڊ ڇڻي ٿو پاڻيءَ ۾
تيئن سمنڊ گھڻو ٿو شور ڪري
ڄڻ مون تي ڪائي گھات هڻي
ٿو شور هي پنهنجي اور ڇڪي
هن ٻيڙيءَ ۾ ڪا مهاڻي آ
جا مس مس ئي ساماڻي آ
ها ڏاڙهونءَ جهڙا ڳل اٿس
ڄڻ جر جي ڪائي راڻي آ
هي اک جا تارا اُپٽي ٿي
۽ اُڀ جا تارا جانچي ٿي
هو ٽيڙو هاڻي ٽڙڪيا هِن
بس ساجھر جھٽ ۾ ٿيڻي آ
هوءَ ويڙهي رڇ کي ورڻي آ
هوءَ جوڀن سان سرشار بدن
جو پاڻيءَ ساڻ پُسائي ٿي
ڄڻ سمنڊ سڄو لرزائي ٿي
ٿو جر تي جوڀن جاٽ ڪري
هي سمنڊ ڇُلي ڇُلڪاٽ ڪري
هر رات مونکي ڄڻ ڌوڏي ٿو
مان لهرن کان آلاپ وٺي
ٿو گيت لکان گرنارين جا
۽ مڌ ونتي هن مهاڻيءَ جي
ٿو مهڪ سمايان شعرن ۾
ٿو چنڊ ڏسي ۽ سمنڊ ڏسي
ٿا گُھورين تارا ماٺ ڪري
هي سمنڊ ڇُلي ڇُلڪاٽ ڪري
هر رات مونکي ڄڻ ڌوڏي ٿو
هر لهر لهر تي لوڏو آ
سو منهنجي من کي لوڏي ٿو.