شاعري

ڀرپور سمندر گرجي ٿو

هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4987
  • 689
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مشتاق سعيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڀرپور سمندر گرجي ٿو

شاعر پاران

هي ڪلهي تي ڪينرو ڪيسين وڄايان . . . !

هُو هيڪاندو ساز وڄائيندو رهيو، راءِ ڏياچ جا ڇيھ ڇڄي پيا، سمورو رنگ رتول سُرن سان سريکو ٿي پيوهو پر ٻيجل بس ڪرڻ جو نانءُ ئي نه ٿي ورتو، سندس سُرن جو آلاپ راءِ ڏياچ جي روح کي روڙي رهيو هو. نيٺ راءِ ڏياچ چئي ڏنو ته ”مڱڻا گُهر جيڪو گھرجيئي“. ٻيجل ٻوليو “تنهنجي سِرَ جو گھورو آهيان” ٻيجل مال متاع جون آڇون ٺُڪرائي ڇڏيون، سُرَ جي بدلي صرف سِرَ جي صدا هڻندو رهيو، تان جو ڪٽار سان راءِ ڏياچ جو ڪپيل ڪنڌ وٺي پوءِ راهي ٿيو. تڏهن تاريخ چيخي پئي هئي ۽ اُفق جي صفحي تي هڪ تحرير جنم ورتو ته “ سُرَ ۽ سِرَ جو ڪيڏو نه ويجھو رشتو آهي . . . !
اهي سُرَ ئي آهن جيڪي سمندر جي لهرن مان ڇڙن ٿا، اهي بي باڪيءَ سان هلندڙ هوائن جو آواز آهن، اهي سُرَ وڻن جي پڙلائيندڙ پنن ۾ به جرڪن ٿا ۽ رات جي سانت ۾ ساھ وجھن ٿا. ڪَتيءَ جي مند ۾ سارين جي سنگن جو جھومڻ ۽ مهاڻي جي رڇ اڇلڻ سان پاڻيءَ ۾ شپڪو ٿيڻ به ته سُرَ ئي آهن. ڪوئل جي لات ۽ ٻاٻيهن جي ٻوليءَ کان ويندي ڪانگن جو ڪانگيرو به ته هڪ آلاپ آهي، اهي آلاپ ۽ سُرَ ئي آهن جي ڪائنات ۽ زندگيءَ جي محور کي جڪڙيو بيٺا آهن.
ميران ٻائيءَ جي سُرندي نه صرف انسانن جي ٺاهيل هٿرادو قانونن ۽ تهذيبن جا بکيا اڊيڙيا پر هڪ نئين تاريخ به جوڙي، سُرَ ۽ سنگيت جي هڪ تاريخ جا زندگيءَ جي خمير مان جڙيل آهي. اڪيلائيءَ ۾ اکيون پوري غور ڪريو ته ساھ جي رواني به هڪ سُرَ جيان ڀاسندي، آئون سُرَن جي انتها ۽ گھرائيءَ جو متلاشي رهيو آهيان، مون آدجڳاد کان وٺي واري واري سان ڪيترائي هڪ طرفا ۽ ناڪام عشق ڪيا آهن ۽ هر ناڪام عشق جي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تي مونکي سُرن سهارو ڏنو آهي، آئون تڏهن به سُرَن جي تلاش ۾ هوس جڏهن هن روءِ زمين تي انسانذات نه هئي، جڏهن چنڊ ڌرتيءَ کي ويجھو هو ۽ گرم ڌرتي آهستي آهستي ٿڌي ٿي رهي هئي. جڏهن زندگي ارتقا جي شروعاتي مرحلن ۾ هئي، ها آئون تڏهن به هوس ۽ سُرن جي تلاش ۾ هوس.
جڏهن انسان نه هئا تڏهن مون وڻن سان محبت ڪئي هئي، آبشارن ۽ پهاڙن سان محبت ڪئي هئي، تيز گھُلندڙ هوائن سان محبت ڪئي هئي، ۽ پوءِ جڏهن انسان ارتقا جا مرحلا طئه ڪري حَسين روپ ۾ رچجي ويو تڏهن مون انسانن سان محبت ڪئي ۽ مون هميشه هڪ طرفي محبت ڪئي آهي، محبت جي بدلي ۾ محبت نه گھري اٿم، اهوئي سبب آهي جو آئون هڪ طرفي محبت کي محبت جي تڪميل سمجھندو آهيان.
آئون تڏهن به ڳائيندو هوس جڏهن ڌرتي تي انسان نه هئا ۽ آئون اڄ به ڳايان ٿو جڏهن لکين انسانن جي گھيري ۾ آهيان، مون لاءِ سُرَ زندگي آهن ۽ آئون فطرت کي هر ڀيري رابندرناٿ ٽئگور جون هي سِٽون ڳائي ٻڌائيندو آهيان ته،
”هن ڪمزور ٿانَوَ کي تون وري وري خالي ڪرين ٿو،
۽ پوءِ وري وري پاڻ ئي ان کي نئين زندگي سان پُر ڪرين ٿو“
آئون ائين محسوس ڪندو آهيان ته جڏهن “وليم ورڊس ورٿ” صبح ساجهر جي وقت ”ويسٽ منسٽر برج“ وٽان بيهه لنڊن شهر جو حُسن ڏٺو هو ۽ کيس سڄو شهر ننڊ ۾ ستل پر ڪنوار جيان سينگاريل محسوس ٿيو، آئون ڄڻ ته تڏهن به ساڻس گڏ هوس ۽ مون به ان سونهن کي پنهنجي احساسن ۾ محسوس ڪيو هو. ورڊس ورٿ جڏهن جبل تي چڙهي رهيو هو ته جبل جي ڀر واري واديءَ ۾ ڳوٺاڻي حَسين ۽ موهيندڙ ڇوڪريءَ کي ڏٺو هئائين، جيڪا اڪيلي سِر ڏانٽي سان فصل جي ڪٽائي ڪري رهي هئي ۽ ڪو درديلو گيت ڳائي رهي هئي، تڏهن به آئون ساڻس گڏ هوس، مون ان ڪنواري ڳوٺاڻي ڇوڪري کي گُھوري ڏٺو هو، سندس حُسن آڏو تهذيبن جي تاريخن جا ڪنگرا به ڪِرندي محسوس ٿيا هئا، وليم ورڊس ورٿ پنهنجي نظم ”ساليٽري ريپر“ ۾ لکيو آهي ته ” هُن لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جو آواز ان ڪوئل جي آواز کان به وڌيڪ موهيندڙ هو جيڪا عربستان جي وارياسن ميدانن ۾ کجيءَ جي وڻ تي ويهي مٺڙي آواز سان مسافرن جا ٿَڪَ دور ڪندي آهي“.
آئون ورڊس ورٿ سان تڏهن به گڏ هوس، جڏهن هُن برفاني پهاڙيءَ تي طوفاني رات ۾ مري ويل خوبصورت ڇوڪري ”ليوسي گري“ کي مري وڃڻ کان پوءِ به وادين ۽ ميدانن ۾ هوائن سان گڏ ڳائيندي ٻُڌو ۽ ڏٺو هو ۽ نظم ”ليوسي گري“ لکيو هئائين. ورڊس ورٿ ته هليو ويو پر آئون اڄ به ليوسي گري جا هوائن سان گڏ گيت ٻُڌي رهيو آهيان.
آئون سُرَن جي تلاش ۾ هوس، آهيان ۽ هميشه رهندس، آئون شيخ اياز جي اها سِٽِ بنجي پيو آهيان جنهن ۾ اياز چيو هو ته ”ڪنهن سائي پن تي ماڪ ڦڙا ٻيهار ڏسي مان ڳائيندس . . . !“ آئون هر ڀيري هڪ طرفو عشق ڪندس ۽ هڪ درديلو گيت ڳائيندس ۽ پوءِ تاريخ جي دز چڙهيل ورقن ۾ ڍڪجي ويندس . . . !
اي منهنجي جوانيءَ جا دوستو، اوهان کي قسم آهي انهن محبوبائن جو جن سان توهان بي پناھ محبت ڪريو ٿا، جڏهن آئون مَري وڃان تڏهن منهنجي قبر تي اچي ڪي درديلا گيت ضرور جھونگارجو، ڇو ته مونکي سُرن سان محبت آهي، آئون جنم جنم ۾ گيتن ۽ سُرن سان رچجڻ چاهيان ٿو ۽ بي معنى زندگيءَ کي ڪا معنى ڏيڻ چاهيان ٿو... !
آئون محترم يوسف سنڌي، ۽ سچائي اشاعت گھر جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجا هي گيت جيڪي مون ولھ ٺاريل راتين ۾ اڌ رات جي سانت ۾ ننڊاکڙين اکين سان لکيا هئا، سي منظر عام تي آندا جو منهنجي بي معنى زندگيءَ کي ڪا معنى ملي سگھي، آئون پنهنجن پيارن دوستن اياز امر شيخ، شيراز گل ميمڻ ۽ عزيز سرواڻ جو پڻ ٿورائتو آهيان جن جي محنتن سان هي ڪتاب سهيڙجي سگھيو.
اوهانجو پنهنجو
مشتاق سعيد
03332723101