پن نه پنهنجا ڇاڻ، پن نه پنهنجا ڇاڻ، ڇانو ڏي ٿوري اڃان..! پپر تنهنجي پاڙ ۾، سانوڻ جي سُرهاڻ، ٿڪ مسافر ٿو ڀڃي،ايندي تو ڏي هاڻ، بلبل ڀيرا ٿي ڏئي، بسنت جو اُهڃاڻ، تنهنجي سِرَ تي ڇانورو، اُڀ جي آ نِيراڻ، ڇانو ڏي ٿوري اڃان..!