الطاف سنديون چند يادون
شخصيت جي حوالي سان ياد اچن ٿا، هدايت بلوچ صاحب جا الفاظ جيڪي هن پنهنجي مضمون ”مٺڙو ماڻهو - الطاف شيخ“ ۾ چيا آهن. پاڻ لکي ٿو ته: ”الطاف نه ڪميونسٽ آهي، نه ڪامريڊ آهي، نه سوشلسٽ آهي، نه ڪيٽلسٽ نه فاشٽ آهي. هن ۾ ڪوبه ”ازم“ ناهي. هو هڪ سچو ۽ صاف سنڌي آهي ۽ سندس سموري ڪمٽمينٽ سنڌ سان آهي.“ جناب حسن درس پڻ پنهنجي لکڻي ”الطاف شيخ - پراڻو جهازي“ ۾ سؤ في صد درست فرمايو آهي ته: ”الطاف شيخ پنهنجي طبيعت ۾ جپانين جيترو محنتي، انگريزن وانگي اصول پرست، فرينچن جهڙو مهذب، جرمن جهڙو قومپرست، ايرانين جهڙو مغزمار، ترڪن جهڙو ڊپلوميٽ، ۽ پڙهيل لکيل پٺاڻن جهڙو مذهبي آهي.“
هي ته هئا ڪجھه مهربانن جا Comments مٺڙي الطاف جي باري ۾. پر مون تي، هِڪَ ئي ڳوٺ بلڪ، هڪ ئي برادري جي فرد هئڻ جي ناتي، ڪجھه زياده ئي فرض ٿو عائد ٿئي ته پنهنجي محسن جي باري ۾ ڪجھه لکان. اُهو ڪِي ڪجھه لکان جيڪي ڪجھه مون حقيقت جي دنيا ۾ ڏٺو ۽ وائٺو.
شَلَ ياد رهن آباد رهن
الطافَ سنديون هي يادون
هالا جو مخدوم خاندان ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. مخدوم نوح رحمة الله عليه جهڙا بزرگ، مخدوم غلام محمد جهڙا درويش، مخدوم غلام حيدر جهڙا علم دوست ۽ مخدوم طالب الموليٰ جهڙا خادم الادب ڪنهن کان به نه وسربا. مخدوم خاندان جي وڏن جي اِها پَر هوندي هئي ته هو هالا ۾ وسندڙ قومن ۽ ماڻهن تي سندن مزاج مطابق مخصوص نالا رکندا. مثلاً محمد يعقوب ڪهڙو؟ ته جي بي بي سي (BBC). بي بي سي ان ڪري جو مرحوم، شهر جو حال احوال ڪچهرين ۾ ائين اچي پيش ڪندو هو ڄڻ، BBC تان خبرون پيون نشر ٿين. عبدالشڪور ڪهڙو؟ ته جي ”ٽَلي“ ڇو جو مرحوم، هر ڳالهه ۾، هر ڪم ۾ اٽڪلون پيو ويڙهائيندو هو. هالا ۾ اڄ به نسل در نسل، سهوليت ۽ سڃاڻپ خاطر، مخدومن جي طرفان مختلف ذاتين تي رکيل نالا هلندا پيا اچن. ڪي ڀوتا ته ڪي ڀتر، ڪي ککڙا ته ڪي مرچ، ڪي موڏر ته ڪي مجاور، ڪي ڪسيرا ته ڪي ريڊيا، ڪي گدڙ ته ڪي بگھڙ، ڪي جُمڙا ته ڪي جمناڻي، ڪي متقي ته ڪي زاهداڻي، ڪي ٽِٽَ ته ڪي ٽنڊڻ، ڪي قاضي ته ڪي ڪنهاڙ، ڪي ڊِمرَ ته ڪي ڊاسوڙي ۽ ڪي ٻوڙ ته ڪي ٻاجھنئاڻي سڏبا پيا اچن.
ٻين ذاتين وانگر هالا جا ابڙا ۽ شيخ به ”ملان برادري“ جي نالي سان سڃاڻا وڃن ٿا. مخدوم خاندان وٽان انهن کي ”وڪيلاڻي ملان“ جو لقب ان ڪري مِليو جو، اِهي ٻئي قومون علم دوست سمجھيون ٿي ويون. چيو وڃي ٿو ته ابڙو محمد عيسى جنهن جي مزار، مخدوم نوح رحمة الله عليھ جي درگاهه شريف ۾ آهي، سو مخدومن جي لکپڙهه جو ڪم سنڀاليندو هو. هالا جي ابڙن ۽ شيخن هميشھ پاڻ کي هڪ ئي برادري تصور ڪيو آهي. مرڻو پرڻو، اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، هڪ ٻئي جي منهن تي ويهڻ، هڪ ٻئي سان سڱاونديون ڪرڻ. هر ڳالهه ۾ اِهي هڪ رهيا آهن. ڀَتُ چاهي ڪاڄ جو هجي يا ڪُنيءَ جو. ابڙا ۽ شيخ هميشھ پاڻ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ لائي هليا آهن. انهيءَ ملان برادري جو بي بها موتي آهي الطاف شيخ.
الطاف شيخ مون کان عمر ۾ چار سال کن وڏو آهي. منهنجي مامي مرحوم افضل قاضي سان گڏ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. افضل هڪ غريب ڪلارڪ ۽ الطاف هڪ ناميارو انجنيئر. پر هُن ڪڏهن به غريبي اميري جو فرق محسوس نه ڪيو. مون وارو مامون جيڪو بهترين آرٽسٽ هو، اُن جي اڳيان پويان ”ماملُو ماملُو“ يا ”ادا محمد“ ڪري پيو هلندو هو. طبيعتاً الطاف ڏاڍو سلڇڻو هو جڏهن ته سندس ڀاءُ اشفاق شيخ ذرا ڏنگو هوندو هو. کيس جي ڪڏهن ڪنهن راند يا ڊرامي ۾ نه کڻندا هئا ته همراهه ماٽو کڻي اچي ”وڏي گھر“ (اُها جاءِ جتي اهي کيل تماشا ٿيندا هئا) ۾ ڀڃندو هو يا گھر جي پوڙهين پَڪين کي گڏ ڪري کڻي گھرکي مٿي تي کڻندو هو. پوءِ اوهان کي خبر آهي ته: ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.“
سٻاجھڙي الطاف جي باري ۾ مون کي ياد آهي ته جڏهن هُو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو پڙهڻ لاءِ پئي ويو ته پوري ملان برادري بلڪ، سڄي شهر ۾ اهو ئي چرچو عام هو ته گل محمد شيخ جو پٽ ٻاهر پيو پڙهڻ وڃي. مائٽن کي شاباس هجي جو هيڏڙي ٻار کي کڻي پرديس ڇڏيو اٿن. (ان وقت جي ماڻهن لاءِ پيٽارو ڪنهن پرديس کان گھٽ نه هو) جي ڪڏهن آئون غلطي تي نه هجان ته هالا جو پهريون ڪئڊيٽين الطاف شيخ ئي سمجھيو وڃي ٿو يا شايد ڪو انصارين منجھان به کڻي هجي.
مون کي اُهو ڏينهن چٽي طرح ياد آهي جڏهن الطاف جي انٽر جي رزلٽ آئي هئي. تقريباً شام جو پهر هو. الطاف منهن تي ٻانهن ڏيئي، روئڻهارڪي انداز ۾ عيدن شاهه جي اوطاق جيڪا ان وقت الطاف جي ڀيڻوئي ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ جي اسپتال هئي، ان طرف وڃي رهيو هو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته انٽر پري انجنيئرنگ ۾ الطاف سيڪنڊ ڪلاس ۾ آيو آهي جنهن جي ڪري هُو نراس ۽ اُٻاڻڪو آهي. شايد ان ڪري به پريشان هو ته ماڻهو ڇا چوندا ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهڻ واري به کنيو سوئي سيڪنڊ ڪلاس. پوءِ باقي ايڏن خرچن ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو. خير، الطاف ڀاء جي لاءِ اِهي ڪاغذي ڊگريون ڪا اهميت نٿيون رکن، هُن جي اندر جي صلاحيت هُن کي مئرين جي دنيا ۾ کڻي ويئي ۽ الله تعالى هن کي جا ناموس ڏني آهي سا ڪن ڪن کي نصيب ٿيندي آهي.
اها ڳالهه آئون پهرين به ٻڌائي چڪو آهيان ته هالا ۾ ابڙا ۽ شيخ علمي گھراڻا تصور ڪيا وڃن ٿا. انهن ۾ ننڍپڻ کان وٺي شاعري، افسانه نگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ادبي صنفن جي سُتي پيل هوندي آهي. ڀلو ٿئي منصور ويراڳي، استاد غلام رسول غلام ۽ انور هالائي جهڙن مانجھي مردن جو، جن گھٽين ۾ به ادبي محفلون مچائي ٿي رکيون. آئون مئٽرڪ ۾ هوندس جڏهن ”الخالق ادبي ادارو“ جيڪو مرحوم استاد غلام هالائي جي سرپرستي ۾ هلندو هو، اُتي هڪ ادبي روح رهاڻ ٿي جتي ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ، عبدالحميد شهيد ۽ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي جهڙا ليکڪ موجود هئا. مون کي ياد آهي ته اُتي الطاف شيخ ”اناميڪا“ نالي ڪهاڻي پڙهي هئي. تڏهن هو تازو مشرقي پاڪستان (بنگلاديش) مان وريو هو. مون پڻ پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”اڃا آرياڻي اڳي ٿيو“ پڙهي ته ادي الطاف منهنجي پٺي ٺپري مون کي شاباس ڏني. شايد ان ڪري، جو آئون سڀني ۾ ننڍي عمر جو ليکڪ هوس ۽ اهڙي طرح وقت بوقت ادي الطاف سان مختلف محفلن ۾ ملاقاتون ۽ ادبي رهاڻيون ٿينديون رهيون.
مون کي اڄ به ياد آهي ته انٽر سائنس پري انجنيئرنگ ڪرڻ کان پوءِ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ چونڊجي ويس پر ڪن سببن جي ڪري اتي Join ڪري نه سگھيس ۽ اڃا ارڙهن سال عمر به ڪانه هئي ته وڃي ڪلارڪي سان لڳس. اتائين خبر پئي ته آرمي ۾ Junior Commission Officers لاءِ انٽرويو آهن. حجت ساري، ادا الطاف سان ميٺارام هوسٽل ۾ وڃي مليس. انهيءَ ئي گھڙيءَ، ياماها موٽرسائيڪل کنيائين ۽ سڌو آيو ڀرتيءَ واري دفتر ۾. انچارج آفيسر ڪاغذ جمع ڪري الطاف شيخ کي چيو ته: ”هاڻي تون ئي کڻي انٽرويو وٺ. ڀلا تنهنجي هوندي اسين ڇوڪري کان ڇا پڇئون؟“ ته اِها هئي ادي الطاف جي عزت ۽ احترام. خير، عمر جي چڪر جي ڪري آئون چونڊجي ته نه سگھيس پر منهنجي خيال ۾ ادا الطاف پاڻ ملهايو نه ته ڪٿي اسين غريب ۽ ڪٿي الطاف جهڙا تونگر پر نه هٺ نه وڏائي اهڙا ماڻهو ورلي ملندا.
ڪهڙيون ٿا خبرون پڇو الطاف ڀاءَ جون. ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪيم ته الطاف شيخ پاڻ هلي آيو گھر مبارڪون ڏيڻ. همراهه کي خوشي ائين پئي ٿي ڄڻ سندس سڳي ڀاء ڪو وڏو کيڄ کٽيو هجي. هن کي خوشي ان ڳالهه جي به هئي ته هڪ غريب جي ٻار پنهنجي همت سان انگريزي ادب جهڙي ڏکئي مضمون ۾ First Attempt ۾ سيڪنڊ ڪلاس کڻي ملان برادري جو ڪَرُ مٿي کنيو آهي ۽ انگريزي ادب ۾ هالا جو پهريون ”سيڪنڊ ڪلاس پوسٽ گريجوئيٽ“ هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو اٿس. ان کان پوءِ الطاف شيخ جڏهن به ٻاهرئين ملڪ کان ايندو هو ته ڪلهن تي ڪتابن جون ڀَريون کڻي اچي پنهنجي هٿن سان ڏيندو هو. هڪ دفعي چيومانس ته: ”ادا الطاف، هيءَ هيڏي تڪليف ڇو ٿا ڪريو. خرچ ڪري اچيو در تي ڪتاب ٿا پهچايو. ٻيو نه ته مون کي ئي نياپو ڪريو ها ته اچي حاضر ٿيان ها.“ ان تي الطاف مسڪرائيندي وراڻيو: ”ادل (خانداني ڪوڏاڻي جو نالو) تو تي ڪو ٿورو ڪونه ٿو ڪريان. اسان ڪتابن جون ڳوڻيون تور تي ائين وٺندا آهيون جيئن ڪي پٺاڻ ڳٺڙين ۾ لُنڊا جو ڪپڙو خريد ڪن. پوءِ جنهن جنهن ڪتاب جا هڪ کان وڌيڪ Piece نڪرندا آهن ته اوهان جهڙن ادب دوستن کي اُهي ڪتاب پهچائيندو آهيان.“ قمر شهباز پنهنجي لکڻي ”پيار جو پانڌيئڙو الطاف“ ۾ بجا فرمايو آهي ته: ”(الطاف) فٽ پاٿ تان مفت جا ڪتاب ميڙي اچي جهاز ۾ مطالعو ڪندو، اهي ڪتاب بعد ۾ ملڪ موٽڻ تي گاڏي ڀري هرهڪ دوست جو در کڙڪائي تحفي طور ورهائيندو ويندو.“
”الطاف شيخ - ماڊرن سنڌ باد“ ۾ حسن مجتبى صاحب لکيو آهي ته: ”الطاف شيخ ٻين ٻولين ۽ ٻاهرين دنيا وٽ گھڻو ڪري ”گمنام ليکڪ“ طور رهجي ويو. هُو جيڪڏهن سنڌيءَ سان گڏ پنهنجا سفرناما اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکي ها ته هو اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ مهانگو Travel Writer هجي ها.“
مون کي اها ته خبر ناهي ته الطاف شيخ جي سفرنامن جا ترجما انگريزي يا اردو ۾ ڇپيا به آهن يا نه. پر ايتري ضرور ڄاڻ اٿم ته الطاف اِنَ ڏَسَ ۾ ڪوششون ضرور ورتيون آهن. ڪافي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ادا الطاف شيخ مون وٽ پنهنجو ڪتاب ”بندر ۽ بازاريون“ کڻي آيو ۽ مون کي ان جي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ چيائين. Offer ته تمام ڀلي هئي. بين الاقوامي سطح تي هڪ سٺو Platform مهيا پئي ٿيو پر سچ ڪري پڇو ته الطاف جي غير روايتي ۽ محاوراتي اندازِ تحرير کي ڏسي ڪري سينو ساهي نه سگھيس. تنهن سان به تجرباتي طور تي ڪتاب جا ٻه باب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏنامانس. آئيني ۾ مون کي پنهنجي ئي شڪل نه پئي وڻي ته ڀلا ٻئي کي ڪيئن وڻندي؟ هونئن به آرٽسٽ ٿيڻ لاءِ ڪنهن سٺي آرٽ کي ڏسڻ ضروري آهي ۽ سٺي مترجم ٿيڻ لاءِ سٺا ترجما پڙهڻ انتهائي ضروري آهن. بهرحال، ادي الطاف جا وڏا وڙ جو مون نماڻيءَ کي نوازئين. مون سان مڙيئي ادا الطاف جو قرب ڪجھه زياده ئي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏيساور ۾ به اسان ڏوٿين کي نه وساريائين. مون کي اڄ به ياد آهي ته: ” 1984 برونائي دارالسلام نئون نئون آزاد ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ الطاف شيخ ملائيشيا ۾ پڙهائيندو هو جڏهن ته آئون سروري اسلاميه ڪاليج ڊگري هالا ۾. اوچتو، الطاف شيخ جو خط مليو. خوشي به ٿي جو هن پهريون دفعو مون ڏانهن خط لکيو هو. کوليان کڻي ته منجھائنس چند تصويرون نڪتيون جن ۾ الطاف شيخ، مرحوم محمد خان جوڻيجو وزير اعظم پاڪستان سان گڏ هو. (جوڻيجو صاحب ان وقت مليشيا جي دوري تي آيل هو.) انهن تصويرن سان گڏ هڪ ائڊورٽائيزمينٽ به ڏياري موڪليائين جنهن ۾ برونائي وارن کي ليڪچرر گھربل هئا. الطاف مون کي به Apply ڪرڻ لاءِ لکيو. ڀلا، ڪير ٿو ائين ڪنهن کي ياد رکي؟؟“
ته سڄڻو! هي آهن اُهي چند يادون جيڪي منسلڪ آهن پيار جي پانڌيئڙي، نمرتا ۽ نماڻائي جي پتلي، ڏات ۽ ڏانءَ جي ڌڻي، سچ ۽ سونهن جي سيلاني، سفرنامن جي سرواڻ، سنڌ جي سنڌباد، ابن بطوطه ۽ مارڪوپولو ۽ سنڌ جي جوزف ڪانرڊ الطاف شيخ سان. جن يادن کي ياد ڪندي هڪ خاص قسم جو سرور ٿو محسوس ٿئي شايد ان ڪري جو بقول Keats:
A thing of beauty is a joy forever.
(هر حَسين شيءِ، هميشھ لاءِ قابلِ تسڪين هوندي آهي.)
[b]ابڙو عبدالفتاح عبد هالائي
[/b]Tel no. 0336 281 6987