دنيا جو مهانگو ترين ملڪ: جپان
جپان مهانگو ملڪ ضرور آهي پر دنيا ۾ امير ماڻهن جي به ته کوٽ ناهي. هينئر هڪ تازي رپورٽ پئي پڙهيم ته دنيا جي 141 ملڪن مان جتي ماڻهو گهمڻ ۽ سير سپاٽي لاءِ گهڻا وڃن ٿا، انهن ۾ جپان چوٿين نمبر تي آهي. پهرين نمبر تي پڪ ٿائلينڊ، انڊيا، مصر يا اسپين جهڙو ملڪ هوندو. گذريل سال جپان ۾ 25 ملين يعني اڍائي ڪروڙ ٽوئرسٽ مختلف ملڪن کان آيا. ڏٺو وڃي ته ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي آهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هر سياح فقط هڪ هزار رپيا خرچ ڪري ته به ملڪ کي اربين رپيا انڪم ٿيو وڃي .... جيتوڻيڪ هڪ هزار ته ڪجهه به نه آهي.... انڊيا گهمڻ واري جو ئي هوٽل، ٽئڪسين، کاڌي پيتي تي لک رپيا خرچ اچيو وڃي ۽ سوچيو ته انڊيا ڪيڏو فائدي ۾ رهي ٿو.... اسان جو ملڪ به انڊيا وانگر ٽوئرزم مان ڪمائي سگهي ٿو جو ٽوئرسٽن جي ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ جهڙيون انڊيا ۾ تاريخي جايون، مندر مسجدون، پهاڙي اسٽيشنون، جبل، جهنگل آهن اهڙيون شيون اسان جي به ملڪ آهن جو انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش هڪ ئي ننڍي کنڊ، هڪ ئي ڪلچر ۽ ثقافت جو حصو آهن پر اسان وٽ امن امان، ٽوئرسٽ لاءِ سفر، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سهولتون نه آهن. ان ڪري ڌاريان ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ اچڻ کان لنوائين ٿا.
جپان ۾ مهانگائي آهي پر بيحد امن امان آهي ۽ انسانيت جو خيال رکيو وڃي ٿو - سعودي عرب ۽ ڪويت کان به وڌيڪ! کاڌي پيتي جي به هر شيءِ نج، صاف سٿري ۽ تازي آهي. ٽوئرسٽ کي اهو ڊپ نٿو رهي ته پاروٿي مڇي، مردار ڪڪڙ يا ڪني تيل ۾ فراءِ ٿيل شيون کائي پرديس ۾ بيمار ٿي پوندس. افسوس جو اعليٰ معيار جي اميد اسان جي فائيو اسٽار هوٽلن مان به رکي نٿي سگهجي.
جپان ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڇا ڇا ڏسڻ اچن ٿا؟ جپان ۾ ڪيترائي تاريخي يادگار ۽ مندر آهن جن مان 21 ته World Heritage Sites آهن. ڪيوٽو ۽ نارا جهڙا تاريخي شهر آهن جتي گولڊن مندر کان گوتم ٻڌ جو وڏو مجسمو آهي. ٽوڪيو، هيروشيما، ناگاساڪي جهڙا شهر آهن. ماڻهو فيوجي جبل ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، هتي جي تيز رفتار ريل گاڏين (Shinkansen) ۾ چڙهڻ جو شوق پورو ڪن ٿا، هتي جي روايتي مسافر خانن ۾ رهڻ جو تجربو حاصل ڪن ٿا، چمڙيءَ جي مختلف بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جپان مان نڪرندڙ مختلف ڪيميڪلز وارن چشمن ۾ وهنجن ٿا، بهار جي موسم ۾ سَڪورائي گلن کي ڦٽندو ۽ ڪيوٽو جي رستن تي چوڏهن سينگار ڪري هلندڙ گيشائن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ ٽوئرزم هاڻ صدي ڏيڍ کان شروع ٿي آهي نه ته دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ ٽوئرزم هئي؟ ڪٿي هئي سواري ۽ پرديس ۾ رهڻ جو بندوبست؟ ماڻهو مجبوريءَ جي حالت ۾ پيرين پيادو يا وڌ ۾ وڌ گهوڙي تي سوار ٿي ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو ٿي سو به سج لٿي کان اڳ پنهنجي ڪکن ۾ موٽي آيو ٿي.... هو ڪنهن حڪيم کان دوا درمل وٺڻ يا ڪنهن ڀوپي کان ڌاڳو وٽائڻ يا فال ڪڍرائڻ لاءِ ويو ٿي يا پنهنجي ڪنهن دوست يا عزيز کان اڌارا ورتل پئسا واپس وٺڻ لاءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو ٿي. قدرت جا نظارا پسڻ ۽ Sight Seeing لاءِ جنهن پهرين جپانيءَ جو پراڻو احوال ملي ٿو اهو جپاني شاعر ماتسو باشو (Matsuo Basho) آهي. هو هائيڪو (جپاني شاعريءَ) کان دنيا ۾ مشهور آهي. هن 1644ع ۾ انهن ڏينهن جي ايڊو شهر (جيڪو هاڻ ٽوڪيو سڏجي ٿو) ان مان وهندڙ ندي سميدا جي ڪناري تي هڪ جهوپڙيءَ ۾ جنم ورتو ۽ ان ۾ 1694ع ۾ وفات ڪئي. پاڻ روزگار خاطر ٽيچر ٿي رهيو پر سندس شوق شعر و شاعري ۽ زين ڌرم سان هو. هن کي هيڏانهن هوڏانهن اوڀر اولهه ۽ اتراهن علائقن جي ويرانن ۾ گهمڻ ڦرڻ جو ڏاڍو شوق هو، جيئن مختلف نظارا پَسي هن کي دماغ ۾ لکڻ لاءِ مواد پيدا ٿئي. انهن ڏينهن ۾ يعني سترهين صديءَ ۾ جپان ۾ ائين نڪري پوڻ ڪو باحفاظت طريقو نه هو. چورن ڌاڙيلن کان علاوه جهنگلي جانورن جو به خوف هو. چون ٿا ته ماتسو باشو پنهنجي زندگيءَ مان ايڏو بيزار هو جو چوندو هو ته ڪو جانور مون کي کائي ته ڀلي کائي وڃي. ماتسو شاعر جو هڪ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب The Narrow Road To the Deep North آهي، جيڪو جپاني ڪتاب Oku No Hosomichi جو ترجمو آهي. ان ۾ ماتسو جي سفر جو احوال آهي، جيڪو هن 1643ع ۾ ايڊو (ٽوڪيو) کان شروع ڪيو ۽ 150 ڏينهن اتر طرف 1500 ميل پري اوگاڪي (Ogaki) تائين جاري رکيو. هن سفر دوران ماتسو باشو رستي تي نظر آيل مندرن ۽ يادگار جاين جو احوال پنهنجي هائيڪو شاعريءَ ۾ لکيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته ماتسو جي ڏينهن ۾ ماڻهن ۽ سوداگرن جو ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيو هو ۽ جپان جي چئن پنجن مشهور رستن (Routes) تي انهن جي رهائش لاءِ مختلف هنڌن تي مسافر خانا ٺهڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ انهن سان گڏ گهوڙن لاءِ اصطنبل ۽ ٻيون وندر جون شيون...... جهڙوڪ ماني ٽڪيءَ جون هوٽلون، مئخانا، ناچ گهر، رنڍي خانا وغيره پڻ هئا. هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته انهن ڏينهن ۾ هي عورتون امير مسافرن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ پنهنجي رهائش گاهه جي دڪين تي لوڻ ڇٽي ڇڏينديون هيون جيئن هنن جا گهوڙا لوڻ جي ڪشش تي هنن عورتن جي در تي بيهي لوڻ چَٽين تيسين مٿن سوار ان گهر جي عورت وٽ رات رهڻ جو معاملو طيءِ ڪري وٺن.
اسان وٽ سنڌ هند ۾ به سترهين صديءَ ۾ يعني مغل شهنشاهه اورنگزيب جي ڏينهن ۾ (1707-1618)، گروگوبند سنگهه (1666)، يا ايران جي نادر شاهه (1688) جي ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ريل گاڏيون يا موٽر ڪارون؟ ڏاند گاڏيون هلڻ لاءِ به پورا رستا نه هئا! اڄ جي دور ۾ ته روز ڪراچيءَ کان پشاور يا اسلام آباد بسون وينديون رهن ٿيون. اونهاري جي موڪلن ۾ والدين ٻارن کي چترال ۽ گلگت تائين وٺيو وڃن. انهن شهرن کان ويجها شهر ته احمدآباد بڙودا، بيڪانير، ممبئي آهن پر سياسي سرحدن ۽ ويزا پاسپورٽن ڪري اسان جو اوڏانهن پهچڻ ايڏو سولو ناهي. پر سترهين صديءَ ۾ جڏهن يڪو هندوستان هو ۽ جيتوڻيڪ پاسپورٽن جا چڪر نه هئا پر سواري به اڄ واري نه هئي. ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پنڌ ويا ٿي يا وڌ ۾ وڌ گهوڙي يا گڏهه تي. اسان جي سنڌ جي ماڻهن لاءِ لاهور يا پشاور ڏي پنڌ وڃڻ بدران اڄ جي انڊيا جي گجرات، ڪڇ ۽ راجستان جي شهرن ۾ پهچڻ سولو ڪم هو.
جپاني شاعر ماتسو باشو جو احوال پڙهي مون کي پنهنجو سنڌ جو شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي ياد ايندو آهي. هن کڻي ماتسو وانگر پنهنجي سفر جو ڪو سفرنامو نه ڇپرايو پر سندس بيتن مان صاف لڳي ٿو ته شاهه لطيف تمام گهڻو سفر ڪيو، ويندي دريائي ۽ سامونڊي پڻ جنهن جي ثابتي ان مان ملي ٿي ته شاهه لطيف کي مختلف شهرن، ماڻهن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. مزي جي ڳالهه ته شاهه لطيف کڻي ماتسو باشو جو هم عمر نه هو پر همعصر ضرور هو. شاهه لطيف ماتسو جپاني شاعر کان 45 سال ننڍو هو. ماتسو 1644ع ۾ ڄائو هو ۽ شاهه لطيف 1689ع ۾! ماتسو باشو پنهنجي هائيڪو نما شاعريءَ ۾ فقط جپان جي مختلف جاين جو احوال لکيو آهي پر شاهه لطيف نه فقط سنڌ جو پر اوسي پاسي جي شهرن استنبول (ترڪي)، مدينه، جاوا (انڊونيشيا)، لنڪا (سلون)، عدن (يمن) وغيره جو پڻ. جپاني شاعر جپان کان ٻاهر جي دنيا کان ان ڪري اڻ واقف هو جو انهن ڏينهن ۾ جپان سخت Isolation ۾ هو. جپان جي حڪومت نه ڌارئين کي جپان ۾ گهڙڻ ڏنو ٿي ۽ نه پنهنجن کي ٻاهر وڃڻ ڏنو ٿي. هوڏانهن اسان ڏي ٺٽو، ديبل وغيره مشغول بندرگاهه هئا جتان عربستان ڏي يا سريلنڪا، جاوا، سماترا، ملايا توڙي چين ڏي ويندڙ جهاز ترسيا ٿي جن سان مڪاني ماڻهن جي خبر چار ٿي ٿي. اسان جا سنڌي (خاص ڪري هندو) ڪاروبار خاطر جهازن ذريعي ڪولمبو ۽ جاوا ويا ٿي ته گڏهن گهوڙن تي خشڪي ذريعي بصري بخارا کان وڃي نڪتا ٿي.
جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ- جنهن کي انگريزيءَ ۾ Isolated ۽ جپانيءَ ۾ Sakoku (ساڪوڪُو) سڏين ٿا، يعني بند ملڪ هو، سو به ڪو ڏهه ويهه سالن لاءِ نه رهيو پر پورا 220 سال 1633 کان 1853 تائين رهيو. جنهن ۾ نه ڪو جپاني پنهنجو ملڪ ڇڏي چين، ڪوريا، ملايا يا فرانس، انگلنڊ وڃي سگهيو ٿي ۽ نه ڪو ڌاريون جپان جي سرزمين تي قدم رکي سگهيو ٿي. ماتسو باشو ڏهه کن سالن جو هو ته ان وقت جي حاڪمن توڪوگاوا شوگنيٽ (Tokugawa Shogunate) گهراڻي جپان کي بند ملڪ بنايو. شاهه لطيف واري سڄي عمر 1689ع کان 1752ع تائين ته جپان بند رهيو. ٿي سگهي ٿو جپان کليل هجي ها ۽ اسان جو ڪو سنڌي هندو واپاري جاوا ۽ لنڪا وانگر جپان به وڃي پهچي ها ۽ ان کان يا ڪنهن گجراتي، عرب يا پورچوگالي واپاري/ ناکئي کان معلوم ڪري هو ضرور جپان جو ذڪر به پنهنجي بيتن ۾ ڪري ها. يعني ممڪن ٿي پوي ها. پر شاهه لطيف جي ڄمڻ کان 56 سال اڳ ئي جپان ڌارين لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي ڪڏهن کليا، 1853 ڌاري .... يعني شاهه لطيف جي وفات بعد پورن سئو سالن کانپوءِ! سو جپان جي خبر نه شاهه لطيف کي پئجي سگهي نه سچل سرمست کي جيڪو 1739ع ۾ ڄائو ۽ جنهن 1827ع ۾ وفات ڪئي.
جيتوڻيڪ اڄ اهي ڳالهيون سوچي عجيب ٿو لڳي جو اڄ اسان بند ڪمري ۾ رهي ٽي وي نيٽ ذريعي سڄي دنيا جي خبر معلوم ڪري سگهون ٿا پر انهن ڏينهن ۾ سورهين، سترهين، ارڙهين صديءَ ۾ ڪٿي هو ريڊيو ٽرانسٽر يا اخبار؟ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين جي خبر ملاحن، ناکئن، وڻجارن کان پئي ٿي. يعني ٻيڙا هلائڻ وارن جهازرانن ۽ انهن تي سودو کڻي وڪڻڻ وارن واپارين کان! ارنيسٽ هيمنگوي جهڙو ڪهاڻيڪار دنيا جون خبرون هٿ ڪرڻ لاءِ سنگاپور جهڙي بندرگاهه جي هوٽل ۾ اچي ڏينهن جا ڏينهن رهيو ٿي جيئن مختلف هنڌن تان آيل جهازي سوداگر پنهنجو حال احوال ٻڌائي سگهن.
جپانين کي جتي ان تنهائيءَ مان فائدو رهيو .... کڻي چئجي ته هنن جي ٻولي، ڪلچر، ثقافت تي ٻي ڪنهن جو اثر نه ٿيو، هنن وٽ سالن کان هلندڙ پنهنجي رسم ۽ رواج رهيو، اتي کين اهو به نقصان رسيو ته دنيا خبر ناهي ڪٿان وڃي نڪتي - خاص ڪري ٽيڪنيڪل شين ۾ پر جپاني اهو ئي پنهنجي طريقي جو پاڻيءَ پسيو ڀت کائي خوش ٿيو ويٺا هئا جيڪو هنن وٽ ابن ڏاڏن، بلڪه پڙ ڏاڏن تڙ ڏاڏن کان هلندو پئي آيو. دنيا وٽ ڪوئلي ۽ باهه تي آگبوٽ (اسٽيمر جهاز) ۽ ٻاڦ گاڏيون (ٽرينون) هلڻ شروع ٿي ويون پر جپاني اهي ئي سڙهه ۽ چپوئن تي هلندڙ ٻيڙيون استعمال ڪري رهيا هئا ۽ پاڻ کي اهو ئي پراڻي زماني جو پهلوان سمجهي رهيا هئا. آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن هنن کي ساڻن واپار وڙو شروع ڪرڻ لاءِ سمجهايو پر جپان وارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. آمريڪا جا جهاز پئسفڪ سمنڊ لتاڙي فلپين ۽ چين پاسي آيا ٿي ته رستي تي جپان وٽ طوفانن ۾ ٻڏڻ تي به جپانين هنن جي ڪا مدد نٿي ڪئي. آمريڪن کي جپان تي باهيون ته ڏاڍيون آيون ٿي پر هڪ ڏورانهين ملڪ کي ڇا ٿي ڪري سگهيا. جپانين هر وقت اهو ئي سوچيو ٿي ته آمريڪا کان جهازن رستي سپاهي آيا ته هنن کي سندن سپاهي سندن ٻيڙين ۾ چڙهي ٽوڪيو جي بندرگاهه ٻاهران ئي ڀالن ۽ تيرن سان ڪُٽي رکندا. پر اها ته نه دنيا کي خبر هئي نه جپان کي ته آمريڪا لڪ ڇپ ۾ نه رڳو ٻاڦ تي هلندڙ جهاز پر بارود ۽ بندوقون به ايجاد ڪري ورتيون. 54-1853ع ۾ آمريڪن ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجن 1600 کن ماڻهن سان ٻاڦ تي هلندڙ جهازن ذريعي ايڊو بندرگاهه (جيڪو هاڻ ٽوڪيو ٿو سڏجي) ان ۾ اندر گهڙي رڳو ٻه ٽي اندر جا چڪر هنيا. جپاني اڃان تائين رڳو پنهنجن خاموش سڙهه وارن جهازن تي هريل هئا اهي ڪلَ تي هلندڙ هنن جهازن جي انجڻين ۽ بارود بندوقن جي تڙ تڙاهٽ جا آواز ٻڌي بتال ٿي ويا. هو يڪدم سمجهي ويا ته هنن کي هر ڳالهه هنن ڌارئين جي مڃڻي آهي جيڪي بنا اجازت سندن بندرگاهه ۾ ڌوڪي آيا آهن.
آمريڪن جپانين جو هيءُ 220 سالن کان دنيا کان ڪٽجڻ ختم ڪرايو ۽ کين سمجهايو ته ماڻهو ٿيو ۽ ساڻن واپار وڙو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي جو فائدو آهي. هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جي موڪل ڏيو جيئن هڪ ٻئي کان نيون نيون ڳالهيون سکون. جپانين پاڻ به پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ته ان اڪيلائپ ۽ دنيا کان ڪٽيل هجڻ ۾ هو ڄٽ ۽ پٺتي رهجي ويا آهن ۽ پوءِ هنن کي اهڙي غيرت آئي جو ايندڙ سئو سالن اندر نه فقط دنيا جا ماڊرن پاڻيءَ جا جهاز ٺاهيائون پر هوائي جهاز پڻ. 1853۾ جڏهن پيري ڪَلَ جي ٽن جهازن سان سندن بندرگاهه (ٽوڪيو) ۾ گهڙي پيو ته جهازن ۽ بندوقن جي آواز تي هو هٿ ٻڌي ڏڪندا رهيا. پر اهو آهي ته هنن غيرت ۾ اچي ايڏي ترقي ڪئي جو هڪ سئو سالن کان به گهٽ عرصي ۾ پنهنجو پاڻ کي هڪ طاقتور ۽ ماڊرن قوم بنائي ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن کي چين، هانگ ڪانگ، ملايا، سنگاپور کان ڀڄائي اچي برما جي ويجهو پهتا هئا. وري به آمريڪن جو لڪ ڇپ ۾ ٺهيل ائٽم بم ڪم آيو، جنهن جپانين جون هڪ دفعو وري وايون بتال ڪيون ۽ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي تباهي بعد جنگ ۾ ٺاپر آئي. ملٽري پاور ۾ هڪ طاقتور ملڪ جپان، ڏتڙيل ۽ غريب ٿي ويو. جن ڏينهن ۾ اسان جپان وڃڻ شروع ڪيو انهن ڏينهن ۾ به جپان کي مسڪيني واري حالت ۾ ڏٺوسين ۽ پوءِ پنهنجي اکين اڳيان اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جي شين ۾ ترقي ڪندو ڏٺوسين. اڄ جپان معاشي طور امير ملڪ آهي ۽ صحت، صفائي ۽ امن امان کان دنيا جي ٽاپ ملڪن مان هڪ آهي.