هاڻ بس هلايان ٿو......
جپان ۾ ڪي ريل گاڏيون/ ميٽرو زمين جي مٿان هلن ٿيون جيڪي اڪثر JR جون گاڏيون سڏجن ٿيون ته ڪي گاڏيون زمين هيٺان. اهي گاڏيون به مختلف لائينن (ڪمپنين) جون آهن. لائين کي جپان ۾ Sen ٿا سڏين جيئن يامانوتي لائين “يامانوتي سين” سڏجي ٿي. هونءَ يامانوتي لائين (ڪمپني) جون ريل گاڏيون شهر جي چوڌاري ڦرن ٿيون پر اهي سب وي نه آهن. اهي سڀ زمين مٿان هلن ٿيون. پر ٽوڪيو ميٽرو ڪمپني جي گنزا لائين، هبايا لائين وغيره جون ريل گاڏيون ۽ توئيئي ڪمپنيءَ جون اوئيدو لائين، اساڪُوسا لائين وغيره جون ريل گاڏيون سب وي يعني ”ڇڪا ٽيٽسو“ آهن.
*Densha جي معنيٰ ريل گاڏي آهي. هر قسم جي ريل گاڏي - چاهي زمين مٿان هلندي هجي يا هيٺان، “ڊينشا” سڏجي ٿي. ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي بيٺا هوندائو ته ريل گاڏي اچڻ مهل ٿنڀن ۾ لڳل اسپيڪرن تان ريل جي اچڻ جي اعلان جي ڌم مچي ويندي..... Denshaga Kamasu معنيٰ “ريل گاڏي اچي رهي آهي.” ٽرين ۾ وهڻ سان ٽرين جي اسپيڪرن مان اعلان شروع ٿي ويندو آهي:
Kono Densha wa Shibuya يعني هيءَ ريل گاڏي شيبويا ڏي رواني ٿي رهي آهي.... يا گنزا، يا اڪيها بارا، شنجو ڪو وغيره.
* Tsugi معنيٰ ايندڙ، Next . ريل گاڏي يا بس مان ٿيندڙ اعلانن ۾ هي لفظ سُوگي (Tsugi) توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. ايندڙ بس اسٽاپ يا ريلوي اسٽيشن جو اعلان اڳواٽ شروع ٿي ويندو جيئن توهان پنهنجو سامان ميڙي لهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. “سوگي وا شيبويا” معنيٰ ايندڙ اسٽيشن شيبويا آهي.... ايندڙ اسٽيشن شيبويا آهي.....
مون کي حيرت ٿيندي آهي ته جپاني ماڻهن کي هر ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ لاءِ بسين، ٽرامن، ريلوي اسٽيشنن تي هر قسم جا اعلان ۽ چتاءَ ڏنا وڃن ٿا. پر ان هوندي به ڏسندو آهيان ته ايندڙ اسٽيشن جو اڳواٽ بار بار ٻڌائڻ جي باوجود اسٽيشن اچي ويندي آهي پر ان تي لهڻ وارن مسافرن مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ مسافر ستو پيو هوندو آهي. پوءِ ٻي اسٽيشن تي اک کلڻ تي ڀُٽڪندو لهندو آهي. بس ۾ سفر دوران به هر بس اسٽاپ تي ڊرائيور اعلان ذريعي ياد ڏياريندو آهي ته “بس جي بيهڻ کان اڳ نه اٿو”....... “پنهنجا هٿ ڏنڊي ۾ قابو رکو”..... “لهڻ کان اڳ پنهنجو سامان ياد ڪري کڻو”.... يا “پاڻ سان آندل سامان پاڻ سان گڏ کڻڻ نه وسارجو.” ان هوندي به توهان کي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سيٽ تي لهي ويل مسافر جو ٿيلهو، پرس يا ڪا ٻي وساريل شيءِ نظر ايندي. آئون اهوئي سوچيندو آهيان ته ڇا جپاني قوم ايڏي موڳي آهي جو کيس خبردار ڪرڻ يا چتاءُ ڏيڻ لاءِ ساڳيو اعلان ڪيترائي دفعا ڪيو وڃي ٿو تڏهن به ان تي عمل ڪرڻ کان ڪو ڪو رهجيو وڃي. يا شايد بار بار اعلان هلڻ ڪري ماڻهو ان تي ڌيان ڏيڻ ڇڏيو ڏين. هڪ ٻئي پٺيان پيا اعلان هلن ۽ ڪي اعلان ته پيا repeat ٿين. ڊرائيور طرفان اهي اعلان اڳهين رڪارڊ ٿيل آهن پوءِ پاڻ ڀلي ڪنن ۾ لڳل ايئرفون ذريعي هڪارو اوتادا، ڪانا نشيني يا ڪيوٽو شهر جي ڪميڪو ڪودا يا ڪنهن ٻي سهڻي جپاني ڳائڻيءَ جا مٺي سر وارا گانا ٻڌندو رهي باقي اسان لاءِ سندس کهري آواز وارا اعلان ٻڌي ٻڌي بيزاري ٿيو پوي. شروع ۾ ته آئون دلچسپيءَ سان ٻڌندو هوس پر پوءِ ٻڌا اڻ ٻڌا ڪري ڇڏيم. سو جپان ۾ رهندڙن جا ته ڪن پچي پوندا هوندا. هونءَ به اعلان جي يا بريڪنگ نيوز جي اهميت تڏهن آهي جڏهن اها ڪڏهن ڪڏهن اچي..... هر هر “بگهڙ ٿو اچي.... بگهڙ ٿو اچي” جو اعلان ڪرڻ سان بگهڙ جي اهميت يا خوف ئي ختم ٿيو وڃي. بهرحال ايڏا اعلان صحيح آهن يا نه پر هڪ ڌارئين ۽ نئين آيل مسافر لاءِ اهي فائدي وارا ۽ مددگار آهن جنهن لاءِ هن کي انهن جي معنيٰ اچڻ ضروري آهي.
* Mamonaku- انهن اعلانن ۾ هي لفظ مامو ناڪو لفظ به گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندانوَ جنهن جي معنيٰ آهي Soon يا جلدئي، سگهوئي. اسٽيشن تي ٽرين جو انتظار ڪري رهيا هوندائو ته اعلان ٿيندو ته فلاڻي ٽرين جلدئي پهچڻ واري آهي.
Mamonaku Tokyo yuki ga Mairimasu
“ٿوري گهڙيءَ ۾ (جلدي) ٽوڪيو ڏي ويندڙ ٽرين پهچڻ واري آهي“. ان سان گڏ اهو به اعلان ٿيندو رهندو آهي ته “پليٽ فارم جي اَندِ (Edge) وٽ بيهڻ خطرناڪ آهي. ان ڪري فلاڻي رنگ جي ٺهيل ليڪ جي پويان ٿي بيهو.” يا فقط اهو اعلان هوندو آهي ته مسافر اڇي رنگ جي ليڪ جي پويان ٿي بيهن.
۽ جڏهن توهان ٽرين يا بس ۾ آهيو تڏهن به مٿيون لفظ مامو ناڪو توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو. ڪو به بس اسٽاپ يا اسٽيشن اچڻ تي ڊرائيور طرفان اعلان پٺيان اعلان شروع ٿي ويندو ته “جلدئي (ماموناڪو) ٽرين فلاڻي اسٽيشن تي پهچڻ واري آهي.”
* Deguchi معنيٰ ٻاهر نڪرڻ جو دروازو Exit.
هي لفظ ياد رکڻ ضروري آهي ۽ ان سان گڏ Migi مِگي معنيٰ ساڄو پاسو ۽ Hidari (هِداري) معنيٰ کاٻو پاسو. ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم ساڄي پاسي ٿو اچي ته ڪنهن جو کاٻي پاسي. ان موجب ان اسٽيشن تي ٽرين جا ساڄي يا کاٻي پاسي جا در کلن ٿا جنهن لاءِ مسافرن کي اڳواٽ هر هر اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته “او ديگوچي وا مِگي گاوا ديس” يا “او ديگوچي وا هِداري گاوا ديس” جيئن لهڻ وارا مسافر پئڪ دٻي ۾ آهستي آهستي رڙهي ان دروازي وٽ اچي بيهن جو هر اسٽيشن تي ٽرين تمام ٿورو وقت ترسي ٿي.
* Shuuten معنيٰ آخري بس اسٽاپ يا آخري ريلوي اسٽيشن. هر ريلوي ڪمپني پنهنجي ريل گاڏيءَ جي آخري اسٽيشن جو اعلان ڪندي رهي ٿي ته اها آخري اسٽيشن آهي. ان اسٽيشن بعد جي پٺيان هلڻو آهي ته ان لاءِ ان پليٽ فارم تي وڃو جتان هن ڪمپنيءَ جون ريل گاڏيون واپس وڃن ٿيون شواوتين سان گڏ هڪ ملندڙ لفظ آهي شواودين.
* Shuuden جي معنيٰ آهي آخري ريل گاڏي. جپان ۾ آڌي رات ٿيڻ تي بسون ۽ ريل گاڏيون بيهيو رهن. وري صبح ٿيڻ تي هلڻ شروع ٿين ٿيون. ان ڪري هر هڪ کي معلوم هئڻ کپي ته منزل تي پهچائڻ واري آخري ٽرين ڪهڙي آهي. توهان ان بابت پڇي سگهو ٿا ته Shuuden wa Nanji Desuka? يعني هتان آخري ٽرين ڪهڙي وقت هلي ٿي.
* Narikae نوري ڪائي معنيٰ ٽرانسفر.
وڏيون اسٽيشنون جتي ٻين ڪمپنين جون به ريل گاڏيون يا ڇڪا ٽيٽسو (Subway) گاڏيون بيهن ٿيون، انهن اسٽيشنن جي اچڻ کان اڳ اعلان ٿيندو رهندو آهي ته توهان ايندڙ ٽرين تي فلاڻي فلاڻي ڪمپنيءَ جي ريل گاڏيءَ ۾ ٽرانسفر ٿي سگهو ٿا. Tsugi wa Shinjuku. Norikae no go annai desu.
جپان ۾ مسافرن جو ايترو ته خيال رکيو وڃي ٿو جو ويندي بس ڊرائيور ڪنهن بس اسٽاپ يا سگنل تي بس بيهاري ان بعد جڏهن هلائي ٿو ته مسافرن کي هن اعلان ذريعي خبردار ڪري ٿو: “هاس شا اِتا شيماس” يعني “هاڻ آئون بس هلائڻ شروع ڪريان ٿو”. اهو ان ڪري ته متان ڪو بيٺل هجي ته هن کي جهٽڪو نه لڳي. چاهي سڀ آرام سان ويٺا هجن تڏهن به هر بس اسٽاپ يا سگنل تي بيهڻ بعد گاڏي هلائڻ کان اڳ هو پنهنجي منهن ضرور ڀڻڪندو ته:
Hassha Itashi masu هاڻ آئون بس هلايان ٿو ...
هڪ ٻي ڳالهه ته روماجي جپانيءَ ۾ لکيل Masu desu يا Desuka جهڙا لفظ ماسُو، ديسُو يا ديسُوڪا نه پر ماس، ديس ۽ ديسڪا اچاريا وڃن ٿا ۽ جپانيءَ ۾ هڪ اکر آهي Tsu جيڪو اسان جي ڄ، ڃ يا ڏ وانگر گهڻن لاءِ اچارڻ ٿورو ڏکيو رهي ٿو. ان جو اچار “تِسو” ۽ “سُو” جي وچ ۾ ٿئي ٿو. جيئن اهو اچار Tsugi لفظ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ئي اکر متسوبشي لفظ ۾ به آهي.