الطاف شيخ ڪارنر

جي وڃين تون جپان

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت سفرنامو آهي. آصف رضا موريو لکي ٿو:
”الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺي هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2666
  • 721
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جي وڃين تون جپان

ڪيوٽو جا ڪجهه ٻيا مندر

پاڻ ڪيوٽو شهر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان ۾ ڪو هڪ ڏينهن لاءِ به وڃي ته هي گولڊن ٽيمپل Kinkaku ji ضرور ڏسي. پر جي ڪو هتي هفتو ٻه ٿو رهي يا تعليم ۽ نوڪريءَ خاطر گهڻو عرصو ٿو رهي ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪيوٽو جهڙو ٻيو ڪو شهر ناهي. سوين مندرن مان ٻه ٽي ٻيا به لکان ٿو جن وٽان منهنجو اڪثر لنگهه ٿيو ٿي يا فوٽو ڪڍيم ٿي:
سان جُو سان گين (Sanju san gen) مندر. هي 1164ع جو آڳاٽو مندر آهي. هتي جا گهر ۽ مندر ڪاٺ جا هجڻ ڪري باهه ۾ اڪثر سڙي ويا ٿي پر پوءِ وري انهن کي اصلي حالت ۾ آندو ويو ٿي. هن مندر ۾ 12 فوٽ کن وڏو رحم جي ديوي Kannon جو مجسمو رکيل آهي جنهن کي هڪ هزار هٿ آهن. بهرحال اهي ديويون ديوتا، تعويذ ۽ ڦيڻا ڌاڳا ته مڪاني جپاني ماڻهن لاءِ آهن جن جو ٻڌ ڌرم يا شنتو ڌرم سان واسطو آهي. باقي اسان ٽوئرسٽن جي دلچسپي عمارت جي رنگن، پُرسڪون ماحول ۽ ميلو مچائيندڙ عقيدتمندن ۽ انهن جي ويس وڳن ۽ عبادت ڪرڻ جي طريقن ۾ رهي ٿي. ان سان گڏ فوٽو گرافيءَ جو به سٺو موقعو ملي ٿو. هونءَ ته ڪمونو پهريل ڪا جپاني ڇوڪري رستي تي ملي وڃي ته فوٽو ڪڍرائڻ کان پئي ڪيٻائيندي پر مندرن ۽ پارڪن ۾ ميلي جو اهڙو سماءُ ٿئي ٿو جو ورلي فوٽوءَ لاءِ ڪنهن انڪار ڪيو هجي.

[b]فوشيمي اناري درگاهه (Fushimi Inari)
[/b]ڪيوٽو جو هي مندر جپان جي مشهور مندرن مان آهي جيڪو 711ع ۾ ٺهيو ۽ سارين جي فصل جي جپاني ديوي “يوڪانو ميتاما نو ميڪوتو” (Ukanomitama- no- Mikato) کي منسوب ٿيل آهي. پري پري جا واپاري، سوداگر ۽ سارين جي ڪارخانن وارا هن مندر ۾ پنهنجي ڪاروبار جي خوشحالي لاءِ دعا گهرڻ لاءِ ايندا آهن. مندر جي اڳيان واري روڊ تي چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تائين ڳاڙهين ڪمانن وارا درواز لڳل آهن جيڪي مرادون پوريون ٿيڻ تي هر واپاريءَ هڪ هڪ ٺهرايو آهي. اهي دروازا توهان کي جپان جي ڪيترن ئي مندرن، درگاهن ۽ شاهي قلعن اڳيان نظر ايندا جيڪي “توري ئي” (Torii) سڏجن ٿا. ٽوڪيو جي هن مندر ۾ سڀ کان گهڻا، اٽڪل 32 هزار “توري ئي” آهن. هن مندر ۾ توهان کي ڪيترائي لومڙي جا مجسما پڻ نظر ايندا جنهن کي جپانيءَ ۾ اناري (Inari) سڏين ٿا. جپانين جي عقيدي موجب لومڙي (اِناري) ڪيترن ئي ديوين ۽ ديوتائن جي ميسينجر (پيغام رسائيندڙ) چئي وڃي ٿي. ان ڪري مانيڪي نيڪو (هٿ لوڏيندڙ ٻلي) وانگر جپان ۾ لومڙيءَ جو به وڏو شان ۽ مانُ آهي جنهن جا پتلا ڳچيءَ ۾، شڪليون تعويذ طور کيسن ۾ يا اسڪول جي ڪتابي ٿيلهن ۾ رکيون وڃن ٿيون. سڄي جپان ۾ لومڙي/ لومڙ وارن مندرن “اناري جنجا” جو تعداد به هزارن ۾ آهي.
اهڙي طرح ڪيوٽو جو هڪ ٻيو مشهور مندر “نِشي هون گانجي” (Nishi Honganiji Temple) آهي جيڪو جپانين لاءِ ته پوڄا پاٺ جو وڏو مرڪز آهي پر اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي به ان جي عمارت سازي متاثر ڪري ٿي. هي مندر گهڻو اڳ جو ٺهيل آهي پر باهين ۽ زلزلن ۾ ڊهندو رهيو. اڄ واري شڪل ۾ اهو 1760ع ۾ آيو پر منجهس موجود ڪيترائي مجسما ڇهين صديءَ جا به آهن. اتي ئي هڪ ٻيو 1602 جو ٺهيل مندر “هگاشي هون گانجي” آهي، جنهن جا فقط ڪجهه حصا عام ماڻهن لاءِ کليل رهن ٿا. هڪ مندر اولهه ۾ آهي ته ٻيو اوڀر ۾. ان ڪري انهن جا نالا ان ريت آهن. جپانيءَ ۾ نِشي (Nishi) معنيٰ اولهه ۽ هِگاشي (Higashi)معنيٰ اوڀر.
اهڙي طرح زين شنتو ڌرم جو هڪ بيحد ڀلارو سمجهيو ويندڙ مندر “دائي توڪو جِي” (Daitoku-ji) آهي جيڪو 1324ع جو ٺهيل آهي. هن جون 22 عمارتون آهن جن مان ست پبلڪ لاءِ کليل رهن ٿيون.
هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته جپانين جا جيتوڻيڪ ٻه ڌرم آهن. ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم. پر انهن ۾ به ڪيترائي فرقا آهن جن جي پوئلڳن لاءِ الڳ مندر آهن. جيئن هن مندر جو تعلق “رِن زائي زين” Rinzai فرقي سان آهي. اهڙي طرح مٿي بيان ڪيل “نِشي هون گانجي” مندر ۾ ايندڙ پوڄارين جو واسطو “جودو شنشو” فرقي سان آهي.
اهڙي طرح ڪيوٽو جي اوجي علائقي ۾ ”بيودو“ نالي هڪ مندر پڻ ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ ميوزيم به آهي جنهن ۾ گوتم ٻڌ جا ڪاٺ مان ٺهيل 52 مجسما آهن. پر ان مندر کان وڌيڪ ان جي ٻاهران بمبو (بانس) جا گهاٽا وڻ ڏسڻ وٽان آهن.
ڪيوٽو ۾ ڪجهه شاهي محل ۽ قلعا به ڏسڻ وٽان آهن. دراصل جپانين نه فقط هنن تاريخي شين کي صاف سٿرو رکيو آهي پر انهن جي چوڌاري ماحول کي به ٺاهي ڇڏيو آهي. خوبصورت وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون، ننڍا ننڍا تالاب ۽ بارش کان بچڻ لاءِ ڇپر، آيل مسافرن لاءِ ننڍڙا ننڍڙا دڪان، وهڻ لاءِ بينچون وغيره.
قلعن ۾ هڪ ته ناڪاگيو علائقي ۾ نيجو (Nijo) نالي قلعو آهي. اتي ئي نينو مارو نالي به قلعو آهي، جتي ڪيتريون ئي پراڻي زماني جون شيون آهن.
ڪيوٽو جو شاهي محل. هي ڪيوٽو جو 794ع جو ٺهيل اصلي محل (ڪيوٽو گوشو) آهي. هي پڻ زماني جي باهين ۽ زلزلن ۾ ڪيترا دفعا ڊهندو رهيو، جڙندو رهيو. هاڻ واري عمارت سال 1855ع جي آهي.
ڪيوٽو جو هڪ ٻيو مندر دائي تو ڪُو (Daitoku – ju) ياد اچي رهيو آهي جيڪو وقت هجڻ تي گولڊن ٽيمپل (ڪنڪاڪو جي) بعد ٻئي نمبر تي ڏسجي ته بهتر آهي. هن مندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
Daitoku-ji temple is not just a temple but world of temples.
۽ اڃان به جي وقت هجي ته ڪيوٽو جا هيٺيان مندر به ڏسڻ وٽان آهن. هونءَ ته ڪيوٽو جي سڄي شهر ۾ 1600 کان به مٿي مندر آهن. انهن مان هي چند لکي رهيو آهيان جيڪي توهان پنهنجي فرصت ۽ رهائش مطابق ڏسي سگهو ٿا. منهنجو مطلب آهي ته جي توهان ڪلفٽن ۾ رهو ٿا ته پهرين اهي شيون ڏسجن جيڪي ڪلفٽن جي آس پاس هجن. ان بعد ئي گلشن حديد ۽ گلستان جوهر جو رخ ڪجي.
• گِنڪاڪُو-جِي مندر
هي انگريزي نالي Silver Pavilion سان مشهور آهي. جيئن ”ڪِنڪاڪو- جي“ گولڊن پويلين“ سڏجي ٿو. هن مندر تي به جپانين ۽ ڌارين سياحن جي وڏي پيهه پيهان رهي ٿي، سو موڪل وارن ڏينهن تي ته هرگز نه وڃجي. هن مندر جي ڏسڻ جي 500 يين في آهي. ڪيوٽو اسٽيشن کان بس نمبر 5 ۽ 17 هن مندر ڏي وڃن ٿيون.
• چيئان- اِن (Chion-in) مندر:
هن مندر لاءِ يورپ جا ماڻهو چوندا آهن ته:
It in the Vatican of pure land Buddhism
هن مندر ڏسڻ جي في 300 يين آهي.
• ڪِيومِيزو- ديرا مندر
هن مندر (Kiyomizu) لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪيوٽو ايندڙ هر ٽوئرسٽ کي ڏسڻ کپي.
* نيجو- جو قلعو: ڪيوٽو ۾ ايندڙن کي هي قلعو (Castle) ڏسڻ جو مشورو ڏيندس جنهن مان ”ايڊو دور“ جي شوگنن (وڏيرن، جنگجوئن) جي رعب ۽ دٻدٻي جي خبر پوي ٿي، جن کان ان وقت جا شهنشاه به هيسيل ۽ ڊنل رهيا ٿي.