جپان جا مختلف علائقا ۽ مشهور جايون
جپان اسان جي ملڪ پاڪستان يا ايران ۽ افغانستان وانگر One Piece ناهي پر هزارين ٻيٽن جو نالو آهي جن مان چار وڏا ٻيٽ آهن جيڪي هڪ ٻئي سان ڪيترين ئي پلين ۽ زمين دوز سرنگهن (Tunnels) ذريعي ڳنڍيل آهن جن جي هيٺان يا مٿان اسان جا جهاز لنگهندا رهن ٿا جيئن آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچڻ لاءِ مسي سپي نديءَ تي ٺهيل پل هيٺان لنگهي وڃڻو پوي ٿو. يا جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ موجود سمنڊ مان اسان جو جهاز لنگهندو رهي ٿو ۽ ان سمنڊ جي تري کان گهڻو هيٺ ٽنل ٺهيل آهي جيڪو هانگ ڪانگ ۽ ڪولون کي ڳنڍي ٿو ۽ ان ٽنل مان لاريون موٽرون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ اينديون وينديون رهن ٿيون، نه ته شروع وارن سالن ۾، 1970ع واري ڏهاڪي تائين ماڻهو ۽ سندن سواريون فيرين ذريعي هانگ ڪانگ کان ڪولون يا ڪولون کان هانگ ڪانگ اينديون وينديون هيون.
سو جپان ۾ چار وڏا ٻيٽ آهن: هوڪئدو، هونشو، شِڪاڪو ۽ ڪيوشو. اهي چارئي ٻيٽ جيڪي هاڻ مڪمل طرح هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين لاريون، بسون، ڪارون ۽ ريل گاڏيون پيون هلن 34 ننڍن ننڍن صوبن ۾ ورهايل آهن. جن مان ڪن ۾ اوسي پاسي ۾ پکڙيل ننڍڙا ٻيٽ به ملايا ويا آهن. انتظام صحيح طرح هلائڻ لاءِ جيئن انڊيا جو عربي سمنڊ پاسي وارو ٻيٽ ”لکديپ“ هندستان جي ڪيرالا رياست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يا جيئن انگريز راڄ ۾ سنگاپور ٻيٽ مدراس ۾ شامل هو ۽ عدن بندرگاهه بمبئيءَ ۾ هو، تيئن جپان جا اوسي پاسي وارا ٻيٽ وڏن شهرن سان ملايا ويا آهن.
ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ته جپاني هوموجينس قوم آهي. يعني هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هو شڪل شبيهه، نڪ نقشي، رسم ۽ رواج، مذهب ۽ ٻولي، ثقافت ۽ ڪلچر ۾ هڪ ئي قوم آهي. جي ها. ڪنهن حد تائين ائين چئي به سگهو ٿا جو جپاني سالن جا سال پاڻ ۾ ئي رهيا، ٻين سان مِڪس نه ٿيا. اڄ به هو پاڻ ۾ رهن ٿا. وري ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي شادي ڪنهن ڌارئين سان ٿئي ٿي، جنهن کي هو پنهنجي ملڪ کان ڀڄايو ڇڏين يا هن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگيو ڇڏين. سو اسان جهڙي ڌارئين کي جپاني هڪ ئي جنس لڳي ٿي. پر ڪجهه وقت رهڻ يا سالن جا سال هن ملڪ جا چڪر هڻڻ بعد خبر پئي ٿي ته هتي به اسان وانگر لاڙي ۽ اترادي وارو چڪر آهي جتي جو هر ماڻهو پاڻ کي اتم ته ٻئي کي ڍڳو سمجهي ٿو. هتي جپان ۾ نه فقط لاڙي ۽ اترادي آهن پر ڪوهستاني ۽ ٿري آهن جيڪي سدائين طوفانن ۽ زلزلن جي مصيبتن ۾ رهن ٿا. ڪو علائقو ڪارخانن ۽ فئڪٽرين سان ڀريل آهي ته ڪن جو سئو سيڪڙو گذر سفر مڇي مارڻ تي آهي. پوءِ ظاهر آهي هر علائقي جي ماڻهن جو پنهنجو کاڌو پيتو، پنهنجو مزاج رهي ٿو. ٻوليءَ ۾ به ڪجهه نه ڪجهه مختلف لفظن جي ملاوٽ ۽ لهجو رهي ٿو. ڪجهه سال رهڻ بعد توهان خود به محسوس ڪري سگهندائو ته هي همراه شيمونوسيڪي پاسي جو آهي جيڪو ڪوريا کي ويجهو آهي ۽ هي اشيڪاوا ۽ ناگانو پاسي جو آهي.
سو جپان جتي 34 پريفيڪچرن (ننڍن صوبن) ۾ ورهايل آهي اتي سڄو جپان پنجن علائقن ۾ ورهايل آهي جيئن کڻي چئجي ته اسان وٽ ٿر، ڪوهستان، اتر، وچولو، لاڙ وغيره تيئن جپان جا پنج ڀاڱا آهن: توهوڪو، ڪانٽو، چُوبُو، ڪنسائي ۽ چُوگوڪُو. انهن پنجن علائقن مان ٻن جي خوب لڳي ٿي.... گهٽ ۾ گهٽ منهنجي اها آبزرويشن آهي. اهي ٻه علائقا آهن ڪانٽو (Kanto) ريجن ۽ ڪنسائي (Kansai) ريجن. ايتريقدر جو ڪانٽو واري علائقي جا ڇوڪرا ڪنسائي جي ڇوڪرين سان شادي ڪندي گريز ڪندا. چوندا انهن ۾ افعال ناهي. رڌپچاءُ به نٿو اچين. هر شيءِ تي مايونيز ۽ ڪيچ اپ هڻي ٿيون کائين. هوڏانهن ڪنسائيءَ جا ڇوڪرا ڪانٽو جي ڇوڪرين لاءِ چوندا ته گندي ڪپڙي (پهرڻ) جي فضيلت نه اٿن، ڳالهائڻ جون به تکر آهن.... وغيره وغيره. ڪيترن ڇوڪرن کي مڱڻو ڪري شادي کان انڪار ڪندي ڏٺم جڏهن هنن کي خبر پيئي ته ساڻن گڏ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪريءَ جو ٻي علائقي سان تعلق آهي. بهرحال هي ڳالهيون اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ جون آهن يعني جپان اچڻ جي شروع وارن سالن جون آهن، جڏهن اسان به جوان هئاسين. جوانن سان گڏ هلندا هئاسين. گهمڻ ڦرڻ کان وڌيڪ پرائي پچار ۾ دلچسپي رکندا هئاسين. هاڻ ته سڄي دنيا تبديل ٿي وئي آهي. جپاني ڇوڪريون به ناول، ٽي وي، انٽرنيٽ ذريعي تيز ٿي ويون آهن. جپاني ته ڇا ملئي ڇوڪريون به آفتون ٿي پيون آهن جن لاءِ کڻي چئجي ته هاڻ هو ڏندين ڏاند آهن. اهي ڪاليج جا ڏينهن هئا جڏهن اسان لاڙين جا اترادين سان بحث هلندا هئا ته ڪير سٺا آهن ڪير ڪسا. هاڻ ته اسان جا سٺا دوست ظفر شيخ، ادل سومرو ۽ اياز گل جهڙا اترادي آهن ۽ عرفانا ملاح ۽ ربينا ابڙو جهڙين جون سٺيون ساهيڙيون حسينه مسرت، امر سنڌو، فريده پنهور ۽ رخسانا پريت جهڙيون لاڙي آهن.
جپان جي ڪانٽو ريجن ۾ ٽوڪيو ميٽرو پوليس سميت ست پريفيڪچر آهن: چيبا، گنما، اباراڪي، ڪانا گاوا، سائتا ۽ ٽوچي گي.
ڪنسائي ريجن ۾ به ست پريفيڪچر آهن: هيوگو، ڪيوٽو، مائي (Mie)، نارا، اوساڪا، شينگا ۽ وڪاياما.
اسانجا پاڪستاني گهڻي ڀاڱي ڪانٽو (Kanto) ريجن ۾ رهن ٿا. يعني ٽوڪيو، چيبا يوڪوهاما پاسي، اسانجي PIA هوائي ڪمپنيءَ جي آفيس توڙي سفارتخانو به ٽوڪيو ۾ آهي. تعليم لاءِ ڪيترائي شاگرد ٽوڪيو ۾ اچن ٿا جتي تمام گهڻيون يونيورسٽيون آهن. بزنيس خاطر به ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري پنجاب پاسي جا ٽوڪيو جي آس پاس ۾ رهن ٿا جن جو گهڻو ڪري حلال گوشت ۽ ٻين شين جو ڪاروبار آهي جيڪو هو گهڻو ڪري برازيل کان گهرائين ٿا. ڪيتريون ئي تازيون ڀاڄيون پڻ ڏکڻ آمريڪا کان اچن ٿيون يا وري فلپين کان، خاص ڪري ڪيلو ۽ ان جهڙو ٻيو فروٽ جيڪو فلپين ۾ سٺي جنس جو ٿئي ٿو. برازيل کان گوشت ان ڪري اچي ٿو جو برازيل ۾ ڪيترائي جپاني رهن ٿا ۽ اتي رهندڙ اسان جي پاڪستانين سان انهن سان شادي ڪرڻ ڪري جپان ۾ اچڻ وڃڻ جي هنن سهوليت حاصل ڪئي آهي ڇو جو جپان ۾ رهندڙ جپاني ڇوڪريءَ سان اڄ ڪلهه شادي آسان ڪم ناهي. هو هاڻ هوشيار ٿي ويون آهن. هڪ پڙهيل ڳڙهيل سان ئي شاديءَ جو سوچين ٿيون. باقي اسان جو ڪاسائي طبقو ۽ ٻيو مزدور طبقو برازيل جي جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪري ٿو جن جا وڏا غربت ڪري هارپي لاءِ برازيل پهتا هئا. ان جو تفصيل پنهنجي ڪتاب “برونائيءَ کان برازيل” ۾ ڪري چڪو آهيان.
چيبا جو علائقو ٽوڪيو سان ائين ڳنڍيو پيو آهي جيئن راولپنڊي اسلام آباد ويندي ٽوڪيو جو ناريتا ايئر پورٽ چيبا ۾ آهي. چيبا ننڍڙو علائقو هجڻ جي باوجود منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن جن ۾ اسان جا ڪيترائي شاگرد پڙهن ٿا. ٽوڪيو اڏام ۾ اڪثر ساڻن ملاقات ٿيندي آهي ۽ هو اڪثر اهو ئي چوندا آهن ته هو ٽوڪيو ۾ پڙهن ٿا. جيئن اسان وٽ ملير ۽ ماريپور وارو اهو ئي ٻڌائيندو ته هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ڇو جو چيبا ايترو مشهور ناهي جيترو ٽوڪيو.
چيبا ۾ چيبا يونيورسٽيءَ کان علاوه ڪجهه ٻيون مشهور يونيورسٽيون هن ريت آهن:
• چيبا يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز
• ڪانڊا يونيورسٽي آف انٽرنيشنل اسٽيڊيز
• ٽوڪيو ڊينٽل ڪاليج
• شڪوتوڪو يونيورسٽي
• ڪي ئي آءِ (Keiai) يونيورسٽي
• چيبا ڪيئي آءِ يونيورسٽي.
• ٽوڪيو يونيورسٽي آف انفارميشن سائنسز
• يوئي ڪوسا يونيورسٽي
• تائيڪيو يونيورسٽي..... وغيره.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپان جي هنن تعليمي ادارن جو معيار بلند آهي. مهانگائيءَ ڪري اسان جا فقط اهي شاگرد اچن ٿا جن کي اسڪالر ملي ٿي ۽ گهڻو ڪري اهي ماسٽرس پنهنجي ملڪ مان ڪري هتي Ph.D لاءِ اچن ٿا. پنهنجي خرچ تي ايران ۽ ملائيشيا جا جام اچن ٿا ۽ انڊيا جا ڪارخانيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن راجائن جا پٽ توڙي ڌيئون به اعليٰ تعليم لاءِ هتي نظر اچن ٿيون .... جن کي ڏسي مون کي هميشه خواهش ٿيندي آهي ته اسان جي پيرن، ميرن، وڏيرن، جاگيردارن جا ٻار پئسو هوندي به ههڙن هنڌن تي، تعليم لاءِ ڇو نٿا اچن، جتي سندن ٻين سان ايڪسپوزر ٿئي، سندن سوچ ۽ لڇڻن ۾ تبديلي اچي. آخر بلاول ۽ بينظير جهڙن به ته محنت ڪري اعليٰ تعليمي ادارن مان پڙهي ورتو. پر اسان جي ڪيترن سياستدانن جي ٻارن جو زور رڳو شاهه لطيف يا سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس يا ايڪانامڪس ۾ بي اي ڪرڻ جو ان ڪري آهي جو اتان هنن کي حاظري به ملي وڃي ٿي، ڪاپي به ٿيو وڃي ۽ بنا پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي ڊگري به مليو وڃي. پوءِ اهڙائي اسان جا سياستدان وزير تعليم ٿيو خوش پيا ٿين ۽ پي ايڇ ڊي وارا بيروزگار ٿيو پيا هلن.
چيبا شهر ٽوڪيو کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي..... يعني هالا کان مٽيارين جيترو. چيبا لفظ ٻن اچارن جو جوڙ آهي ”چي“ معنيٰ هزار ”با“ معنيٰ وڻ جا پن يعني هڪ هزار پن! ٽوڪيو کان چيبا وڃڻ تي ڪڏهن به دل نه چيو، البت اسان جو جهاز چيبا بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته پوءِ چيبا ۾ ئي چڪر هڻندا هئاسين. چيبا دنيا جي مشغول بندرگاهن مان هڪ آهي. چيبا مونو ريل کان به مشهور آهي. اڄ ڪلهه ته بئنڪاڪ کان ڪوالالمپور تائين جتي ڪٿي مونوريل نظر اچي ٿي نه ته شروع جي ڏينهن ۾ مونوريل ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو چيبا ايندا هئا. چيبا جو چڙيا گهر (زولاجيڪل باغ) به مشهور آهي خاص ڪري ڳاڙهي رنگ جي پانڊن ڪري جن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط جپان جا ماڻهو پر ٻاهرين ملڪن جا ٽوئرسٽ به اچن ٿا.
جيڪڏهن توهان کي مندر ڏسڻ جو شوق آهي ته جپان ۾ انهن جي کوٽ ناهي. هر شهر ۾ توهان کي مندر نظر ايندو بلڪه وڏن شهرن ۾ ته ڪيترائي ننڍا وڏا مندر ٺهيل آهن. ڪي ٽيهه چاليهه سال اڳ جا ته ڪي صديون پراڻا، هڪڙا شنتو ڌرم جا مندر آهن ٻيا ٻڌ ڌرم جا، جن ۾ گوتم ٻڌ جو ننڍو يا وڏو مجسمو رکيل ٿئي ٿو. جپان ۾ ڪنهن بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز گهڻا ڏينهن بيهندو هو ۽ ڪي ڪجهه ڪرڻ لاءِ نه هوندو هو ته منهنجي خاص وندر ان شهر جي پارڪ يا مندر ۾ وهڻ جي هوندي هئي. مندرن جي خاموشي، صفائي سٺائي، هڪ پرسڪون ماحول پيدا ڪري ٿي. هندن جي مندرن وانگر جتي اڪثر بڙ يا پِپر جا ڊگها وڻ ڇانوَ ۽ ٿڌڪار ٿا پيدا ڪن، هتي جپان ۾ به سڪورا جهڙا گلن وارا وڏا وڻ ۽ انهن تي لاتيون لنوندڙ سهڻا پکي هڪ عجيب سحر انگيز ماحول پيدا ڪن ٿا. مون کي ته مندر کان ٻاهر ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکيل ڪاٺ جي بينچ يا وڏي پٿر تي ويهي آس پاس جو نظارو ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. مختلف ويس وڳن ۾ جپاني نوجوان جوڙا ته ڪي ٻارن ٻچن سان فئمليون اينديون رهيون ٿي. اهي شنتو يا ٻڌ ڌرم جي رسمن موجب مندر جي ٻائي کان دعائون يا تعويذ (EMA) وٺن ٿا. ڪي ته من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ وڻن ۾ تعويذ ٻڌندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيڻ تي انهن آيلن مان ڪنهن سان خبر چار پڻ ڪندو هوس.
چيبا جي هڪ شهر ڪاٽوريءَ ۾ هڪ ڪاٽوري درگاهه (Katori Jingu) مشهور ۽ پراڻي شنتو ڌرم جي Shrine آهي جيڪا سمجهو ته جپان جي هن ڪانٽو ريجن جي 400 درگاهن جي هيڊ درگاهه آهي. هر سال 14 اپريل تي هن درگاهه ۾ ٽي ڏينهن ميلو لڳي ٿو ۽ ٻارهن سالن ۾ هڪ دفعو ته هيڪاندو وڏو ميلو لڳي ٿو جيئن انڊيا ۾ کمڀ ميلو، جيڪو پڻ ٻارهن سالن بعد وڏي پئماني تي لڳي ٿو. بهرحال ان ۾ گنگا نديءَ ۾ وهنجڻ لاءِ الهه آباد يا هردوار تي جيڪو ماڻهن جو تعداد گڏ ٿئي ٿو اهو جپان جي هنن ميلن کان تمام وڏو ٿئي ٿو.
جيڪڏهن توهان ٽوڪيو ۾ رهو ٿا ته ٽوڪيو ته مندرن سان ڀريو پيو آهي جن کي جپاني جنجا، Shrine ۽ اوتيرا به سڏين ٿا. سڀ کان سٺو ۽ جي توهان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ٽوڪيو ۾ آيا آهيو ته به، ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ جهڙو مندر ٽوڪيو جي اساڪسا ضلعي ۾ سينسوجي Sensoji آهي. سينسوجي جپان جي جهونن مندرن مان هڪ آهي جيڪو 645ع جو چون ٿا. مڪاني ماڻهو ته مندر جي ٻاون کان ڦيڻو ڦوڪ ۽ تعويذ (EMA) خريد ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا خاص ڪري يونيورسٽين جون ڇوڪريون امتحانن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ ۽ اسان جهڙا ڌاريان وري انهن کي ڏسڻ لاءِ! هي مندر همدردي جي ديوي ڪان نون (Kannon) کي منسوب ٿيل آهي. ڳاڙهي رنگ جي پنن جا لئنٽرن (لالٽين) ٻرندا رهن ٿا جن مان نڪرندڙ دونهين کي مندر ۾ آيل سوالي ٻڪ ۾ جهلي پنهنجي منهن ۽ جسم جي ان حصي تي ملين ٿا جنهن ۾ تڪليف آهي. هنن جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان هنن کي صحت ملي ٿي. هن مندر ۾ توهان کي جتي ڪٿي ڳيرا چڳندي نظر ايندا جيڪي چون ٿا ته هن مندر جي ديوي ڪان نون جا نياپا پهچائيندڙ آهن. ڪي ڳيرا فال جا لفافا به ڪڍن ٿا جيئن پاڻ وٽ فٽ پاٿ تي طوطا فال ڪڍندي نظر اچن ٿا.
اتي ئي هڪ چنگودو نالي مندر آهي جيڪو “تَنوڪي مندر” به سڏجي ٿو. تنوڪي جانور مون جپان ۾ ئي ڏٺو آهي. انگريزيءَ ۾ جنهن جانور کي رئڪون سڏين ٿا ان سان ڪافي ملي ٿو. جپانين جو اهو عقيدو آهي ته تنوڪي خوش بختي آڻي ٿو ۽ ڪاروبار ۽ گهر کي باهه ۽ چوريءَ کان بچائي ٿو.
ٽوڪيو جي ضلعي شبويا ۾ هڪ ميئجي درگاهه (مندر) به آهي جنهن جي چوڌاري پارڪ آهن. هي مندر شهنشاهه ميئجي ۽ هن جي زال کي منسوب ٿيل آهي. هي 1915ع ۾ ٺهيو هو پر ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪين ٽوڪيو جي ٻين مندر سان گڏ هن کي به بم هڻي تباهه ڪري ڇڏيو هو پر 1958ع ۾ هن کي وري هوبهو پهرين جهڙو ٺاهيو ويو. ڪنهن ملڪ جو صدر يا وزيراعظم سرڪاري دوري تي ٽوڪيو اچي ٿو ته هتي جي حڪومت طرفان هنن کي هن مندر تي خاطريءَ لاءِ وٺي اچن ٿا. هڪ دفعو اسان جو جهاز ٽوڪيو ۾ هو ته اسان جو اڳوڻو صدر جنرل ضياءُ الحق آيو هو.
ٽوڪيو ۾ مندر ته گهڻائي آهن پر هتي ٽي چار اهي ٻڌائي رهيو آهيان جيڪي اهم ۽ وچ شهر ۾ آهن يعني سولن هنڌن تي آهن جن جي ويجهو سب وي اسٽيشن هجڻ ڪري پهچڻ سولو آهي ۽ منهنجو انهن ۾ اڪثر وڃڻ ٿيندو هو ۽ جهاز تي رهندڙ پنهنجي فئملي کي به وٺي ويندو هوس ۽ هنن جا پڻ مندرن جي رنگين عمارتن ۽ انهن ۾ ايندڙ رنگين ڪمونن ۾ سوالين جي ڀرسان بيهاري فوٽو ڪڍندو هوس. ٽوڪيو جي اهڙن ئي خوبصورت مندرن مان زوجوجي (Zojoji) مندر آهي. هي مندر ٽوڪيو جي مشهور شيبا پارڪ ۽ ٽوڪيو ٽاور وٽ آهي. جپان تي جن توڪوگاوا شوگنن حڪومت ڪئي انهن پندرهن مان ڇهه هتي دفن ٿيل آهن جن جا الڳ الڳ مقبرا آهن. هي مندر ٽوڪيو جي مناٽو (بندرگاهه) جي ڀرسان شيبا ڪوئين ۽ اوناري مون گهٽين وٽ آهي.
ٽوڪيو جي تائيو ضلعي ۾ هڪ تين نوجي (Tennoji) نالي مندر پڻ ڏسڻ وٽان آهي. اهو ٻڌ ڌرم وارن جو مندر آهي جنهن ۾ ڌاتو (Bronze) جو ٺهيل گوتم ٻڌ جو مجسمو آهي.
مناٽوڪُو ٽوڪيو واري ئي علائقي ۾ نوگي مندر آهي جيڪو شنتو ڌرم جو مندر آهي. جپان ۾ ٻه ڌرم آهن: ٻڌ ڌرم جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي پوڄا پاٺ ٿئي ٿي ۽ ٻيو شنتو ڌرم جنهن ۾ ڪنهن ڪامي (Kami) ديوتا جي ٿئي جنهن ۾ وڏن جو روح به اچي وڃي ٿو.
جپاني فوج جي جنرل نوگي مارڪي سوڪيءَ ۽ هن جي زال شي زوڪو پنهنجي شهنشاهه ميئجي جي موت جو ٻڌي هن هنڌ تي هاراڪِري ڪئي هئي يعني ڇري سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪئي هئي. ٻئي ڄڻا هتي دفن ٿيل آهن. ماڻهو جنرل نوگيءَ جي ناموس ۽ آبرو جي پوڄا لاءِ هتي اچن ٿا.
ٽوڪيو ۾ هڪ ميئجي جنگو درگاهه به آهي جيڪا ٽوڪيو جي ”هاراجوڪو“ علائقي ۾ آهي.
ٽوڪيو ۾ شاهي محلات ڀرسان هڪ مندر ياسا ڪوني جنجا (Yasakuni- Jinja) نالي پڻ ڏسڻ وٽان آهي جنهن جي ڀرسان يوشوڪان (تواريخي ميوزيم) آهي ۽ ٿورو اڳيان ٽوڪيو جي ائينو (Ueno) پارڪ وٽ توشوگو نالي مندر آهي. جيڪو پڻ منهنجي فئوريٽ مندرن مان آهي. فئوريٽ ان ڪري جو جهاز تان انهن مندرن ۾ پهچڻ سولو هو. منجهن وهڻ ۽ چانهه ڪافيءَ جو سستو بندوبست هو. ماڻهن کي ساٺ سوڻ ڪندي ڏٺم ٿي. ساڻن خبرون ڪرڻ سان، خاص ڪري نوجوان ٽهيءَ سان ڪچهري ڪرڻ سان هو به خوش ٿيا ٿي جو هنن پنهنجي انگريزي سڌاري ٿي ۽ آئون ان ڪري خوش هوس جو مون کي لکڻ لاءِ هنن کان ڪيتريون ئي مزيدار ڳالهيون ملي ويون ٿي. ارنيسٽ هيمگنوي کي ته سنگاپور ۽ بئنڪاڪ جهڙن بندرگاهن جي هوٽلن ۾ ويهي ايندڙ جهازرانن کان لکڻ لاءِ خبرون مليون ٿي پر مون کي جپان جي مندرن مان به ڪافي دوستيون ۽ لکڻ لاءِ مواد ملي ويو ٿي.
جپان ۾ جيڪڏهن توهان وڏي عرصي لاءِ رهڻ لاءِ نه آيا آهيو پر هفتي ڏيڍ لاءِ ٽوئرسٽ ٿي آيا آهيو ۽ توهان کي ڏينهن ٻه رهي پوءِ ڪيوٽو يا نارا، ڪماڪورا ۽ نيڪو (Nikko) جهڙن شهرن ۾ به وڃڻو آهي ته پوءِ بهتر آهي ته ٽوڪيو ۾ مندر ڏسڻ بدران ڪيوٽو ۽ نارا جهڙي شهر ۾ مندر ڏسجو جو اهي شهر آهن ئي مندرن جا، باقي ٽوڪيو ۾ وڌ ۾ وڌ کڻي سينسوجي مندر ڏسجو جيڪو ٽوڪيو جي اساڪسا علائقي ۾ آهي جتان گهڻو ڪري هر هڪ جو لنگهه ٿئي ٿو.
مندرن جي ائڊريس لاءِ هي جيڪي مون مناٽو، چيودا، سيتاگايا وغيره لکيا آهن اهي ڪي ڏورانهان شهر نه آهن پر ٽوڪيو جا ئي مختلف حصا آهن جيئن ڪلفٽن، ڊفينس، ڪياماڙي، ماڙيپور، لس ٻيلو، گلشن اقبال، ملير، صدر، لانڍي، ڪورنگي، اورنگي وغيره. ٽوڪيو جو شهر 23 حصن ۾ ورهايل آهي جيڪي وارڊ سڏجن ٿا. هڪ نئين ماڻهوءَ کي جيڪو تعليم يا نوڪريءَ لاءِ ٽوڪيو ۾ وڏو عرصو رهڻ جو ارادو رکي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته هو ٽوڪيو جي مختلف حصن جا نالا ۽ بيهڪ ياد رکي. ٽوڪيو جا ڪجهه حصا جيڪي بندرگاهه کي ويجهو هجڻ ڪري منهنجو گهڻو وڃڻ ٿيندو هو ۽ اتي جا مندر، پارڪ ۽ ڏسڻ جي جاين تي وڌيڪ وڃڻ ٿيندو هو، اهي آهن: سميدا، شيبويا، شنجوڪو، ناڪانو، سوگي ناما، اتاباشي، اداچي، ۽ اراڪاوا وغيره.
ٽوڪيو ۾ مندرن کان علاوه، ٽوئرسٽ کي ڏسڻ لاءِ ڪجهه جايون هن ريت آهن: تسوڪِجي (Tsukiji) مڇي مارڪيٽ، ٽوڪيو نيشنل ميوزيم جيڪو ايڊو ميوزيم به سڏجي ٿو. شاهي محل (امپيريل پئلس)، گنزا، اڪيهابارا جتي دنيا جون اليڪٽرانڪ شيون ملن ٿيون، ٽوڪيو ٽاور جتان توهان سڄي ٽوڪيو جو نظارو ڪري سگهو ٿا. مندرن ۾ سينسو جي مندر ۽ ميئجي درگاهه کڻي ڏسي سگهو ٿا. باقي مندر ڪيوٽو، ڪماڪورا، نارا وغيره ۾ ڏسجن. ٽوڪيو ۾ جيڪڏهن توهان وڏو عرصو رهڻ لاءِ آيا آهيو ۽ توهان کي تاريخ سان دلچسپي آهي ته پوءِ توهان لاءِ به ڪيتريون ئي جايون آهن جيئن ته:
• اوموئيدي يوڪوچو
• هوزو مون
• ٽوڪيو يونيورسٽي
• ڪوڪيو گائين گارڊن
• روپونگي ساڪورا زاڪا
• ڪارا سوياما گاوا گرين روڊ
• ديمبوان دوري
• اوتو ناشي ريو ڪوچي
• سيتا گايا جيوشي پارڪ
• هوڪو ساءِ دوري
• ڪارا سوياما تيراماچي
• ڪوتو دوري
• ڪماڪورا ڪائدو
• ناگائي زاڪا..... وغيره.