جپان ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر سفر
ڪيوٽو شهر ڪلچر ۽ ثقافت جي لحاظ کان بهترين شهر آهي جنهن ۾ ٽوئرسٽن جي ڏسڻ لاءِ هزارين مندر، درگاهون، محلات ۽ باغ باغيچا آهن. ڪيوٽو بندرگاهه نه هجڻ ڪري اسان لاءِ اهو شهر گهمڻ ناممڪن هو پر مون کي ڪيوٽو ڏسڻ جو ايڏو شوق رهيو ٿي جو ڪوشش ڪري هر دفعي ڪيوٽو آيس ٿي. جپان جا بندرگاهه ڪوبي ۽ اوساڪا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجها آهن ۽ اسانجي جهاز کي ڪڏهن ڪوبي بندرگاهه ۾ بيهڻ جي جاءِ ملي ٿي ته ڪڏهن اوساڪا ۾. انهن ٻنهي بندرگاهن کان تاريخي شهر ڪيوٽو ويجهو ۽ هڪ ئي فاصلي تي آهي ۽ ماڻهو بس يا ٽرين ۾ صبح جو وڃي، گهمي ڦري شام جو موٽي سگهي ٿو. منهنجو هر دفعي اوساڪا کان ڪيوٽو اچڻ ٿيو ٿي، ڪوبي ۾ شايد اسان جهازن وارن لاءِ ڊيوٽي فري دڪان ۽ آچر بازار جهڙيون سستيون بازاريون هجڻ ڪري اسان ڪوبي کان ٻاهر ڪيڏانهن به نٿي وياسين. ڪوبي ۾ مسجد ۽ مسلمانن جو تعداد به وڌيڪ هجڻ ڪري اسان کي ڪوبي ۾ وڌيڪ مزو آيو ٿي. اوساڪا انڊسٽريل شهر آهي. اوساڪا ۾ جهاز جي گهڻي اچڻ تي اتان ڀڄڻ تي دل چوندي هئي ۽ پوءِ ڪيوٽو نه ته ڪوبي به هليا ويندا هئاسين. هي 1970ع واري ڏهاڪي جون ڳالهيون آهن جڏهن اڃان نه ڪنٽينر جهاز عام ٿيا هئا ۽ نه بندرگاهه ۾ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ جون سهولتون ماڊرن ٿيون هيون. جهاز تي سامان ٿورو ٿورو ٿي ٽرڪن ذريعي پهچندو هو جن مان ٿورو ٿورو ڪري نيٽ ذريعي کڄي جهاز جي هئچن (گدامن) ۾ رکيو ويندو هو. سڄو جهاز خالي ڪرڻ يا ڀرڻ ۾ هفتا لڳي ويندا هئا. ان ڪري ان زماني ۾ اسان جهاز هلائڻ وارن جا مزا هئا جو اسان کي بندرگاهن ۾ ترسڻ جو گهڻو موقعو ملي ويو ٿي. پر اڄ ڪنٽينر سروس هجڻ ڪري ۽ بندرگاهه ۾ طاقتور ڪرينون هجڻ ڪري اهي ٻن ڏينهن ۾ جهاز خالي ڪريو ڇڏين ۽ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ جهاز کي ڪنٽينرن سان ڀريو ڇڏين. بلڪ (Bulk) کڻندڙ جهاز به ايترائي ڏينهن وٺن ٿا. اسان جي ڏينهن ۾ چانور يا ڪڻڪ ڳوڻين ۾ چڙهندي هئي ۽ لهڻ مهل هڪ هڪ ٽرڪ ايندي هئي ۽ ڀربي هئي پر هاڻ ڪڻڪ جي ڳوڻين بدران ڦوهاري ذريعي کلي طرح جهاز تي چاڙهي وڃي ٿي ۽ دنيا جي ٻي ملڪ ۾ پڻ ڦوهاري ذريعي ڪڍي وڃي ٿي.... اهو ڪم طاقتور پمپن ذريعي ڪيو وڃي ٿو جيڪي جيئن پاڻيءَ جي Suction ڪن ٿا تيئن اهي اناج جي سڪشن ڪن ٿا. سو اسان جي ڏينهن ۾ بندرگاهن ۾ گذارڻ وڌيڪ ٿيو ٿي ان ڪري قصا ڪهاڻيون به جام ٿيون ٿي. سمنڊ تي ته روز ساڳي زندگي رهي ٿي. ڪنهن ڪنهن بندرگاهه ۾ گهڻو وقت لنگر انداز ٿيڻ ڪري اسان کي ڀروارن شهرن ۾ به وڃڻ ٿيو ٿي جيئن انگلينڊ جي بندرگاهه لِورپول ۾ لنگر انداز ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ بس يا ريل ذريعي ڀر واري شهر مانچسٽر به هليا وياسين ٿي. يوڪوهاما ۾ هجڻ دوران ٽوڪيو هليا وياسين ٿي. نيو جرسي جي بندرگاهه نيوارڪ (Newark) ۾ هجڻ دوران نيويارڪ (New York) به هليا وياسين ٿي ۽ اوساڪا ۾ هجڻ دوران ٻيا نه ته آئون ڪيوٽو هليو ويس ٿي. هينئر به منهنجو ڌيءَ وٽ اوساڪا وڃڻ ٿئي ٿو ته اوساڪا کان ڪيوٽو وڃان ٿو. بهرحال جپان جا سڀ شهر هڪ جهڙا آهن.... تمام گهڻي آدم شماري وارا ۽ تمام وڏي سائيز وارا جيئن اسان جو ڪراچي، لاهور، حيدرآباد وغيره آهي.
اسان وٽ ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور جهڙن شهرن لاءِ ته هڪ اسٽيشن ئي ڪافي آهي پر ڪراچي جهڙو شهر جنهن جي هڪ ڪنڊ ڪياماڙيءَ کان ٻي ڪنڊ سهراب ڳوٺ يا سرجاني ٽائون سمجهو ته 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ڇهه ست يا ان کان به وڌيڪ ريلوي اسٽيشنن جي ضرورت آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ئي ڪراچيءَ جون ٻه اسٽيشنون هيون: ڪراچي ڪئنٽونمينٽ ۽ ڪراچي سٽي، ان بعد ڊرگ روڊ، ملير، لانڍي ڀروارن ڳوٺن جون ريلوي اسٽيشنون هيون جيڪي سڀ علائقا هاڻ ملي هڪ ڪراچي ٿي ويو آهي ۽ اتي جون ريلوي اسٽيشنون ڪراچيءَ جون اسٽيشنون سمجهيون وڃن ٿيون. ان بعد جنگشاهي ۽ ڪوٽڙي ۽ پوءِ حيدرآباد، ٽنڊوآدم يا ٻڍاپور، دادو وغيره اچن ٿا.
انگريزن جي وڃڻ بعد اسان وٽ ريلوي ۾ نه واڌارو آيو نه سڌارو، جيتوڻيڪ انڊيا ۾ نيون نيون اسٽيشنون ۽ نيون ريلوي لائينون ۽ Routes ٺهي ويون. جپان جهڙن شهرن ۾ ته الائي ڇاڇا واڌارو آيو آهي.
اسان وٽ به جي دهليءَ وانگر ميٽرو ٽرين يا ٽرام هلي ته ڪراچي جي هڪ ڪنڊ ڪياماڙي بعد گهاس بندر، بولٽن مارڪيٽ، صدر، گرومندر، لياقت آباد، يوسف پلازه، سهراب ڳوٺ جهڙيون اسٽيشنون هڪ روٽ تي ٻي روٽ تي ڪياماڙي، ٽاور، وزير مئنشن، گل بائي، پاڪ ڪالوني، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون وغيره ٻئي پاسي ٿي وڃن ۽ ڪياماڙي ضياءُالدين اسپتال، بلاول چوڪ، ڪلفٽن، ڊفينس، اختر ڪالوني، محمودآباد، بلوچ ڪالوني، شاهه راهه فيصل، ايئرپورٽ وغيره نالن واريون اسٽيشنون ٽي طرف ۽ اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي اسٽيشنون ۽ Routes اسان جي شهر ڪراچي ۾ ٿي وڃن. اهو ئي حال جپان جي ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي، هيروشيما ڪيوٽو وغيره جو آهي. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جو جهاز اوساڪا جي بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته بندرگاهه واري ريلوي اسٽيشن “اوساڪا ڪو” کان راجاجي ريل ۾ چڙهبو هو ته گهاس بندر، بولٽن مارڪيٽ، جامع ڪلاٿ مارڪيٽ جهڙيون بينٽنچو، اساشيوباشي، نِشي ڪوجو، هوم ماچي اسٽيشنون لتاڙي اوساڪا جي صدر واري علائقي اُميدا (Umeda) کان اچي نڪربو هو ۽ پوءِ اُميدا کان ٻي ريل گاڏيءَ ۾ ڪوبي، ڪيوٽا يا ٻين شهرن ڏي پيو وڃبو هو. هڪ ئي سرڪاري ٽرين هوندي هئي ان ۾ پيو اچبو وڃبو هو. پر هاڻ ته سڄي دنيا بدلجي وئي آهي. اوساڪا جهڙي شهر ۾ انيڪ ريلوي اسٽيشنون ٿي ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي Routes ٿي ويون آهن جيئن مٿي ڪراچيءَ جون ٽي خيالي روٽس لکيون اٿم ۽ انهن روٽس تي ڪيترن ئي قسمن جون ٽرينون هلن ٿيون، جيئن ته سڀ کان تيز هلندڙ شنڪانسين (جيڪي بليٽ ٽرينون سڏجن ٿيون)، رئپڊ ٽرينون، سرڪاري JR ڪمپنيءَ جون ريل گاڏيون ۽ هئنڪيو ريلوي جهڙيون پرائيويٽ ريل گاڏيون ۽ انهن ريل گاڏين جا مختلف قسم آهن جيئن بليٽ ٽرين (شنڪانسين) جا نوزومي، هِڪاري ۽ ڪوداما ۽ مختلف رفتار ۽ آرام واريون ريل گاڏيون مختلف ريلوي اسٽيشنن تان شروعات ڪن ٿيون ۽ مقرر ريلوي اسٽيشنن تي ترسنديون ڪيوٽو پهچائين ٿيون. ڪيوٽو ۾ به اوساڪا وانگر ڪيتريون ئي اسٽيشنون آهن ۽ هر ٽرين پنهنجن مقرر ٻن يا ٽن ريلوي اسٽيشنن تي بيهي ڪيوٽو ڇڏي ٿي. هر ٽرين جي پنهنجي رفتار هجڻ ڪري اها اوساڪا کان ڪيوٽو اوتري وقت ۾ پڄائي ٿي. سستي سستي ڀاڙي واري ٽرين جي ٽڪيٽ اسان جي ملڪ جي ماڻهوءَ لاءِ ڳري ٿئي ٿي. ان ڪري اسانجي ماڻهوءَ کي کپي ته اکيون پوري، جيڪا ريل منهن ۾ اچي ان ۾ چڙهي نه پئجي پر سفر کان اڳ هوم ورڪ ڪرڻ کپي ته اوساڪا مان هن کي ڪهڙي اسٽيشن تان ريل ۾ چڙهڻ کپي ۽ ڪيوٽو ۾ توهان ڪهڙا مندر يا شيون ڏسڻ ٿا چاهيو ته توهان کي کپي ته اهڙي ٽرين ۾ چڙهو جيڪا ڪيوٽو ۾ انهن شين جي ڀر واري ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي جتي لهي توهان واڪ ڪري منزل تي پهچي وڃو. اهو حساب ڪرڻ به ضروري آهي ته توهان لاءِ وقت ضروري آهي يا پئسو؟ ڇو جو توهان واندا مل آهيو ته بليٽ ٽرين ۾ ڇو سفر ڪجي جنهن جي ٽڪيٽ عام ٽرين کان ٽيڻي چئوڻي آهي.
اوساڪا شهر جي ڪيترين اسٽيشنن مان پنج ڇهه جيڪي اهم اسٽيشنون آهن جن تان ريل گاڏيون ٻين شهرن ڪيوٽو يا ڪوبي ڏي وڃن ٿيون، اهي آهن:
نمبا Namba
ڪيوباشي Kyobashi
يودويا باشي Yodoyabashi
اميدا Umeda (جيڪا پراڻي اوساڪا اسٽيشن آهي)
شن اوساڪا Shin Osaka نئين اوساڪا اسٽيشن اهڙي طرح ڪيوٽو شهر جون اهم اسٽيشنون آهن:
توفوڪوجي Tofukuji
ڪوارا ماچي Kawaramachi
سانجو Sanjo
ڪارا سُما Karasuma
اراشي ياما Arashaiyama ۽ ڪيوٽو Kyoto
ديماچي ياناگي Demachiyanagi وغيره.
۽ ائين ئي جپان جي ٻين شهرن جون ڪجهه ريلوي اسٽيشنون اهم آهن جن کي توهان جنڪشنون به چئي سگهو ٿا جو هتان هڪ کان وڌيڪ ريلون لنگهن ٿيون يا هتان ٻين شهرن ڏي ريلون وڃن ٿيون. بليٽ ٽرين (شنڪاسين) جيڪا سڀ ۾ تيز رفتار ريل آهي جنهن سان اوساڪا ۽ ڪيوٽو شهر ڳنڍيل آهن. ان ريل Shinkansen ۾ اوساڪا شهر جي “شن اوساڪا” ريلوي اسٽيشن تان سوار ٿي سگهجي ٿو جيڪا اوساڪا کان ڪيوٽو جو 43 ڪلوميٽرن جو سفر 15 منٽن ۾ پورو ڪري ڪيوٽو شهر جي مرڪزي اسٽيشن ڪيوٽو تي پهچي ٿي. ان جي هڪ طرفي ٽڪيٽ 1420 يين آهي. اڄ ڪلهه جپان جي سڪي هڪ يين جي قيمت هڪ روپيو آهي يعني ايترا روپيا ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ ٽرين تيز رفتار هجڻ ڪري منزل تي جلد ٿي پهچائي، بيحد فرحت واري آهي. پر يارو اسان کي ڪهڙو جلد پهچي هوائي جهاز اڏائڻو آهي يا اسانجو ڪهڙو ڪارن يا ڪئميرائن جو ڪارخانو آهي جنهن مان روزانو لکين رپين جو فائدو پيو ٿئي. ڪيوٽو پهچي به اهو ئي واڪ ڪري ڪو مندر يا پارڪ ڏسڻو آهي ۽ هڪ سئو يين واري پٽئٽو چپس جي ٿيلهي وٺي کائڻي آهي. سو اسان لاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي، جي بليٽ ٽرين جي وهڻ جي سيٽن تي مخمل جي ڪپڙي جا ڪور آهن ۽ ٽوائليٽ ۾ اوچي چينيءَ جا ڪموڊ ۽ رولڊ گولڊ جا نلڪا آهن. اسان جهڙا ماڻهو ته اهي پندرهن منٽ بيهي به گذاريو ڇڏين. اسان کي انهن پندرهن منٽن جي سفر ۾ ڪهڙو آرمده سيٽن تي اکيون پوري ننڊ پوري ڪرڻي آهي يا سون ورنا ڪموڊ استعمال ڪرڻا آهن!
بليٽ ٽرين جي تعريف ۾ اسان جا ماڻهو ٽڪيٽ ڀري به هن ۾ هڪ دفعو وهڻ چاهين ٿا ته جيئن احساس (Feelings) وٺي سگهن. پر توهان کي اهو ٻڌايان ته ڪو احساس نٿو ٿئي ته توهان ايڏي تيز رفتار سان سفر ڪري رهيا آهيو. ڪڏهن هوائي جهاز ۾ ٿيو آهي؟ هيءَ تيز رفتار بليٽ ٽرين ڏسڻ جو مزو ٽرين مان ٻاهر بيهي ڏسڻ ۾ آهي ته هوءَ ڪيئن توهان جي اڳيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. ها البته توهان پنهنجي ملڪ مان جپان جي رٽرن ٽڪيٽ سان گڏ “جپان ريل پاس” به خريد ڪئي آهي ته پوءِ ضرور بليٽ ٽرين ۾ سفر ڪريو. بلڪه ٽوڪيو مان سڌا ڪيوٽو هليا اچو جو پاس جي ڪري توهان مفت سفر ڪري سگهو ٿا. ٽوڪيو کان ڪيوٽو باءِ ايئر 365 ڪلوميٽر مفاصلو آهي پر جيئن ته ريل گاڏي ور وڪڙ کائي پهچي ٿي ان ڪري ٽوڪيو کان ڪيوٽو ريل گاڏيءَ لاءِ مفاصلو 456 ڪلوميٽر ٿئي ٿو جيڪو تيز رفتار ٽرين به ڪلاڪ ويهه منٽن ۾ ڪري ٿي ۽ هڪ طرفي ٽڪيٽ 13000 يين (رپيا) آهي.
بهرحال پاڻ اوساڪا کان ڪيوٽو سفر ڪرڻ جو احوال ڪري رهيا هئاسين جيڪو اسان لاءِ بليٽ ٽرين ۾ ڪرڻ پئسي جو زيان آهي. وقت ڀلي وڌيڪ لڳي پر اجايو خرچ ته نه ٿئي. سو ان لاءِ JR ڪيوٽو لائين بهتر آهي جيڪا اوساڪا کان ڪيوٽو پهچڻ ۾ 24 منٽ لڳائي ٿي ۽ ٽڪيٽ اڌ کان به گهٽ 560 يين (رپيا) آهي. اهڙي طرح پرائيويٽ ريل ڪمپني “ڪيئي هان” جي ٽرين اوساڪا پاسي “يودويا باشي” ريلوي اسٽيشن کان مسافر کڻي ڪيوٽو پهچي ٿي. اها اوساڪا جي ٻين اسٽيشنن نمبا ۽ اميدا تي به بيهي پئسينجر کڻي ٿي ان ڪري 55 منٽن ۾ ڪيوٽو پهچائي ٿي پر سندس ڀاڙو فقط 410 يين آهي. اهڙي طرح هڪ ٻي پرائيويٽ ڪمپني هئنڪيو Hankyo جو ڀاڙو 400 يين آهي ۽ اها اوساڪا کان ڪيوٽو 44 منٽن ۾ پهچائي ٿي.
سو توهان کي جپان جي هڪ شهر کان ٻئي ۾ وڃڻ ٿئي ته تڪڙ کان ڪم نه وٺو ۽ برونائي، ڪويت ۽ عرب ملڪ جي ڪنهن امير کان پڇڻ بدران پنهنجي پاسي جي ڪنهن ملڪ انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا، نيپال، بنگلا ديش جي ڪنهن همراهه کان پڇندائو ته هو توهان جي صحيح رهنمائي ڪندو ته توهان پنهنجي شهر جي ڪهڙي اسٽيشن تان، ڪهڙي ڪمپني جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهو جيئن توهان پئسو بچائي سگهو.