الطاف شيخ ڪارنر

جي وڃين تون جپان

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت سفرنامو آهي. آصف رضا موريو لکي ٿو:
”الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺي هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2666
  • 721
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جي وڃين تون جپان

سَهن ۽ ٻلين جا ٻيٽ

جپان ۾ اوڪونو شِيما نالي هڪ اهڙو به ٻيٽ آهي جيڪو سڄو سَهن (Rabbits) سان ڀريل آهي. ٻي جنگ عظيم دوران هن تي سَها آندا ويا هئا جيئن هنن تي زهريلي گئس جا تجربا ڪيا وڃن. جپان جا جيڪي چار وڏا ٻيٽ آهن انهن جي چوڌاري جيڪو سمنڊ آهي اهو جپان جو اندريون سمنڊ (Inland Sea) سڏجي ٿو ۽ ان کان علاوه جپان جي ٻاهران چوڌاري سمنڊ آهن، جيئن ته پئسفڪ سمنڊ، بحر جپان (Japan Sea) وغيره. جپان جو اندريون سمنڊ به ڪافي ويڪرو آهي جنهن ۾ اسان جا وڏا جهاز به هليو وڃن ۽ خراب موسم ۾ ان اندرئين سمنڊ ۾ به طوفان ۽ وڏيون ڇوليون اچن ٿيون. بهرحال مٿيون سَهن وارو ننڍڙو ٻيٽ Okunu shima جپان جي ان اندرئين سمنڊ ۾ هيروشيما پريفيڪچر جي شهر “تاڪي هارا” وٽ آهي ۽ فيريءَ ذريعي پهچي سگهجي ٿو. سَهن جي گهڻائيءَ ڪري هي ٻيٽ اڪثر اُوساگي شِيما (Usagi Shima) سڏجي ٿو. سَهي کي جپانيءَ ۾ “اُوساگِي” سڏجي ٿو ۽ “شيما” معنيٰ ٻيٽ. جپان ننڍن وڏن ٻيٽن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن ٻيٽن ۽ شهرن جي نالن ۾ شيما ائين آهي جيئن اسان وٽ ٽنڊو، پُور يا آباد. جيئن ته ”هيروشيما“ معنيٰ ”وڏو ٻيٽ“. جپان جي هڪ ليکڪ بلڪه اسان جي دلپسند ناول نويس يوڪيو مِشيما پنهنجي هڪ ناول The Sound of waves ۾ ڪامي شيما ٻيٽ جو ذڪر ڪيو آهي. جپانيءَ ۾ ديوتا يا پروردگار کي Kami سڏين ٿا. اهڙي طرح جپان ۾ اسان جي ٽنڊو آدم، ٽنڊوڄام، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو ٺوڙهو وانگر ڪيترائي شيما وارا شهر آهن جيئن ته فوڪو شيما، ڪاشيما، متسوشيما، تاڪا شيما، اوشيما، تسوروگا شِيما، توبي شِيما، اُتسوڪو شِيما وغيره وغيره. شِيما (Shima) کان علاوه (Jima) جِيما جي معنا به ٻيٽ آهي ۽ جپان جي ڪيترن شهرن ۽ ٻيٽن جي نالن ۾ جيما پڻ اچي ٿو. جيئن مٿي لکيل اتسو ڪوشيما جو نالو مياجيما به آهي جيڪو هيروشيما جي ڀرسان هڪ سهڻو ٻيٽ آهي ۽ هرڻن ۽ توروئي (ڳاڙهي رنگ جي دروازي) کان مشهور آهي جنهن جي تصوير منهنجي هڪ جپان جي سفرنامي جي ٽائيٽل ڪور تي به آهي. جِيما لفظ وارا ڪجهه ٻيا شهر هن ريت آهن: ڪتسوجيما، مِڪورا جيما، ني جيما، ڪوداڪارا جيما، ڪِيڪائي جيما، اڪا جيما، مياڪو جيما، تائشو جيما...... يارو سڄو جپان ”شيمائن“ ۽ ”جيمائن“ سان ڀريو پيو آهي. سو هي سَهن وارو ٻيٽ جنهن جو اصل نالو Okuno shima هو هاڻ سهن ڪري هن جو نالو ئي Usagi Shima معنيٰ “سهن وارو ٻيٽ” ٿي ويو آهي. هي ٻيٽ سهن سان ڀريل نظر اچي ٿو جيڪي پالتو سهن وانگر گهمندا رهن ٿا ۽ نئين آيل ماڻهوءَ جي به ويجهو پهچيو وڃن. سَهن جي به مجبوري آهي جو ٻيٽ تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو رهن ٿا جيڪي هنن کي ڪيترو کارائي سگهندا. ان ڪري هو واجهائيندا رهن ٿا ته گهڻي کان گهڻا ٽوئرسٽ اچن ۽ هنن جي کائڻ لاءِ ڪجهه کڻي اچن. هينئر مون ڪنهن کان ٻڌو يا شايد اخبار ۾ خبر پڙهيم ته حڪومت هنن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ هنن کي ڪجهه اهڙيون شيون کارائي رهي آهي يا شايد دوائون ڏئي رهي آهي جيئن هو کَسي ٿي پون ۽ ٻچا پيدا ڪرڻ جي طاقت نه رهين.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هي ٻيٽ زهريلي گئسن جي ڪارخانن کان مشهور هو ۽ جپانين انهن ذريعي چين تي ڪيميڪل حملا ڪيا.
جپان ۾ ڪتو به پاليو وڃي ٿو پر ايترو نه جيترو يورپ جي ملڪن ۾، خاص ڪري اسڪينڊي نيوين ملڪن ۾! ڪتي پالڻ جو شوق به جپانين ۾ هاڻ ٿورو گهڻو نظر اچي ٿو. باقي جپاني ٻلين کي گهڻو پسند ڪن ٿا. ڪي ته ان کي پوڄا جي حد تائين چاهين ٿا ۽ ويندي ڪيترا مندر ٻلين سان منسوب آهن جن ۾ ٻلين جا مجسما (Statues) رکيل آهن. سَهن جو ته جپان ۾ فقط هڪ ٻيٽ آهي پر ٻلين جا ڏهاڪو کن ٻيٽ آهن.
کوجنا ڪندڙ پراڻين هڏين کي ڏسي ٻڌائين ٿا جپان ۽ چين ۾ گذريل 5000 سالن کان ٻلين جو گهرن ۾ راڄ رهيو آهي. پر هڪ ڳالهه حيرت واري آهي ته چينين جي Zodiac چڪري ۾ جيڪي ٻارهن جانور آهن انهن ۾ نانگ، ڪوئو، ڀولڙو، ڪتو، ڪڪڙ ويندي سوئر ۽ ٻڪري ته آهي پر ٻليءَ جهڙي اهم جانور کي نه رکيو ويو آهي. ان لاءِ روايت آهي ته جڏهن چيني ڪئلينڊر لاءِ جانورن جو مقابلو ٿي رهيو هو ته ڪوئي جنهن کي ٻلي پسند نه هئي تنهن ان وقت ستل ٻليءَ کي اٿاريو ئي ڪو نه. نتيجي ۾ ٻلي هن مقابلي ۾ حصو وٺي نه سگهي.
ويٽنامي ڪئلينڊر جيڪو چيني ڪئلينڊر تان ٺاهيو ويو آهي ان ۾ ڍڳي بدران سَانَ کي رکيو ويو آهي ۽ هنن سهي کي ڪڍي ٻليءَ کي رکيو آهي. هونءَ جپان جي سر زمين تي شروع کان ٻلي نه هئي. اها پاڻيءَ جي جهازن ذريعي چين کان آئي. ڪيترا اهڙا جانور ۽ پکي آهن جيڪي پاڻيءَ جي جهازن ذريعي ٻين ملڪن ۾ آيا آهن. جيئن برمودا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته جڏهن ماڻهو برمودا ٻيٽ تي رهڻ لاءِ آيا ته هنن ڏٺو ته ان ٻيٽ تي ٻيا جانور ته نه هئا پر سوئرن جا ڌڻ هئا. دراصل ڪجهه سال اڳ هڪ جهاز پورچوگال کان سوئر کڻي آمريڪا پئي ويو ته برمودا ٻيٽ وٽ ان جهاز جو حادثو ٿي پيو. جهاز ۾ موجود جهازران ته ٻيڙي ذريعي بچي ويا جن کي ٻيو لنگهندڙ جهاز کڻي آمريڪا هليو ويو، باقي سوئرن مان ڪي ٻڏي ويا ته ڪي ترڳندا ترڳندا برمودا پهچي ويا ۽ ڪيترا سال وڌندا ويجهندا رهيا تان جو هڪ ڏينهن هڪ پئسينجر جهاز جو برمودا وٽ حادثو ٿي پيو ۽ ان جا مسافر برمودا ۾ ئي ترسي پيا ۽ سوئر ڏٺائون. جپان ۾ ڪيتريون ئي ٻلين جون ڪيفي (ريسٽورنٽون) پڻ آهن جتي ٻلين جا شوقين ڪلاڪ ٻه چانهه يا بيئر پيئڻ سان گڏ اتي موجود پاليل ٻلين سان کيڏي سگهن ٿا. هي ڪيفي هاڻ نڪتيون آهن جن جي شروعات دراصل تائيوان جي شهر تائيپي ۾ 1998ع ۾ Cat Flower Garden نالي ڪيفي سان ٿي. پر هاڻ جپان ۾ ٻلين جون سوين ريسٽورنٽون آهن. هڪ ته خاص ڪارين ٻلين جي ريسٽورنٽ به آهي. اها هميجي شهر ۾ “نيڪو بياڪا” نالي آهي.
جپان ۾ ڀليڪار ڪندڙ ڀاڳ واري ٻلي “مانيڪي نيڪو” (Maneki Neko) جي ته توهان کي جپان پهچڻ سان پهرين ڏينهن ئي خبر پئجيو وڃي جيڪا هر ننڍي وڏي دڪان يا ريسٽورنٽ ۾ دڪان جي دخل تي نظر اچي ٿي جتي دڪاندار ويهي گراهڪن کان پئسا وٺي ٿو. هيءَ ڪاشي، چيني، پٿر، ڪاٺ يا لوهه جي ٺهيل ٻلي پنهنجو هٿ لوڏيندي رهي ٿي. جپاني ماڻهن کي ڪيترائي وسوسا ۽ superstition ٿين ٿا جن مان هڪ اهو به آهي ته هن ٻليءَ جي ڪري دڪان ۾ گراهڪ ۽ پئسو اچي ٿو.
هونءَ به جپانين جو اهو اعتقاد آهي ته ڪاريون ٻليون ڀاڳ واريون ٿين ٿيون. اهي انهن جي مالڪن لاءِ گهر ۾ ۽ ڪاروبار ۾ فائدو ۽ خوشحالي آڻين ٿيون. اهي ٻليون “فوڪُو نيڪو” (Fuku Neko) سڏجن ٿيون جن جي لفظي معنا به ڀاڳ واري ٻلي آهي. اهي ڪاريون ٻليون نڀاڳ ۽ خطري کي پري رکن ٿيون.... يعني اهو جپانين جو چوڻ آهي. اعتقاد آهي. هو ايتريقدر جو تعويذن (Ema) تي به ٻلي جي تصوير لڳرائين ٿا.
ايڊو دور ۾ جيڪو Tokugawa Shogunate وارو دور به سڏجي ٿو جيڪو 1600ع کان 1868ع تائين هليو، ان ۾ ته ماڻهن کي اهو ئي وهم هو ته ڪاري ٻليءَ کي گهر ۾ رکڻ سان سلهه جو مريض تندرست ٿي سگهي ٿو.... عشق جي فڪرن کان دور رهي سگهي ٿو. پنهنجي هڪ جپاني سفرنامي “ڪراچيءَ کان ڪوڪورا” ۾ هڪ جپاني ليکڪ نتسومي سوسيڪي ۽ سندس مشهور جپاني ناول Wagahai wa neko de Aru جي انگريزي ترجمي “آءِ ائم اي ڪئٽ” جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. هن ۾ جيڪو اهم ڪردار آهي اها ڪاري ٻلي آهي جيڪا رلندي رلندي ليکڪ جي گهر ۾ اچي نڪري ٿي ۽ هن سان گڏ رهي ٿي.
جپان ۾ 9 اهڙا مندر آهن جن ۾ ٻلين جي پوڄا پاٺ ٿئي ٿي. اهي ٻليون ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ڪري پهتل ٻليون سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن سيتاگايا شهر جي Gotokuji مندر جي ٻلي. چون ٿا ته سترهين صديءَ ۾ لي نائوتاڪا نالي هڪ مشهور فوجي جنرل جابلو علائقي مان وڃي رهيو هو ته هڪ هنڌ مينهن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. پاڻ کي پُسڻ کان بچائڻ لاءِ هن اتي موجود هڪ وڻ هيٺان بچاءُ ورتو. سامهون ئي هڪ ننڍڙو مندر هو جنهن جي در وٽ ويٺل ٻلي هي نظارو ڏسي رهي هئي. اها يڪدم هن جنرل وٽ آئي ۽ پنهنجي پير جي اشاري سان کيس مندر ڏي اچڻ جو اشارو ڪيو. جنرل هن جانور جي ان ڳالهه تي حيرت به کاڌي ۽ هن جي پٺيان مندر ۾ آيو. هو جيئن ئي مندر وٽ پهتو ته هن ڏٺو ته وڏي ٺڪاءَ سان آسمان مان کنوڻ ڪري ۽ ان وڻ تي لڳي کيس ساڙي ڇڏيو جنهن هيٺان ڪجهه گهڙيون اڳ هو بچاءَ لاءِ بيٺل هو. اهو حال ڏسي جنرل هن ٻليءَ کي مڃڻ لڳو ۽ پنهنجي خرچ تي هن مندر کي وڏو ۽ اوچو ڪري ٺهرايو ۽ پاڻ ۽ سندس خاندان هن مندر جا مجاور ٿي ويٺا. اڄ به ڪيترا نوجوان ۽ پوڙها پنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ هن مندر جو ڀيرو ڀرين ٿا.
هتي اهو به لکندو هلان ته ٻليءَ کي جپانيءَ ۾ نيڪو (Neko) سڏين ٿا. هٿ لوڏي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري ”مانيڪي نيڪو“ ٻلي ته مالڪ کي دولت ۽ خوشي رسائي ٿي پر توهان تي اهڙو وقت اچي وڃي جڏهن توهان کي دولت ۽ خوشيءَ بدران توهان کي پنهنجي ٻلي کپي جيڪا گم ٿي وئي آهي ته پوءِ توهان ڇا ڪندائو؟ ٽوڪيو ۾ Azusamiten Jinja نالي هڪ مندر آهي جتي پڻ ٻليءَ جي پوڄا ٿئي ٿي. اهو مندر ٻلي جي موٽي اچڻ جو مندر به سڏجي ٿو. اهي ماڻهو جن جون مهانگيون ۽ اوچيون ٻليون چوري ٿي وڃن ٿيون يا گم ٿي وڃن ٿيون اهي ٽوڪيو جي هن مندر ۾ پنهنجي ٻليءَ جي باحفاظت واپسي لاءِ سُکا باسڻ اچن ٿا. اتي ويٺل مجاور ۽ سهڻيون مجاورياڻيون توهان جو اعتماد پختو ڪرڻ لاءِ مثالن سان ٻڌائينديون ته ڪيئن ٻه ٽي دفعا هن مندر ۾ اچڻ ۽ خيرات ڏيڻ سان ٻليون گهر پهچي وڃن ٿيون.
توڪوشيما پريفيڪچر جي انان (Anan) نالي شهر جو اوماتسو مندر جيڪو ساسوري نيڪو، ”ٻليءَ جي مجسمي“ کان مشهور آهي اتي ماڻهو پنهنجي جسم جي ڪنهن به بيماري لاءِ هن مندر ۾ پهچن ٿا ۽ پنهنجي جسم جي ان حصي کي مندر ۾ رکيل ٻليءَ جي مجسمي سان مهٽين ٿا. هن پهتل ٻليءَ لاءِ مشهور آهي ته هن ٻليءَ جي مالڪ جو قتل ٿيڻ تي ٻليءَ ان جي قاتلن کي ڳولهي انهن کان پنهنجي مالڪ جو بدلو ورتو. هن مندر جا جوانيءَ جي ڏينهن ۾ فوٽو ڪڍڻ لاءِ اتي پهچي مون اها ڪهاڻي ٻڌي هئي پر سمجهه ۾ نه آيو ته ڪنهن کان پڇجي ته ان وفادار ۽ پهتل ٻليءَ جنهن جي مجسمي وٽ علاج لاءِ ماڻهو پهچن ٿا، ڪيئن تفتيش ڪري قاتل ڳوليا ۽ ڪيئن انهن کي سزا ڏئي پنهنجي مالڪ کي انصاف ڏياريو. هن مندر مان ان ٻليءَ جي مجسمي جا ڪاٺ جا تعويذ جن کي جپانيءَ ۾ ايما (Ema) سڏجي ٿو، اهي پڻ ملن ٿا جن تي بقول اتي جي ٻائي جي، جيڪا دل جي مراد لکندائو اها ضرور پوري ٿيندي. مٿي بيان ڪيل ڪجهه مندرن جي نالن ۾ جنجا (Jinja) لفظ به اچي ٿو. جپانيءَ ۾ جنجا معنيٰ مندر ۽ اوتيرا (Otera) معنيٰ درگاهه، اوتارو.
بهرحال اهڙي طرح جپان ۾ ٻيا به ڪيترائي پهتل ٻلين جا مندر آهن جن ۾ اسان جا وهمي جپاني پوڄا لاءِ اچن ٿا. پاڻ هتي سهن جي ٻيٽ وانگر ٻلين جي ٻيٽ جي ڳالهه ٿا ڪريون. دراصل جپان ۾ ٻلين جا ته ڪيترائي ٻيٽ آهن. هڪ ٻيٽ جو نالو آئوشيما (Aoshima) آهي جيڪو سڏجي ئي Neko No Shima ٿو. نيڪو معنا ٻلي يا ٻليون، نو (no) معنا جو ۽ شيما معنا ٻيٽ. هي ٻيٽ ڏيڍ ميل کن ڊگهو ٿيندو ۽ ايهيمي (Ehime) پريفيڪچر ۾ اچي ٿو. هن ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ناگاهاما بندرگاهه کان فيريءَ ذريعي پهچي سگهجي ٿو جيڪا ناگاهاما ريلوي اسٽيشن وٽان هلي ٿي. اخبار ۾ پڙهيم ته هن ننڍڙي مهاڻن جي ٻيٽ جي 1945ع ۾ آدمشماري 900 کن هئي. ماڻهن مڇيون ڦاسائڻ جو ڪم ڪيو ٿي ۽ جيڪي ٻليون رهيون ٿي خوش هيون. هاڻ اهو ٻيٽ ماڻهن کان ويران ٿي ويو آهي ۽ 50 کن ماڻهو مس رهن ٿا جن مان به اڌ کان وڌيڪ 75 سالن کان به وڏي عمر جا آهن. باقي ٻلين جو تعداد ڏهوڻ کان به مٿي آهي جيڪي ماڻهن جي ڇڏيل ۽ ڊٺل گهرن ۾ ڦرنديون وتن ٿيون. کائڻ لاءِ کين ڪجهه مڪاني ماڻهن کان ته ڪجهه هن ٻيٽ تي ايندڙ ٽوئرسٽن کان ڪجهه نه ڪجهه ملندو رهي ٿو. حڪومت جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته ماڻهن وانگر ٻلين جو تعداد گهٽ ٿئي جو ٻي صورت ۾ هو بک ٿيون مرن. بهرحال هن ٻيٽ جو احوال ائين ئي کڻي لکيو اٿم نه ته هي ڪو اهڙو ٽوئرسٽ اسپاٽ ناهي جتي اسان جا ماڻهو هلي ملي اچن. مڙيئي انگريز ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ اهڙن هنڌن تي نوس نوس ڪندي نظر اچن ٿا ۽ هو ان خيال کان به اچن ٿا ته غريب ٻليون اڪيليون پيون آهن انهن کي ڏسجي ۽ ڪجهه کارائجي. يعني جانورن سان همدرديءَ خاطر. اسان مان ڪو تعليم يا نوڪري خاطر ناگاها بندرگاهه کان اچي نڪري ته پوءِ هن ٻلين جي ٻيٽ Aoshima جو ضرور چڪر هڻي ٻلين کي به ڏسي ته هتي رهندڙ پوڙهن جپانين کي به، ته هنن جي زندگي ڪيئن ٿي گذري. ناگاها شهر جي فيري اسٽيشن کان اڌ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. هن ٻيٽ جا فوٽو پوڙهن ماڻهن ۽ ٻلين جا مون گوگل اميجز ۾ چاڙهي ڇڏيا آهن جو ڪتاب يا اخبار جنهن ۾ منهنجو هي مضمون ڇپبو ان ۾ شايد ايتري جاءِ نه هجي. گوگل اميجز ۾ منهنجي نالي سان گڏ هن ٻيٽ جو نالو لکي سرچ ڪري سگهو ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صاف سٿري ماحول ڪري سڀ ٻليون سهڻيون ۽ صحتمند لڳن ٿيون.