مختلف هوٽلن ۾ رهندڙ مشهور اديب .....
اهڙي طرح سنگاپور جي رئفلز هوٽل آهي جتي ارنيسٽ هيمنگوي، رڊيارڊ ڪپلنگ ۽ الفريڊ هچڪاڪ جهڙا اچي رهيا ۽ بار بار اچي رهيا ۽ سندن نالي تي هن هوٽل جا خاص ڪمرا آهن. سمرسيٽ ته چوندو هو ته مون کي هن هوٽل ۾ رهڻ سان ڪهاڻيون لکڻ لاءِ مواد ملي ٿو جو هن هوٽل ۾ هتي سنگاپور ۾ اچڻ وارن جهازن جا خلاصي ٻڌائين ٿا. هن هوٽل ۾ چانهه پيئڻ يا جهازرانيءَ بابت مختلف سيمينار ۽ ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ دوران آئون مختلف اديبن جو هتي رهڻ جو سوچي پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندو آهيان جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاري جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس انهن انگريز اديبن جي تعريف ڪندو هو. مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ چيو هئائين ته توهان کي ڀلي سنڌ يونيورسٽي مئٽرڪ پاس جو سرٽيفڪيٽ ڏئي (انهن ڏينهن ۾، 1960ع ۾، سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن اڃان وجود ۾ نه آيو هو، مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ملندو هو) پر آئون توهان کي فرسٽ ييئر ۾ داخلا تڏهن ڏيندس جڏهن وئڪيشن ۾ ارنيسٽ هيمنگوي جا هي ناول پڙهي ايندائو:
The Old man & the Sea
For Whom the Bell Tolls
A Farewell to Arms
The Garden of Eden
The Snows of Kilimanjaro
He Likes White Elephants
انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق ارنيسٽ هيمنگوي جي ناولن پيدا ڪيو. رڊيارڊ ڪپلنگ جهڙن جا ناول:
• دي جنگل بڪ
• ڪِم
• دي وائيٽ مئنس برڊن
• گنگا دين
• دي نائلهڪا- اسٽوري آف ويسٽ ائنڊ ايسٽ ۽ ٻين جا ناول بعد ۾ پڙهياسين.
اسان جي ڏينهن ۾ وري به ايتري انگريزي نٿي هلي. اڄ جا ٻار انگريزيءَ ۾ هوشيار آهن. والدين ۽ ٽيچرن کي کپي ته هو ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪن جيئن هو ننڍي هوندي ئي گهڻي کان گهڻا ناول پڙهن.
سنگاپور جي Raffles Hotel ۾ ٻيا به ڪيترائي اديب رهيا جن نالي خاص ڪمرا (Suits) وقف آهن. انهن ۾ منهنجا دلپسند ليکڪ نوئل ڪاورڊ، جيمس مچنر ۽ Andre Malraux وغيره آهن. جيمس مچنر کي مون نوڪري دوران سمنڊ تي ڊگهن سفرن ۾ پڙهيو. انگريزي ادب ۽ دنيا جو سير ڪرڻ وارن کي جيمس مچنر جا ڪجهه ناول پڙهڻ لاءِ ضرور صلاح ڏيندس. جيئن ته:
Tales of the South Pacific
Hawai
The Source
Centennial
The Drifters
Chesapeake
Alaska
Texas.
رئفلس هوٽل 1830ع ۾ سمنڊ جي ڪناري تي بيچ هائوس طور ٺهي. ان کان فقط ڏهه يارهن سال اڳ 1819ع ۾ اسٽئمفورڊ رئفلس سنگاپور جو ويران ٻيٽ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ملئي سلطانن کان خريد ڪيو جنهن کي پوءِ ڊيولپ ڪري دنيا ۾ مشهور ڪيو ۽ ماڻهن کي هن ٻيٽ تي اچڻ جي ڪشش ٿي ۽ دنيا جا اديب هتي جي رئفلس هوٽل ۾ رهي سڪون ۽ ڪهاڻين لاءِ مواد حاصل ڪرڻ لڳا. سمرسيٽ ماهم جڏهن هن هوٽل ۾ اچي رهيو ته هيءَ ان کان اڳ Legendary بنجي چڪي هئي ۽ ماهم مشهور جملو چيو: Raffles Hotel Stands For all the Fables of the Exotic East.
هتي سنگاپور جي هن تاريخي ۽ قومي يادگار رئفلس هوٽل بابت هڪ دفعو وري لکندو هلان ته شروع شروع ۾ هيءَ سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل گهرن مان هڪ گهر هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ڪراچي جي ڪئينس روڊ تي سمنڊ جي ڪناري تي گهر هئا جن مان بيچ لگزري هوٽل به هڪ گهر هو. جيئن اڄ جي ڪئينس روڊ (مولوي تميز الدين خان روڊ) جي گهرن اڳيان پاڻي ناهي تيئن رئفلس هوٽل اڳيان پاڻي ناهي. جيتوڻيڪ ان روڊ جو نالو اڄ به ساڳيو بيچ روڊ آهي پر سمنڊ ان روڊ کان هاڻي ڪافي پري آهي جو سمند جو ڪافي حصو مٽيءَ سان ڀري Reclaim ڪيو ويو. يعني سمنڊ ڀري زمين ٺاهي آهي. اڄ سنگاپور جي پکيڙ 720 چورس ڪلوميٽر آهي ان ۾ 130 چورس ڪلوميٽر اها زمين آهي جيڪا سمنڊ کي ڀرڻ سان وجود ۾ آئي آهي. 1819ع ۾- يعني اڄ کان پورا ٻه سئو سال اڳ جڏهن اسٽئمفورڊ هي ٻيٽ ملئي سلطان کان خريد ڪيو ته ان وقت هي ٻيٽ به پينانگ وانگر ويران ۽ جهنگ هو. فقط سمنڊ جي ڪناري وٽ، جتي سنگاپور نديءَ اچي ڇوڙ ڪيو ٿي اتي ڪجهه جهوپڙيون ملئي ۽ چيني بحري چورن (قزاقن) جون هيون، جيڪي هتان هتان ٻيڙين ۽ جهازن تان ڦر ڪري هتي اچي لڪيا ٿي. اڄ سنگاپور يورپ جي شهرن کان به بهتر امن امان وارو ۽ ماڊرن آهي ۽ سندس آدم شماري اڌ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. يعني هالا پراڻا يا ڀٽ شاهه کان به ننڍي ڳوٺ جيڏي ٻيٽ تي ايترا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جو في چورس ڪلوميٽر تعداد 7800 ماڻهو ٿين ٿا. ان حساب سان سنگاپور دنيا جو ٽيون نمبر ڳهتيل ملڪ آهي.
ڪهڙو ملڪ ماڻهن سان ڪيترو ڳهتيل آهي يعني ڪنهن ملڪ جي Population Density معلوم ڪرڻ لاءِ ان جي آدم شماريءَ کي جملي زمين سان ونڊ ڪجي ٿي. سو ان حساب سان دنيا جو سڀ کان گهڻو ڳهتيل (Density) وارو ملڪ موناڪو آهي جنهن جي آدمشماري 26 هزار ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي. ٻئي نمبر تي چين جو ٻيٽ مڪائو آهي جنهن تي گذريل صدي ڏيڍ پورچوگالين جي حڪومت هئي. ٽئين نمبر تي سنگاپور آهي. چوٿين نمبر تي هانگ ڪانگ ۽ پنجين تي جبرالٽر آهي.....
1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ جيئن ئي انگريزن حوالي ٿيو ته هنن هن کي ڊيولپ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهريون روڊ سمنڊ جي ڪناري سان لڳو لڳ اهو بيچ روڊ ٺاهيو جنهن تي رئفلس هوٽل وارو گهر 1830ع ۾ ٺهيو. ان بعد اهو گهر 1878ع ۾ ڊاڪٽر چرلس ايمرسن مسواڙ تي وٺي ان کي ايمرسن نالي هوٽل بنايو. ايمرسن جي مرڻ بعد 1887ع ۾ سرڪي ڀائرن (Sarkies) هن بلڊنگ کي ڏهن ڪمرن واري رئفلس نالي هوٽل ٺاهي. سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ۽ اعليٰ سروس هجڻ ڪري هن هوٽل ۾ دنيا جا امير ماڻهو رهڻ لڳا. ڏهن سالن اندر هن بلڊنگ ۾ ڀر واريون ٽي نيون عمارتون به ڳنڍيون ويون ۽ مهمانن لاءِ 75 کن ڪمرا ٿي پيا ۽ 1900ع ڌاري هيءَ هوٽل هن تر جي پهرين هوٽل ٿي جنهن ۾ هٿ سان ڇڪڻ وارين جهلين ۽ گاسليٽ تي ٻرندڙ شمعدانن بدران اليڪٽرڪ سٽي تي پکا ۽ بلب ٻريا ٿي. سڄي سنگاپور ۽ ملايا (مغربي ملائيشيا) ۾ اڃان ڪٿي به اليڪٽرڪ سٽي نه آئي هئي. رئفلس هوٽل ۾ جنريٽرن تي ڪم هلايو ويو ٿي.
ٻي جنگ عظيم شروع ٿي ته جپانين جون فوجون فتحيابي حاصل ڪندي ملايا ۾ داخل ٿيون ۽ 15 فيبروري 1942ع تي سنگاپور تي قبضو ڪيائون. بقول تن ڏينهن جي انگلينڊ جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل جي The Worst disaster and largest capitulation in British History…
اهو ته آمريڪا وارن 1945ع ۾ جپان جي شهرن ناگا ساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرايو ان بعد جپاني ٽڙي پکڙي ۽ سنگاپور، ملايا مان ڀڄي ويا نه ته هو هميشه لاءِ آيا هئا ۽ هنن اچڻ سان انگريزي تعليم بند ڪري سڀني اسڪولن ۾ جپاني شروع ڪرائي هئي. ويندي سنگاپور جو نالو بدلائي “سيونان- تو” (Syonan- to) رکيو. معنيٰ ڏاکڻن ٻيٽن جي روشني ۽ رئفلس هوٽل جو نالو Syonan Ryokan رکيو. يعني سيونان جو مسافر خانو. ريوڪان جپانيءَ ۾ مسافر خاني کي سڏين ٿا.
سنگاپور تي ٽي چار سال جيڪو جپانين جو قبضو رهيو ان جو وڏو داستان آهي جنهن ۾ هنن ڇا ڇا نه ظلم ڪيا. هنن کي چينين کان وڌيڪ خوف هو ته هو انگريزن سان ملي مزاحمت ڪن ٿا. ان ڪري هنن 25 کان 50 هزار چيني ماري ڇڏيا. سنگاپور ۽ ملايا ۾ هنن پنهنجا ڇپيل نوٽ هلايا جن کي مقامي ماڻهن دُئيت پسانگ (Banana Money) سڏيو ٿي. اهو ان ڪري جو ڏهن ڊالر واري نوٽ تي ڪيلي جو وڻ ڇپيل هو.
جپاني ادب ۾ رئفلس هوٽل جي سيٽنگ ۾ جپان جي مشهور اديب ريو مُوراڪامي (Ryo Murakami) جو ناول آهي جنهن جو عنوان ئي آهي “رئفلس هوٽل” ان کان علاوه جپان ۾ اڄ ڪلهه تمام ٽاپ جي هڪ وڊيو گيم Medal of Honour- Rising Sun هلي رهي آهي جنهن ۾ هيءَ هوٽل “دي رئفلس” ڏيکاري وئي آهي.
مٿي بيان ڪيل جپان جي مشهور ناول نويس، افسانا نگار، ڪالم نويس ۽ فلمون ٺاهيندڙ “ريو مُوراڪامي” بابت ٻه ٽي سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن اسان جي ملڪ جا شاگرد ههڙن مشهور ليکڪن جا ڪتاب ضرور پڙهن، ٿي سگهي ته ڪو ناول سنڌي يا اردو ۾ ترجمو به ڪن. منهنجا ڪجهه پڙهندڙ مون کان پڇندا رهن ٿا ته آئون کين ڪو ناول Suggest ڪيان جيئن هو ان جو ترجمو ڪن جو هنن کي ترجمي ڪرڻ جو شوق آهي. دراصل ان ڪم لاءِ ترجمي ڪرڻ وارو پاڻ ڪجهه ناول پڙهي پوءِ انهن مان ان جي چونڊ ڪري جيڪو هن کي پسند اچي ۽ ان ناول هن ۾ اتساهه پيدا ڪيو هجي. ان بعد ئي هو ان جو ترجمو دل لڳائي سٺي نموني سان ڪري سگهندو. جيئن منهنجو ڪيل هڪ جپاني ناول جو ترجمو “ٽوڪيو جي گيشا گرل” (مس سدا بهار چنبيلي) آهي. اهو پڙهڻ سان مون کي ائين لڳو ته ان ناول جو ترجمو منهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ضرور پسند ايندو ۽ مون به اِهو چاهيو ٿي ته هو ضرور پڙهن جيئن هنن کي جپان جي ماڻهن جي سوسائٽي، ڪلچر، رسم ۽ رواج، غمين خوشين ۽ مختلف ڪيفيتن جي خبر پئجي سگهي ۽ هو جپان ۾ اچي اهڙو ڪو ڪم نه ڪن جنهن سان هو شرم، بي عزتي، جرم گناهه محسوس ڪن. ڌارين ٻولين جي ڪتابن کي ترجمو ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به ٿي سگهي ٿو ته يونيورسٽيءَ ۾ ادب جا پروفيسر ڪجهه سٺن ناولن جي چونڊ ڪري پوءِ هر شاگرد حوالي هڪ هڪ ڪتاب ترجمي لاءِ ڏين يا ٻن ٻن ٽن ٽن شاگردن حوالي هڪ هڪ ڪتاب ڪن ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جا صفحا ترجمو ڪري ڪتاب مڪمل ڪري.
جپاني ليکڪ ريو مُوراڪامي 1952ع ۾ ناگاساڪي پريفيڪچر جي شهر ساسيبو ۾ ڄائو. ساسيبو جپان جو وڏو بندرگاهه به آهي جتي اسان جا جهاز پاڪستان مان سامان کڻي پهچندا هئا ۽ ڪيترا دفعا، اسان پنهنجي جهاز جي سالياني ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ مرمت به هتان ڪرائي ٿي.
موراڪاميءَ جا ڪيترائي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن جن مان سڀ ۾ مشهور آهن:
Almost Transparent Blue
Coin Locker Babies
In the Miso Soup.
موراڪامي 1999ع ۾ JMM (جپان ميل ميڊيا) نالي email مئگزين شروع ڪئي جنهن جو هو اڄ به چيف ايڊيٽر آهي. پاڻ 2006 کان ٽي وي ٽوڪيو جي هڪ ٽاڪ شو ۾ ايندو رهي ٿو. شو جو نالو Kanburia Kyuden آهي ۽ ساڻس گڏ “ڪو- هوسٽ” ڇوڪري اِيڪو (Eiko- Koike) هوندي آهي.
موراڪاميءَ جو ”آلموسٽ ٽرانسپئرنٽ بلو“ ناول سندس پهريون ناول آهي جڏهن هو اڃان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو پئي ۽ “اِن دي مِسو سُوپ” ٽوڪيو جي چڪلي ”ڪبوڪي چو“ جي ماحول ۾ لکيل آهي، جنهن تي هن کي ايوارڊ به مليو. اهڙي طرح سندس سال 2000ع جي ٻن ناولن: هڪ Parasites (جپاني نالو Kyosei Chu) ۽ ٻيو Exodus From Hopless Japan (جپاني نالو: ڪِيبو نو ڪُونِي نو ايگزوڊس) تي پڻ کيس ايوارڊ مليا.