چندرو آڏواڻي ۽ جپان جو 1923 وارو زلزلو
اهو به لکندو هلان ته دنيا ۾ جپان، انڊونيشيا، فلپين جهڙا ڪي چار پنج ملڪ نه آهن. ڪيترائي آهن. بلڪ ڪي ته پاڻمرادو برمودا ۽ سيشلز جهڙا گهٽ ايراضي وارا ٻيٽ نما ملڪ ٿي ڪري به ننڍن ننڍن ٻيٽن جا جهڳٽا آهن. مثال طور هندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا کنڊ جي ڪينيا ملڪ جي سامهون هڪ بيحد ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ سيشلز (Seychelles) آهي جنهن جي پکيڙ سکر ضلعو ته ڇا پر سکر شهر کان به گهڻي گهٽ فقط 244 چورس ڪلوميٽر آهي (سکر ضلعو 5170 چورس ڪلو ميٽر آهي)، پر سيشلز يونائٽيڊ نئشن جو ملڪ آهي ۽ سندس اها پکيڙ 244 چورس ڪلوميٽر سندس 115 ٻيٽن جي سڄي جهڳٽي جي آهي جن مان آباد فقط 42 ٻيٽ آهن. هر ٻيٽ تي هر گهر جي اڳيان سمنڊ جو ڪنارو آهي. ملڪ جي، يعني سڄي سيشلز جي آدمشماري هڪ لک کان به گهٽ، فقط 95000 آهي. دراصل اها به هاڻ آهي نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾، يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ جڏهن اسان ممباسا، زنجبار، موزمبق ۽ سيشلز وڃڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت ٻين ملڪن وانگر سيشلز جي آدم شماري به گهٽ اٽڪل اڌ لک به نه هئي. انڊين جام رهيا ٿي پر پاڪستاني ڪو نظر نه ايندو هو. ڪجهه سنڌي هندو، بوهري ۽ آغا خاني ضرور هئا پر هنن پاڻ کي انڊين سڏرايو ٿي. هاڻ ڪافي پاڪستاني پڻ نظر اچن ٿا. خاص ڪري سنڌ جا مسلمان ۽ هندو ڊاڪٽر.
بهرحال اسان جپان جي خبر چار ڪنداسين جيڪو دنيا جي ٻيٽن وارن ملڪن مان هڪ آهي. ان ڪري جپان کي Island Country يا آرڪپيلگو (Archipelago) سڏيو وڃي ٿو. يعني اهو ملڪ جنهن جي پويان يا جنهن سان گڏ ٻيٽن جي لانڍ هجي. جپان چئن وڏن ٻيٽن جو ملڪ آهي پر ننڍا ننڍا ٽي هزار ٻيٽ ٿيندا جن مان ڪجهه ساڄي کاٻي آهن ته ڪجهه اتر ۾ روس سان وڃي ملن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ ته دمدار (پڇ واري) تاري وانگر ايترا آهن جو اسان جو جهاز جڏهن هانگ ڪانگ کان جپان لاءِ نڪرندو آهي ته ٻئي ڏينهن کان جپان جا ٻيٽ نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ڪاگو شيما تائين قطار ۾ پيا نظر ايندا آهن. سئو کن هي ٻيٽ ريوڪيو ٻيٽ سڏجن ٿا. آهن ته هي ننڍا ٻيٽ پر انهن ۾ به ڪجهه ڪافي وڏا ۽ مشهور آهن جيئن ته اوسومي، توڪارا، امامي، ساڪي شيما ۽ خاص ڪري اوڪيناوا (Okinawa) جنهن ٻيٽ تي آمريڪا جو وڏو عرصو قبضو رهيو ۽ آمريڪا جو فوجي بيس رهيو. ڪيترا سنڌي هندو واپاري جيڪي نه رڳو جپاني نئشنل ٿي ويا پر سندن اولاد اڄ پاڻ کي جپاني نالن ۽ ذاتين سان سڏائي ٿو هانگ ڪانگ مان لڏي پهرين هتي اوڪيناوا ۾ آيا ۽ آمريڪن فوجين کي يونيفارم ۽ ٻيو سامان وڪڻڻ جا دڪان کوليا جيئن هانگ ڪانگ ۾ برطانيا جي فوجين کي مختلف فوجي ۽ تحفي تحائف جو سامان وڪڻندا هئا. اوڪيناوا ۾ آمريڪن بيس ختم ٿيڻ تي ڪي سنڌي هندو واپاري آمريڪن سان گڏ آمريڪا هليا ويا ته ڪي جپاني پاسپورٽ حاصل ڪري جپاني شهري ٿي رهي پيا.
جپان جي ڪجهه سفرنامن ۾ اهڙن ڪجهه سنڌي هندو واپارين بابت لکيو اٿم. هن وقت به يوڪوهاما جو هڪ سنڌي واپاري ”چندرو. جي. آڏواڻي“ ياد اچي رهيو آهي جنهن سان منهنجي 1980ع ۾ ملاقات ٿي هئي جڏهن هو 56 سالن جو هو ۽ منهنجي عمر 36 سال هئي. ساڻس منهنجي 2007ع ۾ به يوڪوهاما ۾ ئي ملاقات ٿي هئي جڏهن هو 83 سالن جو هو. چندروءَ ٻڌايو ته جپان ۾ هن جو ڏاڏو 1910ع ۾ آيو هو. ان بعد 1917 ۾ چندروءَ جو پيءُ يوڪوهاما ۾ آيو ۽ پنهنجي پيءُ جي هلندڙ ڌنڌي جي هڪ برانچ سنڀالي. انهن ڏينهن ۾ هند سنڌ جا واپاري پنهنجا ٻار ٻچا پنهنجي وطن ڇڏي پاڻ اڪيلي سر جاوا، جپان يا بصري بخارا واپار لاءِ نڪتا ٿي. هنن ڪاروبار جو ڪجهه حصو پنهنجي وطن ۾ به قائم رکيو ٿي جتي سندن اولاد ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ سکت ڪئي ٿي. چندرو سال 1924ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم ۽ ڪجهه سالن لاءِ ڪاروبار اتي ڪري پوءِ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وٽ جپان آيو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو ۽ هي سڀ برٽش انڊيا جي پاسپورٽ تي مختلف ملڪن ۾ آيا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ انڊيا جي واپارين جون يوڪوهاما ۾ سئو کن ڪمپنيون هيون. چندروءَ جي پيءُ ڏاڏي سلڪ جو واپار ڪيو ٿي. هنن جپان جي سلڪ حيدرآباد، شڪارپور ۽ انڊيا جي ٻين شهرن ۾ موڪلي ٿي۽ ڏاڍو سٺو ڪاروبار هلي رهيو هو.
هتي اها حقيقت لکندو هلان ته هي جيڪي ولايتن ۾ اسان جا سنڌي سيٺ رهيا ٿي انهن جو بزنيس ۾ هر وقت ڪو فائدو ئي فائدو نه پئي ٿيو. بزنيس ۾ وڏا وڏا نقصان به ٿيا ٿي جيئن ”وايون وڻجارن جون“ سفرنامي ۾ هري ليلا جهڙن سيٺين جو احوال لکيو اٿم ته هو هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا تر پٽ ٿي ويا هئا. اهڙي طرح يوڪوهاما ۾ واپار ڪندڙ هنن سيٺين سان به ٿيندو رهيو. مثال طور سلڪ جي واپار ۾ چندروءَ جي وڏن خوب پئي ناڻو ڪمايو پر پوءِ Synthetic شيون، نائلان، ٽيٽران وغيره جي ايجاد بعد سلڪ جو اگهه ايترو ڪري پيو جو ڪاٺ جي کوکن جا پئسا به نٿي نڪتا جنهن ۾ سلڪ کي بند ڪري انڊيا موڪليو ويو ٿي. چندرو وارن عقل کان ڪم وٺي اهو ڪاروبار ڇڏي اليڪٽرانڪ جي سامان جو ڌنڌو شروع ڪيو جنهن ۾ جپان ڪافي ترقي ڪري ويو هو. اهڙي طرح هنن وري ساهه پٽيو. پر ان کان گهڻو اڳ، اڃان چندرو ڄائو به نه هو ته چندرو جي ڏاڏي ۽ ٻين انڊين کي 1923ع ۾ جپان ۾ لڳل زلزلي ڪري نقصان رسيو هو. هن زلزلي ۾ سڄو يوڪوهاما تباهه ٿي ويو هو. اسان جا انڊين سوداگر جپان ڇڏي پنهنجي وطن موٽي آيا. سندن الهه تلهه سڀ چٽ ٿي ويو.
منهنجي خيال ۾ هن جهڙو زلزلو- جيڪو “ڪانٽو دائي شن سائي” جي نالي سان سڏجي ٿو، پهرين سيپٽمبر 1923ع تي چار پنج منٽ لڳاتار هلندو رهيو، اڄ ڏينهن تائين نه لڳو آهي. هن زلزلي ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ اوس پاس جي علائقن چيبا، ڪاناگاوا ۽ شيزواوڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو. يعني جپان جو ڪانٽو (Kanto) وارو علائقو ويران ڪري ڇڏيو. ٽوڪيو کان ”ڪاما ڪورا“ شهر 44 ڪلوميٽر کن آهي جتي گوتم ٻڌ جو ڌاتوءَ جو هڪ وڏو مجسمو رکيل آهي جيڪو نارا شهر واري گوتم ٻڌ جي مجسمي بعد ٻئي نمبر تي آهي. هي ڪاماڪورا شهر وارو مجسمو به ڪافي وڏو ۽ وزندار آهي جنهن جي اوچائي 34 فوٽ ۽ وزن 90 ٽن آهي. هڪ ٽن ۾ سمجهو ته هڪ هزار ڪلو گرام وزن ٿئي ٿو. هي ڪانٽو وارو جڏهن زلزلو لڳو ته ان ۾ جهڙيون تهڙيون عمارتون ته ڊهي تر پٽ ٿي ويون پر هي گوتم ٻڌ جو هيڏو ڳرو مجسمو به پنهجي جاءِ کان ٻه فوٽ پري اڇلجي ويو هو. مٿين ٻن ٽن شهرن ۾ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا. 1923 ۾ انهن شهرن جي آدم شماري ئي ڇا هئي! زلزلي بعد چوڌاري جهڙو راڪاس گهمي ويو. ڪيترا ماڻهو پکڙندڙ باهين ۾ سڙي ويا. شهر جا ڏامر وارا رستا باهه گرميءَ ڪري اهڙو وٽڙي ويا جو ڪيترن ماڻهن جا انهن تي پير اچڻ تي اهي چنبڙي پيا ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. وچ ٽوڪيو ۾ هڪ آرمي ڪلاٿ ڊپو ۾ جتي 38000 ماڻهن پناهه ورتي، ان کي باهه جي واچوڙي اهڙو ورايو جو سڀ سڙي ڀسم ٿي ويا. زلزلي ڪري ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما شهرن جا پاڻيءَ جا سڀ پائيپ ڀڄي پيا ۽ باهه وسائڻ لاءِ ته پاڻي موجود نه هو پر ماڻهو اڃ اجهائڻ لاءِ به پريشان ٿي ويا. اهي باهيون ٻه ڏينهن هلنديون رهيون. 3 سيپٽمبر تي وڃي اجهايون. نيبو ڪاوا نالي جابلو ڳوٺ ۽ اتي بيٺل پئسينجر ٽرين Landsliding ڪري پنهنجي جاءِ کان ڇڄي اڳيان سمنڊ ۾ غرق ٿي وئي. چون ٿا ته ريل گاڏي ۽ پليٽ فارم تي اٽڪل هڪ سئو کن مسافر هئا جيڪي ريل گاڏي ۽ اسٽيشن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ تي سڀ ٻڏي ويا. زلزلي واري ڪانٽو علائقي ۾ ڇهه لک کن گهر تباهه ٿي ويا ۽ ويهه لک ماڻهو بي گهر ٿي کلئي آسمان هيٺان ويهي رهيا. پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ماڻهن کي يوڪوهاما بندرگاهه مان کڻي ڪوبي بندرگاهه ۾ پهچايو ويو. اڳ ۾ ڪوبي ۾ انڊين جا دڪان نه هئا. اڄ هي جيڪي توهان کي ڪوبي ۾ سکن ۽ پموءَ جهڙن سنڌين جا دڪان نظر اچن ٿا اهي 1923 واري زلزلي بعد وجود ۾ آيا. بهرحال جپان ۾ تعليم، نوڪري يا گهمڻ لاءِ ويندڙن کي اها ڳالهه دماغ ۾ هجي ته جپان زلزلن جو ملڪ آهي پر 1923 جهڙو خطرناڪ زلزلو ان کان اڳ يا پوءِ ڪڏهن به نه لڳو.
هن 1923 واري “دي گريٽ ڪانٽو ارٿ ڪئيڪ” تي ڪيتريون ئي فلمون، ٽي وي سيرل، ڪهاڻيون، ڪامڪ ۽ ناول آهن. جپان جي مشهور ڪهاڻيڪار ”ياسوناري ڪواباتا“ جي 1930 واري ناول The Scarlet Gang of Asakusa جا ڪيترائي چئپٽر هن زلزلي سان واسطو رکن ٿا. Japan Sinks فلم ۾ به هن زلزلي کي ڏيکاريو ويو آهي. اوسولڊ جي انگريزي ناول “دي جنجر ٽري” ۽ جپاني تاريخي فنٽسي ناول “تائيتو مونو گاتاري” ۾ به هن زلزلي جو احوال آهي.
يوڪوهاما جي سنڌي واپاري چندرو آڏواڻيءَ ٻڌايو ته کين ٻي جنگ عظيم ۾ به ڪافي نقصان ٿيو. هيءَ لڙائي جپانين جي جيتوڻيڪ انگريزن سان هئي پر جيئن ته انڊيا انگريزن جي هٿ ۾ هو ۽ اسان جپان ۾ برٽش پاسپورٽ تي واپار ڪري رهيا هئاسين سو 1939ع ۾ جنگ جا افواهه شروع ٿيڻ سان اسان انڊيا ڀڄي آياسين جو انڊيا ۽ جپان جي وچ ۾ هلندڙ اسٽيمر شپ آمدرفت به بند ٿي رهي هئي. چندروءَ ٻڌايو ته هو سنڌ ۾ سر بچائي پهچي ته ويا پر اهي سال سخت بيروزگاري جا هئا. وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد سگهو ئي هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ اسان گهرگهاٽ سنڌ ۾ ڇڏي ڏکڻ هندستان ۾ لڏي آياسين.”
چندروءَ اهو به ٻڌايو ته هن ڪجهه سال پانڊيچيريءَ ۾ بزنيس ڪيو جتي فرينچن جو قبضو هو، جيئن گوا ۾ پورچوگالين جو رهيو. “آئون سخت پورهيو ڪري ايترو ڪمائڻ لڳس جنهن مان مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي به کارايو ٿي. انهي دوران مون کي جپان ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جنهن لاءِ مون اڳواٽ Apply ڪيو هو ۽ چونڊجي ويس. مون کي يوڪوهاما ۾ هڪ ٽريڊنگ ڪمپنيءَ جو مئنيجر ڪري رکيو ويو. هي 1950 واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. مون کي لڳو ته سخت پورهيو ڪرڻ تي مون کي ان جو اجورو ملي سگهي ٿو.”
چندروءَ ٻڌايو ته ڪجهه سال لڳي محنت ڪرڻ سان هن ايترو ڪمائي ورتو جو هن پنهنجي ڪمپني کولي واپار جو Risk کنيو. “مون ان ڪمپنيءَ جو نالو Nephews International رکيو جنهن نالي سان انڊيا ۾ منهنجي چاچي جي ڪمپني هئي.” چندروءَ جي ڪوششن سان نه فقط يوڪوهاما ۽ ممبئي جي ميئرن جي هڪ ٻئي سان دوستي ٿي پر يوڪوهاما ۽ ممبئي شهر Sister Cities قرار ڏنا ويا. چندرو اڄ ڪلهه پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ سان گڏ يوڪوهاما ۾ رهي ٿو جيڪا سمجهو ته هن آڏواڻي فئمليءَ جي جپان ۾ چوٿين پيڙهي آهي. چندروءَ ٻڌايو ته هو ستن ڀائرن ۽ چئن ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهي. جپان ۾ فقط هن جي فئملي رهي ٿي باقي ڀائر ڀينر انگلينڊ، آمريڪا ۽ انڊيا لڏي ويا.
***