ٽوڪيو جي اسٽيشن......
پر يارو جپان ۾ ائين نه آهي. بسون ته رات جو ڏهين بجي ئي بند ٿيون وڃن پر ٽرينون به 12 کان پوءِ ڪنهن به اسٽيشن تان مسافر نٿيون کڻن. ڪڏهن ڪڏهن اسٽيشن تي پهچندي 12 ٿي ويندا هئا ته افسوس ٿيندو هو ته جپان ڪهڙو ملڪ آهي! پر نه. ٿڌي دل سان سوچجي ته جپان سٺو ۽ سڌريل ملڪ آهي جتي عوام کي آرام جي تلقيد ڪئي وڃي ٿي، رات جو دير تائين رلڻ پنڻ کان دل شڪستو ڪيو وڃي ٿو. ڪوڪورا شهر ۾ جڏهن پهريون دفعو ڌيءَ جي بدلايل گهر ۾ پهتس ته مون کي سندس ان هنڌ تي مسواڙ جو گهر وٺڻ تي افسوس ٿيو. شهر جي مين روڊ تي ٿرڊ فلور تي فلئٽ ۽ سامهون وهندڙ ريل لائين. پر پوءِ حيرت ٿي جڏهن شام جو اٺين بجي روڊ جون سڀ بتيون بند ٿي ويون، دڪان ان کان اڳ بند ٿي ويا ۽ رستي تي هلندڙ چلندڙ ماڻهن ۾ ٺاپر اچي وئي. ڏهين بجي بسيون هلڻ بند ٿي ويون. اهڙي خاموشي ته حيدرآباد ۽ سکر ۾ به نه هوندي.
رات جو رلڻ واري نشئيءَ کي به يارهين بجي کان اڻ تڻ رهي ٿي ته هو جلدي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ڪٿي آخري ٽرين ڇڏائجي نه وڃيس. پوءِ ان چڪر ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ يا ٻه ٽرينون اڳ اچڻ وارين ۾ گهر روانو ٿيو وڃي. ان ڪري ٽوڪيو، هيروشيما، يوڪوهاما، اوساڪا وغيره جي رستن تي آلي موالي آڌي رات کانپوءِ رلندا يا گاريون ڏيندي نظر نٿا اچن جيڪا ڳالهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عام آهي ۽ شايد ڏوهن جي تعداد ۾ واڌارو به ان ڪري اچي ٿو. جهاز جي نوڪري دوران پوري ڪوشش رهندي هئي ته رات جو ٻارهين کان اڳ اسٽيشن تي پهچي وڃجي جيئن ان آخري ٽرين ۾ بندرگاهه پهچي سک سان رات جي ننڊ پنهنجي جهاز جي ڪئبن ۾ وڃي ڪجي. پر نئين بندرگاهه جي صدر اسٽيشن جي پليٽ فارمن جي چڱي طرح واقفيت نه هجڻ ڪري غلط پليٽ فارم تي پهچڻ ڪري هڪ ٻه دفعا ٽرين نڪري وئي ۽ پوءِ صبح جو پنجين بجي واري پهرين ٽرين جي انتظار ۾ بينچ تي وهڻو پيو هو. باوجود احتياط جي آئون ڏسندو هوس ته ڪيترائي جپاني دير سان به پهچندا هئا. انهن ۾ گهڻائي انهن جي هوندي هئي جيڪي پب ۽ مئخاني مان پي ٽُن ٿي ايندا هئا پوءِ اهي صبح تائين بينچ تي سمهي رهندا هئا ۽ کونگهرا هڻندا رهيا ٿي يا وري اوٽ پٽانگ جون خبرون ڪندا رهيا ٿي جن بابت آئون انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. انهن ڏينهن ۾ نه ڪئپسول هوٽلون ايجاد ٿيون هيون نه سائبر ڪيفي جن ۾ هاڻ ڪجهه پئسا ڏئي رات جا ڪجهه ڪلاڪ گذاري سگهجن ٿا.
اڳئين دفعي مون کان ٽوڪيو اسٽيشن تي آخري ٽرين مِس ٿي وئي. رات جا 12 ٿي رهيا هئا. ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هاڻ موٽڻ وارو هوس ته ان وقت اتي پهتل هڪ جپانيءَ چيو ته “وڃين ڪيڏانهن ٿو؟ اڃان ته ٻه ريل گاڏيون اينديون. هڪ ته ويهن منٽن ۾ اچڻ واري آهي”. هن جي وات مان شراب جي ڌپ اچي رهي هئي. شراب ضرور پيتل هو پر هوش حواس خطا نه هئس. پر مون کي لڳو ته هن نشئي ماڻهوءَ کان پري ٿي رهجي ته بهتر آهي. سو چيومانس ته آئون جپاني ٻوليءَ کان اڻ واقف آهيان (نهان گو واڪاري ماسين). يعني منهنجي پچر ڇڏي. ان تي هن سٺي انگريزيءَ ۾ چيو ته “مڙيئي خير آهي. توهان انڊين کي ته انگريزي اچي ٿي. آئون گذريل سال انڊيا گهمي آيو آهيان. آئون هتي جي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان.”
آئون چپ ٿي ويس. مون ان ۾ ئي بهتر عاقبت سمجهي ته هو مون کي انڊين ئي سمجهي. هونءَ به هتي جي ماڻهن لاءِ - خاص ڪري نشي ۾ ٽُن همراهه لاءِ ڇا انڊين، ڇا پاڪستاني ڇا بنگلاديشي؟ اسانجي ماڻهوءَ لاءِ ته هو ڀلي کڻي نشي ۾ نه هجي ته به هن لاءِ جهڙو هڪ فرينچ، جرمن يا انگريز تهڙو ڊچ يا پولش. هن مون کي سمجهايو ته اتي ساڻس گڏ ويهان، “اجهو ٿي ٽرين اچي، جپان جي ٻين شهرن ۾ آخري ٽرين ضرور 12 بجي اچي ٿي پر ٽوڪيو ۾ رات جو هڪ تائين ٽرينون هلن ٿيون ۽ توکي روپنگي يا مناٽوڪو (بندرگاهه) پهچائينديون. دل ۾ چيم تنهنجي وات ۾ ڳڙ لڏون، بلڪه سوشي ۽ ساشي- ساڪي ته اڳهين ڏوڪي آيو آهين.
اتي ڪجهه مسافرن کي ايندو ڏسي مون کي ڏڍ ٿيو ته ٻيلي موالي سچ ٿو چوي ۽ آئون نئين ڦاٿل تتر وانگر پڃري ۾ ڦٿڪڻ بدران مهينن جي پاليل اصيل وانگر سڪون سان بينچ تي ساڻس ڀر ۾ ٿي ويٺس. هن کي ڳالهائڻ جي ڏاڍي عادت ٿي لڳي جيتوڻيڪ مون ماٺ ۾ رهڻ ٿي چاهيو.
“پهريون دفعو ٽوڪيو آيو آهين؟” هن پڇيو.
“ڏهن سالن کان هتي پيو اچان. ڪڏهن مارونائوچي پاسي جي گيٽ کان ته ڪڏهن يائيسو (Yaesu) پاسي کان هن ٽوڪيو اسٽيشن ۾ اچيو ٺڪاءُ ڪريان”.
“ڀلا توکي ٽوڪيو اسٽيشن جي تاريخ جي خبر آهي؟” هن سوال ڪيو.
“مون شايد توهان کي ٻڌايو ته آئون مئرين انجنيئر آهيان پاڻيءَ جا جهاز هلائيندو آهيان. تاريخ جو پروفيسر نه آهيان.” مون ڪجهه بيزاريءَ مان چيو. شراب ضرور پيتل هوس پر نشي ۾ نه هو. هو ان ليول تي هو جنهن تي هڪ خاص مقدار پيئڻ تي موالين جو ذهن بيحد الرٽ رهندو آهي. هن منهنجي بيزاري محسوس ڪري ورتي ۽ چيو “ٿڌو ٿي. تاريخ جو استاد آئون به نه آهيان. مئٿس پڙهايان ٿو پر هر انسان کي ٿوري گهڻي جنرل ناليج جي واقفيت هجڻ ضروري آهي. آئون تنهنجي ملڪ جي ممبئي مان فقط هڪ دفعو گهمي آيو آهيان ته توهان جي وڪٽوريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن جي تاريخ جي ڄاڻ اٿم. جيڪا اسٽيشن هاڻ توهانجي مُڇڙ شهنشاهه شيواجيءَ نالي آهي. تون ڏهن سالن کان اسان جي ٽوڪيو اسٽيشن تي پيو اچين وڃين، ڪا خبر نه اٿئي. تڏهن ته توهان انڊين نه ڪئميرائون ٿا ايجاد ڪري سگهو نه ڪمپيوٽر.......”
دل ۾ چيم چڱو جو ان غلط فهميءَ ۾ آهين ته آئون انڊين آهيان ۽ درستي نه ڪري پنهنجي ملڪ بابت گهٽ وڌ ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي بچايو اٿم. مسافرن جو تعداد وڌڻ لڳو ته مون کي خوشي ٿي ته اڄ مون کي هن مواليءَ دربدر ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ آئون موٽڻ بدران ٽوڪيو جي اسٽيشن تي ترسي پيس. مون کي چپ چپ سوچيندو ڏسي هو وري شروع ٿي ويو...... “چڱو ڀلا آئون ٿو توکي هن ٽوڪيو اسٽيشن جي تاريخ ٻڌايان....“
ٽرين اچڻ تائين هو ٽوڪيو اسٽيشن بابت خبرون ٻڌائيندو هليو جيڪي ان وقت ته مون کي بور ڪري رهيون هيون پر هاڻ سوچيان پيو ته هن واهه جون ڳالهيون ٻڌايون..... مون کي سندس هڪ هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ کتي ٿي. بهرحال هن وقت جيڪي ياد اٿم پڙهندڙن لاءِ لکي رهيو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڏينهن توهان کي جي ٽوڪيو اسٽيشن ۾ ٽرين جو انتظار ڪرڻو پوي ته هي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ سان توهان کي هيءَ اسٽيشن بيحد دلچسپ لڳندي. تاريخ جي ڄاڻ جو اهو ئي ته فائدو آهي جو ماڻهو هر شيءِ کي وڌيڪ سمجهي سگهي ٿو.
ٽوڪيو جي هن ريلوي اسٽيشن تي روزانو 4000 ريل گاڏيون بيهن ٿيون ۽ پنج لک مسافر هيءَ اسٽيشن استعمال ڪن ٿا. ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ تان تقريبن سڀ مسافر هن اسٽيشن تي اچي پوءِ آس پاس ۽ ٻين شهرن ڏي روانا ٿين ٿا. ان کان علاوه سڄي هونشو ٻيٽ جون بليٽ ٽرينون (Shinkansen) هتي اچن ٿيون. ريل گاڏين جي اچڻ وڃڻ ۾ ٽوڪيو اسٽيشن مشغول ترين ريلوي اسٽيشن آهي.
جپان جي ريل جي تاريخ ڏٺو وڃي ته 1872ع کان شروع ٿي جڏهن ملڪ جي پهرين ريلوي لائين شن باشي ۽ يوڪوهاما جي وچ ۾ 1872ع ۾ وڇائي وئي جيئن ٽوڪيو کي وڌيڪ ڏکڻ ۾ يوڪوهاما اسٽيشن ذريعي سمنڊ سان ملايو وڃي.
شن باشي ريلوي اسٽيشن اڄ به ٽوڪيو جي مشهور ۽ مشغول ريلوي اسٽيشن آهي جيڪا ٽوڪيو جي ناٽو ضلعي (وارڊ) ۾ اچي ٿي. جيئن ڪراچيءَ جا پنج ضلعا ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ايسٽ، ملير وغيره آهن تيئن ٽوڪيو شهر 23 ننڍن ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي جن مان ٽوڪيو جو مرڪز (صدر) وارو علائقو چيودو (Chiyoda) ۾ آهي ۽ مناٽو، شِبويا، شنجوڪو، سميدا ۽ چو او ان جي، يعني چيودو جي، چوڌاري وارا ضلعا آهن. سميدا ضلعي جو نالو ان مان وهندڙ سميدا نديءَ ڪري پيو. شن باشي (Shinbashi) ريلوي اسٽيشن جو نالو شن باشي پُل تان پيو. جپانيءَ ۾ باشي معنيٰ پل آهي ۽ شِن معنيٰ نئين. هيءَ شن باشي پل 1604ع ۾ هن ضلعي مناٽو (Minato) مان لنگهندڙ شيئو دومي نديءَ مٿان ٺاهي وئي هئي. گهڻو پوءِ اها ندي ئي لٽجي وئي ۽ هن هنڌ تي گنزا وانگر شهر ٿي ويو جيڪو هاڻ هن پل شن باشي نالي سڏيو وڃي ٿو.
شن باشي ۽ يوڪوهاما تائين ريل وڇڻ بعد 1883ع ۾ ٽوڪيو جي چڙيا گهر ائينو واري ريلوي اسٽيشن Ueno ۽ 1885ع ۾ شيبويا اسٽيشن تائين ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿي ويون. هي اهي سال آهن 1855ع کان 1885ع تائين جن ۾ انگريز راڄ ۾ ايس آر (Scinde Railway) سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين 108 ميل (174 ڪلوميٽر) ريل وڇائي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر هو ۽ ريل جو ڪم شروع ٿيڻ تي پهرين سيمينٽ جو دٻو Wheel Barrow ڪمشنر پاڻ ڇڪي ڪراچي اسٽيشن تي رکيو. سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ٺهيل لئنسڊائون پل 1885ع ۾ ٺهي جڏهن ٽوڪيو ۾ شيبويا ريلوي اسٽيشن ٺهي راس ٿي هئي، شِيبُويا ريلوي اسٽيشن سان گڏ شنجوڪو اسٽيشن پڻ ان ئي سال ٺهي.
ٽوڪيو جي ريلوي اسٽيشن تي سرڪاري طرح اهو نالو پوڻ کان اڳ اها “سينٽرل ٽرمينل” سڏبي هئي جيئن ممبئي جي ريلوي اسٽيشن اڄ به وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس) سڏجي ٿي.
ريلوي اسٽيشن تي حادثا، قتل، جهيڙا جهٽا ته ٿيندا رهن ٿا پر ٽوڪيو اسٽيشن تي ٻن وزير اعظمن جو قتل هڪ عجيب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هڪ تڪاشي هارا جو 1921ع ۾ قتل ٿيو ۽ ٻيو 1930ع ۾ اوساچي هاماگچيءَ جو. پهرين کي خنجر سان قتل ڪيو ويو، ٻئي کي بندوق سان.
ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن جي عمارتسازي ۽ ڊيزائين جو اصل نقشو ڪنهن جپانيءَ نه پر جرمن آرڪيٽيڪٽ فرانز ٺاهيو.
1914ع ۾ جڏهن هن اسٽيشن جو ڪم شروع ٿيو ته 740000 ماڻهن هن کي ٺاهڻ ۾ حصو ورتو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن هن اسٽيشن جي مرمت جو ڪم هليو ته 780000 ماڻهن حصو ورتو.
جپان ۾ هزارين ريلوي اسٽيشنون ۽ بس اسٽاپ آهن پر ٽوڪيو اسٽيشن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
Tokyo Station is not just a station, it is a symbol of japan.
۽ بقول پروفيسر صاحب جي جيڪو آڌي رات جو ٽوڪيو اسٽيشن تي مليو ۽ مون کي هن اسٽيشن بابت خبرون ٻڌايون:
Tokyo station is the only station in the world that has integrated history,
tradition, culture, academia, business and advanced technology.