فرينچ ڇوڪريءَ جو ويٽنامي سان عشق
”هنوئي“ ڳاڙهي ندي (Red River) جي ساڄي ڪپر تي ويٽنام جي گاديءَ جو شهر آهي. سندس هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آدم شماري ٿيندي. هونئن ويٽنام جو وڏو شهر ”هوچي منهه“ آهي جيڪو هنوئي شهر کان 1760 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. اهو شهر سائگون سڏبو هو. ڳاڙهي ندي جيڪا مڪاني ٻوليءَ ۾ هانگ ها (Hong Ha) يعني ”ندي ماتا“ سڏجي ٿي، اها ڏکڻ اولهه چين مان نڪري ٿي ۽ ويٽنام مان ٿيندي سمنڊ- تونڪن نار (Gulf of Tonkin) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. چين ۾ هن نديءَ کي يون نان (Yunnan) سڏين ٿا. ويٽنام جو هڪ ٻيو شهر هئفانگ (Haiphong) به مشهور آهي جيڪو پڻ بندرگاهه هجڻ ڪري اسان جا جهاز اتي به ويندا رهيا ٿي. هي شهر ڪارخانن کان مشهور آهي. جيئن ننڍي کنڊ، ملايا (ملائيشيا)، سنگاپور وغيره تي انگريزن جي حڪومت رهي، انڊونيشيا تي ڊچن جي ۽ فلپين تي هسپانين (Spainish) جي تيئن ويهين صدي جي اڌ کان ويٽنام تي فرينچن جي حڪومت رهي ۽ ويٽنام جي ڪجهه شهرن جيئن ته هنوئي ۽ هوچي منهه (سائگون) جو ماحول اڄ به ائين فرينچ نموني جو آهي جيئن آمريڪا جي شهر نيو اورلينس جو يا سينيگال جي شهر ڊڪار جو جتي پڻ فرينچن جو راڄ رهيو .... يا جيئن هانگ ڪانگ جي ڀر واري ٻيٽ مڪائو جو ۽ ملائيشيا جي شهر ملاڪا جو پورچوگالي اسٽائيل جو آهي جتي پورچوگالين جي حڪومت رهي.
هنوئي شهر ۾ اڄ به فرينچ ڪلچر نمايان آهي ۽ فرينچن جي دور جي ٺهيل آڳاٽي “ميٽروپول هوٽل” انهن ڏينهن جي ياد تازي ڪري ٿي جڏهن ڪيترائي سمرسيٽ ماهم ۽ ڪو وارڊ جهڙا انگريز ۽ دراس (سڄو نالو Marguerite Duras) جهڙا فرينچ ليکڪ رهيا. فرينچ ته ٻيا به گهڻائي رهيا جو ويٽنام تي فرينچن جي حڪومت هئي. فرينچن جو راڄ هو. دُراس ته اها ليکڪا، ناول نويس، ڊراما لکندڙ، مضمون نويس، فلم ٺاهيندڙ فرينچ عورت هئي جيڪا ڄائي ئي ويٽنام ۾! دراس ويٽنام جي شهر جيادنهه (Gia- Dinh) ۾ ڄائي جيڪو بعد ۾ سائگون سڏجڻ لڳو ۽ هاڻ ان شهر جو نالو “هوچي منهه” آهي ۽ 1914ع ۾ يعني دراس جي ڄمڻ وارن ڏينهن ۾ ويٽنام جو نالو ”ڪوچين چائنا“ ۽ ”فرينچ انڊو چائنا“ هو. دراس جي ماءُ ۽ پيءُ ويٽنام ۾ اسڪول ٽيچر هئا. هو فرينچ حڪومت جي چوڻ تي ويٽنام ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ آيا هئا پر پيءُ اچڻ سان بيمار ٿي پيو ۽ فرانس موٽي ويو. دراس جي ماءُ اڄ واري هوچي منهه شهر ۾ پڙهائيندي رهي. هنن تي اڳتي هلي پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ڏکيا ڏينهن به آيا. دراس جي ماءُ خاندان جو سڄو پئسو ڏوڪڙ ڪمبوڊيا ۾ چانورن جي فصل تي لڳايو جنهن ۾ هو نقصان ۾ هليا ويا. انهن ڏکين ڏينهن جو جوانيءَ ۾ قدم رکندڙ دراس جي زندگيءَ تي وڏو اثر پيو، جنهن جو ذڪر هن بار بار پنهنجن ناولن ۽ آتم ڪٿائن ۾ ڪيو آهي. ايتريقدر جو هن جي ماءُ ذهني طرح ڊسٽرب رهڻ ڪري پنهنجي جوان ڌيءَ کي مارڻ به لڳي هئي. انهن ڏينهن ۾ دراس جو ساڊيڪ (Sa Dec) شهر جي هڪ امير چيني تاجر جي پٽ سان افيئر هليو. دراس 15 سالن جي هئي ۽ هي ڇوڪرو کائنس چڱو وڏو 27 سالن جو هو. هن افيئر کي ويٽنام توڙي فرانس ۾ سخت نديو ويو جو ظاهر آهي ڇوڪري کڻي غريب هئي پر هوءَ حڪم فرينچ قوم مان هئي جنهن ويٽنام تي راڄ ڪيو ٿي ۽ ڇوڪرو عمر ۾ وڏو هوندي امير ضرور هو پر هو مقامي ماڻهو يعني Native هو ۽ لوڪل ماڻهن ۽ ڪتن کي ويٽنام جي انهن هوٽلن ۾ به وڃڻ نٿي ڏنو ويو جيڪي فرينچن ۽ يورپي گورن لاءِ هيون. هي ائين آهي جيئن انگريزن جي راڄ ۾ ڪا انگريز ڇوڪري هڪ ماڙواري، گجراتي يا ڪنهن ميمڻ ڇوڪري سان عشق ڪري، ڀلي اهو ڇوڪرو ڪيڏي به امير پيءُ جو پٽ هجي. انگريز لاءِ ناقابج برداشت ڳالهه هئي.
دراصل دراس مارگريٽ (Marguerite Duras) جو L, Amant نالي فرينچ ناول جيڪو انگريزيءَ ۾ The Lover جي نالي سان ترجمو ٿيو آهي ان ۾ دراس پنهنجي ئي ڪهاڻي لکي آهي. هي هڪ بهترين ناول آهي جيڪو ادب جي شاگردن کي نه فقط پڙهڻ کپي پر ڪنهن کي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو به ڪرڻ کپي. هي ڪتاب 1984ع ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. انهن ڏينهن ۾ آئون ملائيشيا ۾ رهيس ٿي، جتي ۽ سنگاپور ۾ ڪيترن جي هٿن ۾ ڏسي مون کي به اهو پڙهڻ جو شوق ٿيو. بعد ۾ ملئي ۽ ٽن چيني ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ هيستائين 43 زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب L, Amant تي ليکڪا کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. بعد ۾ 1992ع ۾ The Lover نالي انگريزيءَ ۾ فلم به ٺهي، ان ناول/ فلم ۾ 1929ع جو فرينچ ڪالونيل ويٽنام ڏيکاريل آهي جنهن ۾ 15 سالن جي فرينچ ڇوڪري پنهنجي ڳوٺ ساڊيڪ مان، ماءُ وٽ موڪلن جا ڏينهن گذاري هاڻ فيري ذريعي ميڪانگ نديءَ جي ڊيلٽا وٽ سائگون شهر وڃي رهي هئي، جتي هن جو بورڊنگ اسڪول هو. فيريءَ ۾ موجود هڪ مقامي چيني امير تاجر جو 27 سالن جو پٽ به سفر ڪري رهيو هو. هن فرينچ ڇوڪريءَ پنهنجي سونهن جو هن اڳيان اهڙو ته اظهار ڪيو جو چيني نوجوان جو ڌيان هن ڏي ڇڪجي ويو. چيني ڇوڪري هن فرينچ ڇوڪريءَ ڏي جيئن ئي رخ ڏنو ۽ ڳالهائڻ جي ڪئي ته هُن هِن جي ان پيشڪش کي يڪدم قبول ڪيو ۽ جيئن ئي فيري (پاڻيءَ جو مسافربردار جهاز) هنوئي بندرگاهه ۾ پهتي ته هن کي چيني ڇوڪرو سندس لاءِ آيل شوفر ڊرون لئموزين ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هِن کي هن جي اسڪول هاسٽل ۾ اچي ڇڏيو.
ان ڳالهه کي سمجهڻ جي باوجود ته هوءَ حڪمران ٽولي جي ڇوڪري آهي ۽ سندس چيني عاشق جي هن سوسائٽيءَ ۾ حيثيت هڪ شودر برابر آهي هيءَ ڇوڪري جيڪا هڪ کٽل ۽ قرضي ماءُ جي ڌيءَ آهي، جيڪا اڌ چري ۽ ڊپريشن جي شڪار آهي.... پنهنجو رستو اختيار ڪري ٿي ۽ هن چيني ڇوڪري جي دوستي/ عشق ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي ۽ مستقبل جا خواب اڻڻ لڳي ٿي .... تان جو هڪ ڏينهن ڇوڪرو پنهنجي پيءُ جي انڪار اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو ۽ ڇوڪريءَ کي بدناميءَ جي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪريو ڇڏي.
دراس پنهنجو هي ناول ستر سالن جي ڄمار ۾ ڇپرايو. يعني ڇوڪر سان معاشقو ڪرڻ کان 55 سال پوءِ! هن پنهنجي عشق جا مشاهدا ۽ ڳالهيون پنهنجي هن ڪتاب The Lover کان علاوه هڪ ٻئي ڪتاب ۾ به لکيون آهن جنهن جو انگريزي نالو: The North China Lover آهي، “دي لور” دوراس جو 48 هون ڪتاب آهي. سندس هڪ ٻه ٻيا مشهور ڪتاب ڪو پڙهڻ چاهي ته هي آهن:
Ten Thirty on a Summer Night
The Malady of Death
Blue Eyes Black Hair
Hiroshima My Love…..
وغيره
Hiroshima Mon Amour دراصل دراس جي فرينچ ٻوليءَ ۾ اسڪرين پلي آهي جيڪا انگريزي ۽ جپاني ٻولين ۾ به ڊب ڪئي وئي آهي. انگريزيءَ ۾ سندس ساڳيو نالو “هيروشيما منهنجو پيار” Hiroshima My Love آهي پر جپانيءَ ۾ ساڳي ٽائيٽل بدران “نِي جُو يو جِيڪان نوجوجي” (Ni ju yo Jikan Nojoji) رکيو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “چوويهه ڪلاڪن جو معاشقو”- يا افيئر. هيءَ ڪهاڻي هڪ فرينچ ڇوڪِري ۽ جپاني ڇَوڪري جي وچ ۾ آهي. هن فلم ۾ جپاني ڇوڪرو جپان جو مشهور اداڪار اوڪادا ٿيو آهي ۽ فرينچ ڇوڪريءَ جو پارٽ ريوا ڪيو آهي. 6 آگسٽ 1945ع تي هيروشيما تي بم ڪرڻ تائين هنن جا مختصر تعلقات رهيا. ان بعد هو جدا ٿيڻ جي تياري ڪن ٿا. هو ماضي جي ملاقاتن کي ياد ڪري جدا ٿين ٿا جيڪا جدائي هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ ڪري ٿي.... وغيره وغيره.