ناريتا ايئرپورٽ کان ٽوڪيو شهر
ڪو زمانو هو 1978ع کان اڳ تائين وارو جڏهن ٽوڪيو ۾ لهڻ لاءِ هڪ ئي ايئرپورٽ هانيدا (Haneda) هوندو هو جيڪو ٽوڪيو جي وچ شهر کان ڏهه ميل پري آهي. ان بعد يعني 1978ع کان ٽوڪيو جو ناريتا (Narita) ايئرپورٽ تيار ٿيڻ تي اسان کي هر دفعي هانيدا جي بدران ناريتا لهڻو پوي ٿو. ناريتا ايئرپورٽ نئون، ماڊرن، تمام گهڻين سهولتن وارو پنهنجي جاءِ تي پر ٽوڪيو شهر کان ڇا ته پري ٺاهيو ويو آهي! ٽوڪيو شهر کان گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ميل يعني ستر ڪلوميٽر پري آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪر ته پري پري تائين ٽوڪيو شهر جي ته خوشبوءِ به نٿي اچي - رڳو سارين جا فصل نظر اچن ٿا. ڪيترا پهريون دفعو آيل پريشان مسافر ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪري سامهون بيٺل ٽئڪسيءَ ۾ ئي وهيو رهن. جپان ۾ جتي ڪٿي ٽئڪسيون ته کوڙ آهن ۽ انهن ۾ ماڻهن کي چڙهندو به ڏسون ٿا، پر جپان ۾ ٽئڪسي اسان جهڙي غريب ملڪن جي غريب ماڻهن لاءِ نه آهي. خاص ڪري ٽوڪيو جي ايئرپورٽ ناريتا تان ٽوڪيو شهر ڏي هلندڙ ڇو جو انهن جو ڀاڙو 180 آمريڪن ڊالر يعني 20 هزار رپيا کن ٿئي ٿو. ايترن پئسن ۾ ته اسان ريل رستي ڪراچي کان پشاور ۽ پشاور کان ڪراچي ٻه دفعا اچي وڃي سگهون ٿا.
جپان ۾ مهانگائي ضرور آهي ۽ جتي وڏن ماڻهن جي نخري، آرام ۽ سڪون لاءِ ٽئڪسيون آهن، (بلڪه ناريتا ايئرپورٽ کان ٽوڪيو شهر تائين هيليڪاپٽر سروس به آهي جنهن جي ٽڪيٽ 2400 ڊالر يعني اڍائي لک روپيه آهي)، اتي گهٽ پئسي وارن ۽ بچت ڪرڻ وارن لاءِ به ڪيترائي طريقا آهن. ويهه هزار رپين ۾ سڄي ٽئڪسي ڪرڻ بدران بهتر آهي ته Shared Taxi ڪجي جنهن ۾ چار ماڻهو وهن ٿا ۽ في ماڻهوءَ کان پنج هزار رپيا ڏيڻا پون ٿا. ان کان به بهتر آهي ته آرامده بس ۾ وڃجي جيڪا هتي “لموزن بس” سڏجي ٿي. ناريتا هوائي اڏي تي هڪ ٻئي پويان هلندڙ Limousine Bus مسافر کڻي ٽوڪيو جي ڪيترن ئي وڏين هوٽلن جي در تي لاهي ٿي. انهن بسن جو ڀاڙو فقط 28 ڊالر يعني 3000 رپيا آهي ۽ جي اڳواٽ واپسيءَ جي به ٽڪيٽ وٺي ڇڏجي ته پوءِ 40 ڊالر وٺن ٿا يعني اوٽ موٽ جا 4100 رپيا ٿيا. منهنجي خيال ۾ اها ڪافي سستي ٿي. پر ان کان به اها بس سستي آهي جيڪا ٽوڪيو شٽل (Tokyo Shuttle) سڏجي ٿي. ان جي ٽڪيٽ فقط اٺ يا نو ڊالر يعني نو سئو رپيا کن آهي. هيءَ بس توهان کي سڌو ٽوڪيو جي مرڪزي اسٽيشن جي سب وي ريلوي لائين وٽ اچيو ڇڏي، جتان پوءِ توهان ڪنهن به ريل گاڏيءَ ۾ ويهي پنهنجي منزل تي پهچي سگهو ٿا. هي بسون هر ويهه منٽن بعد ناريتا ايئرپورٽ تان روانيون ٿين ٿيون. اهو ضروري آهي ته واپسيءَ جي ٽڪيٽ به رزرو ڪرائي ڇڏجي نه ته ٻي صورت ۾ هيءَ بس ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن کان ناريتا ايئر پورٽ تائين 18 ڊالر يعني 1900 رپيا وٺي ٿي.
هڪ ٻي ڪمپنيءَ جون بسون آهن جيڪي ناريتا ايئرپورٽ کان هلن ٿيون جيڪي The Access Narita بسون سڏجن ٿيون. اهي توهان کي ٽوڪيو اسٽيشن تي ڇڏين ٿيون جتان توهان JR ڪمپنيءَ جي ريل گاڏين ۾ ڏورانهن شهرن ڏي وڃي سگهو ٿا. ٽوڪيو اسٽيشن کان علاوه هي بسون گنزا اسٽيشن تي به مسافر لاهين ٿيون جتان مسافرن کي ٽوڪيو جي مختلف علائقن ۾ پهچڻ لاءِ سب وي ريل گاڏيون مليو وڃن. هن بس جي ٽڪيٽ به 9 ڊالر يعني 1000 رپيا آهي ۽ ٻار جي 500 روپيا.
ان کان علاوه Keisei لائين جون ريل گاڏيون ناريتا ايئرپورٽ کان نِپوري اسٽيشن تائين هلن ٿيون جتان پوءِ توهان ڪنهن ٻي ريل لائين جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي شِنجُوڪو، شِبُويا، اساڪوسا يا ٽوڪيو سٽي جي ريلوي اسٽيشن تي لهي سگهو ٿا. هن ٽرين جي ٽڪيٽ يارهن ڊالر يعني 1200 روپيا آهي.
اهڙي طرح هڪ ٻي ڪمپنيءَ جو ريل گاڏيون آهن جن جي ٽڪيٽ مٿين ريل کان ٻه ڊالر کن وڌيڪ آهي پر اهي ٽوڪيو سينٽر جي بهتر هنڌ تي ڇڏين ٿيون. انهن جو نالو آهي: The Sky Access Express . هيءَ ريل گاڏي ايئرپورٽ کان شهر تائين ڪلاڪ کن وٺي ٿي. ٽڪيٽ تي 58 منٽ لکيل آهي ۽ جپان جي هيءَ ۽ ٻيون ريل گاڏيون واقعي ان لکيل وقت تي پهچائين ٿيون. اهو مون کڻي هڪ ڪلاڪ لکيو آهي جو اسان لاءِ 58 ۽ 60 منٽن ۾ فرق ئي ڇاهي جو اسان وٽ ٻه منٽ ته ڇا ٻه ٻه ڪلاڪ دير سان گاڏي پهچي ٿي پر جپان ۾ ٻه منٽ يعني 120 سيڪنڊ وڏي ڳالهه آهي.
ناريتا کان ٽوڪيو شهر پهچڻ لاءِ مون کي سڀ کان بهتر The Narita Express لڳندي آهي جيڪا ريل لائين هاڻ ٻه ٽي سال ٿيندا ته شروع ٿي آهي. ناريتا ايڪسپريس جيڪا NEX پڻ سڏجي ٿي ناريتا کان ٽوڪيو ۽ واپس ناريتا تائين جي سواري جي ٽڪيٽ 36 ڊالر يعني 4500 رپيا آهي ۽ ٻارن جي اڌ آهي. پر اها فقط ناريتا ايئرپورٽ تان ملي سگهي ٿي ۽ غير ملڪي لاءِ آهي ۽ ان جو مدو 14 ڏينهن آهي. سو توهان جي جپان ۾ رهائش چوڏهن ڏينهن کان گهٽ آهي ته پوءِ ناريتا ايئرپورٽ تي پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاري NEX جي رٽرن ٽڪيٽ اڳواٽ وٺي ڇڏيو. مون سان گڏ ڪولالمپور کان ٽوڪيو سفر ڪندڙ هم وطنيءَ کي مون ان ٽرين ۾ ٽوڪيو وڃڻ جي صلاح ڏني جنهن ۾ هو ٽوڪيو اسٽيشن تي پهچي پوءِ يامانوتي يا ڪنهن ٻي ڪمپنيءَ جي ريل گاڏيءَ ۾ سندس منزل شِيبويا تي پهچي سگهيو ٿي. نيڪس (NEX) جون ريل گاڏيون هر 25 کان 40 منٽن جي فرق تي ناريتا ايئرپورٽ جي ٽرمينل اول تان شروع ٿين ٿيون ۽ پوءِ ٽرمينل 2 ۽ 3 تي ترسي، اتان مسافر کڻيِ ٽوڪيو اچي لاهين. هيءَ ٽرين سڀ ۾ بهتر آهي جو هن ۾ سامان رکڻ جي به ڪافي جاءِ آهي. ايئرپورٽ مان نڪرڻ بعد ٽوڪيو اسٽيشن تي پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ٿو. ناريتا آهي ته ٽوڪيو جو ايئرپورٽ پر آهي ڀرواري ضلعي چيبا ۾، جيئن اسلام آباد جو ايئرپورٽ راولپنڊيءَ ۾ آهي. پر راولپنڊي وري به اسلام آباد شهر کان ايڏو پري ناهي. ناريتا ايئرپورٽ تي پهچي مون کي تهران جو امام خميني نالي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ياد ايندو آهي.
ڪراچيءَ مان ايران ويندڙ قافلي سان گڏ جڏهن آئون پهريون دفعو ايران ويس ته ايران ايئر لائين جي هوائي جهاز تهران جي جنهن هوائي اڏي تي لاٿو ان جو نالو مهرآباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو. جنهن مان ٻاهر نڪرڻ تي تهران جو مشهور روڊ” آزادي اسٽريٽ“ ۽ ميٽرو ريلوي اسٽيشن بيمه آهي جتان ميٽرو گاڏي اڳيان ميدان آزدي، معين، حبيب الله، شادمان، بهبودي، نواب ۽ ڊاڪٽر غريب جهڙين ريلوي اسٽيشنن تان گذري ٿي. ايئرپورٽ مان نڪرڻ سان مجسمي آزادي وارو چوراهو ان بعد هڪ ٻيو چوراهو (Round About) انقلاب اسڪائر اچي ٿو. اسان کي امام علي رضا جي روضي جي زيارت لاءِ مشهد وڃڻو هو جنهن لاءِ ٻي اڏام يعني ڊوميسٽڪ فلائيٽ اتان ئي مهرآباد ايئرپورٽ تان ملي وئي.
سال ٻن بعد منهنجو وري تهران وڃڻ ٿيو. ايران حڪومت دنيا جي مختلف ملڪن جي اديبن ۽ جرنلسٽن کي گهرايو هو. هن ڀيري جهاز جنهن تهران جي هوائي اڏي تي لٿو اهو نئون ٺهيل “امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ” هو جنهن جو هفتو کن اڳ افتتاح ٿيو هو. ٻاهر نڪرڻ تي تهران شهر جو ڪو ڏس پتو نظر نه اچي رهيو هو. چوڌاري ويراني ئي ويراني ڏسي حيرت ٿي. اسان کي چيو ويو ته مشهد هلڻ لاءِ توهان کي بس ۾ وهڻو پوندو جيڪا مهرآباد ايئرپورٽ تي وٺي هلندي، جتان لوڪل اڏامون مشهد، اصفهان، تبريز ڏي وڃن ٿيون. آئون هن نئين هوائي اڏي کان اڻ واقف هوس منهنجي حيرت کائڻ تي مون سان ڀر ۾ ويٺل هڪ جپاني مسلمان جنهن سان آئون جپانيءَ ۾ سلام دعا ڪري چڪو هوس ۽ هن ٻڌايو ته هو شيعو آهي ۽ هر سال قم شهر ايندو رهي ٿو تنهن مرڪندي مون کان پڇيو ته آءُ ٽوڪيو ڪڏهن کان ويندو رهان ٿو؟
“گذريل 45 سالن کان”. مون وراڻيومانس.
“اتي پهرين ڪهڙي ايئرپورٽ تي لهندو هئين ۽ هاڻ ڪهڙي تي؟” هن پڇيو.
“پهرين هانيدا ايئرپورٽ تي هاڻ ناريتا ايئرپورٽ تي”. مون جواب ڏنومانس.
“بس بس”. هن چيو، “سمجهه ته تهران جو مهرآباد ايئرپورٽ ٽوڪيو شهر اندر هانيدا ايئرپورٽ آهي ۽ هي امام خميني ايئرپورٽ ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ وانگر شهر کان پري آهي.”
ياد رهي ته امام خميني ايئرپورٽ تهران شهر کان 30 ڪلوميٽر پري آهي ۽ ناريتا ايئرپورٽ ٽوڪيو شهر کان 70 کن ڪلوميٽر پري آهي. ٻنهي شهرن ۾ ٽرين يا ميٽرو جهٽ شهر ۾ پهچائي ٿي باقي ٽئڪسي يا بس وڌيڪ وقت وٺي ٿي. خاص ڪري تهران ۾. ڇو جو تهران شهر ۾ ڪي ڪي لي مارڪيٽ، تين هٽي ۽ رنڇوڙ لائين جهڙا علائقا آهن جتي هر وقت ٽرئفڪ جئم لڳي رهي ٿي.