پئسو بچائڻ ۾ انگريز به هوشيار آهن
امپيريل هوٽل ٽوڪيو جي پراڻي ۽ شان شوڪت واري هوٽل مڃي وڃي ٿي جيڪا 1890ع ۾ ٺهي هئي. هي اهو زمانو هو جڏهن جپان ۾ هاڻ ٻاهر جي دنيا جا ماڻهو اچڻ شروع ٿي رهيا هئا، جن جي رهائش لاءِ ڪنهن سٺي هوٽل جي ضرورت هئي. جپان جي شهنشاهه به ان قسم جي هوٽل ٺاهڻ جي همت افزائي ڪئي. آخرڪار اها هوٽل جپان جي شهنشاهه جي محلات جي ڀرسان ئي ٺاهي وئي. هيءَ ٽوڪيو جي خوبصورت علائقن اوتي ماچيي، مارو نوچي، يوراڪُوچو ۽ گنزا کان سڏ پنڌ تي آهي ۽ هبايا، گنزا، يوراڪوچو سب وي اسٽيشنون پنجن منٽن جي پنڌ تي آهن. هاڻ ته ٽوڪيو جو شهر وڏين ۽ اوچين هوٽلن سان ڀريو پيو آهي پر شروع شروع ۾ هيءَ امپيريل ئي هوٽل هوندي هئي جنهن ۾ دنيا جون اهم شخصيتون، اداڪار، سياستدان، رانديگر وغيره اچي رهندا هئا ۽ اڄ به نالي خاطر دنيا جا وڏا ماڻهو هن هوٽل ۾ رهن ٿا. هڪ دفعي هڪ ڏينهن لاءِ اسان کي به ان هوٽل ۾ رهڻ جو موقعو مليو هو. جهاز جي مرمت لاءِ شپ يارڊ وارن جهاز ۾ موجود آفيسرن ۽ خلاصين کي هڪ رات لاءِ جهاز کان ٻاهر رهڻ لاءِ مختلف هوٽلن ۾ بندوبست ڪيو، جنهن لاءِ هنن خرچ ڀريو. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته اهڙين حالتن ۾ شپ يارڊ وارا يا جهازران ڪمپنيون اسان جهاز وارن کي عهدي مطابق پئسا ڏئي ڇڏينديون آهن ته اسان پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن هوٽل، گيسٽ هائوس يا ريوڪان (جپاني مسافرخاني) ۾ وڃي رهون يا جي ڪو مائٽ يا دوست آهي ته ان وٽ رهي پئسو بچايون. پر هن دفعي هنن جهاز هلائڻ وارن آفيسرن کي امپيريل ۽ آس پاس جي هوٽلن ۾ رکيو.
هيڏي وڏي هوٽل ۾ رهڻ جو ٻڌي سچ ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اڄ به ڪنهن جي رهڻ جو ٻڌندو آهيان، خاص ڪري اسان جهڙي غريب ملڪ جي سياستدان جو، جيڪو عوام جي ٽئڪس تي ٿو رهي ته هيڪاندو ڏک ٿيندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ هوٽل (امپيريل) جنهن ۾ سڪارنو جهڙا ايشيائي ملڪن جا وزيراعظم، صدر ۽ سياستدان رهيا ۽ رهڻ لاءِ ايندا رهن ٿا، هڪ محل نما آهي جنهن جي هڪ هڪ ڪمري جا بستر، ٽيبل، ڪرسيون، لکها رپين جون آهن، جتي سئمنگ پول، جمنازيم، Spa جهڙيون شيون آهن، جتي ڏهن ڊشن جو ناشتو ملي ٿو پر سوال آهي ته هڪ هڪ ڏينهن جي ڇا ته مسواڙ آهي! اڄ جي تاريخ ۾ ڏٺم ته 60 هزار رپيا آهن. نه رڳو امپيريل پر ٽوڪيو ۾ ڪي هوٽلون ان کان به مهانگيون آهن جيئن ته ٽوڪيو اسٽيشن هوٽل جي روز جي مسواڙ 63000 رپيا آهي، پيننشولا جي 74000 آهي، پئلس هوٽل جي 74000 آهي. معنيٰ منو لک! دنيا جا امير ترين واپاري، ڪارخانيدار، جاگيردار جيڪي پاڻ ڪمائين ٿا، پنهنجي ڪمائيءَ مان اچي خرچ ڪن ٿا ته پوءِ ٺيڪ آهي پر اسان جهڙن غريب ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جي سياستدانن، حاڪمن، وزيرن کي ڪيئن ٿو جڳائي. جن جو عوام ڏهين رپئي جو نان وٺي کائڻ لاءِ به ٻه دفعا سوچي ٿو. مون ڏٺو آهي ته اهڙن غريب ملڪن جا وزير، صدر، مشير ولايت ۾ اڪيلو اچڻ بدران پنهنجن زالن ٻارن، دوستن ۽ سيڪريٽرين جي پاڻ سان لوڌ وٺي ٿا اچن. ڪي ته پنهنجي لئه ڏيکارڻ لاءِ هوٽل جو سڄو فلور بُڪ ڪن ٿا.
ڏٺو وڃي ته هوٽل کي رهڻ وارو استعمال ئي ڪيترو ٿو ڪري؟ اسان به صبح پهر جهاز تي هئاسين پوءِ هوٽل ۾ ٿيلهو رکي شهر جي چڪر تي نڪتاسين رات جي مانيءَ لاءِ 3000 رپين جا يين ڪئش مليا هئا جو امپيريل هوٽل ۾ ٻن ڊشن واري ماني به ايتري جي هئي. ٽپ پنهنجي کيسي مان ڏيون ها. سو 500 رپئي جو مڪڊونالڊ مان فش برگر، چپس ۽ ملڪ شيڪ وٺي باقي اڍائي هزار رپيا بچاياسين. ڏاڍو افسوس ٿيو ته جيڪر هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائڻ بدران اسان کي ڪئش ڏين ها ته ڪنهن سستي بورڊنگ هائوس ۾ رات جا چار پهر گذاري باقي ايترو پئسو بچائي وٺون ها جو سڄو هفتو پيا گهمون ڦرون ۽ شاپنگ ڪيون ها. امپيريل هوٽل جي لکها رپين واري چادر سان ڍڪيل ٽيڪ جي ڊبل بيڊ سان اسان جو ڇا واسطو؟ يا ڪمري جي وڏي باٿ روم ۽ ان ۾ رکيل پنجن قسمن جي شئمپوئن مان اسان کي ڪهڙو فائدو؟ اسان ته گهمي ڦري رات جو يارهين بجي ڪمري تي اهڙو ٿڪجي پهتاسين جو بستري تي ليٽڻ سان اک لڳي وئي ۽ سڄي رات پاسو به نه ورايوسين. اک کلي ته صبح ٿي ويو هو. مون ته ان وقت ڌيان سان ڏٺو ته بستري مٿان وڇايل چادر جنهن تي ستس اها بيڊ کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو هو. اصل چادر ان ڪپڙي کي هٽائڻ سان هيٺ هئي جنهن تي سمهڻ کتو ٿي. جلدي جلدي تيار ٿي نيرن لاءِ ڏهين بجي هيٺ ڊائننگ هال ۾ آياسين. بنا شڪ جي ست رڇي وڇايل هئي پر هڪ ماڻهو ڇا ڇا کائي سگهي ٿو. هونئن ئي اڌ کان وڌيڪ ڊش، خاص ڪري گوشت، قيمي، ڪواب جا اسان مسلمانن لاءِ بيڪار ٿين ٿا. آمليٽ بيضو ڊبل روٽي ۽ هوٽل کي ڪجهه چَٽي وجهڻ جو سوچي پاڻيءَ بدران ٻه گلاس کير جا پيتم ۽ ڪئڊبري چاڪليٽ کاڌم. واپس ڪمري تي اچي تيار ٿيس ته جهاز تي کڻي هلڻ واري وئن اچي وئي. ڏينهن جي مسواڙ اڌ لک رپيا ختم.
پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته اسان جا سياستدان حاڪم جيڪي سرڪاري خرچ تي، يعني عوام جي ٽئڪس تي ولايت وڃن ٿا، وڏين هوٽلن ۾ رهي ڪيڏو ظلم ڪن ٿا. سڄو ڏينهن هو گهمڻ ڦرڻ ۽ ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ ۾ گذارين ٿا. دعوتن ۾ مانيون کائين ٿا. رات جو شاپنگ ڪري رلي پني ڏهين يارهين هوٽل تي موٽن ٿا ۽ رات جا باقي چند ڪلاڪ ڪمري تي سمهن ٿا جنهن لاءِ سوچيو ته هو ملڪ جو ڪيڏو پئسو وڃائين ٿا.
ملاڪا (ملائيشيا) ۾ نوڪري دوران هڪ دفعي اسان جي آفيس وارن مون کي ۽ انگلينڊ جي انگريز ڪئپٽن ڪيرو کي ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪوالالمپور موڪليو. اسان کي رات گذاري ٻئي ڏينهن صبح جو اتي جي هڪ آفيس ۾ ڪاغذ پٽ ڏئي ملاڪا موٽڻو هو. رات رهڻ ۽ ماني ٽڪيءَ لاءِ اسان کي ڪئش ڏني وئي هئي ۽ ڀاڙو ڀتو پڻ ته ٽرين ۾ وڃو يا ٽئڪسي ۾ ۽ جنهن هوٽل، مسافر خاني يا Paying Guest هائوس ۾ چاهيو رهجو. اهڙن موقعن تي آئون گيسٽ هائوس ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان جو امن امان جي حالت آهي. ڪمري ۾ باٿ روم گڏ ٿئي ٿو، ايئرڪنڊيشنر لڳل ٿئي ٿو. 15 يا 20 رنگٽن (600 رپين) ۾ ڪم ٿيو وڃي. فائيو اسٽار هوٽل جي ڪمري تي 200 رنگٽ ڇو خرچ ڪجن.
اسان ٻنهي يعني مون ۽ منهنجي ڪليگ ڪئپٽن ڪيرو هڪ ڪار کنئي. پيٽرول ۾ اڌواڌ ڪيوسين ۽ ملاڪا مان صبح ساڻ نڪتاسين ته 10 بجي ڪوالالمپور سيمينار ۾ پهچي وياسين جيڪو هڪ هوٽل ۾ هلي رهيو هو. سيمينار بعد لنچ ۽ 4 بجي چانهه سيمينار وارن کارائي پياري. يعني ويلو ٽريو. سيمينار بعد شام جو شهر جا چڪر هڻندا رهياسين. رات جي ماني ٻين وانگر ريڙهي واري کان وٺي کاڌيسين جو ملائيشيا ۾ ننڍين هوٽلن، داٻي وارن ۽ ريڙهي وارن جي ماني به ايتري صاف سٿري آهي جيتري فائيو اسٽار هوٽلن جي! مانيءَ بعد اسان فلم جو ٻيو شو ڏٺو ۽ چانهه پيتي ته رات جو هڪ ٿي ويو. گاڏي ڪئپٽن ڪيرو پئي هلائي. دل ۾ سوچيم ته رات رهڻ لاءِ جنهن هوٽل ۾ وڻيس هلي. هونءَ ئي اڌو اڌ خرچ ڏيڻو آهي. ڪمري ۾ ٻن سنگل بسترن بدران هڪ ڊبل هوندو ته به مڙيئي خير آهي جو پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ تڪليف هجڻ ڪري آئون هونءَ به بيڊ تي سمهڻ بدران پٽ تي سمهڻ کي ترجيح ڏيان ٿو.
فلم بعد ڪئپٽن ڪيرو سبانگ جايا کان ڪار هلائي ان وڏي هوٽل ۾ پهتو جتي صبح جو سيمينار هليو هو ۽ اسان کي اتي ڪار پارڪنگ جي 24 ڪلاڪن لاءِ پرچي مليل هئي. ڪار پارڪ ڪري هوٽل جي لابيءَ ۾ آياسين. لابيءَ جي واش روم ۾ هٿ منهن ڌوئي ٻاهر ڪار وٽ آياسين. آئون حيرت کائي رهيو هوس ته ڪئپٽن ڪيرو رات جا باقي پهر سمهڻ لاءِ ڪهڙو ٿو بندوبست ڪري ۽ ڪٿي ٿو هلي. سندس وڏي سائيز جي ٽويوٽا ڪار جو اڳيون ۽ پويون دروازو کولي مون کي چيو: “چيف صاحب! ڳالهه ٻڌ! رات جا ٻه اچي ٿيا آهن. صبح جو اٺين بجي” ڊئريڪٽوريٽ پورٽس ائنڊ شپنگ” جي آفيس ۾ ڪاغذ ڏيڻا آهن. هاڻ پنج ڇهه ڪلاڪ سمهڻ لاءِ ٻه Choices آهن.....”
“ڪهڙيون؟” مون حيرت مان پڇيو.
“وڻئي ته ڪار جي اڳئين حصي ۾ سمهه، وڻئي ته ڪار جي پوئين حصي ۾.” هن وراڻيو ۽ مون کان ٽهڪ نڪري ويو ته ههڙي Idea ته مون کي به نه آئي. ”ڪمرو مسواڙ تي وٺڻ ۾ فائدو فقط Attached باٿ روم جو ٿيندو. هتي باٿ روم لاءِ کڻي ڪار مان ٻه ٽي قدم هلي هوٽل جي لائونج ۾ وڃڻو پوندو.”
سو مون ڏٺو آهي ته پئسو بچائڻ ۾ انگريز شيخن ۽ ميمڻن کان به هوشيار آهن ۽ شاباس هجي ڪئپٽن ڪيرو کي جو واپسيءَ تي به ملاڪا ... يعني گهر تائين، گاڏي پاڻ هلائيندو آيو ۽ آئون ننڊون پوريون ڪندو رهيس.