ڪجهه جپاني مسلمان ...
جپان ۾ هونئن ايڪڙ ٻيڪڙ ڌاريون مسلمان ايندو رهيو ٿي يا سندن پنهنجو جپاني مسلمان ٿيو ٿي ۽ هن تبليغ ڪئي ٿي پر جپانين کي مسلمانن جي يڪي ڪميونٽي کي ڏسڻ جو موقعو تڏهن مليو، جڏهن پهرين وڏي لڙائي دوران 1917ع ۾ بولشيوڪ انقلاب آيو. ولاديميرلينن هي انقلاب آڻي روس ۾ پورهيتن جي رياست ٺاهي ۽ پنهنجي پارٽي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي رکيو. انقلاب بعد روس ۾ رهندڙن جي مذهب جي آزاديءَ تي بندش وڌي وئي ۽ روس پاسي رهندڙ سوين ترڪ، ازبڪ، تاجڪ، ڪرگز ۽ ڪزاخ مسلمان پنهنجي زندگي خطري ۾ ڏسي جپان لڏي آيا. جپان حڪومت هنن کي سياسي پناهه (Asylum) ڏني ۽ هو جپان جي مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لڳا. هنن کي ڏسي هنن جي ڪجهه پاڙيسري جپانين پڻ اسلام قبول ڪيو.
جپان ۾ هنن مسلمانن جو تعداد جڏهن وڌڻ لڳو ته مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي مسجدون ٺهڻ لڳيون جن ۾ سڀ کان اهم مسجد ڪوبي واري آهي جيڪا ٽوڪيو واري مسجد کان به ٻه ٽي سال اڳ 1935 ۾ ٺهي هئي ۽ پراڻين مسجدن مان اها ئي هڪڙي مسجد آهي جيڪا اصلي حالت ۾ آهي ۽ جپان جي وڏي زلزلي جي سَٽَ کان بچي وئي. اڄ ڪلهه سڄي جپان ۾ ٽيهن کان چاليهه سنگل اسٽوري مسجدون آهن. ان کان علاوه هڪ سئو يا ان کان مٿي هڪ ڪمري (سنگل اپارٽمينٽ) واريون مسجدون آهن جن کي هتي جا ماڻهو مصلا (Musallah) سڏين ٿا.
پهرين جنگ عظيم (WWI) دوران جڏهن جپان چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن تي حملو ڪيو ته اتي رهندڙ ڪيترا جپاني پنهنجي ملڪ جپان موٽي آيا. انهن ۾ اهي جن ٻاهر وڃي اسلام قبول ڪيو انهن اڳتي هلي جپان ۾ “جپان مسلم ايسوسيئيشن” ٺاهي جنهن جو پهريون صدر صادق ايمائي زومي جپاني ٿيو جنهن جي وفات بعد ٻيو صدر مٿي بيان ڪيل جپاني عالم عمر ميتا ٿيو. عمر ميتا پهريون جپاني مسلمان آهي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُنَ قرآن مجيد جو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عمر مِيتا 1892 ۾ ياماگچي پريفيڪچر جي شهر چوفو (Chofu) ۾ هڪ ٻڌ گهراڻي ۾ جنگجو (Samurai) جي گهر ۾ ڄائو. هن ياما گاچي ڪمرشل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ان بعد چين وڃي چيني ٻولي سکيو. اتي هن جي ڪجهه مسلمان فئملين سان ميل ملاقات ٿي ۽ اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان بعد هن عمر ياما اوڪا جا حج جي سفر بابت مضمون پڙهيا. عمر ياما اوڪا پهريون جپاني آهي جنهن حج ڪيو. 1921ع ۾ عمر مِيتا ساڻس ملاقات به ڪئي. آخرڪار 49 ورهين جي ڄمار ۾ 1941 ۾) هن اسلام قبول ڪيو. 60 سالن جو ٿي ميتا اهو فيصلو ڪيو ته هن کي باقي زندگي اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪرڻي آهي ۽ عربي سکڻي آهي. 1958ع ۾ هو تبليغ جي سلسلي ۾ پاڪستان پڻ آيو. عمر مِيتا جا ڪجهه ڪتاب پڻ آهن جيئن ته Understanding Islam ۽ An Introduction to Islam. هن مولانا محمد ذڪريا جو ڪتاب “حياتِ صحابا” پڻ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
جپانيءَ ۾ قرآن مجيد جي ترجمي بابت لکندو هلان ته 1968ع ۾ عمر ميتا جپانيءَ ۾ ڪيو پر ان کان اڳ قرآن جا جپانيءَ ۾ ترجما 1920ع ، 1937ع ۽ 1950ع ۾، ان بعد 1957ع ۾ ٿيو پر اهي سڀ ترجما غير مسلم جپانين ڪيا.
هتي اهو به لکندو هلان ته عمر ميتا 1958ع ۾ هڪ پاڪستاني حج گروپ سان گڏ حج ڪيو. ان بعد هو جپان آيو، مٿيان ڪتاب ڇپرايا ۽ جپان مسلم ايسوسيئيشن جو صدر ٿيو. 1961ع ۾ جڏهن هو ستر سالن جو هو ته هو هڪ دفعو وري پاڪستان روانو ٿيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ لاهور ۾ رهي پيو ۽ عربي ۽ قرآن جي عالمن سان ملندو رهيو.
حاجي عمر ميتا اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر هن شخص اسلام جي وڏي خذمت ڪئي. 1973ع ۽ 1974ع وارن سالن ۾ جڏهن خيرپور ميرس جو ظفر شيخ ٽوڪيو جي پاڪستان ايمبسيءَ ۾ سيڪريٽري هو ۽ منهنجو جهاز هر ٻي ٽي مهيني ٽوڪيو کان اچي نڪرندو هو، اسان پاڪستانين جون گڏجاڻيون گهڻو ڪري گنزا ۾ يا ٽوڪيو مسجد جي آس پاس ٿينديون هيون انهن ڏينهن ۾ حاجي عمر ميتا 89 سالن جو جهور پوڙهو ٿي چڪو هو پر اسان ڏسندا هئاسين ته روزانو پنهنجي گهران ٻن ڪلاڪن جو ٽرين ۾ سفر ڪري ٽوڪيو واري مسجد ۽ جپاني مسلمانن جي ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهچندو هو. هو لاهور جون به ڳالهيون ڪندو هو جتي هن ڪافي وقت گذاريو ۽ ڪيترائي اردو ۽ پنجابيءَ جا لفظ ياد هئس. هن پهريون حج به پاڪستانين جي گروپ سان ڪيو. انسان جيستائين جيئرو آهي، ان جو ايڏو قدر نٿو ٿئي پر اڄ سوچيان ٿو بلڪه افسوس ڪريان ٿو ته گنزا، شيبويا، روپنگي، اساڪسا ۾ رلڻ بدران ههڙن ماڻهن سان وڌيڪ ڪچهريون ڪجن ها.