جپان جي جاگرافي ۽ هوڪئدو
بيهڪ ۾ جپان ملائيشيا وانگر نه پر پاڪستان وانگر چئي سگهون ٿا. ملائيشيا نقشي تي ليٽيل ملڪ آهي يعني اوڀر اولهه طرف تقريبن ساڳي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي. ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سندس موسم ٻارهوئي گرم آهي ۽ سڄو سال ڏينهن رات ۾ ڪو خاص فرق نٿو ٿئي. سڄو سال، سڄي ملائيشيا ۾ سڀني نمازن جا وقت ساڳيا رهن ٿا. بس مغرب نماز جي ٻانگ ۾ ڪو ڪجهه منٽن جو فرق رهي ٿو نه ته هر سال عيد نماز به ساڳي وقت تي ٿئي ٿي. چاهي عيد نومبر، ڊسمبر ۾ ٿئي يا جون، جولاءِ ۾. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ٻارهوئي آفريڪا جي ملڪن جهڙي گرمي هجڻ کپي پر هر وقت بارش پوڻ ڪري ۽ وڻ وڻڪار هجڻ ڪري فرحت رهي ٿي. سڄي ملائيشيا ۾ ساڳي موسم، گرمي ۽ مينهن هجڻ ڪري ان جي هر حصي ۾ ساڳيو ميوو: انناس، ليچي، رمبوتان، دورين، ڊوڪو، منگو اسٽين ٿئي ٿو، جنهن ۾ پاڻيٺ ته گهڻي آهي پر شيلف لائيف تمام گهٽ رهي ٿي.
جپان يا پاڪستان هڪ ته خط استوا کان ڪجهه مٿڀرو آهن ۽ ٻيو جاگرافيائي طور سندن بيهڪ اڀي آهي. يعني پاڪستان جو سنڌ وارو حصو ڏکڻ ۾ آهي جتي مينهن گهٽ ۽ گرمي ٿيڻ ڪري انب، گدرا، ڇانهين جهڙا ميوا ٿين ٿا ته پنجاب جي اتراهين حصي، خيبر پختونخواهه ۽ وڌيڪ اتراهن حصن ۾ ٿڌڪار ٿيڻ ڪري صوف، ڏاڙهون، انگور ۽ موسمين جهڙا ميوا ٿين ٿا، جيڪي پوءِ سنڌ تائين وڪامندي نظر اچن ٿا. اهو ئي حال جپان جو آهي پر ملائيشيا جي مارڪيٽن ۾ توهان کي صوفن يا سنگتڙن جهڙو ميوو نظر نه ايندو جو اتي ٿڌ ناهي ۽ نه کجور آهي جو هر وقت مينهن پيو وسي. هاڻ مڙيئي ملائيشيا ۾ پئسو اچڻ ڪري اهي دنيا جي مختلف ملڪن مان مختلف ميوو گهرائين ٿا جيئن گدرن ۽ کارڪن جي ملڪ سعودي عرب ۾ توهان کي هر قسم جا انگور، مالٽا، صوف، ڪيوي جهڙو ميوو به ٻارهو ئي ملي ٿو .... جيڪو هو پڻ درآمد ڪن ٿا.
جپان کڻي 3000 ٻيٽن جو ملڪ آهي پر سندس چار ٻيٽ تمام وڏا ۽ هڪ ٻئي ويجهو آهن ۽ اسان ڌارين جو تعليم، واپار، پورهئي يا ٽوئرزم لاءِ انهن چئن ٻيٽن تي ئي وڃڻ ٿئي ٿو. اهي چار اهم ٻيٽ هن ريت آهن. بلڪل اتر ۾ “هُڪئدو” ٻيٽ آهي. ان کان هيٺ ٻيڻي ٽيڻي سائيز جو “هونشو” آهي ۽ پوءِ هيٺ وڌيڪ ڏکڻ ۾ “شڪاڪُو” ۽ “ڪيوشو” آهي. جپان کي ويجهي ۾ ويجهو ملڪ ڪيوشو ٻيٽ جي اتر ۾ ڏکڻ ڪوريا آهي نه ته چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. اوڀر ۾ پئسفڪ سمنڊ، اتر ۾ جپاني سمنڊ جيڪو East Sea به سڏجي ٿو ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ “ايسٽ چائنا سي” (اوڀر چيني سمنڊ) آهي. ڏٺو وڃي ته جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ ۽ ڪٽيل آهي. ائين ناهي ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ انڊيا، افغانستان، ايران کان به ماڻهو داخل ٿي سگهن ٿا يا ملائيشيا ۾ ٿائلينڊ، سنگاپور يا انڊونيشيا کان خشڪيءَ رستي يا ٻيڙين ذريعي لڪ چوريءَ پهچي سگهن ٿا پر جپان ۾ ائين ڪنهن ڌارئين جو داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جو چوڌاري سوين ميل سمنڊ آهي ۽ ويجهي ۾ ويجهي ڌرتي ڏکڻ ڪوريا جو ڪنارو به ڪافي پري آهي.
جپان جا جيڪي چار وڏا ۽ اهم ٻيٽ آهن انهن ۾ سڀ کان اتراهون ٻيٽ هُڪئدو (Hokkaido) آهي جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو آهي. سڀ کان وڏو ٻيٽ هونشو (Honshu) آهي جيڪو هُڪئدو جي هيٺان يعني ڏکڻ ۾ آهي. هُڪئدو اتر ۾ هجڻ ڪري اتي سياري ۾ تمام گهڻو سيءُ پوي ٿو ۽ سياري ۾ برف جي راندين ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. يورپي ٽوئرسٽ ضرور اچن ٿا پر اسان جي ايشيائي ملڪن پاڪستان، انڊيا، ايران يا عرب ملڪن جا هُڪئدو ڏي لڙڻ کان پري ڀڄن ٿا. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن خط استوائي ملڪن جا ماڻهو جتي سال جا ٻارهن مهينا سيءُ نٿو پوي .... ايتري قدر جو هنن کي سڄي عمر نه ڪوٽ سئيٽر جي ضرورت پوي ٿي ۽ نه رلهي سوڙ جي، اهي هن ٻيٽ ڏي نه گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ نه نوڪري يا تعليم لاءِ. هونءَ به هُڪئدو گهڻو جابلو هجڻ ڪري ان جي آدم شماري گهٽ آهي. روس جو مشهور ٻيٽ سخالن (Sakhalin) جنهن جي آب هوا سمجهو ته سائيبيريا جهڙي ٿڌي آهي اهو هن ٻيٽ جي اتر ۾ فقط 43 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ هن ٻيٽ جي اوڀر ۾ ڪورِل (Kuril) ٻيٽ آهي جيڪو هن وقت جپان جي هٿ ۾ آهي پر هنن ۽ سخالن ٻيٽن جي وچ ۾ مالڪيءَ تي هميشه جپانين ۽ روسين جو ڦڏو لڳو رهي ٿو جو انهن جي ٻئي پاسي روس آهي. هونءَ ته اهڙن ڏورانهن ۽ ويران ٻيٽن کي ڪنهن به پڇيو ڪو نه ٿي ۽ انهن تي رهندڙن ڀلي پئي جپاني ۽ روسي ڳالهائي ۽ واجهايو ته من ڪو ملڪ سندن سارسنڀال لهي ۽ اهڙي طرح ملائيشيا، چين، فلپين ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ به ڪيترائي ٻيٽ آهن جن کي انهن جي ڀروارن ملڪن پڇيو به ڪو نه ٿي. ٻي ڪا سهوليت ته پري پر پيئڻ جي پاڻي پهچائڻ جو به بندوبست نٿي ڪيو پر هاڻ انهن يتيم ۽ لاوارث ٻيٽن تي مارمارا ان ڪري ٿي پئي آهي جو ڪنهن مان پيٽرول ۽ گئس نڪرڻ شروع ٿي آهي ته ڪنهن مان ڪو ڪمائتو ۽ قيمتي ڌاتو.
جپان جي هن اتراهين ٻيٽ هُڪئدو جو وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر سپورو (Sapporo) آهي ان کان علاوه ٻه ٻيا وڏا شهر آهن: هاڪو داتي (Hakodate) ۽ اساهي ڪاوا. هاڪو داتي هن ٻيٽ جي بلڪل ڏکڻ واري پوڇڙ تي آهي جتان آبناءِ ”سُوگارُو“ لنگهي ٿي ۽ هونشو ٻيٽ کي هُڪئدو کان ڌار ڪري ٿي. آبناءِ، نار يا انگريزي لفظ Strait ، اهو سوڙهو سامونڊي درياهه آهي جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ڳنڍي ٿو ۽ سندس پاسن کان ڌرتي ٿئي ٿي. جيئن هيءَ سُوگارو نار (Tsugaru Strait) جپاني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي ٿي. سندس هڪ پاسي هُڪئدو ٻيٽ آهي ته ٻئي پاسي هونشو. جيئن ملاڪا نار (Malacca Strait) ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ کي ڳنڍي ٿي. سندس هڪ پاسي مغربي ملائيشيا جي سر زمين آهي ته ٻئي پاسي انڊونيشيا جو ٻيٽ سماترا. يا جيئن آبناءِ جبرالٽر (نار- ڳچي سمنڊ) جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملائي ٿي. جنهن جي هڪ پاسي يورپ کنڊ جو ملڪ اسپين آهي ته ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جو موراڪو.
هونءَ ته ٻن سمنڊن کي ڳنڍڻ واري آبناءِ يعني سوڙهو درياهه (Strait) تمام پرسڪون رهي ٿو جو پاسن کان ڌرتي هجڻ ڪري ۽ چئنل سوڙهو هجڻ ڪري پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل نٿي رهي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن جو اهو آبناءِ وارو سفر مزي جو گذري ٿو. پر ضروري ناهي ته هر آبناءِ (Strait) پُرسڪون هجي. ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ گهڙڻ وقت يا ان مان نڪرڻ وقت جبرالٽر واري سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ اهڙو ڇتو هوندو آهي جو ان جي اٿل پٿل اسان جي جهازن توڙي ان ۾ موجود اسان ماڻهن جو سر رلائي رکندي آهي. خاص ڪري هاءِ ٽائيڊ وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي ايڏي ته پريشر سان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڌوڪي ٿو جو جهاز پچنگ هڪ طرف ڪري ٿو ته رولنگ ٻئي طرف! پِچنگ معنيٰ جهاز جو اڳيون حصو سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ پويون مٿي هوا ۾ کڄيو اچي. وري ٻي گهڙيءَ پويون حصو سمنڊ اندر هليو وڃي ٿو ته اڳيون مٿي هوا ۾ کڄيو اچي. رولنگ معنيٰ جهاز ڪڏهن کاٻي پاسي جُهڪي وڃي ته ڪڏهن ساڄي پاسي. انهن ٻنهي صورتن، پچنگ ۽ رولنگ ۾، جهاز تي موجود ماڻهن کي مختلف جسماني ۽ نفسياتي تڪليف پهچي ٿي جنهن کي Sea Sickness سڏجي ٿو.
جپان جي هُڪئدو ٻيٽ ۽ هونشو ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪا سمنڊ جي سوڙهي پٽي آبناءِ (سوگارو نار) آهي اها ڪڏهن ته ماٺو آهي ڪڏهن الله امان! جيتوڻيڪ سندس ٻنهي پاسي ڪي اهڙا خوفناڪ سمنڊ به نه آهن. پئسفڪ ته پنهنجي مزاج موجب ماٺو سمنڊ آهي پر جپان جي چوڌاري ڇِتي سمنڊ کان وڌيڪ طوفاني هوائون جهازن ۽ انهن کي هلائڻ وارن کي منجهائين ۽ وايون بتال ڪن ٿيون. جپان جي چئني ٻيٽن جي وچ ۾ هيڏانهن هوڏانهن سامونڊي گهٽيون ۽ گهيڙاٽا آهن ۽ جپان جي اندرئين حصي جو اهو سمنڊ Inland Sea ٿو سڏجي ۽ اصولن ان سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ هڪ پرسڪون ڪم هئڻ کپي ۽ واقعي گهڻي ڀاڱي اهو اندريون سمنڊ ماٺو هجڻ کپي پر دنيا جي طوفانن، ٽائفونن، سائڪلونن کان سونامين تائين جو گهر هي علائقو آهي. اهي سڀ ڪم هتي ٿين ٿا. هاڻ ته هونشو ٻيٽ تان هُڪئدو وڃڻ لاءِ ٽرين هلي ٿي نه ته اڳ ۾ ٻه ٽي دفعا هُڪئدو گهمڻ لاءِ فيريءَ ۾ وڃڻو پيو هو. هي فيريون جيتوڻيڪ وڏن جهازن جيڏيون ٿين جن تي نه رڳو ماڻهو پنهنجين موٽرڪارن سان گڏ سوار ٿين پر سڄي سڄي ريل گاڏي مسافرن سوڌي سوار ٿئي ٿي جيئن يورپ جي ملڪن ۾ عام آهي. ايڏين وڏين فيرين (جهازن) جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن هي سمنڊ اهڙو ته بگڙيل هوندو آهي جو چئن ڪلاڪن جو سفر عذاب ٿي پوندو آهي ۽ ڪيتريون ئي فيريون ٻڏي ويون آهن. خاص ڪري جپاني قومي ريلوي جي ”ٽويا مارو“ نالي ريل گاڏيءَ واري فيري جيڪا 1954ع ۾ هونشو ٻيٽ کان هُڪئدو ويندي هن آبناءِ سوگارو (Tsugaru) ۾ ٻڏي وئي ۽ مٿس 1172 سوار مسافر مري ويا هئا. منهنجي خيال ۾ هن حادثي کان پوءِ جپانين هونشو ۽ هُڪئدو وچ ۾ “سي ئي ڪان سرنگهه” (Seikan Tonnera) ٺاهڻ جو سوچيو. اهو ڪجهه سال اڳ تائين دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو زير زمين ٽنل هو جنهن مان ريل گاڏي لنگهي ٿي. اهو 52 کن ڪلوميٽر آهي ۽ سطح سمنڊ کان 240 ميٽر هيٺ زمين اندران گذري ٿو ۽ مني ڪلاڪ اندر بليٽ ٽرين هونشو ٻيٽ کان هُڪئدو، پهچائي ٿي. 2016 تائين ته جپان جو هي ٽنل (Seikan Tonnera) دنيا جو وڏي ۾ وڏو هو پر هاڻ سئٽزرلئنڊ جو گوٿارڊ بيس ٽنل آهي جيڪو اتي جي جبلن Alps جي هيٺان لنگهي ٿو ۽ 57 ڪلوميٽر آهي.
اڄ ڪلهه هونشو ٻيٽ کان هُڪئدو ٻيٽ ڏي ماڻهو Seikan سامونڊي سرنگهه ذريعي باءِ روڊ ايندا ويندا رهن ٿا پر ساڳي وقت تفريح خاطر، سٺي موسم ۾ جڏهن ماٺو سمنڊ آهي ۽ هوا سانت ۾ آهي ته فيريءَ ۾ سفر ڪن ٿا جيڪا رفتار مطابق چار پنج ڪلاڪ وٺي ٿي. هونءَ به جپان جي چئني ٻيٽن مان هُڪئدو ۾ سڀ کان گهٽ ماڻهو رهن ٿا. اسان جي ملڪ جا شاگرد به ٽوڪيو، اوساڪا، ڪيوٽو، هيروشيما، نگويا، ڪوبي، فڪوڪا ته وڃن ٿا پر هُڪئدو جي شهرن سپورو، هاڪو داتي ڏي نه برابر وڃن ٿا ۽ هُڪئدو ٻيٽ تي ايترا تعليمي ادارا به نه آهن جيترا هونشو، شِڪاڪو ۽ ڪِيوشو ٻيٽن تي آهن. پر يارو گهٽ ۾ گهٽ ته به هُڪئدو ٻيٽ تي 37 اعليٰ قسمن جون يونيورسٽيون آهن، جن مان ڪيترائي جپان جا اعليٰ تعليم يافته، سائنسدان ۽ نوبل پرائيز کٽيندڙ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. سپورو جي هُڪئدو يونيورسٽي (هُڪئدو دائي گاڪو) ته دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ڌارين ملڪن جا شاگرد انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. ناسا جو جپاني ائسٽروناٽ ۽ راڪيٽ ۾ ٻه دفعا خلا ۾ ويندڙ مامورو موهري (Mamoru Mohri) به هن يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ آهي. هن هتان ڪيمسٽريءَ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي. 1975ع کان 1985 تائين هو هُڪئدو يونيورسٽيءَ جي نيوڪليئر انجنيئرنگ فئڪلٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ هن جو نيوڪليئر فيوزن سان واسطو رکندڙ پروجيڪٽن تي وڏو ڪم ٿيل آهي. پاڻ 1948ع ۾ هتي هُڪئدو ئي ۾ ڄائو هو.
جپان جي هن ٻيٽ هُڪئدو جي هڪ ٻي اهم شخصيت ”تاڪيئو اري شيما“ ياد ٿو اچي جيڪو 1923ع ۾ گذاري ويو هڪ مشهور ناول نويس، افسانا نگار ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. هن جا ٻه ننڍا ڀائر اڪُوما ۽ ٽان ساتومي پڻ جپانيءَ جا مشهور ليکڪ ٿي گذريا آهن ۽ سندس پٽ ماسايوڪي موري بين الاقوامي شهرت جو فلم ۽ اسٽيج جو ائڪٽر هو.
مسٽر تاڪيئو سپورو جي ائگريڪلچر يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران هن خودڪشيءَ جي به ڪوشش ڪئي پر بچي ويو. تاڪيئو جو سماجي ڪمن ۾ وڏو نالو آهي جو هن جپان ۾ ڪيترائي عورتن جا اسڪول کوليا. تاڪيئو اري شيما جا ڪجهه جپاني ناول جيڪي انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيا، هن ريت آهن:
A Certain woman (Aru Onna)
Descendents of Cain (Kain No Matsuei)
“اي سرٽن وومئن” جو انگريزي ترجمو ڪينٿ اسٽرانگ ڪيو آهي. هي ڪتاب 1978 ۾ يونيورسٽي آف ٽوڪيو پريس وارن ڇپرايو جيڪو 382 صفحن تي آهي. 1980 ۾ هن ڪتاب جو وڏو ٻول چال هو ۽ ان جي ڪاپي اسان جي جهاز تي به ڪيترا سال موجود رهي. ادب جي شاگردن کي تاڪيئو جو هي ڪتاب ۽ هڪ ٻيو The Agony of Coming In to the World پڙهڻ جي صلاح ڏيندس.
مٿين همراهن کان علاوه هُڪئدو جو هڪ ٻيو همراهه ”اڪيرا سوزڪي“ به مشهور آهي جنهن کي 2010 ۾ نوبل پرائيز مليو. هن هُڪئدو يونيورسٽي مان ڪيمسٽريءَ ۾ Ph.D ڪئي ۽ اتي ئي پروفيسر ٿي رهيو ۽ توهان يوئيچيرو مييورا جو نالو ته ٻڌو هوندو جيڪو 70 ورهين جي ڄمار ۾ 2003ع ۾ دنيا جي وڏي عمر وارو ٿي ڪري ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. ان بعد 2006 ۾ هن دل جون ٻه آپريشنون ڪرايون ۽ 2013ع ۾. يعني 80 ورهين جي ڄمار ۾ هن هڪ دفعو وري ايوريسٽ جبل جي چوٽي پار ڪئي، اها ڳالهه “گنيز بڪ آف رڪارڊس” ۾ به آئي.
آخري دفعو يوئيچيرو جبل جي چوٽيءَ تي پهچي ويو پر هيٺ لهي نه سگهيو. مس مس 6500 ميٽرن تائين پهتو ان بعد کيس ايئرلفٽ ڪيو ويو. پاڻ 1970 ۾ ايوريسٽ جبل تي اِسڪنگ جو رڪارڊ پڻ ڀڳو هئائين. سندس اهو ڪارنامو 1975 جي انگريزي فلم The Man Who Skied Down Everest ۾ فلمايل آهي.
يوئيچيرو جو جپاني ٽي ويءَ تان مون هڪ انٽرويو ٻڌو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن پاڻ کي انهن ڪمن لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ته سادو کاڌو پسند ڪيو ۽ ٻيو روزانو پنهنجي هر هڪ ٽنگ سان پنج پنج ڪلو ۽ پٺيءَ سان ٽيهه ڪلو جو وزن ٻڌي ڏهه ڏهه ڪلوميٽر واڪ ڪيو ٿي ۽ اهڙي ڪمري ۾ ويٺو ٿي جتي آڪسيجن جي ليول گهٽ هجي. اهو ان ڪري جو جبل تي جيترو مٿي چڙهجي ٿو اوتري آڪسيجن ليول گهٽجي ٿي ۽ بنا عادت وارو يڪدم ساڻو ٿيو پوي.