الطاف شيخ ڪارنر

جي وڃين تون جپان

هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت سفرنامو آهي. آصف رضا موريو لکي ٿو:
”الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺي هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2666
  • 721
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جي وڃين تون جپان

جپان جو انوڪي پهلوان ۽ رتنا ديوي

گذريل مضمون ۾ حاجي عمرميتا جو احوال لکيو اٿم جو هن جپاني مسلمان جو اسان جي ملڪ ۾ به اچڻ ٿيو ۽ جپان ۾ 1973ع واري سال ۾ ساڻس ٽوڪيو ۾ موجود اسان پاڪستانين جي به ملاقات ٿيندي رهي. ان بعد هو سگهو ئي گذاري ويو جو اسان جو 1980 تائين لڳاتار اچڻ ٿيندو رهيو پر وري ملاقات نه ٿي.
هڪ ٻيو جپاني مسلمان اِنوڪي (سڄو نالو ائنٽونيو انوڪي) جنهن سان جپان ۾ ملاقات ٿيندي رهي ۽ ان جو به پاڪستان سان واسطو رهيو. اِنوڪي نه فقط پروفيشنل ملهه (Wrestler) ٿي رهيو آهي پر سياستدان به! مشهور باڪسر محمد عليءَ سان وڙهڻ بعد هو دنيا ۾ مشهور ٿيو. انوڪيءَ جا 1995ع ۾ اتر ڪوريا ۾ ٻه مقابلا به اخبارن جون سرخيون بنيون جن ۾ سڀ کان گهڻا تماشبين هڪ ۾ ڏيڍ لک ۽ ٻئي ۾ ٻه لک آيا.
1976ع ۾ پاڪستان جي پهلوان اڪرم عرف اڪيءَ انوڪيءَ کي چئلينج ڪيو. هن ملهه جو مقابلو ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيو هو جتي اڌ لک کان وڌيڪ ماڻهو آيا هئا جنهن ۾ اڪرم هارايو هو. 2012ع ۾ جڏهن عمرڪوٽ جو نور محمد جادواڻي ٽوڪيو ۾ پاڪستان جو سفير هو ته ان وٽ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ انوڪيءَ سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي ڪرائيءَ تي اڪرم جي چڪن جا نشان ڏيکاريا.....” پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مون مجبورن هن جي اکين ۾ کڻي آڱريون هنيون.” انوڪيءَ ٻڌايو ته هن کي اڪرم پهلوان کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪا خوشي نه ٿي. بعد ۾ 1979ع ۾ هو وري پاڪستان آيو هو ۽ هن جي ملاقات اڪرم پهلوان جي ڀائٽي زبير عرف جهارا پهلوان سان ٿي. ان سان مقابلو Draw ٿيو. “پر مون هن جو هٿ مٿي کڻي هن کي کٽيندڙ قرار ڏنو،” انوڪيءَ چيو. انوڪي ۽ جهارا پهلوان سٺا دوست ٿي رهيا. 1991 ۾ جهارا پهلوان دل جي دوري ۾ گذاري ويو. کيس لاهور جي ڀولو پهلوان جمنازيم ۾ دفن ڪيو ويو. جهارا پهلوان (اصل نالو زبير) گاما فئمليءَ جي اسلم پهلوان جو پٽ هو.
اڪرم پهلوان عرف اڪي 1930 ۾ امرتسر ۾ ڄائو هو. آفريڪا جي ملڪن ۾ بازيون کٽڻ ڪري هن کي “ڊبل ٽائيگر” به سڏيندا هئا. هن ڪينيا ۾ مهيندر سنگهه کان ۽ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ دادا عِيدي امين کان به ملهه کٽي. امام بخش پهلوان جي ڇهه ملهه پٽن مان اڪرم سڀ کان اعليٰ هو. هن ننڍي هوندي کان ملهه جو هنر گاما پهلوان کان سکيو. ٽوڪيو ۾ نور محمد جادواڻيءَ وٽ جڏهن انوڪي کان پڇيو ويو ته هو وري ڪڏهن پاڪستان جو چڪر هڻندو ته هن چيو ته “وقت نٿو ملي نه ته منهنجي دل هڪ دفعو پاڪستان وڃي اڪرم پهلوان جي قبر تي دعا گهرڻ لاءِ چوي ٿي.”
جپاني پهلوان اِنوڪي 1943ع ۾ يوڪو هاما جي هڪ امير گهر ۾ ڄائو. هي ست ڀائرن ۽ چئن ڀيڻن مان هڪ هو. سندس پيءُ ساجيرو اِنوڪي شهر جو معزز واپاري ۽ سياستدان هو. 1948ع ۾ جڏهن اِنوڪي پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو. 1957 ۾ فئمليءَ تي اهڙا ته ڏکيا ڏينهن اچي ويا جو روزگار خاطر انوڪي پنهنجن ڀائرن ڀينرن، ماءُ ۽ ڏاڏي سان گڏ برازيل لڏي ويو. برازيل ۾ انوڪيءَ ڪيترين راندين: شاٽ پٽ، ڊسڪس ٿرو، جويلين ٿرو ۾ چئمپين ٿيو. ان بعد سترهن سالن جي ڄمار ۾ هو ريسلنگ (ملهه) سکڻ لاءِ جپان موٽيو.
انوڪي ڪيترا سال ملهه جي مقابلي سان وابسته رهيو. 1989ع ۾ جڏهن هو 46 سالن جو ٿيو ته هن پيءُ جي نقش قدم تي سياست ۾ حصو ورتو ۽ هو هائوس آف ڪائونسلرن جو نمائندو ٿيو. 1990 ۾ هو پنهنجي منهن عراق هليو ويو جتي گلف واري لڙائي جا جپاني قيد هئا. هن اڪيلي سر صدام حسين سان ڳالهيون ڪيون ۽ هن کي راضي ڪري جپانين کي آزاد ڪرايو.
عراق جي ان ٽرپ دوران انوڪيءَ ڪربلا شريف جي زيارت ڪئي جنهن دوران هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو تعلق اهل شيعه سان رکيو پر هن ان جو اعلان 2012 ۾ ڪيو. ان سان گڏ هن پنهنجي اسلامي نالي “محمد حسين انوڪي” جو پڻ اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته هن کي چيو ويو ته هو پنهنجو نالو محمد علي رکي. “پر جيئن ته آئون محمد علي ڪلي سان مقابلو ڪري چڪو هوس ان ڪري مون پنهنجو نالو صدام حسين جي نالي مان متاثر ٿي محمد حسين رکيو.”
هونءَ انوڪي ڪو ايڏو گهڻو عملي (Practicing) مسلمان نٿو لڳي. ايتري قدر جو هو پاڻ به پاڻ کي ڪڏهن نو مسلم (Convert Muslim) ٿو سڏائي ته ڪڏهن ٻوڌي (Buddhist).
انوڪيءَ جي 1971ع ۾ جپان جي مشهور فلم ائڪٽريس متسوڪو بائشو سان شادي ٿي جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ هيروڪو آهي. 1987ع ۾ سندن طلاق ٿي وئي.
هتي جڏهن ٻن جپاني مسلمانن (حاجي عمر ميتا ۽ ريسلر محمد حسين انوڪيءَ) جو ذڪر ڪيو اٿئون ته اتي هڪ جپاني عورت رتنا ديويءَ جو به ڪريون ٿا جيڪا انڊونيشيا جي صدر سئڪارنو جي زال رهي. هن وقت 78 سالن جي آهي ۽ ٽوڪيو جي خوبصورت علائقي شنجوڪو ۾ رهي ٿي. ڪيترا ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته مسلمان سئڪارنو جي هيءَ زال هندو آهي جيڪا پوءِ مسلمان ٿي. پر ڏٺو وڃي ته شاديءَ کان اڳ هيءَ ٻوڌي هئي ۽ 1940 ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائي. سندس اصل جپاني نالو نائوڪو نيموتو (Naoko Nemoto) هو. پاڻ سئڪارنو جي ماءُ “اِيدا ايو نيومن راءِ“ برهمڻ گهراڻي جي هندو هئي جنهن جو تعلق بالي ٻيٽ سان هو. سئڪارنو جو پيءُ رادن سوئيڪيمي انڊونيشيا جي جاوا ٻيٽ جو مسلمان هو. سئڪارنو، ڪيترا ماڻهو هن کي احمد سئڪارنو سڏين ٿا پر هن جو نالو فقط سئڪارنو هو، 1901 ۾ سوربايا ۾ ڄائو هو. انهن ڏينهن ۾ انڊونيشيا تي ڊچن (نيدرلئنڊ وارن) جو قبضو هو ۽ انڊونيشيا جا هي سمورا ٻيٽ: جاوا، سماترا، بالي وغيره “ڊچ ايسٽ انڊيز” سڏبا هئا جيئن ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو ۽ انڊيا “برٽش انڊيا” سڏبو هو. سورابايا جاوا ٻيٽ جو بندرگاهه ۽ ڪراچيءَ وانگر ڪمرشل شهر آهي ۽ انڊونيشيا جو ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. ڊچن جي راڄ ۾ ته سورابايا وڏي ۾ وڏو شهر هو. باتاويا (جيڪو اڄ ڪلهه جڪارتا سڏجي ٿو) ان کان به وڏو شهر ۽ بندرگاهه هو جتي چين، عرب، ايران ۽ هند کان واپاري لاءِ جهاز آيا ٿي. پندرهين صديءَ جون مسجدون، عرب ڪوارٽر ۽ چائنا ٽائون اڄ به موجود آهن. اسان جا سنڌي هندو واپاري به هن پاسي ۽ اڳيان جاوا تائين آيا ويا ٿي. ڪيترا اتي ئي رهيا ٿي. اڄ به ڪيترائي سنڌي هندو سورابايا ايندا رهن ٿا. ڪي انڊيا جي شهرن کان ته ڪي هانگ ڪانگ جپان ۽ ويندي آمريڪا کان به. شاهه لطيف به هن تر جاوا پاسي جو ذڪر پنهنجن بيتن ۾ ڪيو آهي. ظاهر آهي شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄائو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪئي. جاوا، سماترا، سورابايا پاسي اسان جا سنڌي، عرب ۽ ايراني ته شاهه لطيف جي ڄمڻ کان به ٻه صديون اڳ يعني پندرهين صديءَ کان آيا پئي ۽ هتان جي مصالحي مان خوب ناڻو ڪمائي پنهنجي وطن سُکَ جي زندگي گذاري ٿي. تڏهن ته سنڌ ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته ”جيڪي ويا جاوا سي ٿيا هميشه لاءِ ساوا“. بهرحال سورابايا جڪارتا کان به سهڻو ۽ ماڊرن شهر آهي.... گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته لڳي ٿو. هن شهر سورابايا ۾ آيل ٽوئرسٽ جالان پانديئان ۾ ضرور گهر نمبر 40 وٽان لنگهندا هوندا جتي سئڪارنو صاحب جنم ورتو ۽ اڄ به سندس نالي جو بورڊ لڳل آهي. انڊونيشي يا ملئي ٻوليءَ ۾ جالان (Jalan) معنيٰ روڊ، رستو، شاهراهه.
سئڪارنو 1912 ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڊچ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد بانديانگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان سول انجنيئرنگ ڪئي. 1926ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن يونيورسٽي جي هڪ دوست سان گڏجي فرم ٺاهيو ۽ پريانگر هوٽل کان وٺي ڪيتريون عمارتون هن جون ڊزائين ٿيل آهن. ڊچن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪافي سال جيل به ڪاٽيو. ٻي جنگ عظيم دوران جڏهن جپانين انڊونيشيا تي قبضو ڪيو ته سئڪارنو کي جيل مان آزادي ملي. اڳتي هلي انڊونيشيا کي خودمختياري ملي ته سئڪارنو ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. هيءَ سال 1945 جي ڳالهه آهي. اسان اسڪول جي ڏينهن ۾ جڏهن 1958 ۾ اٺين ڪلاس ۾ هئاسين ۽ 1960 ۾ مئٽرڪ ۾ ته سئڪارنو جو نالو اخبارن ۾ پڙهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اسان لاءِ اخبار پڙهڻ ۽ جنرل ناليج ۾ حصو وٺڻ ضروري هوندو هو. سئڪارنو 1958ع ۾ پاڪستان آيو هو جڏهن ميجر جنرل اسڪندر مرزا ملڪ جو وزيراعظم هو. ان بعد 1963ع ۾ پڻ ٽن ڏينهن لاءِ سئڪارنو پاڪستان آيو ۽ لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ سئڪارنو پاڪستانين لاءِ اهم ۽ دلپسند شخصيت هو خاص ڪري انڊو پاڪ جي لڙائيءَ ۾ جڏهن ايئرمارشل اصغر خان انڊونيشيا مدد لاءِ ويو ته سئڪارنو چيس ته “توکي جيترا به اسان جا هوائي جهاز کپن اهي کڻي وڃ بس رڳو ٻه چار ڇڏ، جو اسان کي ملائيشيا وارن سان ڪجهه مسئلو آهي.” اها ڳالهه ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي ڪتاب The First Round ۾ به لکي آهي. سو ان دور ۾ سئڪارنو اسان جي ماڻهن جي دلپسند شخصيت هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ يعني 1962ع ۾ 57 سالن جي سئڪارنو پاڻ کان 38 سال ننڍي عمر جي جپاني ڇوڪري نائوڪو سان شادي ڪري هن جو نالو “رتنا ساري ديوي” رکيو جيڪو نالو “جاواني سنسڪرت” جو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ديويءَ جي هيري جي سڳنڌ”.
1962ع ۾ سئڪارنو سرڪاري دوري تي ٽوڪيو آيو هو ته گنزا جي ڀرواري هوٽل امپيريل ۾ اچي رهيو هو ۽ شام جي وقت گنزا جو چڪر هڻندي اتي جي هڪ بار ۾ ڪم ڪندڙ 19 سالن جي هوسٽس نائوڪو نيموتو سان سندس ملاقات ٿي. هوءَ ان وقت آرٽس جي شاگردياڻي هئي ۽ شام جي وقت پارٽ ٽائيم جاب خاطر بار ۾ آيل گراهڪن جي خذمت ڪئي ٿي. ٽوڪيو ۾ گنزا جو چڪر هڻندي امپريل هوٽل کي ڏسي خيرپور جي ظفر شيخ ۽ مون کي هميشه انڊونيشيا جو هي عاشق مزاج صدر ياد ايندو هو. گنزا ريسٽورنٽن، ڪيفي، مئخانن، پبن ۽ بارن سان ڀري پئي آهي. ڪجهه ريسٽورنٽن ۽ ڪيفي بارن جا نالا هن وقت به ياد اچي رهيا آهن: ازاڪايا ريسٽورنٽ، Matteo، توري يوشي، Tofuro، دائگو، پرونٽو، Gappo، نِيرُوڪي وغيره. ظفر شيخ جيڪو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسيءَ ۾ ٿرڊ سيڪريٽري هو، مون سان گڏ گنزا جو چڪر هڻندي اهڙي قسم جي ريسٽورنٽن/ بارن ڏي اشارو ڪندي چوندو هو. يعني 1973ع چوهتر وارن سالن ۾، ته “اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ، 1962 ۾، خبر ناهي ڪهڙي بار ۾ نائڪو نيموتو خذمتگار (هوسٽس) هئي جنهن تي سئڪارنو جي نظر ڇا پئي رتنا ديوي ٿي وئي. اسان جي هڪ جهاز جو چرچائي ريڊيو آفيسر جنهن کي ڪنهن نوجوان جپاني ڇوڪريءَ سان دوستي رکڻ جي خواهش هئي، اسان جي ٽوڪن تي ته تو پوڙهي سان ڪهڙي جپاني ڇوڪري ڳالهائيندي. يڪدم وراڻيندو هو ته “57 سالن جي گئرنٽي ختم سئڪارنو تي 19 سالن جي نيموتو عاشق ٿي سگهي ٿي باقي مون جهڙي ٽيهه ورهين جي ٺاهوڪي جوان تي ڇو نه؟”.
بهرحال سئڪارنو پوڙهو ضرور هو پر کيس عورتن تي جادو هلائڻ جا طريقا آيا ٿي ۽ نيموتو (رتنا ديوي) سان سندس پهرين شادي نه هئي. سئڪارنو اعلانيه ۽ غير اعلانيه شادين کان مشهور رهيو آهي. نيموتو کان اڳ به ٻن يا ٽن سان ته آفيشلي شادي ٿيل هئس. هڪ شادي ته ويهه ورهين جي ڄمار ۾، 1920 ۾، سيتي اوئيتاري (Siti Oetari) سان ڪئي هئائين. ان بعد 1921ع ۾ سول انجنيئرنگ (آرڪيٽيڪچر) پڙهڻ لاءِ داخلا ورتائين. اتي باندنگ شهر ۾ جتي پڙهيو پئي، هاسٽل جي انچارج جي زال اِنگت (Inggit) سان اکيون لڙائيندو رهيو. اِنگت (سڄو نالو Inggit Garnasih) سئڪارنو کان 13 سال وڏي هئي جو سندس ڄم جو سال 1888ع هو. پر سائين عاشق مزاج سڪارنو هن تي اهڙو ته عاشق ٿي پيو (۽ هوءَ محترما پڻ) جو سئڪارنو پنهنجي پهرين زال سيتي اوتي تاريءَ کي طلاق ڏئي انگت سان شادي ڪئي ۽ انگت به پنهنجي پهرين مڙس (بورڊنگ هائوس جي مالڪ) مسٽر سانوئيسي (Sanoesi) کان طلاق وٺي سئڪارنو سان شادي ڪئي جيڪو اڃان انجنيئرنگ جي ٻئي سال جو شاگرد هو. سڪارنو کي هن زال مان هڪ ڌيءَ رتنا ديوامي ٿي. سڪارنو جي هن زال وڏي ڄمار ماڻي ۽ 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين پر سڪارنو سان شادي فقط 20 سال هليس. 1943 ۾ جڏهن سئڪارنو 43 سالن جو هو ته هن جو 20 سالن جي نوجوان ڇوڪري فاطمه واتي سان معاشقو ٿيو ۽ انگت کي طلاق ڏئي فاطمه سان شادي ڪئي. ٻن سالن بعد سئڪارنو انڊونيشيا جو پهريون صدر ٿيو ۽ فاطمه واتي ملڪ جي خاتون اول ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سئڪارنو کي هن زال فاطمه واتيءَ مان ڪيترائي ٻار ٿيا جن مان هڪ ڌيءَ “ميگاواتي سئڪارنو پتري” اڳتي هلي ملڪ جي پنجين صدر (2001ع کان 2004ع تائين) ٿي. سئڪارنو صاحب کي هن زال فاطمه واتيءَ مان 8 کن ٻار ٿيڻ بعد 1953ع ۾ سئڪارنو کي جاوا ٻيٽ جي هارتيني نالي ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو ارادو ٿيو. بلڪه شادي ڪري کيس ايوان صدر ۾ وٺي آيو. فاطمه واتي جيڪا خاتون اول هئي ان ڪافي گوڙ ڪيو پر کيس ڪو مولوي نه ملي سگهيو جو هن جو پاسو کڻي. سڀ سئڪارنو کان ڊنا ٿي ۽ فاطمه واتي رُسي اچي جڪارتا ۾ رهي. سئڪارنو کي هارتينيءَ مان به ٻه ٻار ٿيا. بعد ۾ هن هارتينيءَ کي به ڀڄائي ڇڏيو ۽ کيس اولهه جاوا جي هڪ شهر بوگور (Bogor) ۾ ڏيهه نيڪالي ڏئي موڪلي ڇڏيو.
فاطمه واتي 1980ع ۾ عمرو ڪري مڪي کان جڪارتا وڃي رهي هئي ته رستي تي، ڪوالالمپور ۾ کيس دل جو دورو پيو ۽ وفات ڪيائين. سندس ياد ۾ انڊونيشيا جي شهر بينگڪولو جو ايئرپورٽ سندس نالي آهي. بينگوڪولو (Bengkulu) سماترا ٻيٽ تي تاريخي شهر آهي ۽ سندس يونيورسٽي مشهور آهي.
سو سائين جپان جي هن آرٽس جي شاگردياڻيءَ نيموتو (Naoko Nemoto) سان شادي ڪرڻ کان اڳ سئڪارنو ڪو “بيچلر بئاءِ” نه هو. خبر ناهي ڪيتريون شاديون ڪري چڪو هو ۽ ڪيترا ٻار هئس. هن جپاني زال نيموتو (جنهن تي هن “رتنا ديوي” نالو رکيو) مان هن کي هڪ ڇوڪري ڪارتيڪا ٿي جيڪا اڄ ڪلهه پاڻ کي ڪرينا (Carina) سڏرائي ٿي.
نيموتو (رتنا ديوي) سان سئڪارنو جي شادي ست سال کن هلي. پنجن سالن بعد 1967ع ۾ جنرل سهارتو ملڪ ۾ ڪُو (Coup) آندو ۽ سئڪارنو کي لاهي ڦٽو ڪيو ۽ 1970ع ۾ سئڪارنو گذاري ويو. سئڪارنو جي لهڻ بعد سئڪارنو جي بيواه زال رتنا ديوي يورپ هلي وئي ۽ سئٽزرلئنڊ، فرانس ۽ ويندي آمريڪا ۾ رهڻ بعد اڄ ڪلهه ٽوڪيو جي شيبويا واري علائقي ۾ رهي ٿي ۽ “ديوي فوجن” (Devi Fujin) سڏجي ٿي. فوجن جپاني لفظ آهي معنيٰ مسز يا مئڊم. هوءَ پاڻ سان وڏو پئسو کڻي آئي ۽ جپان ۾ سندس ڪاسميٽڪس جو بزنيس آهي. هوءَ محل نما گهر ۾ 16 ڪتن سان رهي ٿي. اسان جي ايشيائي ليڊرن ۾ اهائي ته خصوصيت آهي. عوام ڀلي غريب ۽ بکيو هجي پر اسان جي ليڊرن جون زالون ۽ ٻار ارب پتي ۽ کرب پتي ٿي ويندا آهن.
عمر ۾ سئڪارنو جي هيءَ جپاني زال رتنا ديوي اسان کان به چار سال وڏي آهي. يعني 78 سالن جي آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءَ اڄ به سهڻي لڳي ٿي. ماڻهن جو خيال آهي ته هن پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي، جيئن اسان وٽ مئڊم نورجهان ڪرائي هئي. پر رتنا ديوي ٽي وي تي پروگرامن دوران ۽ دعوتن ۾ کلي ٻڌائيندي آهي ته بابا مون ڪا به Facelift يا پلاسٽڪ سرجري نه ڪرائي آهي. ها رتنا ديويءَ جي هڪ رهجي ويل پلس پئانٽ به لکندو هلان ته هوءَ وڏي Philanthropist آهي. يعني خير جا ڪم ڪري ٿي. هوءَ بزنيس مان ڪمائي به خوب ٿي ته خير خيرات به تمام گهڻا ڪري ٿي.