جپان جي سفرنامي جو مقصد
سو هي سفرنامو ڪنهن جو سُک ڦٽائڻ لاءِ نه لکيو اٿم ته هو جپان گهمڻ لاءِ اٿي کڙو ٿئي ۽ گهر ٻاري ڏياري ڪري. هي سفرنامو انهن شاگردن لاءِ آهي جيڪي تعليم لاءِ جپان وڃن ٿا ۽ جن کي اسڪالرشپ ملي آهي، انهن لاءِ آهي جن کي جپان ۾ نوڪري آهي، انهن لاءِ آهي جن جا ٻار جپان ۾ نوڪري ڪن ٿا جن پنهنجي والدين يا ڀائر ڀينرن کي پاڻ وٽ جپان گهمائڻ ۽ ساڻن ملڻ لاءِ گهرايو آهي، انهن لاءِ آهي جيڪي هوائي جهازن ۽ پاڻي جي جهازن تي نوڪري ڪن ٿا جن جا جهاز جپان جي شهرن ۾ ايندا رهن ٿا، هي سفرنامو انهن لاءِ لکيو آهي جيڪي اسان جي يا جپاني حڪومت جي دعوت تي مهيني اڌ لاءِ جپان ۾ ڪا ڪانفرنس يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پهچن ٿا ۽ آخر ۾ انهن لاءِ آهي جيڪي گهر ۾ ويٺي ويٺي ٻاهر جي دنيا جي معلومات رکڻ چاهين ٿا ته ٻين ملڪن جي زندگي ڪيئن آهي ۽ ڇا پيو وهي واپري، جيئن سڀاڻي سندن ٻارن کي ان ملڪ ۾ ڪا نوڪري ملي وڃي يا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي وڃي ته هو ان بابت فيصلو ڪري سگهن ۽ گهر ويٺي محسوس ڪري سگهن ته هنن جا ٻار ڪهڙي ماحول ۽ معاشري ۾ زندگي گذاري سگهندا.
هڪ ٻي ڳالهه! هتي جپان جي مختلف شهرن جو احوال ڏنو اٿم. اسانجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي جپان ۾ رهن ٿا انهن کي به اهو نه چوندس ته اهي شيون جيڪي مون ڏٺيون يا جتي جتي ڏٺيون انهن شهرن ڏي هليا وڃو. هرگز نه. ڇو جو جپان ۾ هڪ شهر کان ٻئي تائين ٽرين يا ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو تمام ڳرو آهي.... مثال طور هيروشيما کان ٽوڪيو بليٽ ٽرين جو ڀاڙو ڪراچي کان جدي هوائي جهاز جي ڀاڙي کان گهڻو آهي ۽ ويتر جي رات ٻئي شهر ۾ گذارڻي پئجي وڃي ته وڏو خرچ ٿيو وڃي. اسان ته هئاسين جهاز ۾ سو ڪڏهن ڪيڏانهن پئي رلياسين ته ڪڏهن ڪيڏانهن. پر هڪ شاگرد يا نوڪري ڪندڙ کي کپي ته پنهنجي خرچ تي پري پري جي شهرن ۾ نه وڃي. يونيورسٽي طرفان ٽرپ ٿي لڳي يا نوڪري واري ڪمپني طرفان فيلڊ ورڪ ٿو ملي ته پوءِ ضرور وڃي نه ته پنهنجي خرچ تي هو ٽوڪيو ۾ آهي ته اتي ئي رهي ۽ ٽوڪيو ئي گهمندو رهي جيتوڻيڪ ٽوڪيو جي صدر، ڪلفٽن، ناظم آباد، ماريپور، ملير جهڙن مختلف علائقن: گنزا، شيبويا، روپنگي، اودائي با، اڪيهابارا، اساڪوسا، هراجوڪو وغيره وغيره پهچڻ لاءِ به بس يا سب وي ٽرين تي وڏو ڀاڙو لڳي ٿو: بهرحال هو وري به پنهنجي شهر کي گهمڻ افورڊ ڪري سگهي ٿو يا وڌ ۾ وڌ انهن شهرن ڏي وڃي سگهي ٿو جيڪي راولپنڊي اسلام آباد، ڪوٽڙي حيدرآباد يا سکر روهڙيءَ وانگر ڳنڍيا پيا آهن. جيئن ته ٽوڪيو، چيبا، يوڪوهاما، يا شمونوسيڪي ۽ موجي يا اوساڪا، ڪيوٽو ۽ ڪوبي وغيره. ٻي ڳالهه ته اتي رهندڙ اسانجا شاگرد يا نوڪريون ڪندڙ وقت سان گڏ ڪجهه سستين رهائش گاهن کان به واقف ٿيو وڃن جيئن ته ڪئپسول هوٽلون يا منگاڪسا جن ۾ ڳڙکين ۽ گول ڊمن جهڙا ڪمرا آهن. جن کي توهان قيدين جون کوليون به چئي سگهو ٿا. جن ۾ بيهي به نه سگهجي. پر سچ ته اهو آهي ته اهي سستا هوندي به ڪي اهڙا سستا نه آهن. خاص ڪري اسان جي شاگرد ۽ پورهيو ڪندڙ مزدور لاءِ ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، ويٽنام يا ايران جي ٻي ڳالهه آهي جو اتي جپان کان ڀاڙو ڀتو، کاڌو پيتو ۽ رهائش وري به سستي آهي. باقي جپان ۾ مون ڪيترا اهڙا به ماڻهو ڏٺا جيڪي ٽوڪيو، نگويا يا ناگاساڪيءَ ۾ آهن ته اتي ئي رهيا پيا آهن. ٻن سالن بعد موڪلن تي ڳوٺ اچن ٿا. هنن جي ڳالهه به صحيح آهي ته جپان ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري هڪ شهر کان ٻيو شهر گهمڻ بدران پنهنجي ملڪ ٻارن سان اسلام آباد، ڪوهه مري، ڪوئيٽا وغيره ڇو نه گهمجي. جپان ايڏو مهانگو آهي جو اسان جو ورلي ڪو ماڻهو فئمليءَ سان رهي ٿو. ڇو جو جپان ۾ ٻارن جا اسڪول، ڪتاب، يونيفارم به ته ڪي سستا نه آهن. اڪيلي سر ته سنگل ڪمري ۾ به ٻئي سان ڀائيوار ٿي سگهجي ٿو. فئمليءَ سان رهڻ معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪمرن جو ته فلئٽ هجي.... پيئڻ ته ڇا پر گهر ۾ هار وير جو پاڻي مهانگو، گئس مهانگي، بجلي مهانگي، ٽيليفون مهانگو، اهو ئي سبب آهي جو جياپي لاءِ جپاني سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪن ٿا تڏهن ٿو گهر هلين. ۽ ههڙن ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ معنا پنهنجي ڀينگ ڪرائڻ آهي.