سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

پبلشر نوٽ

کڻي جو ڪوبه سمجهدار شخص پاڻ کي يا پنهنجي پيارن کي بيمار ڏسڻ نه چاهيندو پر صحتمند رهڻ لاءِ کيس ڇا ڪرڻ کپي تنهن بابت کيس ڄاڻ اڻپوري هوندي آهي. ماحول، کاڌي يا اٿ ويهه جو صحت سان ڪهڙو تعلق آهي ان بابت سندس سمجهه تمام ٿوري آهي. کڻي جو سنڌي ۾ چوڻي آهي ته، ”تندرستي هزار نعمت آهي،“ يا ”جيءُ خوش، جهان خوش،“ پر عام ماڻهو نه اهو ڄاڻي ٿو ته تن کي ڪيئن درست رکجي نه ئي جيءُ کي خوش رکڻ جون ترڪيبون ڄاڻي ٿو نتيجي ۾ سنڌ ۾ خاص طور ٻهراڙين ۾ هر ٻيو ماڻهو، هر ٻيو ٻار بيمار آهي.
ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.
سنڌ ۾ اڄڪلهه ٿر ۾ ٻارن جي خراب صحت بابت ميڊيائي تحرڪ بعد هڪ بحث هلي پيو ته آخر سنڌ ۾ ايترا ٻار ڇو پيدا ٿيڻ بعد اجل جو شڪار ٿيو وڃن ٿا. ان جو هڪ جواب ته غربت آهي ۽ ٻيو صحت جون اڻپوريون سهولتون. ان صورتحال ۾ ڊاڪٽر پيرزادي جو هي ڪتاب ان ڪري به مددگار ٿي سگهي ٿو جو والدين ايتري ته بنيادي ڄاڻ رکن ته سندن ٻارن کي لڳندڙ بيمارين جو سبب ڪهڙو هوندو آهي ۽ ان جو تدارڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿو. ٻار جي صحت معاملن کان باخبر والدين ئي ڪنهن ڊاڪٽر کان يا اسپتال مان پنهنجي ٻار جو بهتر علاج ڪرائي سگهن ٿا.
مان ته اهو سمجهان ٿو ته هي ڪتاب هر گهر ۾ هڪ هينڊ بُڪ جيان موجود هجڻ کپي ته جيئن ڪوبه سمجهدار پيءَ يا ماءُ ان کي پڙهي برزبان ياد ڪري ۽ جڏهن به سندن جگر جي ٽڪرن کي ڪو اهنج ٿئي ته اهي ان موذي مرض مان باخبر هجن ۽ ان جو ترت بندوبست ڪرائن.
ڊاڪٽر خير محمد شاگردي جي زماني کان سنڌ دوست ۽ انسان دوست سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. سندس هي ڪتاب به ان ولوڙ جي هڪ ڪڙي آهي.

[b]ڊاڪٽر علي احمد رند
[/b]