ارڙي (Measles)
[b]بيماري بابت بنيادي ڄاڻ (Introduction)
[/b]Measles ارڙي، ماتا (Small pox) ۽ لاکڙو (Chicken pox) جي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ نهايت گهڻي وچرندڙ ۽ پکڙجندڙ (Contagious) روڳي (Infectious) بيماري آهن. هن بيماري جو اثر 6 مهينن کان 5 سالن جي ٻارن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. ڇهن مهينن ٻارن کان گهٽ جي عمر جي ٻارن ۾ هي بيماري ورلي ٿيندي آهي. پر ڪڏهن ڪنهن ٻار ۾ جيڪو 6 مهينن يا 8 مهينن جو آهي ان ۾ هي بيماري ڏٺي وئي آهي. اهو صرف ماءُ جي طرفان ٻار کي گهٽ تحفو ڏنو ويندو آهي. هن بيمار جو اثر اڪثر ڪري سياري ۾ ٿيندو آهي. سڄي دنيا ۾ هڪ ملين (One million) هر سال موت جو ذميوار ارڙي هوندي آهي.
[b]نشانيون (Clinical Features)
[/b]ارڙي جا ٽي حصا ٿيندا آهن. 3 Stages
مدو Incubation Stage 10 کان 12 ڏينهن هوندو آهي.
Incubation Stage 10 کان 12 ڏينهن هوندو آهي.
Prodromal Stage 3 کان 5 ڏينهن، جنهن ۾ کنگهه، زڪام، اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ، بخار سان گڏ وات ۾ ننڍا ننڍا سفيد ۽ سليٽي رنگ جا زخم ڪاپلڪ اسپاٽس (Koplicks Spots) ٺهي ويندو آهي. جيڪو 2 کان 3 ڏينهن جي اندر ختم ٿي ويندو آهي.
[b]داڻن جي اسٽيج (Rash Stage):
[/b]ڪنن جي پٺيان، وارن واري لائين يعني پاڙن سان گڏ نرم قسم جا ڳاڙها داڻا، ميڪيولو پيوپلرريشن (Mauculopapular rash) ٺهي وڃن ٿا ۽ سڄي ڦُنڊي بيهندا آهن. بعد ۾ اهي سڄي جسم ۾ ڦهلجي ويندا آهن. ڇاتيءَ کان پوءِ پيٽ ۽ بعد ۾ ٽنگن تي اڀري بيهندا آهن. ان دوران بخار تيز تر 102–104oFٿيندو آهي.
[b]پيچيدگيون (Complications)
[/b]هيٺين قسم جون پيچيدگيون ٿين ٿيون مثلاً دست 9.4% ڪن جي سوڄ، سوزش 6.6%، نمونيه 6.5%، انڪيفلائيٽس Encephalitis 0.1%۽ موت 0.3% .
[b]خطرناڪ نشانيون:
[/b]• کائي ۽ پي نه سگهندو.
• ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندو ۽ نيرو ٿي ويندو.
• رت ايندو يا وهندو.
• چپن ۽ وات ۾ زخم، ناسور ( السر) ٿي ويندي.
• بي هوش، هلي نه سگهندو، جهٽڪا لڳندا.
[b]علاج (Management)
[/b]پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ جيڪڏهن بخار آهي ته پيراسٽامول ڏيو. خوراڪ سٺي ڏني وڃي جيڪي پيچيدگيون ظاهر ٿين انهن جو علاج ڪرڻ گهرجي.
وٽامن A ڏيڻ گهرجي. هڪ سال کان گهٽ واري ٻار کي هڪ لک يونٽ ۽ هڪ سال کان وڌيڪ واري ٻار کي 2 لک يونٽ ڏيڻ گهرجي. اِهو اکين جي روشني کي بچائيندو ۽ انڌو ٿيڻ کان بچائيندو.
[b]اپاءُ (Prevention)
[/b]ياد رکو ته ارڙي بيماري روڪيندڙ آهي. حفاظتي ٽُڪا ٻارن کي ٻه دفعا لڳرائجن هڪ 9 مهينن ۽ ٻيو 15 مهيني EPI جي پروگرام موجب.